ايازگل- جِدت ۽ جديديت جو شاعر
(Ayaz Gul: The Poet of Modernism and Literary Innovations )
ڊاڪٽر خادم مھر
Abstract
Ayaz Gul is a versatile Sindhi poet known for his rich romantic tradition and distinctive diction. His innovative style and creative genius set him apart as one of the most popular poets of his era. Readers and admirers deeply appreciate each line and word of his poetry, feeling a strong connection to his verses. As a romantic poet, Ayaz Gul not only celebrates love but also delves into pure human emotions. His verses give voice to lovers, and people of all ages often turn to his poetry to express their true feelings of love. However, the scope of his work extends beyond themes of love and beauty; his poetic canvas also encompasses nature, nationalism, patriotism, humanism, and social realism. Owing to these creative qualities, Ayaz Gul enjoys a wide readership across all age groups in Sindh. Furthermore, translations of his selected verses into Urdu and English have earned him global recognition. While Sindhi poetry possesses a rich tradition, Ayaz Gul has imprinted his name among the greatest poets of the Sindhi language through his unique style and literary innovations. He is so popular among his contemporaries that people from various backgrounds and ages frequently sing, recite, quote, and utilize his poetry in different contexts. This research paper aims to explore the themes of modernism and the poetic innovations employed by Ayaz Gul in his poetry works.
Keywords: Ayaz Gul, Sindhi poetry, modernism, literary innovations,
جديد سنڌي شاعريءَ ۾ اياز گل جو شمار سنڌ جي اهم شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جنھن جي شاعريءَ ۾ روماويت سان گڏ سماجي ۽ مزاحمتي پھلو به شامل آهن، موضوعاتي لحاظ کان سندس شاعري فطرت جي حُسن ۽ ڌرتيءَ سان محبت جي هڳاءَ تائين پنھنجو وسيع ڪئنواس رکي ٿي.
اياز گل، غزل سان گڏ، ٻين جن به صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي، هو صنف جي روح مطابق کين تخليق ڪيو آهي. عملي زندگيءَ ۾ هُو زندگيءَ جو وڏو عرصو سنڌي ادب پڙهائيندو رهيو آهي. کيس ڪلاسيڪل شاعريءَ کان جديد شاعريءَ تائين گھرو مطالعو رهيو آهي. ان ڪري ئي هن جنھن به صنف ۾ شاعري ڪئي آهي، ان ۾ پنھنجي انفراديت ۽ جِدت برقرار رکي آهي.
اياز گل جي شاعريءَ ۾ جدت:
هر سگهارو شاعر چاهيندو آهي، ته سندس شاعريءَ ۾ جدت ۽ نواڻ هجي. اها جدت خيالن ۽ تخليقي سوچن ۾ به ٿي سگهي ٿي، ته گهاڙيٽن ۾ به.
لغت جي حوالي سان جدت لفظ جي معنى آهي:
”جدت: مو. نواڻ، نوائي، هاڻوڪائي، نئين ڳالهه، تازگي، انوکائي“ (1)
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته نواڻ ۾ تازگي هوندي آهي، جنھن کي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ سان نئين احساس جي محسوسات ٿيندي آهي.
اياز گل جي شاعري جدت ۽ جديديت سان ڀرپور آهي. جدت، سندس شاعريءَ جي صنفن جي گهاڙيٽي ۾ به موجود آهي، جيئن سندس هي ٻِٽو غزل لکيل آهي، جنھن جو مثال هن طرح آهي:
سوچون ساريون هارايل سردارن جيان
خواب پيا ها پيرن ۾ تلوارن جيان
چپ اوهان جا پنھنجا لفظ پراوا هن
يارو! آهيو ڊرامي جي ڪردارن جيان
رستا هونئن ته اُڻٽيھين جي انڌيارن جيان
توڏي ايندي چانڊوڪيءَ جي چارن جيان (2)
ٻٽا غزل:
ٻٽي غزل کان سواءِ، اياز گل مُنو غزل به لکيو آهي، جنھن جو مثال هن طرح آهي:
نينھن نيڻن ۾ ۽ تنھنجا چارا هجن،
سڀ لِڦون پير جون ڄڻ ستارا هجن.
