Image

ايڊيٽوريل


خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هلندڙ سال ’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي HJRS سسٽم ۾ شامل ڪندي، واءِ (Y) درجي بندي ڏني ويئي آهي، جنھن سان هن جرنل جي تعليمي Academic حيثيت ۾ به واڌارو  ٿيو آهي. اها نه رڳو اداري جي ڪاميابي آهي، پر گڏوگڏ سمورن پڙهندڙن ۽ هن جرنل جي  مقالا نگارن لاءِ به فخر جي ڳالهه  آهي. ’سنڌي ٻولي‘ جرنل کي بھتر کان بھتر ڪرڻ  ۾ مون سان گڏ جوائنٽ ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽرجو بہ گهڻو ساٿ شامل آهي.

ايندڙ سال مھين جي دڙي جي کوٽائيءَ کي هڪ س‍ؤ سال پورا ٿي رهيا آهن.  موهن جي دڙي جا آثار  1922ع ۾  رکيل داس بينرجي اچي ڳولي لڌا. آثارن جي اهميت کي سمجهندي، اهو ڪم قديم آثارن جي ڊائريڪٽر سر جان مارشل اچي سنڀاليو ۽ 1922ع کان 1927ع تائين کوٽائيءَ جو ڪم جاري رکيو. ان کانپوءِ اي.ايڇ ميڪي جي نگرانيءَ ۾ 1931ع تائين کوٽائي ٿيندي رهي. اهڙيءَ ريت هن شاندار تھذيب جا اهڃاڻ نروار ٿيا  ۽ قديم سنڌو تھذيب کي عالمي مڃتا ملي.

هن قديم دڙي مان مليل آثارن ۾  پڪل سرن جا ٻه ماڙ گهر، ويڪرا رستا، پڪيون ۽ ڍڪيل نيڪال ناليون، عوام لاءِ شاندار وهنجڻ جا هنڌ وغيره  هڪ سڌريل، منظم ۽ اعلى تھذيب جي ثابتي آهن. هتان جا رهاڪو پوکي راهي ڪندڙ ۽ جانور پاليندڙ هئا، اهي ماڻهو بھترين ڪپڙو اُڻڻ به ڄاڻندا هئا ۽ چَڪ تي سھڻا ٿانوَ به ٺاهيندا هئا.  هتان زيورن جا نمونا، راندين جو سامان ۽ ٻيون انيڪ اهڙيون شيون مليون آهن، جن مان چڱيءَ ريت پتو پئي ٿو ته هتي جا ماڻهو بنھه سکيا، ستابا ۽ گهڻو مھذب هئا. هتان ان زماني جي سنڌو لکت جون ڪيتريون ئي مھرون به مليون آهن، جنھن مان چٽيءَ ريت معلوم ٿئي ٿو ته ايتري آڳاٽي زماني ۾ به هتي ماڻهو لکڻ، پڙهڻ ڄاڻندا هئا. هزارين سال اڳ به سنڌ جي ماڻھن وٽ پنھنجي لکت موجود هئي.

گذريل هڪ صديءَ کان سنڌو لکت جي لپيءَ کي سمجهڻ جون گهڻيون ڪوششون ٿي رهيون آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي ماهر/محقق لڳاتار ڪوششون ڪندا رهيا آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌي ٻولي ۽ سنڌو لکت بابت ايندڙ سڄو سال مختلف تعليمي ادارن ۾ ليڪچر ۽ ٻيا پروگرام ڪرايا ويندا.

محققن/مقالا نگارن کي گذارش آهي ته سنڌي ٻولي ۽ سنڌو لکت بابت پنھنجا مقالا موڪلين ته جيئن ايندڙ سال جي شمارن ۾ انهن کي شامل ڪري سگهجي.

                                             


ڊاڪٽر محمد علي مانجھي   

چيئرمئن/ايڊيٽر