سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ جي پهرين علمي ۽ ادبي تحريڪ
(The first ever Educational and Literary Movement in Sindhi Literature)
مختيار احمد ملاح
Abstract
Sindh has an ancient history that has spread over the centuries. The history of Sindh kept changing but the civilization of Sindh has maintained its distinct character and identity. In this regard, it may be pointed out that the history of the literature of Sindh is also spread over centuries and has a distinct character and place. In that respect, 1500 to 1843 period is regarded as the classical period of Sindhi Literature, which mainly represents the central role of the Sufi poets like Kazi Kadan, Shah Karim, Shah Latif, and Sachal Sarmast. In Sindh, the influence of Persian language from Arghun dynasty (1520-1555), Tarkhan dynasty (1555-1592) to Mughal Period (1592-1700), and also in the Kalhora Dynasty (1700-1782) changed the minds of Sindhi scholars. In the "Golden Age" of the Kalhora period, the poetic period called 'Kabit in Hindi of the lines ending in ‘Aliful-Ishba’, was made popular by Makhdum Abul Hassan of Thattvi, Makhdum Mohammad Hashim, Makhdum Ziauddin, Makhdum Abdullah Mondhiro, and other group members. They revolted against the undue and excessive pressure of the Persians in terms of language, literature, and education. This research paper demonstrates that it was the first-ever movement in the history of Sindhi Literature and language, which brought purposeful results in the history of Sindh. They wrote important books on the principles and injunctions of Islam which still continue to be the reference and basic source books. In this research paper, I highlight this movement’s prevalence whom I have identified as the first-ever educational and literary movement in the history of Sindh.
Keywords: Sindhi Literature, History, Literary movements.
ڪنھن به موضوع تي لکيل تاريخن کي مختلف دؤرن ۾ ورھايو ويندو آھي، ساڳيءَ طرح ادب جي تاريخ کي به مختلف دورن ۾ ورھائبو آھي. ان کان پوءِ وري دؤرن ۾ لاڙا ۽ ادبي تحريڪون ۽ منزلون به اچي وينديون آھن. سنڌي ادب پڻ مختلف دورن ۾ ورھايل آھي، اسان وٽ عالمن ۽ اديبن يا ادبي تحريڪن جي حوالي سان دور مقرر نه ڪيا ويا آھن. اسان جي عالمن ۽ اديبن، پنھنجي ڪتابن ۾ مغربي تحريڪن ۽ لاڙن جو تمام گهڻو ذڪر ڪيو آھي ۽ انهن کي ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان سنڌي ادب تي به لاڳو ڪيو آھي، پر خود سنڌي ادب جي نج تحريڪن تي تمام گهٽ لکيو ويو آھي. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي پھرين ۽ نج تحريڪ ”سنڌي“ لکڻ جي علمي تحريڪ ھئي، جيڪا فارسيءَ جي تسلط جي ردعمل ۾ شروع ٿي ھئي.
”تحريڪون ھميشه ڪنھن خاص مقصد لاءِ ھلايون وينديون آھن. تحريڪون سياسي به ٿينديون آھن ته معاشرتي ۽ ادبي تحريڪون به ٿينديون آھن. ادبي تحريڪون، نئين ترقي ۽ لاڙن لاءِ ھلايون وينديون آھن. ادبي تحريڪون، ھڪ طرح سان ادب کي ھڪجھڙي فلسفياڻي، موضوع، يا جمالياتي خاصيتن جي زمري ۾ ورھائڻ جو ھڪ طريقو ھونديون آھن. تحريڪن ۾ ادب کي ادبي دورن جي بجاءِ ادبي صنفن، ساڳين خاصيتن ۽ ساڳين مقصدن ۾ ورھايو ويندو آھي. ادبي تحريڪون، ادبي ڪمن جي مقابلي ۽ بحث لاءِ ٻولي مھيا ڪن ٿيون. انهن مان ڪجهه تحريڪن جي وضاحت انهن جي ميمبرن پاڻ ڪئي، جڏھن ته ٻيا اصطلاح (مثال طور، مابعدالطبعي شاعر) ڏھاڪن يا صدين کان پوءِ سامھون آيا. وڌيڪ، ڪجهه تحريڪن کي چڱي طرح ۽ وضاحت سان بيان ڪيو ويو آھي ۽ جڏھن ته ڪجهه تحريڪون جھڙوڪ اظھار پسندي، مبھم اظھار وغيره ۽ ٻيون تحريڪون جيڪي معنائن ۾ ھڪجھڙائي رکن ٿيون ۽ انهن تي اڪثر عالمن جي وچ ۾ تڪرار پڻ رھيو آھي. انگريزي ادب ۾ بيشمار تحريڪون ھليون آھن، پر خود سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪيتريون تحريڪون ھليون آھن، جن سان ادبي ترقي ٿي آھي“.(1)
سنڌي ادب جي تاريخ کي جاچڻ سان خبر پوي ٿي ته سنڌ ۾ جڏھن به تعليم جي ڦھلاءَ لاءِ ڪا به تحريڪ شروع ٿي، تڏھن نه صرف نين ادبي صنفن جنم ورتو، پر خوشيءَ جي ڳالهه اھا به آھي ته سنڌي رسم الخط جي ايجاد به ان تحريڪ جو حصو رھي آھي. ھبارين جي زوال کان پوءِ سنڌ ٻن حصن ۾ ورھائجي وئي: ملتان تي سلطان محمود غزنوي قابض ٿي ويو، جڏھن ته منصوره تي اڃا به ھبارين جو قبضو ھو. جڏھن ته عربن جي دور کان اڳ سنڌ جون سرحدون پري پري تائين پکڙيل ھيون. بعد ۾ سلطان محمود غزنوي منصوره تي حملو ڪري ان کي فتح ڪري ڇڏيو. غزنويءَ گهراڻي ڪيترائي سال سنڌ تي حڪومت قائم رکي“.(2) سنڌ جي ھڪ حصي تي مقامي سومرن ۽ سمن جي حڪومت ھئي ته ٻئي طرف غزنوين کان پوءِ غوري خاندان سنڌ کي فتح ڪيو.
