Image

ايڊيٽوريل


’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل جو هيءُ شمارو، ’عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس‘ جي موقعي تي پڌرو ڪندي بيحد خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون، جو هن موقعي تي ڏيھه توڙي پرڏيھه مان ٻولي ۽ لسانيات جا ماهر، عالم، اديب، صحافي ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ساڃھه وند گڏ ٿيا آهن. هي يقينن هڪڙو اهم موقعو آهي، جنھن دؤران اسان سڀ گڏ ٿي، انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ جي هن جديد ۽ ڊجيٽل دور  ۾، سنڌي ٻوليءَ کي، دنيا جي ترقي يافتا ٻولين جي قطار ۾ بيھارڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪريون، جيڪو اسان جو سماجي، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي.

هن موقعي تي اها ڄاڻ ڏيندي پڻ خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته گڏيل قومن ۽ يونيسڪو پاران، سال 2022ع کان 2032ع تائين دنيا ۾ اصلوڪين ٻولين ۽ انهن کي درپيش خطرن جي پيش نظر ڏهاڪو ملهايو پيو وڃي. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ڪوٺايل عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس ’سنڌو لکت، سنڌي ٻولي ۽ خطري هيٺ آيل اصلوڪيون ٻوليون‘ کي پڻ گڏيل قومن ۽ يونيسڪو پاران ملهائجندڙ ڏهاڪي جو حصو بنايو ويو آهي. اهڙيءَ طرح، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، عالمي ادارن ۽ تنظيمن سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ پھرين وِک کڻي چُڪو آهي.

سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، سنڌو لکت جي ڀاڃ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڊجيٽل زماني جي ٻولي بنائڻ جي سلسلي ۾ عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڊجيٽل دنيا ۾ للڪارن کي منھن ڏيڻ لاءِ ماهرن جي مدد ۽ سڀني لاڳاپيل ادارن سان سھڪار وسيلي نيون اڳڀرايون ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي مختلف تحقيقي رٿائون، جھڙوڪ: سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جي موضوع وار ببليوگرافي، گهڻ موضوعاتي لغتن جي اشاعت، ٻولي، ادب ۽ صحافت سان لاڳاپيل مختلف ميدانن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي فني ۽ علمي تربيت ڪرائڻ، سنڌو لکت ميوزيم جوڙائڻ، سنڌي ٻوليءَ جي مختلف پاسن تي آن لائين علمي مباحثا منعقد ڪرائڻ، سيمينار ۽ تربيتي ورڪشاپ ڪوٺائڻ، سنڌي ٻولي سکيا مرڪز قائم ڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت آن لائن ريسورس سينٽر، جھڙوڪ: لئنگئيج لائبرري جوڙڻ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي مُک ڪمن ۾ شامل آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران اها رٿا پڻ شروع ڪئي پئي وڃي ته ’سنڌو لکت ۽ سنڌي ٻوليءَ‘ بابت ايم. فل، پي. ايڇ. ڊي يا ڪو ٻيو علمي ڪم ڪندڙ نوجوانن لاءِ اسڪالر شپ/ فيلو شپ جاري ڪجي ته جيئن سنڌو لکت جي ڀاڃ جي ڏس ۾ نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ سميت انهن کي تحقيق جي ڪم ۾ مدد ۽ همت افزائي ڪري سگهجي.

هن شماري ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختلف موضوعن تي تحقيقي مقالن سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران منعقد ڪرايل سيمينار ’امداد حسينيءَ جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتون‘ ۾ پڙهيل تحقيقي مقالن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي.

سنڌي ٻوليءَ جو بچاءَ، ترقي ۽ ڦھلاءُ هڪ مستقل ۽ مسلسل ڪم آهي، جنھن کي ذهن ۾ رکي ’سنڌي ٻولي جاڳرتا‘ مھم پڻ هلائي پئي وڃي. اسان سمجهون ٿا، ته ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جو ڪم ڪنھن به اڪيلي اداري جي وس ۾ نه آهي. اهو هڪ گهڻ طرفو ۽ وسيع ڪم آهي، جنھن ۾ هر هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ، عالم، محقق، ٻوليءَ جي چاهيندڙ، مائرن ۽ استادن کي پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇو ته ٻوليءَ جو خلقيندڙ وارث ۽ مالڪ هر اُهو شخص آهي، جنھن جي ڪنن ۾ ماءُ ’لوليءَ‘ وسيلي پنھنجي ماءُ ٻوليءَ جو رسُ اوتيو هو.

ڊاڪٽر اسحاق سميجو

چيئرمئن/ايڊيٽر