نيڻ وِچ سير ۾، ٻوڙ ٻوڙان ۽ چَپ
ڄڻ ڪنارا هجن.(3)
سَوايون:
اياز گل سَوايُون به لکيون آهن. هي اُهي شعر آهن، جيڪي مڪمل غزل يا مڪمل نظم وغيره جو روپ وٺي نه سگهيا ۽ اُهي ٻن يا چئن سٽن جي شعر واري روپ ۾ ئي رهيا، جن کي هن، ”سوايون“ جو نالو ڏنو. جيتوڻيڪ سندس گهاڙيٽي واري جدت عام ٿي نه سگهي آهي، پر تنھن هوندي به هن، انهن سان سٺو نڀايو آهي. سندس سواين جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
ڪو نئون خواب ٿي لڳي مون کي
زندگي ٿي وري ٺڳي مون کي
--
ڪي نوان ئي عذاب آڻيندي
ننڊ ايندي ته خواب آڻيندي
وقت، دردن جو قافلو هڪڙو
آس، سُکَ جا سَراب آڻيندي.(4)
اياز گل جا غزل:
ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ايازگل جي شاعريءَ جو مجموعي تاثر ڏيندي کيس اول ۽ آخر غزل جو شاعر سڏي ٿو. سندس راءِ آهي، ته:
”هن ٻيون صنفون به برابر لکيون آهن، پر هُو اول ۽ آخر غزل جو ئي شاعر آهي ۽ پنھنجي همعصرن ۾ هن جھڙو باڪمال ۽ نرالو شاعر مون کي ٻيو ڪوئي نٿو سجهي.“ (5)
اياز گل جي شعري مجموعي ”ميلي جي تنھائي“ جو مھاڳ، نصير مرزا لکيو آهي. هن مھاڳ ۾ هُو، ايازگل جي غزل متعلق لکي ٿو، ته،
”ايازگل جهڙي زندهه ۽ متحرڪ شاعر کي جديد کان جديد تر ٿيندڙ دنيا سان گڏ تيز رفتاريءَ سان پنھنجي غزل جي اسلوب ۾ به هر وقت سجاڳ رهڻو هو ۽ جي نه رهي ها ته سندس غزل سڀا ويڪ هڪ ئي هنڌ بيھي رهي ها ۽ جنھن کي هن هڪ هنڌ بيھڻ نه ڏنو.“ (6)
ايازگل جي شعري مجموعي ”دُک جي نه پڄاڻي آ“ جو مھاڳ، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو لکيل آهي، جيڪو هڪ طويل ۽ تفصيلي مھاڳ آهي. هن مھاڳ ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کيس ڪلاسيڪي شاعريءَ سان گڏ ثقافتي قدرن جو ڄاڻو به سڏيو آهي. هُو لکي ٿو، ته:
”ايازگل کي ڪلاسيڪي شاعريءَ توڙي سنڌي ثقافتي قدرن جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي، پر انهن ڪلاسيڪي اهڃاڻن کي هُو جديد انداز ۾ پيش ٿو ڪري“ (7)
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته مجموعي طور تي، ايازگل، جيڪا وڌيڪ شعري صنف لکي آهي، اهو غزل ئي آهي ۽ هن، غزل کي جديد دنيا سان هم آهنگ ڪري پيش ڪيو آهي. هن جي لکڻ جي ڏانوَ ئي سندس غزل کي منفرد احساسن وارو بھائي ڇڏيو آهي. هن جي غزل کي جتي به پڙهجي ٿو. اتي غزل خود ڏسُ ڏئي ٿو، ته هي ايازگل جو غزل آهي.
