Image

ايڊيٽوريل


’روايت‘ گڏيل انساني تجربن جو نچوڙ ۽ ماضيءَ کان مستقبل ڏانھن منتقل ٿيندڙ ڏاھپ ۽ فن جو گڏيل ورثو آھي. روايت جيئن ته تاريخ جي مخصوص دور ۾ پيدا ٿي، پلي ۽ وڏي ٿي آھي، تنھن ڪري اھا ورثي ۾ مليل روايتن جي ڀيٽ ۾ جديد ۽ ڪن معاملن ۾  باغيانه لقاءُ به هئي. مثال طور ماڻهوءَ جيترا مذھب ۽ مذھبي تصور، ويندي خلقڻھار بابت پنھنجا رايا ۽ تصور مَٽايا آھن، انھن جو به جائزو وٺجي ته محسوس ٿيندو، انسان مسلسل نِت نيون ڳالهيون، خيال ۽ ڏندڪٿائون جوڙڻ ۾ رُڌل رهيو آهي. بدلاءَ ۽ تبديليءَ کي هر نسل ڪنھن قدر وانگر پئي اپنايو آهي. عقيدي جھڙي بيٺل شيءِ کي به ڪو بدلاءَ جي بَٺيءَ ۾ پچڻ کان روڪي ناهي سگهيو. ان صورت ۾ علم، فن ۽ سائنس جو ته بنياد ئي تجربي ۽ عقل تي آھي. جڏھن پھريون ڀيرو ڪنھن انسان کي ڪچي ڀاڄي يا گوشت، پچائي کائڻ جو خيال آيو ھوندو، ته اھا سوچ پيٽ ڀرڻ جي روايتي طريقن ۽ تصورن سان بغاوت کان گهٽ نه هوندي. ان خيال کي به ڪيئي رد ۽ ردعمل ڏسڻا پيا ھوندا، پر ان بعد ان عمل پنھنجي اثر جو دائرو ۽ حلقو وڌائي، ھڪ مضبوط ۽ ڀرپور ’قدر‘ جو درجو اختيار ڪري ورتو. اڳتي ھلي، اها ’روايت‘ انسان جي اشرف ۽ ٻين جانورن کان مختلف ۽ (سماجي معنيٰ ۾) ’مھذب‘ ھجڻ جي علامت بڻجي پئي. جيتوڻيڪ هزارين سال اڳ جي اها بغاوت، هاڻ هڪ ’روايت‘ ئي آهي. ڊاڪٽر شمس سومري موجب: ”ڪنھن به دور ۾ پيدا ٿيندڙ اڻ ڳڻين خودرو يا ھٿرادو فني يا فڪري يا نظري تحريڪن ۽ تبديلين منجهان، فقط اھي تبديليون ۽ تحريڪون جيڪي ادب، سماج، ثقافت ۽ لوڪ ذھن يا عوام جي شعور مٿان ڪو دائمي اثر ڇڏيندي، ڪو نتيجو پيدا ڪنديون آھن، تڏھن وڃي انهن کي ڪنھن ’روايت‘ جي حيثيت وارو رُتبو ملندو آھي.“ ايئن ثقافت کان ادب تائين، اسان روايتن جي هڪ زنده ٻيلي سان مُکاميلو ڪري سگهون ٿا، جيڪو اسان جي آس پاس جُڳن کان سائو ستابو بيٺل آهي.

’نئين‘ ۽ ’پراڻي‘، ’جدت‘ ۽ ’روايت‘ جو بحث قديم به آهي ۽ جديد به. دراصل سماج، ثقافت، زندگي، فڪر، تخليق ۽ فن سميت ڪجهه به ببيٺل نه آهي. هر ايندڙ لمحو گذريل لمحي منجهان ئي ڦٽي ٿو، پر اُهو گذريل لمحي کان هڪ وک يا هڪ گهڙي اڳتي ئي هوندو آهي. ان ڪري ماضي، اڳوڻو وقت، اڳوڻيون روايتون ۽ ’ڪالهه‘ بھرحال ’ڪالهه‘ ئي آهن، ’سڀُاڻ‘ ٿي نٿا سگهن. ’سڀاڻ‘ نواڻ ۽ جدت جو اهڃاڻ آهي، سڀاڻ ’ڪالهه‘ جو وڌاءُ (Extension) ئي سھي، پر ان کي اڳتي، وڌيڪ بھتر، وقت جي گهرجن مطابق، ’نئون‘ ۽ ’مختلف‘ هئڻ گهرجي. اُهو نئون ۽ ’مختلف‘ ئي هر قسم جي روايتي تخليقي ذائقن ۽ مزاجن ۾ بدلاءَ جو بنياد بڻبو آهي. ’پُراڻ‘ يا ’روايت‘ ڀلي ته حَسين، طاقتور ۽ ڀرپور ڇو نه هجن، وقت کان پوئتي بيٺل هوندا آهن. وقت سان هم آهنگ رڳو نئين شيءِ ٿيندي آهي. اُها نئين شيءِ نئين موضوع جي چونڊ، نئين خيال جي کول اُکيل، نئين ڏِسا ڳولي لھڻ، نئون تاڃي پيٽو، نئون اسلوب، نئين ٻولي، نئين لفظيات، نئون لھجو، نئين گهڙت ۽ ڪنھن به تخليق يا تحرير منجهان اڀرندڙ مجموعي نئون تاثر به ٿي سگهي ٿو. ڪٿي تعمير جو هڪ عنصر ۽ ڪٿي هڪ کان وڌيڪ عنصر گڏجي، نوَن فني ۽ تخليقي ذائقن ۽ سوادن جي پالنا ڪن ٿا. ظاهر آهي ته هر لطيف فن تحرڪ ۽ تازگيءَ مان زندگي حاصل ڪري ٿو، ۽ بقول سارتر جي ته: ”لطيف فن جو ڪم موت بجاءِ زندگيءَ تي ويچارڻ آهي.“ (جيتوڻيڪ اهو موت تي به ضرور ويچاري ٿو!) ان ڪري، زندگيءَ وانگر فن، ادب، لکڻ ۾ به بدلاءَ کي قبولڻ ۽ جاءِ ڏيڻ ئي زندگيءَ ۽ فن جي سلسلي کي اڳتي وڌائي سگهي ٿو. بقا به فقط ان کي ئي آهي.