”سلطان شھاب الدين غوري سن 76-1175ع ۾ جڏھن غزني جو حڪمران ھو، تڏھن ھن اچ ۽ ملتان کي فتح ڪيو ھو ۽ پنھنجي سپھه سالار ”کرماخ“ کي انهن علائقن جو گورنر مقرر ڪيو ھو. ھن خاندان جو سنڌ تي تمام مختصر دور حڪومت رھيو. ناصر الدين قباچي اپر سنڌ تي 21 سال حڪومت ڪئي، بعد ۾ التمش سنڌ تي قبضو ڪري ورتو“.(3)
ھن مختلف گورنر رکي سنڌ تي حڪومت ڪئي. آخري گورنر سلطان ڪيقباد ھو، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ھو وڏو عياش ھو. سن 90-1289 ۾ قتل ڪيو ويو، اھڙيءَ طرح سنڌ تي ترڪ غلامن جي حڪومت به ختم ٿي. سلطان معزالدين ڪيقباد جي موت کان پوءِ، خلجي خاندان جي امير ملڪ جلال الدين فيروز کي تخت تي وھاريو ويو ۽ خلجي دور حڪومت جو آغاز ٿيو. خلجين جو دؤر ڪافي انتشاري ھو ۽ گورنر جلد تبديل ٿيندا رھيا. خلجي خاندان کان پوءِ، ھندستان ۾ تغلق خاندان جي حڪومت قائم ٿي. ھن خاندان جوپھريون حڪمران ملڪ غازي تغلق ھو، جنھن غياث الدين جو لقب اختيار ڪيو 1321ع ۾ دھليءَ جي تخت تي ويٺو. ھن پنھنجي حڪومت ۾ بکر تي خواجه خضر ۽ سيوھڻ تي ملڪ علي کي گورنر مقرر ڪيو ھو. تاريخ جي ھنن طويل دؤرن ۾ مٿئين سنڌ جون واڳون مختلف گهراڻن جي حڪمرانن جي ھٿ ۾ آين، جن جي سرڪاري زبان فارسي ھئي. سنڌ ۾ به ھنن حڪمرانن نه صرف سرڪاري سطح تي فارسيءَ کي متعارف ڪرايو، مگر فارسي زبان جي ترقيءَ لاءِ عالم ۽ اديب پڻ گهرايا، جن فارسي علم و ادب ۾ ڪيترائي شاندار ڪتاب لکيا. غزنوي گهراڻو علم و ادب جي ترقيءَ جي ڪري گهڻو مشھور ھو. سلطان محمود غزنوي پاڻ به وڏو عالم فاضل ھو ۽ علم حديث تي ڪتاب به لکيا ھئائين. سندس درٻار ۾ ڪيترائي عالم ۽ اديب رھندا ھئا، جن مان البيروني وڏي اھميت رکي ٿو. البيروني سنڌي ٻولي، رسم الخط ۽ ملڪي حالتن تي ڪافي ڪجهه پنھنجي تصنيف ”ڪتاب الھند“ ۾ لکيو آھي. ان کان علاوه ھن دور ۾ سنڌ جي تاريخ جا حوالا ڪيترن ئي فارسي ڪتابن ۾ آيل آھن، جيڪي غزنوي گهراڻي جي درٻار ۾ لکيا ويا ھئا. جڏھن ته غوري گهراڻي جي مختصر دور حڪومت ۾ ڪا خاص علمي و ادبي سرگرمي نظر نه ٿي اچي، ڇو جو سندن سموريون سرگرميون دھليءَ تي مرڪوز ھيون. البته غلام گهراڻي جي دؤر حڪومت ۾ ڪافي علمي ادبي روايتن جو احوال ملي ٿو. ھن دؤر جي ھڪ خصوصيت اھا ھئي ته ھندستان ۾ اسلامي سلطنت جو بنياد مضبوط ٿي چڪو ھو. ھن دور ۾ دھلي ۽ لاھور سان گڏ ملتان به اسلامي علمن جو وڏو مرڪز ٿي چڪو ھو. سنڌ ۾ به ڪيترائي عالم ۽ صوفي ھندستان جي مختلف شھرن مان اچي تبليغ ڪندا ھئا ۽ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي درسگاھون قائم ٿي چڪيون ھيون. ناصر الدين قباچھ 1206ع کان 1228ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. سندس گاديءَ جو ھند ملتان ھو. ناميارو تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي لکي ٿو ته ”جيتوڻيڪ، ناصر الدين قباچه جو دور حڪومت ٿورو رھيو، ليڪن ان ٿوري عرصي ۾ ھن ثقافتي لحاظ کان اھم ڪم سرانجام ڏنا. عالم، شاعر ۽ اديب جيڪي منگولن جي حملن کان پوءِ وچ ايشيا مان لڏي سنڌ آيا، انهن جي سرپرستي ڪيائين“.(4)
ٻئي طرف، عربن کان پوءِ سومرا ۽ سما دور جو سمورو سنڌي ادب جو سرمايو، جيڪو به اسان تائين پھچي سگهيو آھي، سو سڄو زباني آھي ۽ ڏوھيڙن جي شڪل ۾ موجود آھي. اھا ھونءَ به اسان جي ادب جي ھڪ سھڻي شڪل آھي، پر ان وقت جي سنڌيءَ جي سڄڻن کي مجبوراً ايئن ڪرڻو پيو. جيڪڏھن ان وقت جو اھو ادبي سرمايو ڳائڻ جي قابل نه ھجي ھا ته ان جي ھڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پھچڻ جو ٻيو ڪو ذريعو ئي ڪو نه ھو. سومرن ۽ سمن جي دور ۾ به رياستي ٻولي فارسي ھئي. قلندر لعل شھباز، ناصر الدين قباچي جي دور ۾ سنڌ ۾ آيو. قلندر لعل نالي وارو بزرگ ۽ فارسي زبان جو شاعر آھي. ھن ئي دور ۾ حامد علي ڪوفي عربي زبان ۾ لکيل سنڌ جي تاريخ ”منھاج الملڪ“، جيڪو کيس بکر جي قاضي اسماعيل بن علي کان دستياب ٿيو ھو، ان جو فارسي ترجمو ڪيو ۽ ان جو نالو ”چچ نامو“ رکيائين. ان کان علاوه قاضي منھاج الدين سراج مصنف طبقات ناصري، سيد بدر الدين صوفي، نور الدين محمد صوفي مصنف ”جامع الحڪايات“ عين الملڪ شھري ۽ سيد قطب الدين مدني وغيره مشھور اڪابرٿي گذريا آھن. سندن سنڌ جي تاريخ تي بيشمار ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيل اڄ به موجود آھن.
سومرن ۽ سمن جي دور کان پوءِ سنڌ مسلسل ارغون، ترخانن ۽ مغلن جي تسلط جي ڪري فارسيءَ جي اثر هيٺ اچي ويا. سنڌ جو ارغون حڪمران شاهه حسن خود به فارسي زبان ۾ نظم ۽ نثر لکندو ھو. ھن لاءِ مشھور ھو ته ھو فارسي زده عالمن ۽ شاعرن جي خوب حوصلي افزائي ڪندو ھو. اھو ئي سبب ھو جو سنڌي عالم به فارسيءَ ۾ لکڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳا. ارغونن ۽ ترخانن جو گڏيل دور ايترو طويل نه ھو، پر ان جا اثر طويل رھيا. ان دور جو اثر سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتن تي ايندڙ اڍائي ٽن صدين تائين رھيو. سنڌ غلاميءَ جا زنجير ٽوڙي نه سگهي. سنڌ ۾ فارسي زبان پنھنجي عروج تي پھتل ھئي، علم ۽ ادب جا اڪثر ڪتاب فارسيءَ ۾ ئي لکيا ويا. عموماً سنڌي شاعر پڻ فارسيءَ ۾ شعر چوڻ تي فخر ۽ برتريءَ جو اظھار ڪندا ھئا. انهيءَ دور ۾ فارسي
عام ماڻهن جي ڳالھائڻ ٻولھائڻ جو به ذريعو بنجي چڪي ھئي. ترخانن کان پوءِ مغل حاڪم ٿيا. سنڌ، ھندستان جي مغلن جي حڪمراني ھيٺ آئي، اھو دور به ظلم ۽ ڏھڪاءُ جو دور ھو. مغلن جي دور ۾ فارسيءَ کي ھيڪر وڌيڪ سرپرستي ملي، ڇو جو مغل ھئا ئي فارسيدان. سنڌ ۾ پھاڪو مشھور ٿيو ته ”مغلن اڳيان فارسي وسريو وڃي.“