ايازگل، سماجي تبديليءَ جو خواهشمند آهي هر باشعور انسان سماج ۾ نواڻ جو قائل هوندي، تبديلي چاهيندو آهي. تعليم، سماجي شعور پيدا ڪندي آهي. ڏاها ۽ شاعر پنھنجي فڪر ذريعي سماج جو نئون ۽ اڳتي وڌيل روپ پسند ڪندا آهن انهيءَ تبديليءَ کي ڏسي خوش ٿيندا آهن، پر جڏهن فڪري ڪوششن جي باوجود به ڪا تبديلي ڪا سماجي اڳڀرائي نظر نه ايندي آهي، ته مسئلن ۽ مونجهارن جو ذڪر ڪندي کين ڪنھن پڇتاءَ ۽ ارمان جو احساس ٿيندو آهي. بلڪل اهڙي طرح سان ئي ايازگل پنھنجي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل شاعر، سچل سرمست کي مخاطب ٿي ڪري خدشن جو اظھار هن طرح سان ڪري ٿو:
ساڳيون روز مرڻ جون خبرون، ڪارنهن، بدلا، ويڙهه بُکون!
نئين صديءَ ۾ ايئن جِي وياسي، ڪھڙا يار ڪمال سچل!(8)
ايازگل، حاضر دور جو اهم رومانوي شاعر آهي، جيڪو سماجي تبديليءَ ۾ يقين رکي ٿو. هي صديءَ کي پنھنجي سماج مان، ڪارو ڪاري مختلف ذاتين ۽ قبيلن جا هڪ ٻئي کان بدلا وٺڻ ۽ جهيڙن ڪرڻ سان گڏ معاشي بدحالي ۽ بک جھڙي مصيبت کان بچائڻ لاءِ جتن ڪندڙ شاعر آهي. سندس خواهش ۽ تمنا آهي ته، نئين ايڪيھين صديءَ ۾ پنھنجو سماج هنن پراڻن مرضن ۽ مصيبتن کان آجو هجڻ گهرجي، پر جيڪڏهن ڪوششن جي باوجود به ڪا نئين تبديلي نٿي اچي ته پوءِ هي سماج اڳتي نه وڌيو.
ايازگل، ماضيءَ جي شاندار هجڻ واري رومانس ۾ رهڻ جو قائل نه آهي. هو اهو نه ٿو چاهي ته سنڌ جي شاندار ماضيءَ کي ئي ڳائيندو رهجي ۽ ايئن ئي هٿ هٿ تي رکي زندگي گذاري ڇڏجي. هي پنھنجي دور ۾ وڌيڪ جدوجھد ڪرڻ جو قائل آهي. هي، پنھنجي ماڻهن کي وڌيڪ ترقي ڪندڙ ۽ وڌيڪ مھذب ڏسڻ چاهي ٿو. سنڌ جو ماضي، واقعي مُھذب ۽ شاندار هو، پر ان دور جي ڳُڻن کي ڳائيندي، هن نئين دور ۾ ڪجهه نه ڪرڻ واري روش جو ايازگل قائل نه آهي، ڇو ته هي نئين دور جي تقاضا کي ذهن ۾ رکندي، سماج کي اڳتي وٺي هلڻ جي تمنا ڪندي، ان جي ترقي چاهي ٿو.
ڇا ته ماضي هو صديون اڳ سنڌ جو!
ڇا صديون رهبو، انهيءَ ارمان ۾ !؟(9)
هر ماڻهوءَ جو وجود بنا مقصد جي تخليق ٿيل نه آهي. هر ماڻهو پنھنجي حصي جو ڪردار نڀائڻ لاءِ تخليق ڪيو ويو آهي. زندگيءَ جي مقصد کي سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي سوچ جو هجڻ لازمي آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو، پنھنجي زندهه هجڻ جو احساس محسوس نٿو ڪرائي ته ان جي زندگي جھڙوڪ بيڪار گذري رهي آهي. ايازگل اهڙي زندگي گهاريندڙ کي گلن جي گلدان ۾ هڪ سڪل گل سان ڀيٽ ڪري ٿو.
زندگي مقصد بنا آهي ائين!
گل سڪل ڄڻ ڪو هجي گلدان ۾ (10)
ايازگل، نئين سوچ، نئين ترقي ۽ نين ايجادن جو قائل آهي. هي نواڻ چاهي ٿو. هن جو مقصد جدت ۾ جيئڻ آهي. هي نواڻ لاءِ سوچي ٿو. هي پاڻيءَ مٿان هلڻ جي خواهش رکي ٿو.
