تعارف

سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، هڪ خود مختيار اداري جي حيثيت سان سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقيءَ ۽ استعمال جي مقصدن تحت 1991ع کان ڪم ڪري پيو.
اداري پاران سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ تحقيق جي ڪتابن کان علاوه ڇھ ماهي تحقيقي جرنل ”سنڌي ٻولي“ پڻ جاري ڪيو وڃي ٿو. تحقيقي جرنل جي پھرين اشاعت 1994ع کان ٿي، انتظامي تبديلين سبب وقفي وقفي سان ان جي اشاعت جاري رهي. 2008ع هن وقت تائين باقاعدگيءَ سان هي جرنل ڇپجندو رهي ٿو.
2016 کان هن جرنل کي هائيرايجوڪيشن ڪميشن جي مقرر ڪيل معيار مطابق شايع ڪيو پيو وڃي، ته جئين سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليمي تحقيق (Academic Research) کي هٿي ملي سگهي. اپريل 2020 ۾ پھريان هن جرنل کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان Z ڪئٽيگري ۾ منظور ڪيو ويو. 2021 کان 'سنڌي ٻولي' جرنل کي Y ڪئٽيگري ۾ مڃتا حاصل آهي.
اداري جو موجوده چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجو هن جرنل جو ايڊيٽر آهي، جنھن هن جرنل کي وڌيڪ معياري بڻائڻ لاءِ واضح پاليسي مرتب ڪئي آهي. سب ايڊيٽر طور شوڪت چاچڙ هن شعبي جو ڪم سنڀالي ٿو.