ھنن دورن ۾ اھو به مشھور ٿيو ته ”فارسي گهوڙي چاڙھسي“. سنڌ ۾ فارسي اديبن جو وڏو انگ پھتو، جن علمي دنيا ۾ پيدا ٿيل خال کي ڀريو. بد قسمتيءَ سان انهن پنھنجي شعر ۾ گل ۽ بلبل کي اھميت ڏني، جي سر زمين سنڌ لاءِ اجنبي ھئا. انهن پنھنجي آس پاس جي ماحول تي نه لکيو، انهن جا لکيل ڪتاب موجود آھن، پر انهن سنڌي علم (شعر) جي واڌاري لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن به فارسيءَ کي ملڪي ڪاروبار لاءِ جاري رکيو. انهن دورن جي فارسي زده شاعرن جي شعر مان معلوم ٿئي ٿو ته ڄڻ ان وقت بلبل گل مٿان ڦيرا پائي رھي ھئي، پروانو شمع تي مشتاق ٿي، جلي خاڪ ٿيڻ لڳو ھو، عاشق وصال لاءِ واجهائڻ لڳا ھئا، سندن جيرا ۽ بڪيون ڪباب ٿي پچڻ لڳا ھئا، ساگر ڇلڪي رھيا ھئا، پيمانا ۽ مئخانا مستانن سان ڀرجي ويا ھئا، ساقي ڀري ڀري جام ڏيڻ لڳا ھئا، نرگسي نيڻن مان نشتر نڪري عاشق جي سيني مان پار ھليا ويا ھئا، دلبرن جي سنبل جھڙن زلفن جي وڪڙن ۾ عاشقن جون دليون قابو ٿي ويون ھيون، جيڪي حسينن جي خط و خال کي ڏسي خمار ۾ اچي وڦلڻ لڳا ھئا، ستمگر جي پٿر جھڙي دل پگهرجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو، اکين ۾ شوخي ڏسي عاشق ھاءِ ھاءِ ڪندي غش کائي ڪرڻ لڳا ھئا، برهه جي باهه سڄي ڪائنات ۾ تپش ڦھلائي ڇڏي ھئي. اھڙي قسم جا موضوع غزل ۾ رائج ٿي چڪا ھئا“.(5)ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي فارسي نواز پاليسي کان پوءِ سنڌي پڙھڻ، سنڌي سکڻ ۽ سنڌي لکڻ وارا رُجحان ھڪ خاص قومي ۽ وطن دوستيءَ وارو رد عمل ھو. پر افسوس جو ان کي سرڪاري سرپرستي حاصل نه ھئي. رچرڊ برٽن بلڪل صحيح لکيو آھي ته:
”فارسي لکندڙن کي ھر سطح تي نوازيو ويو. شاعرن کي درٻار تائين رسائي حاصل ٿي. ان طرح سنڌي ڳالھائيندڙ بنهه ويچارو ٿي ويو. نه کيس درٻار تائين پھچ ملي ٿي ۽ نه وري ڪو سندس حال پڇندو ھو، سنڌي عالمن ۽ سڄاڻ استادن فارسيءَ جي ڀيٽ ۾ پنھنجي مادري زبان جي آبياري ڪئي ۽ ڏسندي ڏسندي اھا ھڪ ملڪ گير تحريڪ طور پکڙجي وئي“.(6)
پنھنجن توڙي ڌارين حڪمرانن طرفان، سنڌي سماج تي فارسيءَ جي جيڪا علمي، ادبي، لساني ۽ ثقافتي يلغار ٿي ھئي، اھا ايتري ته عروج تي پھتي جو ان جو رد عمل مغلن جي دؤر ۾ شروع ٿي چڪو ھو. سنڌ جي درد رکندڙ ۽ سنڌيت جي پرچار ڪندڙ عالمن ھڪ نئين تحريڪ کي جنم ڏنو، اھا تحريڪ سنڌ جي مدرسن مان شروع ٿي. اھا تعليمي مقصدن تحت ھڪ منظم تحريڪ ھئي، جيڪا نون لاڙن ۽ روپن سان وڌي ۽ نظمي نثر (Poetic Prose) طور اڳتي ھلي. ان سلسلي ۾ ڪيترائي قديم نسخا مليا آھن، جيڪي مڪمل نثر ۾ لکيل آھن. اھا تحريڪ دراصل عربي-سنڌي رسم الخط جي تحريڪ ھئي، جيڪا تعليمي ادارن مان شروع ٿي. اھا تحريڪ دراصل مخدوم محمد جعفر بوبڪائيءَ (وفات 1589ع ڌاري) کان معلوم ٿئي ٿي، جنھن پنھنجي عربي ۽ فارسي ڪتابن ۾ عام پڙھندڙن لاءِ سنڌي فقرا استعمال ڪيا. پوءِ تعليم گاھن ۾ بيشمار اھڙا ڪتاب لکيا ويا، جن ۾ عربي-فارسي حرفن کي ردو بدل ڪري سنڌي لفظ ٺاھيا ويا. مخدوم صاحب ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا، جن مان اڪثر زماني جي انقلابن سبب ضايع ٿي ويا.سندن تصنيفن ۾ ”حاصل الھنج“ اھم تصنيف آھي، جنھن ۾ تعليمي تربيت تي بحث ٿيل آھي. انگريزيءَ ۾ ان ڪتاب جو مطلب Methods of Education ٿيندو.ھن صاحب پنھنجي عربي ۽ فارسي ڪتابن ۾ ڪيترائي سنڌي لفظ استعمال ڪيا. اوائلي دؤر ۾ اھي فقرا سنڌي رسم الخط ۽ سنڌي نثر جو اھڃاڻ آھن. ان سلسلي ۾ سندس اھم مثال ھن جي ڪتاب ”حل العقود في الطلاق السنود“ (سنڌين جي طلاق نامي جي مسئلن جو حل) ۾ ملي ٿو. ھن ۾ سنڌي اصطلاحن ”ڇڏي“ ۽ ”ڇڏيم“ جي وضاحت ڪئي ۽ ھيٺين طور پنھنجي طرفان شرعي فيصلو عربيءَ ۾ لکيو، جنھن ۾ اھي سنڌي لفظ ۽ اصطلاح آندائين“.(7)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته مخدوم جعفر کان پوءِ سنڌ جي ٻين عالمن پڻ پنھنجي تحريرن، فتوائن، ۽ بياضن ۾سنڌي لفظن، اصطلاحن ۽ عبارتن تي لغت ۽ معنيٰ توڙي شرعي حڪم جي لحاظ سان بحث ڪيو آھي:
مخدوم حامد پنھنجي ھڪ رسالي (ڪتاب) ۽ ٻين تحريرن ۾ ھيٺيان سنڌي لفظ ۽ جملا زير بحث آندا. جيڪڏھن ڪاوڙ مان ڪنھن پنھنجي پٽ کي چيو ته:
”تڪر ماڻه کي طلاق آھي.“
اصل صورتخطي: ] تکر مانه کي طلاق آھي.[
مخدوم رحمت الله ٺٽوي
ڪنھن شخص زال سان جهيڙي وقت ڪاوڙ ۾ اچي ٽي دفعا چيو ته :
توکي ڇڏيم توکي ڇڏيم توکي ڇڏيم.
اصل صورتخطي:] توکي چھڏئم توکي چھڏئم توکي چھڏئم [“.(8)
اھڙيءَ طرح ھن دور جي ٻين به ڪيترن عالمن جا ان قسم جا نثري ٽڪرا به ملن ٿا، جن ۾ عربي-فارسي- سنڌي صورتخطي استعمال ٿيل آھي. ارغونن جي شروعاتي دؤر ۾ مخدوم نوح سرور ھالائي، شاهه عبدالڪريم بلڙائي ٿي گذريا آھن، انهن بزرگن جا خطبا، ملفوظات ۽ مڪتوبات پڻ سنڌيءَ ۾ ھوندا هئا.
تعليمي ڦھلاءَ جي سلسلي ۾ ٻيا به ڪيترا ڪتاب لکيا ويا ھئا. ان ڏس ۾ جدا جدا عنوانن تي اھڙن اوڻيتاليھن مضمونن تي مشتمل مواد مليو آھي، جيڪو عزت بن سليمان نالي ڪاتب (1655ع-1657ع) ٽن سالن جي عرصي ۾ اتاري پورو ڪيو ھو. ان کي ڊاڪٽر نبي بخش خان موجوده سنڌي الف-ب ۾ تحقيق ۽ ترتيب ڏئي شايع ڪرايو. ھن ڪتاب جي لکت مان خبر پوي ٿي ته شاهه لطف الله قادريءَ ۽ مخدوم ابوالحسن کان گهڻو اڳ سنڌي عربي نسخ خط ۾ لکي ويندي ھئي. اھي تحريري صورت ۾ آيل منظوميا ساک ڏين ٿا ته مغل دور کان به اڳ ارغون ۽ ترخان دورن کان وٺي سنڌي ٻولي تعليم ۽ سکيا لاءِ ڪتب ايندي ھئي، ڪيترائي درسي ۽ معلوماتي ڪتاب سنڌين کي سيکارڻ لاءِ موجود ھئا. ھن ڪتاب ۾ سنڌي سکيا لاءِ شاعر چوي ٿو ته:
باب ٻيو بيان واجبن سندو منجهه جهين،
سنڌيءَ ۾ سھکا ٿيا سکڻ سڀڪھين،
مفسد پنج نماز ۾ ڪيداني ڏٺام،
عريباءُ عامن کي سنڌي سھل ڪيام.