نئون نئون ڪجهه نئون ڪرڻ تي دل چاهي
پاڻيءَ تي ٿي پير ڌرڻ تي دل چاهي(11)
مٿين شعر ۾ ايازگل، هڪ نئين سوچ ۽ تمنا جو اظھار ڪيو آهي. شايد ڪو وقت اهڙو به اچي جو اسان جي هن شاعر جي اها سوچ عملي جامو پھري.
ايازگل جي شاعريءَ ۽ سوچن ۾ تحرڪ آهي. هي هٿ هٿ تي رکي ويھي رهڻ وارن کي نِندي ٿو. کيس وقت وڃائيندڙ، پسند نه آهن. هي انفرادي جدوجھد جو گُهرجائو آهي. هن کي ٻين جي ڪمن تي رڳي واهه واهه ! ڪرڻ وارا وقت کي برباد ڪندڙ لڳن ٿا هي، کين سٺو نٿو ڀانئين سندس خواهش آهي ته هر ماڻهو ڪارائتو ڪردار ادا ڪري ۽ پنھنجي حصي جو ڪم ڪري، رڳو ٻين جي ڪمن جي تعريف ڪري وقت برباد نه ڪري پر پنھنجي حصي جو ڪم ڪري ڏيکاري. اهڙين سوچن جو اظھار، هن پنھنجي غزل جي هن بند ۾ ڪيو آهي.
ڇا ائين ئي گذرندي تنھنجي عمر؟
پيو ٻين جي ڳالهه تي واهه وا ! ڪندين! (12)
اياز گل، وقت جو قدر ڪندڙ شاعر آهي. تعريف سڀني کي وڻندي آهي، پر اسان جو هي شاعر، صرف ٻين جي ڪمن تي واهه واهه ڪندڙن کي به وقت ضايع ڪندڙ سمجهي ٿو. هي، کين احساس ڏياري رهيو آهي، ته اوهين به ڪجهه ڪري سگهوٿا ۽ ڪجهه ڪري ڏيکاريو.
رڳو وسيلن، موقعن ۽ شين جو هجڻ ئي ڪافي نه آهي. ايازگل، ڏات کي اهم سمجهي ٿو. هندستان جي وڏي ڪلاڪار ۽ شرناءِ وڄائڻ جي ماهر فنڪار جي حوالي سان احساس ڏياريندي، اسان جو هي شاعر، ڏات کي اهميت ڏيندي محسوس ڪرائي، سمجهائڻ چاهي ٿو، ته شرناءِ جو هجڻ ڪافي نه آهي، اصل ڳالهه آهي، بسم الله خان جي ڏات جو هجڻ، بسم الله خان جي ڏات ئي شرناءِ جي وڄت کي جلا بخشي آهي. ان متعلق سندس شعر آهي ته:
بسم الله جي ڏات به گُهرجي
رڳو نٿي شرناءِ کپي (13)
شرناءِ کي، صدين کان مڱڻھار ۽ فنڪار وڄائيندا پيا اچن، پر وڄائڻ جي حوالي سان جيڪا جدت، بسم الله خان پيدا ڪئي، اها ڪنھن ٻئي جي حصي ۾ نه اچي سگهي. هن، ان ساز ذريعي شهرت جي بلندي کي ڇهيو، هن شرناءِ کي جنھن جدت سان وڄايو، اها سندس سڃاڻپ بڻجي وئي. ڪي ساز به فنڪارن سان سڃاتا وڃن ٿا. ايازگل، بسم الله خان جي شرناءِ وڄائڻ واري جدت کان متاثر ٿي، سندس ڏات جي تعريف مٿين شعر ۾ ڪئي آهي.
پيار، ميارون، پنھنجي ڌرتيءَ سان محبت، ماڻهن جا مزاج، يارن جون شڪايتون، سماجي حقيقت نگاري ۽ فطرت نگاريءَ سميت، ايازگل جي شاعريءَ جا انيڪ موضوع آهن. سندس، سھک، چين پنھنجي محبوب سان جڙيل آهي. وائيءَ جي هڪ بند ۾ هن طرح اظھاري ٿو:
تون هجين ته پوءِ پيارا!
