ايڊيٽوريل
پاڪستان جي 1973ع واري آئين جو قلم 251 (3) جنھن ۾ ڄاڻايل آهي ته: ’قومي ٻوليءَ جي حيثيت کي قائم رکندي، ڪابه صوبائي اسيمبلي، قومي ٻوليءَ سان گڏ صوبائي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال لاءِ قانوني اُپاءَ وٺي سگهي ٿي.‘ سنڌ اسيمبليءَ جي ’سنڌ ايڪٽ 1972ع‘ (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال) ۾ اها حقيقت چٽيءَ طرح موجود آهي. پوءِ وري سنڌ اسيمبليءَ ’سنڌ (ترميمي) ايڪٽ 1990ع‘ (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال) منظور ڪيو. جنھن موجب قومي ٻوليءَ جي حيثيت کي قائم رکندي، سنڌ ۾ لازمي طور سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ٿيندو. ان ايـڪٽ جي مــقصد موجب سنڌ حـڪومت صوبـي ۾ ’بورڊ‘، ’اڪيڊميون‘ ۽ ’اٿارٽيون‘ قائم ڪندي. ان سلسلي ۾ اثرائتا انتظام ڪندي ۽ قاعدا بحال ڪندي ته جيئن صوبي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال وڌندو رهي. اهڙي پوئواري ڪندي، سنڌ حڪومت پاران تڪڙو ئي ’سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو‘ (Sindhi Language Authority) 1990ع ۾ قائم ڪيو ويو.
انهيءَ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته ادارو 1991ع کان اڄ تائين گهڻو ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ اڃا به ڪيترو ئي ڪم ڪرڻو آهي. ٻين گهڻن ئي ڪمن سان گڏ اداري پاران گهڻي وقت کان’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل به ڇپجندو رهيوآهي. هي تحقيقي جرنل نه رڳو گهڻو پڙهيو ۽ پسند ٿيندو رهيو آهي، پر تحقيقي حوالي طور به ڪتب ايندو رهيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي هن تحقيقي جرنل ’سنڌي ٻولي‘ سميت
سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف يونيورسٽين، چيئرز ۽ ٻين ادارن پاران به ڪي جرنل ۽ رسالا شايع ٿيندا رهن ٿا، اهڙين ڪوششن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيق کي هٿي ملندي رهي آهي. هن حقيقت ڏانھن ڌيان ڏيڻ به ضروري آهي ته ڪي معزز ليکڪ /مقالا نگار ڪنھن هڪ جرنل کي جيڪو پنھنجو مقالو موڪلين ٿا، ساڳيو مقالو وري هفتي ٻن کانپوءِ ڪنھن ٻئي جرنل يا رسالي ڏانهن به موڪلي ٿا ڇڏين! جيڪا ڳالهه پاليسيءَ جي خلاف آهي. اهڙا تجربا به ٿيا آهن ته ڪن ماهرن پاران جيڪڏهن ڪنھن نوجوان جي مقالي ۾ ڪن کوٽن جي نشاندهي ڪري، ضروري سڌارن کانپوءِ شايع ڪرڻ جي تجويز ڏنل هوندي آهي. توڙي جو ماهرن جي راءِ موجب اداري پاران اهي تجويزون کيس موڪليل به هونديون آهن، پر نوجوان ليکڪ پنھنجي مقالي کي سڌارڻ بجاءِ ساڳيو مقالو جيئن جو تيئن ڪنھن ٻئي جرنل ڏانهن موڪلي ٿو ڇڏي. ڪڏهن ڪڏهن اهڙو مقالو جيئن جو تيئن ڇپيل به ڏٺو وڃي ٿو!
حقيقت ۾ مختلف موضوعن جي علمي يا سائنسي انداز ۾ ڪيل ڇنڊڇاڻ يا اڀياس کي تحقيق چئجي ٿو. پر ڪي مانوارا محقق محنت ڪرڻ بجاءِ يا رائج تحقيقي اصول اختيار ڪرڻ بجاءِ رڳو جيئن جو تيئن پڙهيل يا ٻڌل ڳالهين کي آڻي، ذاتي رايا ۽ تجزيا بيان ڪري، مقالي جو روح متاثر ڪندا آهن. ڪي وري پنھنجي ڪنھن تحقيقي پراجيڪٽ يا ٿيسز جو ڪو باب ڪڍي، مقالي طور موڪليندا آهن ۽ ساڳي ٿيسز وري اڳواٽ ’هائير ايجوڪيشن ڪميشن‘ کي به موڪليل هوندي آهي. نتيجي ۾ ان مقالي جي پليجرزم رپورٽ جي شرح 19 سيڪڙو کان به گهڻي مٿي ايندي آهي، جنھن سبب مقالي جي ڇپائي ممڪن ناهي ٿي سگهندي.
’سنڌي ٻولي‘ جرنل جو تازو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن جرنل ۾ مقالن جي اشاعت کان اڳ ماهرن جي ماهراڻي راءِ جي بنياد تي اداري جي پاليسي موجب اسان جي پھرين ترجيح سنڌي ٻوليءَ ۽ گرامر بابت مقالا هوندا آهن. ڏٺو ويو آهي ته انهن موضوعن تي لکندڙن جو شمار بنھه گهٽ آهي، تنھنڪري ٻئي ڀاڱي ۾ ’ادبي تحقيق‘ تي مشتمل مقالا شامل ڪيا ويندا آهن. هن پرچي ۾ به ٻوليءَ بابت مقالن کي سرفھرست رکيو ويو آهي، اميد ته ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ مقالانگار پنھنجي ماءُ ٻوليءَ بابت تحقيقي مقالا لکي موڪليندا، جن کي ماهراڻي راءِ بعد ترجيحي بنياد تي شايع ڪيو ويندو.
’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل جو هيءُ شمارو اوهان تائين رسائڻ ۾ اداري جي سيڪريٽري: شبنم گل، سب ايڊيٽر: شوڪت چاچڙ ۽ ٻئي عملي جون ڪوششون شامل آهن، جيڪي وساري نه ٿيون سگهجن. اميد ته’سنڌي ٻولي‘ جو هي شمارو به سدائين وانگر پڙهندڙن کي پسند ايندو.
ڊاڪٽر محمد علي مانجھي
چيئرمئن/ايڊيٽر