ھن ڪتاب لاءِ ڊاڪٽر ھدايت پريم لکي ٿو ته
”شروع کان وٺي سنڌي عبارتن کي لکڻ لاءِ ڪاتبن عربي الف-ب ڪم آندي، انهيءَ ڪري عربي الف-ب جا سڀ حرف سنڌي
الف-ب ۾ شامل ٿيا. خاص سنڌي اچارن لاءِ عربي الف-ب جي ڪن حرفن ھيٺان مٿان نقطا ڏئي نوان حرف ٺاھيا ويا، ٽن سنڌي اچارن لاءِ ٽي حرف فارسيءَ جا ”پ“، ”چ“ ۽ ”گ“ کنيا ويا ۽ انهن تي نقطا وڌائي ٻيا سنڌي حرف جوڙيا ويا. اھا سڄي جوڙجڪ ھڪ ئي وقت ۾ ڪنھن ھڪ ڄاڻوعام ڪاتب ڪانه ڪئي، جيڪا ان صديءَ دؤران ٿي، سو جيڪڏھن انهي عرصي واريون لکڻيون سلامت ھجن ھا ته سنڌي الف-ب جي سٽاءَ ۽ صورتخطيءَ جي سلسليوار اوسر جو صحيح مطالعو ڪري سگهجي ھا“.(9) عزت بن سليمان جو جوڙيل منظوم ذخيرو سنڌ ۾ سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيارڻ جي سلسلي ۾ سنگ ميل ھو، جنھن جي ڪري تحريڪ ھلي ۽ عربي سنڌي رسم الخط به زور ورتو.
سنڌي علمي تحريڪ دراصل شاهه لطف الله قادري (1611-1679ع) جي شاعريءَ سان تيزي سان وڌي. ھو پنھنجي دؤر جو وڏو معلم ۽ شاعر ھو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندس ڪلام جو مجموعو ”شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام“ جي نالي سان مرتب ڪيو آھي. شاهه لطف الله پنھنجي دور جو وڏو معلم، عالم ۽ شاعر ھو. ھن ٽي ڪتاب تحرير ڪيا، جن ۾ ”منھاج المعرفت“ (فارسي)، ”سنڌي رسالو“ (شاعري) ۽
”تحفته السالڪين“ (فارسي) شامل آھن. ھن پنھنجي سنڌي رسالي جوڙڻ بابت جواز ٻڌائيندي چيو ته:
ڪوڏا ڪئو رسالو اي فقير جوڙي بيتن،
ته ھوءِ سنڌي وائي سھلو ٻجهڻ اٻوجهن،
پاھنجي ٻولي ڪري سگهائين اي سکن،
لطف الله چئي لئھ پيو، ور سکن ۽ پڙھن.
ھن بيت مان خبر پوي ٿي ته شاهه لطف الله ڄاڻي چڪو ھو ته ھاڻي تعليمي نظام صرف فارسي ۽ عربيءَ سان نه ھلندو، ڇو ته اظھار جو بھترين ذريعو مادري زبان ۾ ئي آھي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب لکي ٿو ته شاهه لطف الله قادري جا رسالي جوڙڻ لاءِ ٽي خاص مقصد ھئا:
- عالم ته عربي يا فارسي ۾ علمي مسئلا سمجهي سگهن ٿا مگر عوام، جيڪي عالمن جي ڀيٽ ۾ نسبتاً ٿوري علم وارا آھن، تن واسطي انهن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ھجڻ ضروري آھي. انهيءَ لاءِ ته عوام کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي، “ته ھو سنڌي وائي سھلو ٻجهڻ اٻوجهن.
- جيڪڏھن ڪتاب سندن ”پنھنجي ٻولي“ يعني مادري زبان ۾ ھوندو ته ٿوري وقت ۾ وڌيڪ سگهو سکي سگهندا ”پاھنجي ٻولي ڪري سگهائين اي سکن“
- پنھنجي مادري زبان ۾ ھو وڌيڪ چاهه ۽ ذوق سان سکندا ۽ پڙھندا: “لطف الله چئي لئي پيو ور سکن ۽ پڙھن“.(10)
عزت بن سليمان جو لکيل منظوم ذخيرو:
”سنڌي“ علم ۽ لکت جي تحريڪ، جيڪا مخدوم جعفر بوبڪائيءَ کان شروع ٿي ھئي، ان جي منظم صورت مخدوم ابوالحسن (1616-1706ع) ۾ مڪمل ڪري ڏني. ھن تحريڪ جو حقيقي باني مخدوم ابوالحسن آھي. مخدوم صاحب جي خانداني درسگاهه ٺٽي ۾ ھوندي ھئي، جتي پاڻ تعليم و تربيت ڏيندا ھئا. مخدوم صاحب بنيادي طور تي معلم ھو، پر ٻوليءَ جو به وڏو ڄاڻو ھو. مخدوم صاحب جي دؤر ۾ فارسي رياستي زبان ھئي. مڪتبن ۽ مدرسن ۾ عربي ۽ فارسي زبان ۾ تعليم ڏني ويندي ھئي. ڌارين حڪمرانن طرفان سنڌي سماج تي جيڪا فارسي جي علمي و ادبي يلغار ٿي رھي ھئي اھا ھن دؤر ۾ پنھنجي عروج تي پھتل ھئي. ان جي رد عمل ۾ سنڌ جي سڄاڻ عالمن ۽ استادن سنڌي ميڊيم درسگاھن جي ضرورت محسوس ڪئي. ان جي سڀ کان اول شروعات مخدوم ابوالحسن کان ملي ٿي. جنھن ھونئن ته عربيءَ، فارسي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا پر سنڌي ڪتابن لکڻ لاءِ سنڌيءَ الف-ب تيار ڪئي، جنھن سان 1703ع ۾ ھن طويل نظماڻي نثر ۾ ”مقدمة الصلواة“ تحرير ڪيو. ھن جيڪا الف-ب جوڙي ڪتاب لکيو، ان کي ”مخدوم ابوالحسن جي سنڌي“ سڏيو وڃي ٿو. ھن ڪتاب جو مقصد بيان ڪندي مخدوم صاحب لکيو آھي ته:
ڪارڻ طلب طالبين، رسالو لکيوم،
مقدمة الصواة سندي نالو تنھن رکيوم“.(11)
ھن ڪتاب ۾ اسلامي شرعي اصولن جون سمجهاڻيون ڏنل آھن. مثال طور روزي، نماز، زڪوات، حج، ثواب گناهه، شرڪ ۽ ايمان وغيره جو بيان واضح ٿيل آھي.