باک ۽ بھارن تي
سوچڻو ئي ڪھڙو آ؟(14)
ايازگل جو پنھنجو الڳ اسلوب آهي. هن جي شعرن ۾ تنوير عباسيءَ واري نرمي ۽ ميٺاج آهي. وَٽس پيار جي احساسن کي شعرن ۾ محسوس ڪرائڻ جو ڏانءُ آهي. ”هن جو شعري لھجو نرم ۽ ٿڌو آهي ۽ هن وٽ خيال جي جدت کان وڌيڪ احساسن جي شدت آهي.“ (15)
ايازگل، اهو شاعر آهي، جيڪو پيار جي سمورن احساسن کي ڄاڻي ٿو. پاڻ، پيار مان ئي ته پچي ۽ رچي ريٽو ٿي پيار جو شاعر بڻيو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ لفط ”پرين“ سڀ کان پھريان شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو. ان لفظ کي وري خوبصورتيءَ سان، پنھنجي شاعريءَ ۾ تمام گهڻو استعمال، ايازگل ڪيو آهي. هن، لفظ ”پرينءَ“ کي رديف جي طور تي به استعمال ڪيو آهي، ته غزل جي بند ۾، وچ ۾ به استعمال ڪيو آهي. ائين کڻي چئجي ته ايازگل، پنھنجي شاعريءَ ۾ محبوب لاءِ جيڪڏهن ڪو لفظ وڌ ۾ وڌ استعمال ڪيو آهي، ته اهو ”پرين“ آهي.
هيءُ سڄو سنسار جيئرو آ پرين!
جيسيتائين پيار جيئرو آ پرين!(16)
تون ته تلوار هُئين ڪا تِکي او پرين !
وقت جي مياڻ ۾ يار ڦاسي وئين ! (17)
او پرين! زندگي جو هر هڪ پل،
تنھنجي شاديءَ جو ڪارڊ آهي ڄڻ! (18)
نواڻ ۽ جدت وارو شعر يا شاعري اها آهي، جيڪا پڙهندي، پڙهندڙ کي بيھاري ڇڏي ۽ سوچ ۾ پئجي وڃي. نواڻ، تضادن جو ٽوڙ آهي. نواڻ هڪ اهڙي لاٽ آهي، جيڪا ڪو هيڙي ۽ پراڻن ڄارن کي ٽوڙي نِڪري ۽ اُجري روشني محسوس ڪرائي. جيڪو ماٺ ڪري سوچي ٿو، ان کي ئي نئين واٽ ملي ٿي ۽ اها جستجو، ايازگل جي شاعريءَ ۾ ملي ٿي.
ڪھڙيءَ ماٺ مَنجهان؟
ڪھڙي واٽ وڃان؟
۽ مان سوچيندو رهيس!(19)
صدين جي بدلجڻ سان به جيڪڏهن سوچ نٿي بدلجي، ساڳيون حالتون ۽ ساڳيا ڪم رهن ٿا، ته پوءِ اها قوم زوال ڏانهن پئي وڌندي وڃي. معاشرو، زماني جي تبديليءَ کي ڏسڻ جي سگهه وڃائي ويھندو، جستجو ختم ٿيندي ته، اڳين راهه ڪيئن نظر ايندي! اسان جي وقت ۾ نه صرف صدي تبديل ٿي، پر ان سان گڏوگڏ هزاري سال به بدليو، پر ڇا اسان جا رويا، اسان جي ترقي، اسان جو سماج، اسان جو مزاج، اسان جي ڏاهپ، اسان جي سوچ ۽ اسان جي معيشت ۾ تبديلي آئي؟! جيڪڏهن جواب ”نه“ ۾ آهي، ته پوءِ اسان جو وقت ته بيڪار گذري ويو! معاشري ۾ تبديلي تڏهن نه ايندي آهي، جڏهن هر ماڻهو لاتعلق بڻبو آهي يا خود غرضي دماغن ۾ گهر ڪري ويھي رهندي آهي. ”منھنجو ڇا؟“ هڪ خطرناڪ جملو ۽ رويو آهي. اهو جملو ۽ رويو، سماجي ترقي ۽ تبديليءَ لاءِ وڏي رڪاوٽ آهي.
