Image
ڊائونلوڊ ڪريو

ايڊيٽوريل


اداريو

 

نئين تحقيق جو ڳنڀيرتا وارو پاسو

 

موجوده دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيندڙ تحقيق جو اڪثريتي حصو ادب ۽ ادبي صنفن، شخصيتن، ادبي مسئلن يا ادب جي ڪنھن مخصوص پھلوءَ بابت انگ اکر ڪٺي ڪرڻ ۽ انهن بابت تبصري نگاريءَ تي ٻڌل آهي. جيتوڻيڪ ٻولي هڪ اهم ۽ وڌيڪ ڌيان طلب موضوع آهي، پر محققن ۽ نگرانن جي سھل پسندي ۽ تحقيقي ڪم کي تڪڙو اڪلائڻ جي روش کين ساڳين ساڳين ادبي موضوعن ۽ عنوانن طرف ڌڪي رهي آهي، جنھن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ادبي موضوعن بابت گڏ ٿيندڙ تحقيقي مقالن ۽ ڪتابن جو ڍير ته برابر وڏو ٿيندي نظر اچي ٿو، پر نئين، معياري ۽ حوالي ڏيڻ جي قابل تحقيق مشڪل سان ملندي. هر نئون تحقيقي ڪم دراصل اڳ ٿيل ڪم کي هڪ وک اڳتي وڌائيندو آهي يا ان ۾ ڪنھن نئين نگاهه يا معلومات جو واڌارو ڪندو آهي، پر جي ايئن نه ٿئي، ته سمجهبو، نئين محقق به ڍير کي وڏو ڪرڻ ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڪئي آهي.

    ان ۾ ڪنھن به شڪ جي گنجائش نه آهي، ته ادب پنھنجي اندر ۾ هڪ وڏي دنيا ۽ گوناگون موضوعن جي اڻ کٽ ڪائنات آهي، پر ظاهر آهي ته ان ۾ به نون نون موضوعن جي تلاش ۽ موجوده دور جي سائنسي تحقيقي اصولن کي آڏو رکي جائزو لکڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن هر ٻيو محقق ”فلاڻي جي ادبي ۽ علمي خدمتن جو اڀياس“، ”فلاڻي شھر يا ضلعي جي ادبي جائزي“ يا ”فلاڻي ادبي لاڙي يا تحريڪ جي اثر هيٺ لکيل شاعري/ افساني جو تحقيقي اڀياس“ کڻي گهمندو، ته ڪنھن نئين نتيجي يا اڳ موجود علم ۾ اضافي جي اميد ڪيئن ٿي رکي سگهجي. ٿلهي ليکي اسان وٽ موضوعن جو ورجاءُ ۽ هڪ جھڙائي حد کان وڌيڪ آهي، جنھن سبب علمي مقالن ۾ يڪسانيت، بي رنگي، بي معنا لفاظي ۽ تبصرن جي ڀرمار آهي. سئو تحقيقي مقالن جا عنوان ڪٺي ڪبا، ته ڏهه به نوان، ڇُھندڙ، دلچسپ يا پڙهڻ تي مجبور ڪندڙ نه ملندا. سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۾ ٿيل يا ٿيندڙ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي مقالن جي فھرست ۾ ستر اسي سيڪڙو لکيل مقالا هڪ ٻئي جي ڀران لکيل آهن. اسان وٽ محقق توڙي نگران ان پاسي سوچڻ جي ٿوري به تڪليف نٿو ڪري، ته نيٺ به هو نئون ڇا ڪري يا ڪرائي رهيو آهي؟ يا ان تحقيقي ڪم جي تڪميل سان سنڌي ٻولي ڪنھن هڪ به شعبي يا رُخ ۾ هڪ وک اڳتي وڌندي يا اها تحقيق نه به ٿئي، تڏهن به ڪو خاص فرق نه پوندو؟ جيڪڏهن ٿيندڙ تحقيق ساڳئي ئي موضوع بابت آهي، ته ڇا ان ۾ ڪو نئون پھلو يا نوان انگ اکر به شامل ڪيا ويا آهن، جيئن ڪي نوان نتيجا حاصل ڪري سگهجن؟ 