مخدوم ابوالحسن جي ٺاھيل الف-ب ۾ لکيل ڪتاب مقدمة الصلوات سنڌي رسم الخط، سنڌي ادب، مذھبي علم، سنڌي زبان لاءِ نوان نياپا، نوان موڙ ۽ نيون ڌارائون کڻي آيو. مخدوم ابوالحسن ٺٽوي جي ٺاھيل الف-ب ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم جي تحريڪ ڪلھوڙن جي دور ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي مڪتبن ۽ مدرسن ۾ پنھنجي اھميت مڃرائي چڪي ھئي.سڄي ملڪ جي اڪثر درسگاھن ۾ مادري زبان وسيلي تعليم جو سرشتو قائم ٿي چڪو ھو. وقت جي جيد عالمن ۽ استادن ان تحريڪ ۾ حصو ورتو. سنڌي ميڊيم مدرسا قائم ٿيا. ھن دؤر ۾ ڪيترائي برک عالم جھڙوڪ مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي، مخدوم ضياءُ الدين، مولوي عبدالحق، مولوي محمد حسن، مخدوم محمد ابراھيم، محمد شريف راڻيپوري، قاضي عبدالڪريم، مخدوم عبدالله نرائي، ميون عيسيٰ ۽ ٻيا ڪيترائي عالم سنڌي تصنيف ۽ تاليف ۾ مشغول رھيا. ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته:
”مغلن جي راڄ جو آخري عرصو ۽ ڪلھوڙن جو ابتدائي دؤر سنڌي زبان لاءِ نوان نياپا، نوان موڙ، نيون ڌارائون ۽ نوان ماپا کڻي آيو. ھڪ طرف مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي، شاهه عنايت شھيد، مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ شاهه لطيف سنڌي زبان ۾ نئون روح ڦوڪي ان کي تاحيات ۽ زندھ جاويد بنائي ڇڏيو ۽ اھڙي عام فھم ٻوليءَ ۾ صوفياڻو پيغام سنڌ وارن کي ڏنو، جنھن نه صرف سڄيءَ سنڌ پر سنڌي زبان کي امر بنائي ڇڏيو“.(12)
مولانا محمد عرف نصير الدين لانگاهه جي علمي قلمي نسخي جي سلسلي ۾
پروفيسر قريشي حامد علي خانائي ”جنت الفردوس“ قلمي نسخي جي باري ۾ لکي ٿو ته ”جنت الفردوس“ جو ھي نسخو دستياب ٿيل نسخن ۾ سڀ کان آڳاٽو آھي. ھن ڪتاب جي ڪتابت سن 1155 ھجريءَ ۾ موٿيارجن جي ھڪ مشھور ڪاتب ميان ابراھيم بن ڇٽھ جي ڪيل آھي. ھي ساڳيو قلمي نسخو گهڻو وقت اڳ مرحوم ميان عبدالحق قاضي صاحب جي خانداني ڪتب خاني ۾ ڏٺو ھوم. ان نسخي جا اڳيان ۽ پويان صفحا نڪتل ھئا“.(13) ھن ڪتاب جو مصنف مولانا محمد عرف نصير الدين ڪنيت ابو سراج بن سلطان لانگاهه آھي. ڪتاب جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جو ھمعصر ھو ۽ کانئس متاثر ٿي ھي ڪتاب تصنيف ڪيائين. ڪتاب جو مضمون گهڻي ڀاڱي مقدمة الصواة جھڙو معلوم ٿئي ٿو، ھي سنڌيءَ ۾ سڀ کان قديم ڪلاسيڪل نظم آھي. ”جنت الفردوس“ جي عبارت:
شرطَ اِيمَانَ جا، عالِمَ اني چَوَنِ،
عاقِل بالغَ جِي تِياءِ آءٌ ڪلمُو چَوُنِ،
حکم سَڀ حکيمَ جا ثابت متي تن،
شَرط ايمانُ سَينِ جُو باني جا بَانُن
جا دين اسلام ايمان جو آءُ جا حقيقت جي کن فرمايو.... الخ“.(14)
مخدوم ابوالحسن کان پوءِ مخدوم ضياءُ الدين (1677-1757ع) جو نالو اچي ٿو. ھي بزرگ عالم اصل ۾ لاڙ طرف ”جوڻ“ نالي ھڪ شھر ۾ پيدا ٿيو. ھن بزرگ به فقھي مسئلن بابت ھڪ ڪتاب ”مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي“ لکيو. ان ۾ مخدوم ابو الحسن جي ”مقدمته الصلوات“ کان ڪجهه وڌيڪ مسئلن تي بحث ڪيل آھي. ڪتاب جي منڍ ۾ ڪتاب تيار ڪرڻ جو سبب ڄاڻائيندي لکي ٿو ته:
مسائل جي دين جا، سڀئي گهڻا ۽ گهاٽا،
سڀني ڪتابن جي عالمن لکيا ۽ چيا،
تنھن منجهان ڪيترا مون سنڌيءَ ۾ لکيا،
ته سنڌي سکي سڀ ڪو، پڙھي سھنج منجهن“.(15)
ھن دور جي سموري ادبي اتھاس ۾ مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي (1690ع-1761ع) جو نالو نشانبر آھي. ”سندس شمار دنيا جي انهن عظيم الشان علماءِ دين ۾ ٿئي ٿو، جن جي علمي بلندي کي پنھنجن توڙن پراون، دل و جان سان تسليم ڪيو، علمي حلقا کيس سنڌ جو شاهه ولي الله تسليم ڪن ٿا. ھي بزرگ سنڌ جي سڀني عالمن کان وڏو مصنف ٿي گذريو آھي. سندس تصنيفن جو تعداد 150 کان مٿي آھي. سندس تصنيفون سنڌي، عربي ۽ فارسي زبانن ۾ لکيل آھن. سندس 150 ڪتابن مان 40 کان مٿي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن. انهن مان 8 سنڌي زبان ۾، 12 فارسي زبان ۾ ۽ 20 ڪتاب عربي زبان ۾ آھن. سنڌي ڪتاب نظم ۾ لکيل آھن. ھينئر سندس ڪيترائي ڪتاب صاف نثر ۾ به شايع ٿي چڪا آھن. ھن پنھنجي فارسي ڪتابن ۾ به سنڌي لفظ ۽ فقرا استعمال ڪيا آھن“.(16)
اسلامي عقيدن جي بيان لاءِ 1143هه/1730ع ۾ مخدوم صاحب جو ”بناءُ الاسلام“
سنڌي نظم ۾ لکيل ڪتاب آھي. ھن ڪتاب ۾ خدا جي وحدانيت جو ذڪر آھي. ھڪ ھنڌ ليکڪ چوي ٿو ته: ”قيام ڏيھه“ سڀ کان پھرين پڇاڻو ”وحدت جو“ جو ٿيندو ۽ پوءِ نماز جو، وحدت جي بيان ۾ به رب تعالى جي وحدانيت جي واکاڻ آھي:
جيڪو کري سو ڪري، يفعل ما يشاءٌ
سنڌي نظم ۾ سال 1162هه/1749ع ۾ مخدوم صاحب جو جوڙيل پاره عم
(سورة النباء کان وٺي سورة الناس تائين) جي ترجمي ۽ تفسير تي مشتمل ڪتاب آھي. ھن ڪتاب کي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ صاف نثر ۾ آڻي شايع ڪرايو. ذبح ۽ شڪار، حلال ۽ حرام جانورن بابت تفصيل تي مشتمل 1130 ھجريءَ ۾ سندس لکيل ڪتاب ”راحة المؤمنين“ سنڌي نظم ۾ جوڙيل آھي. ھو حلال ۽ حرام شين لاءِ چوي ٿو ته:
ھينئڙي منجهه حقير، جي اچي وھم پيو،
ماڻهو مسئلا ذبح ۽ شڪار جا پڇن گهڻيرو،
ڪي لکجن تن منجهان، گهڻو جي ٿورو،
روزي ۽ اعتڪاف جي مسئلن بابت ھي ڪتاب، مخدوم صاحب 1125 ھجريءَ ۾ نظم جي انداز ۾ لکيو. “زاد الفقير” ۾ روزي جي اھميت ۽ ماھيت توڙي شرعي حيثيت تي بحث ڪيو اٿس. ھن ڪتاب ۾ سندس عالمانه صلاحيتن جو به ڀرپور اندازو ٿئي ٿو:
بقا ناھ بلاد کي دنيا ناھ دوام،
اجل ٿو اوتون ڪري ٿي قريب قتام.
