ليکڪن لاءِ رهنمائي : (Guidelines for Authors)

  1. مقالو لکڻ وقت تحقيق جا رائج اصول ڌيان ۾ رکڻ لازمي آهن.
  2. حوالا (References) ڏيڻ لاءِ MLA  وارو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي.
  3. ڪوشش ڪري مقالو ڪنهن نئين ۽ اڻ ڇھيل موضوع تي لکڻ گهرجي، جنهن جي موضوع جو دائرو سنڌي ٻولي ، لسانيات، گرامر ۽ سنڌو لکت سان هجڻ جي صورت ۾ اوليت جي بنياد تي شايع ڪيو ويندو.
  4. پھرئين صفحي تي مقالي جو عنوان، ليکڪ جو نالو، سڃاڻپ، مڪمل ڏس پتو، اي ميل ۽ فون نمبر ڄاڻايل هجڻ گهرجي.
  5. ٻئين صفحي تي 150 کان 250 لفظن تي مشتمل مقالي جو  خلاصو/تت (Abstract) ٻنهي ٻولين ( انگريزي ۽ سنڌي ) ۾ لازمي شامل هجڻ گهرجن. خلاصي ۾ موضوع سان لاڳاپيل گهٽ ۾ گهٽ پنج  مکيه/خاص لفظ (Keywords)پڻ واضح ۽ اڀريل(Bold )هجڻ گهرجن.
  6. موڪليل مقالي لاءِ لازمي آهي ته اهو ليکڪ جو پنھنجو لکيل هجي .  ان جو متن ڪنھن به صورت ۾ نقل ٿيل (plagiarized ) نه هجي . مقالو  نه ڪنھن ٻئي جرنل ۾ شايع  ٿيل هجي ۽ نه ئي شايع ٿيڻ لاءِ موڪلڻ گهرجي.
  7. ڪنهن به ڪتاب، رسالي، اخبار يا ويبسائيٽ تان کنيل انگن اکرن (Data) مواد جو حوالو لازمي ڏيڻ گهرجي.
  8. مقالي ۾ شامل مواد جي چوري (plagiarism) جي تصديق يا ساڳيو مقالو ٻن هنڌن تي شايع ڪرائڻ جي صورت ۾ ادارو ليکڪ تي پابندي مڙهڻ جو اختيار رکي ٿو.
  9. مقالا جرنل جي اِي ميل sindhiboli@sindhila.edu.pk تي موڪليا وڃن.

لکپڙهه لاءِ پتو:
شوڪت چاچڙ
(سب ايڊيٽر) تحقيقي جرنل
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،لڳ سنڌ ميوزم
حيدرآباد، سنڌ.
sindhiboli@sindhila.edu.pk