ڊاڪٽر غلام علي الانا جي گرامر نويسيءَ جو جائزو
(A Review of Dr Ghulam Ali Allana’s Contributions to Grammar Writings)

ڊاڪٽر شازيہ پتافي

Abstract

Dr. Ghulam Ali Allana is a prominent scholar in the field of linguistics who has contributed significantly to various aspects of language studies, adapting to modern needs. His book, “Teach Yourself Sindhi,” is specifically designed to educate Urdu-speaking individuals about Sindhi grammar and language. This book is not only beneficial for those aspiring to learn Sindhi but also serves as a resource material for the comparative study of Sindhi and Urdu. Additionally, Dr. Allana's work titled “Descriptive Grammar of Sindhi Language” has introduced new trends and methodologies in the context of Sindhi linguistics, especially grammar. In this work, he provides a comprehensive and engaging understanding of the subject, making it easier for students to grasp and learn Sindhi grammar. This research paper aims to highlight Dr. Ghulam Ali Allana’s scholarly and educational contributions to the field of Sindhi linguistics, particularly in creating a platform for the easy understanding and learning of languages, grammar, and related aspects.

Keywords: Dr Ghulam Ali Allana, Linguistics, Grammar Writings, Sindhi Grammar

ڊاڪٽر غلام علي الانا جو شمار لسانيات جي انهن ماهرن ۾ ٿئي ٿو، جن جديد دؤر جي گهرجن مطابق هن علم جي مختلف پھلوئن ته لکيو آهي. هن ’سنڌي صورتخطي‘،
’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘، ’سنڌ جي لساني جاگرافي‘، ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘،
’سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا‘، ’سنڌ معلم‘ ۽ ’سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر‘ جھڙا ڪتاب لکي، سنڌي ٻوليءَ ۾ لسانيات جي ذخيري ۾ قابل قدر اضافو ڪيو آهي.

هونئن ته انهن سڀني ڪتابن ۾ سنڌي گرامر جي مختلف پھلوئن تي بحث ملي ٿو، پر هن مقالي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي گرامر نويسيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ صرف ٻن ڪتابن جي چونڊ ڪئي هئي آهي. اهي آهن – ’سنڌي معلم‘ ۽ ’سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر‘. سنڌي معلم (Teach Yourself Sindhi) اردو ڳالهائيندڙ کي سنڌيءَ جي وياڪرڻ جي بنياد تي ڄاڻ ڏيڻ جي مقصد سان لکيو ويو آهي، جيڪو جنھن کي ڊاڪٽر صاحب ٽن حصن ۾ تقسيم ڪيو آهي. پھرئين حصي ۾ سنڌي ۽ اردوءَ جي مختلف الف – ب (Alphabet) ۾ هڪجھڙايون ۽ فرق ڏيکاريا ويا آهن، ڳالهائڻ جا لفظ به ان حصي ۾ اچي وڃن ٿا. ڊاڪٽر صاحب نه صرف سنڌي گرامر جي قاعدن ۽ قانونن تي لکيو آهي، پر سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪھڙيون صفتي، صرفي ۽ نحوي هڪجھڙايون ۽ ڪھڙا فرق آهن، انهن کي به واضح ڪيو آهي. انڪري هيءُ ڪتاب نه صرف سنڌي سکندڙن لاءِ ڪارائتو آهي، پر سنڌي ۽ اردوءَ جي تقابلي مطالعي ۾ به مددگار ٿي سگهي ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ جي ڪتابن ۾ ڪھڙي کوٽ آهي، اهي ڪتاب جيڪي انگريزي، عربي يا سنسڪرت ٻولين جي گرامر وارن نمونن تي لکيا ويا، سي سنڌي ٻوليءَ جي مزاج تي ڪيئن پورا نٿا لهن، ان لاءِ اسان کي هڪ اهڙي گرامر جي ضرورت هئي، جيڪو اهو نظريو ذهن ۾ رکي، لکيو ويو هجي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود خوبيون ان جون پنھنجون اصلوڪيون خوبيون آهن. ڪنھن کان اڌاريون ورتل نه آهن. جنھن سوچ ۽ نظريي جي سنڌي ٻوليءَ کي ضرورت هئي، ان کي سامهون رکي، ڊاڪٽر الانا صاحب سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر لکيو، جيڪا ڳالهه سندس هنن لفظن مان ظاهر ٿئي ٿي:

”سنڌي ٻوليءَ جو وياڪرڻي سٽاءُ نه عربي ٻوليءَ جي وياڪرڻي سان واسطو ٿو رکي ۽ نه ئي وري سنسڪرت جي وياڪرڻي سٽاءَ سان، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻولي هڪ خودمختيار ٻولي آهي، جنھن جو خمير سنڌو واديءَ جي سرزمين سان واسطو ٿو رکي ۽ سنڌي ٻولي سنسڪرت کان آڳاٽي سنڌو تھذيب جي ٻولي آهي.“ (1)

”سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر“ ڪتاب جي ضرورت ۽ اهميت بابت ٻڌائيندي ڊاڪٽر فھميده حسين ناشر طرفان نوٽ ۾ لکي ٿي:

”ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته سنڌي ٻوليءَ جي پنھنجي بنيادي ساخت جا قاعدا ۽ اصلوڪيون خوبيون اجاگر ڪندڙ ڪو تشريحي گرامر هجي ۽ اسان کي خوشي آهي ته اهو اهم فرض سنڌي ٻوليءَ جي عالم ۽ لسانيات جي ماهر محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا پورو ڪيو.“ (2)

هن ڪتاب جا ٽي ڀاڱا آهن. پھرئين ڀاڱي ۾ ڳالهائڻ جا لفظ ۽ انهن جو اڀياس، ٻئي ڀاڱي ۾ علم صَرف جو اڀياس ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ علم نَحو جو اڀياس ڏنل آهي. جھڙي طريقي سان هر هڪ ڳالهه تفصيل سان، مثال ڏيئي سمجهائي ويئي آهي، اها يقينن سنڌي گرامر نويسيءَ جي بھترين روايت ۽ قابل تعريف ڳالهه آهي. هتي صرف انهن نڪتن جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي اختلافي آهن. هتي گرامر نويسن انهن جي الڳ الڳ تشريح ڪئي آهي. ٻيو انهن نڪتن جو ذڪر آهي، جيڪي هن ڪتاب ۾ پھريون دفعو تفصيل سان لکيا ويا آهن. اڳين گرامر نويسن انهن تي لکيو ئي نه هيو، يا وري تمام مختصر لکيو هو. جيئن صفت جو موصوف سان گردان ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ ٻه خاصيتون آهن. ڪجهه ٻولين ۾ صفت ڦيرو کائيندي آهي ته ڪجهه ۾ نه – سنڌي ٻوليءَ ۾ اهي ٻيئي خاصيتون موجود آهن. ڦيرو نه کائڻ کي ڪجهه عالمن قديم سنسڪرت جي خاصيت ٻڌايو آهي.

ڊاڪٽر غلام علي الانا پنھنجي تشريحي گرامر ۾ ان ڳالهه جي تشريح ڪئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق ڪجهه اصول آهن پڇاڙين جا – جيئن اسان کي واحد جمع يا مذڪر مؤنث جي خبر اسم يا ضمير جي پڇاڙيءَ مان پوندي آهي، ساڳيءَ طرح صفت موصوف سان ڦيرو کائيندي يا نه، ان لاءِ اصول هي آهي ته:

عام طرح فقط اهي صفتون پنھنجي موصوفن سان گڏجي گردان ڪنديون آهن، جن جي آخر ۾ ’اَو‘، ’اُو‘ يا ’اون‘ اعرابون هونديون آهن، جيئن ننڍو، وڏو، ڊگهو، اَڇو، ڪارو وغيره.” (3)

اَ، اِ، اي، اُ اعراب واريون صفتون ڦيرون نه ٿيون کائين، جيئن جام، گهٽ، ڇٽ، وڌ، سنڌي، لاڙي، سرس، گاڏڙ وغيره. ساڳئي وقت عربي ۽ فارسيءَ مان ورتل صفتون ڦيرو نه ٿيون کائين، جيئن خوش، خوبصورت وغيره.