’فرائض الا سلام‘ جي معنى آھي ”اسلام جا فرض“، ھن ڪتاب ۾ اھي سڀ شرعي مسئلا سمجهايا ويا آھن، جيڪي ھڪ مسلمان کي پنھنجي زندگي ۾ بجا آڻڻا ھوندا آھن. ھي ڪتاب مخدوم محمد ھاشم عربيءَ ۾ لکيو ھو، جيڪو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي طرفان شايع ٿي چڪو آھي. مثال طور ھو چوي ٿو ته:
پھريون فرض ويساهه وجود ڪري مولى،
ٻيو ايمان ان ڪري نه آھي واجب الوجود.
مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب آھن، جن کي ھن سنڌي ٻوليءَ ۾ لکي تعليم واري تحريڪ کي ڪامياب ڪيو. ان دور ۾ مخدوم عبدالله ”نرائي“
(1737-1821ع) ولد ميان عبدالقادر جو جنم ڳوٺ مانڌر ضلعي بدين ۾ ٿيو.
مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جو شاگرد ھو، ٺٽي مان تعليم حاصل ڪري ڪڇ ھليو ويو ۽ ”نريي“ ۾ رھڻ لڳو. ان حساب سان ”نرائي“ سڏائيندو ھو. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي لکيو آھي ته “مخدوم محمد ھاشم جو ھڪ شاگرد مخدوم عبدالله سنڌي ساھتيھ جي خدمت ۾ مخدوم محمد ھاشم جو صحيح جانشين سڏجي ته بجا آھي. اھو بزرگ ھن سلسلي ۾ پنھنجي استاد مخدوم محمد ھاشم ۽ ٻين ٺٽي جي عالمن کان گوءِ کڻي ويو. ھن جي سنڌي تصنيفن کي گڏ ڪري ڏسبو ته اھا ھزارن صفحن تي پھچي ٿي. جيئن ”ڪنز العبرت“، ”خزانه اعظم“، ”فقير المنير“، ”بدر المنير“، ”نور البصار“، ”ھفت بھشت“، ”تفسير سورت يوسف“، ”نصيحت“، ”نصيحت نامو“، ”سڱ نامو“، ”غزوات“،
”خلفاءِ راشدين“، ”شجاعت سيد الانام“، ”قصو امير عمر جو اسلام آڻڻ“ ۽ ”شھادت امام حسين“ اھم آھن“.(17) مخدوم صاحب پنھنجو مشھور ڪتاب ”ڪنز العبرت“
1762ع ۾ لکي پورو ڪيو ۽ ان جي لاءِ لکيائين ته:
تحقيق جڏھن ھي تمام ٿيو نسخو سنڌي واءُ،
تڏھن ”ڪنز العبرت“ سنڌي رکيم تنھنجو ناءُ.
ڪتاب ”نور البصار“ ۾ فرضي ۽ نفلي نمازن ۽ روزن متعلق شرعي مسئلا ۽ ٻيا معاملا جمع ڪيل آھن. مخدوم صاحب ھي ڪتاب 1779ع ۾ لکي پورو ڪيو. ڪتاب جي پڄاڻي ھنن لفظن ۾ ڪيل آھي:
جو خزانة الابر مٿي آهه، شرح سنڌي واءِ...
تحقيق جڏھن نور الابصار، ھي نسخو ٿيو تماما،
مولوي عبدالخالق ٺٽوي (1723-1798ع) مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جو شاگرد ۽ مريد ھو. فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ مخدوم محمد ھاشم جي درسگاهه ۾ معلم مقرر ٿيو. ڪيترائي ڪتاب لکيا ھئائين، جن مان ھڪ ڪتاب ”مطلوب المومنين“ (1744ع) آھي. ھن ڪتاب ۾ مصنف ھر ھڪ عمل ۽ اخلاق جي بيان ۾ قرآن شريف جون آيتون ۽ حديث شاھدي طور پڻ ڪتب آنديون آھن. ھو چوي ٿو ته:
اڪثر ھن سنڌي ۾ جيڪي درج ٿيو،
سو طريقة المحمدي ڪنان ميڙي مون لکيو،
ڪارڻ طلب طالبين ھي رسالو لکيوم،
”مطلوب المومنين“ سنڌي نالو تنھن رکيوم.
مخدوم محمد ابراھيم ڀٽي (1690-1757ع) پراڻن ھالن جي بزرگن مان ھو. ھي مشھور عالم ۽ شاعر مخدوم عبدالرؤف ڀٽيءَ جو ڀاءُ ھو. ھن مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ کان متاثر ٿي ”مخدوم محمد ابراھيم جي سنڌي“ ڪتاب لکيو، جنھن ۾ نماز ۽ وضوءَ جا 350 مسئلا سمجهايل آھن. ھي ڪتاب پھريون دفعو غالباً جمناداس تاجر ڪتب، بمبئي طرفان علوي پريس مان 1909ع ڌاري شايع ڪيو ھو. مخدوم عبدالرحيم غالباً ٺٽي جو عالم ھو، عبدالرحيم عالم جو ڪن چونڊ فقھي مسئلن بابت ڪتاب، جيڪو ھن سنه 1177 ھجري (1763ع) ۾ منظوم ڪيو، آخر ۾ سندس ”سنڌي“ جو نالو ”مَايَنبَغي الحمَائل مِن مَعدُود المسائل“ ڪري ڄاڻايو اٿس:
جيڪو ڪري ڪنه وي ۾ نظر سندي کا،
تهه مر دعا خير جي پني ڏونه مولى،
منجهه حق عبدالرحيم جو جامع ھن ”سنڌيا“،
جيڪو پڇي ڪنه وي ۾ نالي ”سنڌي“ کا،
ماينبغي الحمائل من معدود المسائل آھي نالي سا.
مولوي محمد حسين (وفات 1770ع ڌاري) مخدوم محمد ھاشم جو ھمعصر ھو. هن جي باري ۾گهڻو احوال نٿو ملي. سن 1763ع ۾ فارسي ڪتاب “قصص الانبياء” جو سنڌي ترجمو ڪيائين. ھن ڪتاب ۾ نبين جا قصا بيان ٿيل آھن. ڪتاب سمورو نثري نظم ۾ آھي ۽ ٻولي جي عبارت مخدوم ابوالحسن ۽ مخدوم ھاشم جھڙي آھي، نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:
خالق مڪيون خبرون سچي سيد ڏانھن،
پر ڪين سمجهن تن کي، جي امي عواما،
مگر خبرون ڏين تن کي جي سڳورا علما،
تڏھن ھينئين ۾ “حسين” جي آيو خيالا،
ته لکي ڪيا پڌرا قصا نبين جا،
سنڌي وائي سھکا سي ڪريان بيانا“.(18)
مخدوم عبدالرحيم گرھوڙي (1739ع-1778ع) چوٽيارين جو عالم ميون مبين ھن عالم جو استاد ھو. ھو سنڌي، عربي، فارسي ۽ ھنديءَ جو تمام سٺو ڄاڻو ھو. مخدوم صاحب پنھنجي دؤر جي عالمن وانگر سنڌي لفظن کي عربيءَ وانگر استعمال ڪيو آھي. ھو مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ۽ ٻين ھمعصرن جي سنڌي صورتخطيءَ کان واقف ھو ۽ ساڳئي وقت پاڻ پنھنجي دؤر جي عالمن جي سنڌي تصنيفات کان به گهڻو واقف ۽ متاثر ھو. مخدوم صاحب پنھنجي دؤر جي رواج موجب يعني الف اشباع جي نظم ۾ ڪتاب لکيا. مخدوم صاحب بيتن کان سواءِ ”حقيقت محمدي“، ”ترڪي واري سنڌي“، ”سورة اخلاص“ ۽ ”عقائد“ وغيره به ڪتابي صورت ۾ لکيا. سندس تصنيف ۽ تاليف ۾ “فتح الفضل” ۽ ”ابيات سنڌي“ مشھور آھن. ھن پنھنجي ڪتابن ۾ اسلامي مسئلن کان سواءِ فقھي مسئلن، تصوف جھڙي دقيق موضوع ۽ شريعت جي اھم نقطن کي بيان ڪيو آھي“.(19) گرھوڙي صاحب سنڌيءَ ۾ به تعليم جي سلسلي ۾ ڪتاب لکيا. پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته:
پنو بيان ترڪي جو، ضروري قدرا،
جي ھي پڙھي پروڙين، ته ٻئو پڻ پڌرو ناهه،
اساس الفرائض سنڌي جو، نالو نجهر يجاهه.
