ايڊيٽوريل
اِن ۾ ڪو شڪ نه آھي ته سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ نھايت آڳاٽي، جيڪا ھزارين سالن تي ٻڌل آھي. هن قديم ٻوليءَ مختلف مرحلا طئي ڪيا ۽ انيڪ علمي خزانا، تخليقون اسان وٽ لکت جي صورت ۾ پھتيون، جِن جي تاريخ بابت راءِ قائم ڪرڻ سولو ٿيو، گڏوگڏ ڪافي مواد اھڙو به آھي جيڪو زباني روايتن تحت نسل در نسل منتقل ٿيو ۽ جِن بابت اِھو چوڻ مشڪل آھي ته اِنھن جي قدامت ڪيتري يا اِھي ڪھڙي دور سان تعلق رکن ٿا؟
غم ۽ خوشيءَ جي موقعن جا گيت، لاڏا، لوڪ ڪھاڻيون، نڙ بيت، رزميه ڪلام ۽ ٻين ڪيترين ئي صنفن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي ادب موجود آھي، جنھن جي حتمي تاريخ بابت حقيقي راءِ قائم ڪرڻ ڏکيو آھي ۽ محققن کي اِن ڏِس ۾ ڪافي جاکوڙ ڪرڻي پئي آھي. جھڙيءَ ريت قديم سنڌو لکت جا ڀاڃ اڃا به مُنجهيل سُٽ جيان آهن، اِن جو ھڪ سبب اِھو به آھي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيق جو رواج تمام دير سان داخل ٿيو آھي. سنڌ تي انگريزن جي قبضي (1843) بعد حقيقي معنيٰ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ادب بابت سائنسي بنياد تي کوجنا جي شروعات ٿي. رچرڊ فرانسز، رچرڊ برٽن، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، ارنيسٽ ٽرمپ اِهي محقق هئا جن سنڌي ٻولي، گرامر، لغت ۽ لوڪ ادب جي موضوعن تي ابتدائي تحقيق ڪئي ۽ اِھو لاڙو قائم ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿيا ته ٻولي ۽ ادب جي تاريخ تي تحقيق ھڪ وسيع شعبو آھي، جنھن سان قومن جي تاريخ، ثقافت ۽ تھذيب جي ترقيءَ جا سِرا ڳنڍيل آهن.
ننڍي کنڊ جي ورھاڱي 1947 کان پوءِ پاڪستان ٺھڻ بعد سنڌ ۾ به علمي تحقيق کي نئون رُخ مليو. ڪيتريون يونيورسٽيون ۽ انھن جي اندر تحقيقي چيئر قائم ٿيون ۽ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي اسڪالرن جي صورت ۾ مختلف موضوعن تي تحقيق زور ورتو. يقينن اھڙي تحقيق جا ٻوليءَ ۽ ادب تي ھاڪاري اثر مرتب ٿيا. تحقيق جي ساڳي رفتار ۾، انٽرنيٽ، اي. آءِ ۽ ٻين برقي انقلابن وڌيڪ تيزي ۽ ڪرشماتي تبديلي آندي. بين القوامي سطح تي تحقيق جي تازن ۽ تُز نتيجن ۽ ڪارآمد مواد تائين رسائي وڌيڪ آسان ٿي ۽ اھڙي طرح تحقيق جي انداز ۽ تُز ۽ نتيجا خيز تحقيق طرف وڌيڪ رُجحان پيدا ٿيو. جيتوڻيڪ اسان وٽ سنڌ ۾ مشيني دور جون ممڪن سھوليتون مُيسر آھن جِن جي آڌار تي تحقيق جي جديد طريقن ۽ نئين تحقيق جي نتيجن تائين رسائي ممڪن آهي، جنھن ذريعي عالمي سطح تي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو نالو روشن ڪرڻ جو موقعو مُيسر ٿي سگهي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان سماجي سطح تي ڀڃ ڊاھه، قدرن جي تبديلي، معاشي تنگدستي ۽ ان قسم جا ٻيا سماجي مسئلا راھه ۾ رڪاوٽ آھن، تنھنڪري تحقيق جي ميدان ۾ اسان ممڪن اڳڀراين کان محروم آھيون.
”سنڌي ٻولي جرنل“ ذريعي اسان تحقيق جي معياري رُجحان کي ھٿي وٺرائڻ جون ڪوششون ڪريون پيا ۽ يقين آھي ته نتيجاخيز ۽ هاڪاري تحقيق اڳيان ايندي، جنھن سان سنڌي ٻوليءَ جو فائدو ٿيندو.
سال 2026 جو ھيءُ پھريون شمارو آھي. واعدي مطابق اسان شمارو وقت تي آڻي رھيا آھيون. معزز محققن کان اُميد ٿا ڪريون ته هُو سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري تحقيق جي جديد گھرجن مطابق کوجنا ڪري ھاڪاري نتيجا گڏ ڪرڻ ۾ سھڪار ڪندا، سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهو ڀاڳوند ثابت ٿيندو.
ڊاڪٽر راز شاهاڻي
ايڊيٽر