عدد قطاري ۽ عدد شماري جو ذڪر ته گرامر جي ڪتابن ۾ ملندو آهي. عدد مبھم ۽ عدد تقسيمي جو ذڪر ڪاڪي ڀيرومل ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا وٽ ملي ٿو. عدد مبھم جي وضاحت ڪندي ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو:

”سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سڀ‘، ’مڙيوئي‘، ’سرس‘ ۽ ’سمورو‘اهڙا لفظ آهن، جيڪي چٽيءَ طرح عدد يا انگ جو انداز نٿا ڄاڻائين، انهيءَ ڪري انهن کي عدد مبھم چئبو آهي. اهي غير مقرر انگ آهن ۽ مبھم يا مڪمل طرح ڪم اچن ٿا.“ (4)

ڀيرومل صاحب ’وڏو سنڌي وياڪرڻ‘ ۾ ’عدد‘ ۽ ان جي قسمن تي تفصيل سان لکيو آهي. عدد تقسيمي ڇا آهي، ان کي سمجهائيندي لکيو اٿس:

”هر هڪ ڇوڪرو- چار چار ڇوڪرا- پنج پنج ڇوڪريون. اِهي انگ صفت آهن ۽ انهن کي عدد تقسيمي چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي تقسيم يا ورڇ جي معنيٰ ڏيکارين ٿا. ‘ايڪڙ ٻيڪڙ’ به عدد تقسيمي آهن.“ (5)

ڊاڪٽر الانا هر هڪ ڳالهه ڏاڍي دلچسپ طريقي سان سمجهائي آهي، جنھن ڪري هيءُ ڪتاب شاگردن کي گرامر سمجهڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو. مثال طور ظرف کي سمجهائيندي لکي ٿو:

”اهو ياد رکڻ گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ جي جملن ۾ ظرف هميشه فعل کان اڳ پنھنجي جاءِ وٺندو آهي ۽ فعل جي باري ۾ وضاحت ڪندو آهي.

انهيءَ ڪري چئبو ته ظرف اهو لفظ آهي، جيڪو ڏيکاري ٿو ته ڪم ڪٿي، ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيو؟“ (6)

لفظن جي ڌاتو يا بنيادي (Root) جي باري ۾ به سنڌي گرامر جي ڪتابن ۾ ڪيترائي مونجهارا ملن ٿا. عربي ۽ فارسي ٻولين جا لفظ مصدر مان ٺھن ٿا. مصدر جي معنيٰ ئي آهي صادر ٿيڻ يا ڦٽڻ، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن مصدر اَمر سان ‘ڻ’ ملائڻ سان ٺھي ٿو ته پوءِ اهو ڌاتو يا بنياد هرگز نه آهي. اڪثر عالمن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته:

”امر واحد جي پڇاڙيءَ واري اعراب ڪڍڻ سان، فعل جو ڌاتو يا بنياد ملي ٿو.“ (7)

جنھن مان وري اها غلط فهمي پيدا ٿئي ٿي ته شايد ڌاتو صرف فعلن جا ئي ٿيندا آهن، ان جي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر الانا صاحب لکي ٿو:

”هن سلسلي ۾ غور طلب هڪ اهم نُڪتو هيءُ آهي ته سنڌي وياڪرڻين، شايد ائين سمجهيو آهي ته ’مصدر‘ يا ڌاتو يا مول يا Root فقط فعلن جا ئي ٿيندا آهن، پر حقيقت هيءَ آهي ته ’ڌاتو‘ فعل جا به ٿيندا آهن ته وري ڪي اسم به ڌاتو بنجي ’ڪرانتن‘ يا مشقن جي ساخت ۾ ڪم ايندا آهن. . . جيئن ڪن اسمن مان صفتون ٺھنديون آهن ته وري ڪن صفتن مان اسم به ٺھندا آهن. . . اهو ئي سبب آهي جو لساينات جي ماهرن جو رايو آهي ته، ”هر اها صورت جنھن مان ٻيون صورتون صاف ٿين يا ڦُٽي نڪرن، تنھن کي ڌاتو، بنيادي، مول يا Root چئبو. مثال طور: اٺ صورت اسم آهي، اوٺي صورت ان مان نڪتل آهي. ڏاهو لفظ صفت آهي، ڏاهپ ان مان صادر ٿيل صورت آهي.“ (8)

ڊاڪٽر الانا صاحب، سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود اظهار جي انوکن نمونن ۾ جيڪا خوبصورتي آهي، ان جو ذڪر به ڪيو آهي. جيئن سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءَ مطابق ‘نه’ ظرف آهي ۽ ‘ناڪار’ جي معنيٰ ڏيکاري ٿو. مثال طور:

  • اهو ڪم نه ڪر.
  • زين کي سائيڪل نه ڏي. وغيره

پر جڏهن ان ’نه‘ جي جاءِ بدلائي ڳالهائڻ مھل جهيلار ۾ تبديلي آڻجي ٿي ته ان جي معنيٰ ’ضروري ها‘ واري ٿي وڃي ٿي. مٿين جملن کي وري پڙهو.

  • اهو ڪم ڪر نه – مطلب ضرور ڪر.
  • زين کي سائيڪل ڏي نه – مطلب ضرور ڏي.

ڊاڪٽر الانا صاحب اهو نقطو سمجهائيندي وضاحت ڪري ٿو:

اهڙي حالت ۾، عام جهيلار ۾ تبديلي آڻڻ سان ۽ لفظن جي بيھڪ/ ترتيب ۾ ڦيرڦار ڪرڻ سان ۽ ’نه‘ ظرف تي زور ڏيڻ سان ’نه‘ ظرف جو ڪارج ناڪاري مان بدلجي زور ڏيندڙ هاڪاري ٿيو پوي.“ (9)

هن ڪتاب ۾ سنڌي گرامر کي سمجهڻ/ لکڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڳالهيون ملن ٿيون، جيڪي رهنمائي ڪن ٿيون.

سنڌيءَ جي هڪ ڪرانت Participle  کي اسان ماضي معطوفي سڏيندا آهيون، جيڪو ٻن جملن کي ڳنڍي ٿو ۽ ڏيکاري ٿو ته فاعل هڪ ڪم پورو ڪري ٻيو شروع ڪيو آهي. ان کي ڊاڪٽر الانا صاحب اسم معطوفي سڏي ٿو ۽ ان لاءِ دليل ڏيندي لکي ٿو:

”مون هن ڪرانت جو نالو ’ماضي معطوفي‘ جي بدران ’اسم معطوفي‘ ڪم آندو آهي. ان جو خاص سبب هيءُ آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻين ٻين سڀني ڪرانتن يعني Participles کي اسم سڏيو آهي، پر فقط هن ڪرانت کي ماضي نالو ڏنو اٿن. هڪجھڙائيءَ جي خيال کان مون هن ڪرانت کي اسم معطوفي نالو ڏنو آهي. منھنجي ان راءِ تي کُليءَ دل سان سوچي سگهجي ٿو. (10)

علم صَرف يا صرفيات واري باب ۾ ڊاڪٽر صاحب آزاد صورتن ۽ پَروس صورتن جي سمجهاڻي ڏني آهي. پَروس صورتن جي پنھنجي سِر يا اڪيلي ڪا معنيٰ نه هوندي آهي، انڪري لغتن ۾ شامل ٿين يا نه ٿين – ٿين ته ڪيئن ٿين جي باري ۾ ڊاڪٽر صاحب ٻڌائي ٿو:

”هت هي نقطو به غور طلب آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي لغتن ۾ ’اَ‘ جي معنيٰ ’نه‘
ڏني ويئي آهي، پر جيئن مٿي چيو ويو آهي ته ‘اَ’ صورت جي پنھنجي سِر ڪا به معنيٰ ڪانهي جيستائين اُن کي ڪنھن خودمختيار صورت جي اڳيان ملائبو نه آهي. مثال طور ’اَملهه‘ ۽ ’اَڄاڻ‘ وغيره لفظن ۾، جيڪڏهن لغت ۾ ’اَ‘ پروس صورت کي داخل ڪري ان جي معنيٰ ’نه‘ ڏني ويئي آهي ته پوءِ ٻين پروس صورتن جھڙوڪ: ’سُ‘، ’سَ‘، ’ڪُ‘،’دَ‘، ’اڻ‘، ’ايتو‘ ۽ ’ال‘ وغيره پروس صورتن کي ڪھڙي سبب جي ڪري اُنهيءَ ئي يا ٻين لغتن ۾ داخل نه ڪيو ويو آهي. دراصل ڪنھن به پروس صورت کي لغتن ۾ بنيادي صورت طور يعني ڌاتوءَ جي حيثيت ۾ داخل ڪرڻ نه گهرجي، البت جن جن لفظن سان اُهي پروس صورتون گڏ ڪم اچن ته اهڙن لفظن جي معنيٰ بيان ڪندي انهن جي وياڪرڻي حيثيت، يعني اڳياڙي ۽ پڇاڙيءَ واري حيثيت معنيٰ سميت ڏيڻ گهرجي ته جيئن ديسي توڙي پرديسي محقق، اُنهن جي وياڪرڻي ڪارج مان واقف ٿي سگهن.“ (11)

گرامر جي هن ضخيم ڪتاب ۾ ٻه نُڪتا اهڙا آهن، جيڪي مون کي سمجهه ۾ نه آيا آهن يا انهن بابت وڌيڪ سمجهاڻيءَ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. پھريون ”فعل متعدي دُهرو ٻِٽو بالواسطه“ آهي. ان جا مثال ڏنل آهن، لکارارا، مارا رارا – اهڙيون بناوتون منھنجي مطالعي يا مشاهدي هيٺ نه آيون آهن. فاضل محقق جو احترام برقرار رکندي، ٻيو اختلاف ٻٽن لفظن يا تڪرار جي حوالي سان آهي. مثال ڏنل آهي.

  • سڀڪو پنھنجي گهر وڃي – عام گفتگو جو جملو آهي.
  • ان جي تڪرار واري عام صورت آهي: سڀڪو پنھنجي پنھنجي گهر وڃي.

ان جو هڪ نمونو ڊاڪٽر صاحب ان طرح لکيو آهي، جنھن سان اختلاف آهي:

  • ”سڀڪو سڀڪو پنھنجي پنھنجي گهر گهر وڃي.“

عام گفتگوءَ ۾ هڪ جملي ۾ سڀ لفظ دُهرائي نٿا سگهجن. ان سان معنيٰ ۾ مونجهارو پيدا ٿئي ٿو. البت شاعريءَ ۾ اهڙي گنجائش ٿي سگهي ٿي. جيئن امداد حسينيءَ جي شعر جو مثال ڏنل آهي:

وساريل وساريل، ڌڪاري ڌڪاريل

نماڻا نماڻا، نرالا نرالا(12)

 

حوالا

  1. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر“، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2010ع
  2. ساڳيو
  3. ساڳيو، ص 89
  4. آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند، ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1985ع، ص 88
  5. ساڳيو، ص 89
  6. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر“، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2010ع، ص 115
  7. ساڳيو، ص 122
  8. ساڳيو، ص 123
  9. ساڳيو، ص 274
  10. ساڳيو، ص 165
  11. ساڳيو، ص 239
  12. ساڳيو، ص 264
25 ڀيرا پڙهيو ويو