ھن تحريڪ ھيٺ جيڪا الف-ب جوڙي ويندي ھئي ان کي ”سنڌي“ سڏيو ويندو ھو. مثال طور مخدوم ابوالحسن جي سنڌي، عبدالرحيم گرھوڙيءَ جي سنڌي وغيره وغيره ”سنڌين جو دؤر“ 1703ع ۾ مخدوم ابو الحسن کان شروع ٿئي ٿو ۽ عبدالرحيم گرھوڙي شھيد تي 1778ع ۾پورو ٿئي ٿو. ان کانپوءِ به اسان کي ڊگها ۽ وائي جھڙا نظم ملن ٿا، پر اھي علم عروض موجب آھن، جيئن چوٽيارن وارن بزرگن جي سنڌي يا نور نگزادن جي سنڌي“.(20) ھن تحريڪ ھيٺ لکيل ڪتاب اسلامي مسئلن ۽ تعليم تي لکيل آھن. ھن تحريڪ جو وڏو سبب اھو ٻڌايو ويو آھي ته ڪيترائي غير مسلم، مسلمان ٿي چڪا ھئا، جن کي اسلامي تعليمات ديسي زبان ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ شرعي ڪتابن جي کوٽ محسوس ڪئي ويئي“.(21)جڏھن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان جو را يو آھي ته ”مادري زبان سنڌيءَ ۾ مڪتبي تعليم ڏيڻ واري نظريي جي اوسر جو ھڪ مکيھ ڪارڻ اھو به ھو جو سنڌي زبان ۾ اعليٰ فھم ۽ فڪر وارو مواد قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي بي بھا بيتن ذريعي پيدا ٿي چڪو ھو. ۽ اھو فڪر ايترو ته معياري ھو جو 1022/1613 ھجري کان اڳ ھندوستان جي عالم محمد غوثي گوالياري، قاضي قادن جي ڪن بيتن جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سنڌ اندر محمد رضا ٺٽوي 1038 ھجري ۾ ميين شاهه ڪريم جي سنڌي بيتن ۾ سمايل فڪر کي ڪتاب بيان العارفين ۾ فارسي ذريعي سمجهايو. سنڌيءَ ۾ اھڙي اعليٰ فھم ۽ فڪر جي موجودگي ۽ ان جي عام اشاعت، افاديت جي لحاظ سان سنڌيءَ کي فارسيءَ برابر بنائي ڇڏيو. اھو ئي سبب ھو جو يارھين صدي ھجري
(17 سترھين صدي عيسوي) کان وٺي مادري زبان ۾ بنيادي مڪتبي تعليم ڏيڻ لاءِ حالات سازگار ٿيا“.(22) الله بخش سرشار عقيليءَ ھن تحريڪ ھيٺ شروع ٿيل ڪوششن جون چند خصوصيات هن طرح بيان ڪيون آهن:
(1) خالص مذھبي حڪايتون نظم ۾ بيان ڪيون ويو آھن.
(2) ھن ۾ نبي پاڪ جا احوال، شمائل، غزوات، انبيائن جا قصا، اصحابن جا قصا، ارڪان اسلام جا بنيادي وسائل، فقھي مسئلا وغيره آھن.
(3) عربي قصيدي جي تشبيح ۾ ھي ڊگها نظم آھن، جن جي پڇاڙيءَ ۾ ھڪ خاص حرف کي قافيھ طور استعمال ڪيو ويو آھي، پر عربي قصيدو موزون شاعري آھي ۽ ھي ھندي ڪُبت جي طرز تي غير موزون آھي.
(4) ھن قسم جو ادب مولودن وانگر بنا ساز جي ڳائڻ جي لحاظ تي يا سُر سان پڙھڻ جي لحاظ تي لکيو ويو.
(5) اھا طرز اھڙي مقبول ٿي جو ٿوري عرصي ۾ ھن قسم جي ادب جو ھڪ وڏو ذخيرو جمع ٿي ويو ۽ ٿوري عرصي بعد ساڳي شيءِ مخدوم عبدالروف جي موزون مولودن جي صورت اختيار ڪئي.
(6) ھن جو پايو وجهندڙ ميان ابوالحسن ٺٽوي ھو ۽ ان کي زور وٺائيندڙ سندس ڀاءُ شير حيات عبدالله واعظ، مخدوم محمد ھاشم، ميان عبدالرحيم گرھوڙي وغيره ھئا. ھن ۾ سوا قافيه جي ٻي ڪا شيءِ اھڙي ڪانھي جا ھن کي صحيح معنى ۾ شاعريءَ جو درجو ڏئي. صحيح معنى ۾ ھي مقفى نثر آھي. شعر جا ضروري اجزا محاڪات ۽ تخيل رھڻ ۾ بلڪل عدم پيدا آھن.
(7) ھن جا باني سنڌي عالم آھن. موضوع خشڪ آھي. اِن جي مقابلي ۾ ساڳئي وقت ”سنڌي طرز“ جيڪا آڳاٽو حماد جمالي جي زماني کان شروع ٿيل ھئي تنھنجا باني سنڌي درويش ۽ صوفي آھن.
(8) ھن طرز جو سنڌي ادب جو ذخيرو تمام وسيع آھي. اھو ٻن قسمن جو آھي. ھڪ قسم مستقل تصنيفات جو آھي جي انهي طرز جي نظم ۾ آھن. انهي کي عام طرح مولود نٿو سڏيو وڃي ڇو ته ان ۾ فقط قافيه جي شائل ۽ اوصاف جو ذڪر ڪونھي، پر ھر قسم جو مذھبي مواد منجهس سمايل آھي، جيئن انبيائن جا قصا، فقه جا مسئلا اصحابن جا احوال وغيره“.(23)
ھن دؤر ۾ سڀ لکيل ڪتاب الف اشباع واري نظم ۾ آھن. ھاڻي سوال اھو پيدا ٿئي ٿو ته ”سنڌيون“ يا ”الف اشباع“ جا ڪتاب نثر آھن يا نظم؟ ان بحث تي سنڌي عالمن ۾ اختلاف آھن. بھرحال، ان مسئلي جو آسان جواب ھي آھي ته اھي سنڌي نظمي نثر جا ابتدائي اھڃاڻ آھن. ڪلھوڙن جي دؤر ۾، سنڌي شعر ترقي ۽ ڪماليت تي پھتل ھو، ان دؤر ۾ شاعراڻو ذوق وڌيل ھو. اھوئي سبب آھي خالص جو تعليمي ۽ مذھبي ڪتابن تي به شاعراڻو رنگ چڙھيل ھو. ڇاڪاڻ جو انهن ۾ قافيي کان سواءِ ڪا به شاعراڻي خوبي نه آھي. ھتي ڪجهه مثال ھيٺ ڏجن ٿا.
مخدوم عبدالله جو نمونو:
لکن ٿا ڪتابن ۾ ان پرا علماءَ،
ڪرڻ زيارت عورتن کي آھي ڪراھتا،
ڪارڻ ڪرڻ زيارت سان پڻ ھئي ھن سببا،
جيئن پسي مٺا پنھنجي مان ڊڄن ڌڻيءَ ڊاءُ.
مخدوم ھاشم ٺٽوي جو نمونو:
پھريون فرض ويساهه وجود جو ڪري مولا،
ٽيون ايمان ان ڪري ته اھي ھير موجودا،
چوٿون ته ھو موجود مون ڌڻي آڳاٽو انھا.