بھرحال، تخليق هجي يا تخيل، فئشن هجي يا فن، ان ۾ نئين ڳالهه کي نوان پاڻي آيل هوندا آهن. انهن جو اثر، رنگيني، قوت، تشخص، ڇڪَ ۽ سوڀيا الڳ ٿيندي آهي. ان ڪري روايت سان محبت ۽ ڳانڍاپو بلڪل نه ٽوڙجي، پر ان جو مطلب ورجاءُ ۽ ساڳين شين کي قالب مَٽائي پيش ڪرڻ نه هجڻ کپي. جڏهن جڏهن به ادب ۽ فن ۾ ورجاءُ وڌي ٿو، تڏهن تڏهن انهن شعبن ۾ بي رنگي ۽ ڦڪائي به وڌڻ لڳندي آهي. اها بي رنگي ۽ ڦِڪائي پڙهندڙ ۽ تخليقڪار وچ ۾ قائم رشتي کي ڪمزور ۽ سطحي بڻائڻ لڳندي آهي. اهو رشتو ڀلي ته تخليقڪار ۽ پڙهندڙ وچ ۾ هجي يا محقق ۽ پڙهندڙ وچ ۾، ان رشتي جو ڀرم ۽ شدت تڏهن قائم رهندا، جڏهن تخليق ۽ تحقيق بيٺل پاڻيءَ وانگر بانس ڪرڻ بجاءِ وهندڙ نديءَ وانگر تازگي ۽ نواڻ سان ڀريل هوندا. 

زندگي ۽ زمانو بيٺل يا جامد نه آهن، اهي مسلسل بدلجندڙ ۽ وڌندڙ آهن. اهو بدلاءُ ڏسڻ، محسوس ڪرڻ، جهَٽڻ ۽ محفوظ ڪرڻ ئي ’نئين‘ جي پاسي بيھڻ آهي. تخليق يا تحقيق رڳو ميڪانڪي نه ٿيندي آهي، اها ڪنهن عمارت جو نقشو، سِرون ٺاهڻ جو ڪارب يا ڪو مخصوص فارمولائي عمل به نه آهي. جيئن ساڳيو کاڌو ٻه الڳ راڌا پچائن، ته الڳ سواد اچڻ کپي، تخليقي ۽ علمي ڪم کي گهٽ ۾ گهٽ به ايترو الڳ ذائقو ته ضرور هجڻ کپي. ليکڪ جي تخليق ۽ تحرير ۾ هن جي پنھنجي نڪ نقشي جهڙيون الڳ ۽ انفرادي سڃاڻپ جون نشانيون هجڻ ئي هُن جي الڳ هجڻ جي شاهدي ڏينديون. تخليقي توڙي علمي ڪم پرک، ادراڪ، فڪر، تخيل، ذهني بلاغت، ڏور رس نگاھ، ٻوليءَ تي دسترس، گهڻ طرفي سمجهه ۽ ’ڇا ڇا سوچي سگهجي ٿو‘ جو ئي نتيجو آهي. تخليق وانگر تحقيق به رڳو موضوع جي چونڊ نه آهي، رڳو ڪنهن عنوان بابت حوالا گڏ ڪرڻ يا ان کي ڊگهو ڪري پيش ڪرڻ جو عمل نه آهي، ان ۾ ڪو نئون نُڪتو پيدا ڪرڻ ئي اصل ڪم آهي. ان ڪري اسان جي احترام لائق محققن کي به پنھنجي همعصر دور جي عالمي تحقيقي روين ۽ بدليل روايتن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻي پوندي، ’نئين‘ کي اختيار ڪرڻو پوندو ۽ موضوع جي چونڊ سان گڏ لغت، اسلوب، ٻولي ۽ بيان ۾ به جدت آڻـڻي پوندي. 

اسان جي محققن کي به هاڻ نئون سوچڻ، نئون ڏسڻ ۽ نئون ڳولڻ لاءِ اوس سوچڻ کپي. تحقيق جا روايتي، هڪ جھڙا، ورجايل ۽ ٿڪل طريقا ۽ موضوع هاڻ بي رنگائي ۽ ڦِڪائي وَڌائڻ لڳا آهن. 

 ڊاڪٽر اسحاق سميجو  
چيئرمئن/ايڊيٽر


فهرست