هن صورتحال جو هڪ اهم سبب خود نگرانن ۽ رهنمائن جو ذهني طور روايتي ۽ نئين دور کان لاتعلق هجڻ آهي. نگرانن جي اڪثريت گهڻو ڪري ته همعصر دور جو تخليقي ادب پڙهي ئي نٿي. اها ڳالهه يقينن حيران ڪندڙ هوندي ته ادب تي تحقيق ڪندڙ خود ادب نٿا پڙهن. جيڪڏهن پڙهن به ٿا ته ايترو ٿورو، جو پنھنجي دور جي ادبي لاڙن، آيل موضوعاتي تبديلين، فني تجربن ۽ مرڪزي ادبي ڌارا بابت سندن آگاهي ۽ ساڃاهه بيحد سرسري ملندي. جيئن شاعر رڳو شاعري پڙهڻ ۽ افساني نگار رڳو افسانوي ادب پڙهڻ کي ئي ’پڙهڻ‘ سمجهن ٿا، اهڙيءَ ريت محقق رڳو تحقيق پڙهڻ کي ئي ’ايوريسٽ‘ فتح ڪرڻ سمجهن ٿا.

توڙي جو مطالعي جي معاملي ۾ محقق کي تخليقي اديب کان ٻه وکون اڳتي هجڻ کپي. ڇوته کيس اڳ ٿيل ڪم ۽ لاڳاپيل موضوع بابت گڏ ٿيل نئين مواد جو تجزيو ڪري، نتيجا ڪڍڻا آهن. محقق کي ادبي تاريخ، تحريڪن، لاڙن، اڳ ٿيل فني تجربن، تنقيد سميت تخليقي ادب، سماجيات، فلسفو توڙي نفسيات به پڙهڻ گهرجي. ڇوته هن جو اصل ڪم تجزيو ۽ نتيجا حاصل ڪرڻ آهي، جنھن لاءِ علمي ۽ تنقيدي بصيرت گهرجي ۽ اها گهڻ طرفي علمي اڀياس بنا پيدا ٿي نٿي سگهي. شاعر ۽ افساني نگار تخيل، تصور، مشاهدي ۽ تجربي مان به خام مواد حاصل ڪري سگهي ٿو، پر محقق ڄاڻ ۽ اڀياس بنا تحقيقي ڪم سرانجام نٿو ڏئي سگهي. غور سان ڏسجي ته ان صلاحيت ۽ پورهئي جي ڪمي همعصر ادبي تحقيق جو معيار مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آهي. هر روز ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا سيمينار ٿي رهيا آهن، پر اڪثريت ڇپجڻ لائق ئي نه آهي. جيڪي ڇپجي سامهون اچن ٿا، تن مان پڙهڻ لائق ٿورا ئي هوندا آهن. ان صورت ۾ اهو سوال اڃا به شدت سان اڀري ٿو، ته جي نگران يا سپروائيزر واقعي به پنھنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آهن، ته پوءِ تحقيقي مقالن جو معيار اهڙو ڇو آهي؟

ان ڪري، اسان محقق آهيون يا نگران، ٻنهي صورتن ۾ تحقيقي ڪم ڏانھن ذميداريءَ ۽ سنجيدگيءَ وارو رويو اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنھنجو پاڻ کي اڄوڪي زماني سان هم آهنگ بڻائڻ گهرجي، نئون تخليقي ادب کي مسلسل پڙهندو رهڻ گهرجي ۽ پاڻ کي همعصر دور جي ضرورتن ۽ گهُرجن مطابق بھتر (update) بڻائڻ کي عيب سمجهڻ نه گهرجي. نئين کان نوان تربيتي ڪورس ڪجن، دنيا ۾ ٿيندڙ اڄ جي تحقيقي رجحانن تي نظر وجهجي ۽ نون داخل ٿيندڙ تحقيقي اصولن کي اپنائجي. ڪنھن به موضوع جي چونڊ وقت پنھنجو پاڻ کان اهو سوال ضرور پڇڻ گهرجي، ته نيٺ به هن ۾ نئون ڇا آهي؟ يا جڏهن هيءَ تحقيق مڪمل ٿي سامهون ايندي ته ايندڙ محقق توڙي لاڳاپيل شعبي کي هن مان ڪھڙو لاڀ حاصل ٿيندو.

-  ڊاڪٽر اسحاق سميجو

چيف ايڊيٽر



گذريل شمارا