(فرائض الاسلام تان ورتل)
مٿي ڏنل نظم نما تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انهن ۾ قافيي کان سواءِ ڪو به شاعراڻو رنگ نه آھي، جنھن جي ڪري اھو مواد پر تڪلف ۽ مصنوعي بڻجي پيو آھي. ان دؤر ۾ جيڪي سنڌي ڪتاب مدرسن ۽ درس و تدريس ۾ ڪم ايندا ھئا، انهن مان ڪجهه ھيٺ ڏجن ٿا. ھن سلسلي ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيِءَ جي ڳالهه وڏو وزن رکي ٿي ته ”سنڌي ادب جي تاريخ لکندڙن کان ھڪ وڏي غلطي ڪرائي وئي آھي، ليڪن ڏٺو وڃي ته انهن ۾ سواءِ ھٿرادو قافيي جي ٻي ڪا به شاعراڻي خاصيت ڪانه آھي. شعر ۾ تخيل کي واقعي تي ترجيح ڏني ويندي آھي، جيتوڻيڪ شعر ۾ زندگيءَ جي ٺوس حقيقتن کي به بيان ڪيو ويندو آھي، ليڪن اھو شاعراڻي پيرائي ۾ ڪيو ويندو آھي، جنھن ۾ لطافت، رنگيني، احساس ۽ جذبي جو دخل ھوندو آھي. انهن ڪتابن ۾ ڪو به شاعراڻو خيال سمايل نه آھي. سڀئي ڪتاب شعر ۽ فقھي مسئلن تي لکيا ويا آھن، جنھن ڪري ان کي قافيي وارو نثريا شاعراڻو نثر چوڻ مناسب ٿيندو“.(24)
مغلن جي دؤر ۾ شروع ٿيل “سنڌين جي تحريڪ” جو اثر ٽالپرن دؤر ۾ به نظر اچي ٿو. ٽالپرن جي دؤر ۾ سنڌي تعليم ايتري قدر ته ترقي ڪري چڪي ھئي جو ان دؤر جو عالم آخوند عزيز الله قرآن شريف جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ”تحت اللفظ“ ترجمو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اھڙي طرح پيرمحمد بقا، پير محمد شاهه راشد ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن جا ملفوظات، قرآن شريف جا تفسير ۽ ترجما، شاعريءَ جا رسالا ۽ ڪاتبن جا نسخاموجود اھن. خاص طور تي ان دور سان وابسته پير محمد بقا راشديءَ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن شريف جو تفسير ھڪ اعليٰ مثال آھي. رچرڊ برٽن، جيڪو سنڌ ۾ برٽش ريزيڊنٽس ھو، تنھن ھن دؤر سان لاڳاپيل سنڌي تعليمي نصاب جي ھڪ فھرست ڄاڻائي آھي، جنھن ۾ ڪيترائي نثر توڙي نظم جا ڪتاب شامل آھن. انگريزن جي دور ۾ جڏھن پوري ھندستان جي علمي ۽ ادبي تحريڪن تي تحقيق ٿيڻ لڳي ته معلوم ٿيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترن ئي ھندستاني ٻولين جي ڀيٽ ۾ گهڻو ادب آھي. ان سلسلي ۾ رچرڊ برٽن لکيو آھي ته ”سنڌي ساھت بابت ھيترو چوڻ ڪافي آھي ته جڏھن انگريزن ھندوستان ۾ پير پاتو تڏھن ڪھڙي به ڏيھي ٻوليءَ ۾ ايترو علم ادب ڪو نه ھو، جيترو سنڌي ۾ موجود ھو. اڪثر عربي ترجمن ۽ مذھبي ڪتابن تي مشتمل ھو. گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي سئو قلمي نسخا سنڌي ڪتابن جا ھٿ ڪري سگهجن ھا قصا ۽ ڪھاڻيون ھيون پر اُھي به نبين ۽ ولين جون. انشا ۽ طب تي به ڪجهه ڪتاب ھئا. اڪثر فعل، ظرف ۽ حرف جر سنڌي ۽ باقي لفظ عربي يا فارسي ڪتب آندل ھئا. ڪيترو ادب اھڙو به ھو جنھن ۾ نج سنڌي لفظ ڪتب آيل ھئا (پھرئين قسم جا ڪتاب عالمن جا لکيل ھئا ۽ پوئين قسم ۾ صوفيانه ڪلام ھو) سنڌي نظمي ادب نثر کان گهڻون گهاٽو ۽ قسمن وارو ۽ ڪنھن به حالت ۾ مرھٽي ھندي ۽ برج ڀاشا ٻولين جي شعر کان درجي ۾ گهٽ نه آھي. اھو نظم جو سرمايو عربي فارسي عروض جي پيچيدگي کان آجو آھي“.(25)
حوالا:
- ملاح، مختيار احمد: ”ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد،2015ع، ص82
- G. M. R Haig “The Indus Delta Country” Indus Publication in Karachi: 1972.P.61
- قدوسي، اعجاز الحق: ”تاريخ سنڌ“، اردو سائنس بورڊ، لاھور، 1975، ص 321
- مبارڪ علي، ڊاڪٽر: ”سندھ خاموشی کی آواز“، فڪشن ھائوس، لاھور پاران 1994ع، ص 103
- الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جا نوان موڙ“، ٽي ماھي مھراڻ 1975/4، ص 156
- برٽن،رچرڊ، ڪئپٽن: ”سنڌ ۽ سنڌي ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ (مترجم: محمد حنيف صديقي)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،1971ع، ص 74
- بوبڪائي، مخدوم جعفر: ”الحجة القوية جواب الرسالة الحلفيھ“ (قلمي)،
ص-3/ب،5/پ، 6/ب، موجود قاسميه لائبريري، ڪنڊيارو. - بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي تاريخ“ پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1990ع، ص 256، 257
- ھدايت پريم، ڊاڪٽر: ”سنڌي الف-ب جي ارتقا ۾ سنڌي عالمن جو حصو“، ڪينجهر، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو، 2009ع، ص 122
- بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: ”شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1965ع، ص 6
- مانجهي، محمد علي: ”مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ“، ماھوار سنجها، ايڊيٽر يوسف سنڌي، 1997ع، ص 22
- الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 2005ع، ص282-
- خانائي، حامد علي قريشي: ”سنڌي نثر جا ابتدائي اھڃاڻ“، ٽي ماھي مھراڻ 1971/3
- ساڳيو حوالو
- قريشي، سجاد الله، ”مخدوم ضياءُ الدين“، ماھوار سھڻي، اپريل 1968ع، ص 86
- السندي، محمد ادريس، ڊاڪٽر: ”مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي جون ڇپيل تصنيفون“،
ٽي ماھي مھراڻ 2003/2 - قاسمي، غلام مصطفى: ”عالمن جو سنڌي ساھتيه ۾ حصو“، ماھوار پيغام، فيبروري 1984ع
- عرساڻي، شمس الدين: ”سنڌي نثر جي شروعات“، ماھوار نئين زندگي، آڪٽوبر 1964ع
- خانائي، قريشي، حامد علي: ”گرھوڙيءَ جو سنڌي ادب ۾ مقام“، ماھوار پيغام، ڊسمبر 1982ع
- خالد، ڪريم بخش: ”سنڌيون“، ماھوار پيغام، اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ، 1984
- ميمڻ، محمد صديق: ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، مھراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص 40
- بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1990ع، ص 371
- عقيلي، الله بخش سرشار: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ (قلمي)- جلد اشاعت ھيٺ آندو ويندو
- عرساڻي، شمس الدين: ”سنڌي نثر جي شروعات“، ماھوار نئين زندگي آڪٽوبر 1964ع
- برٽن، رچرڊ، ڪئپٽن: ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون“. (ترجمو محمد حنيف صديقي) سنڌي ادبي بورڊ 1976ع، ص 71