شاعريءَ ۾ جدت جا اهڃاڻ:
1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ايازگل شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ، ان وقت کان 2024ع تائين دنيا ۾ ڇا نه بدليو آهي؟! جن شين بابت تصور ئي نه هو، اهي شيون ۽ ايجادون ظاهر ٿيون. ان وچ ۾ ڪيترائي دور بدليا آهن. ڪو دور تار اماڻڻ جو هو، خط لکي موڪلڻ جو هو، خط ۽ تار جو ڏينهن جا ڏينهن انتظار رهندو هو، جڏهن پھچي! ايازگل، 1970ع وري دور کان هن وقت تائين جي انٽرنيٽ واري دور تائين جي سڀني علامتن ۽ سڀني ايجادن ۽ دورن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آهي. ٻوليءَ جي سگهاري شاعر لاءِ اهو ضروري هوندو آهي، ته هو پنھنجي دور جي ٻوليءَ کي شاعريءَ ۾ استعمال ڪندو آهي، جنھن مان اهو به پتو لڳائي سگهبو آهي، ته اها ڪھڙي دور جي شاعري آهي. هر دور جو شاعر، پنھنجي دور جي ٻوليءَ سان گڏوگڏ نون محاورن، علامتن ۽ تشبيھن جو به استعمال ڪندو آهي.دنيا ۾ نت نيون ايجادون ۽ مواصلاتي ذريعا ايجاد ٿيندا رهن ٿا. ٻوليءَ ۾ نون لفطن جو اضافو ٿيندو رهي ٿو، جن کي به شاعر استعمال ڪندو رهندو آهي. ايازگل به پنھنجي دور جي ٻولي، تشبيھون، استعارا ۽ علامتون استعمال ڪيون آهن. ويھين ۽ ايڪيھين صديءَ ۾، سنڌي ٻولي جنھن نموني سان ڳالهائي وڃي ٿي، اها ئي هن جي شاعريءَ ۾ پڙهي سگهجي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ انيڪ احساساتي خوبصورتيون آهن. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ انٽرنيٽ جا جيڪي جديد لفظ استعمال ڪيا آهن، اهي ڪجهه هن طرح آهن:
اِي ميل جو ذڪر:
خط کڻي آيا سندءِ، هٿڙن جي سرهاڻ،
چئه کڻي سا هاڻ، اي-ميل مان ڪيئن اچي؟ (20)
ٻوليءَ جي سگهاري شاعر لاءِ اهو به ضروري هوندو آهي، ته هو پنھنجي دور جي ٻوليءَ کي شاعريءَ ۾ استعمال ڪندو آهي، جنھن مان اهو به پتو لڳائي سگهبو آهي، ته اها ڪھڙي دور جي شاعري آهي. ڇو ته، هر دور جو شاعر، پنھنجي دور جي ٻوليءَ سان گڏو گڏ نون محاورن، علامتن ۽ تشبيھن جو به استعمال ڪندو آهي. دنيا ۾ نت نيون ايجادون ۽ مواصلاتي ذريعا ايجاد ٿيندا رهن ٿا. ٻوليءَ ۾ نون لفظن جو اضافو ٿيندو رهي ٿو، جن کي به شاعر استعمال ڪندو رهندو آهي.
جديد انٽرنيٽ جتي سھولتون مھيا ڪيون آهن، اُتي احساساتي دوريون به پيدا ڪيون آهن. جنھن جو اظھار ايازگل مٿين بيت ۾ ڪيو آهي. محبوب ماڻهوءَ جي خط لکڻ ۽ ان جي لکيل اکرن مان جيڪو دل ۾ احساس اڀرندو آهي، اُهو اِي- ميل مان ته محسوس نٿو ٿي سگهي.
موبائيل جي سِم مٽڻ جي حوالي سان، ايازگل جو هي بيت به اثرائتو اظھار آهي، جنھن ۾ محبوب ماڻهو، سم مٽي آجو ٿي ويھڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ٿو ۽ اهڙي عمل واري محبوب لاءِ هي بيت محبت جي ڳانڍاپي کي ان طرح ڇِنڻ لاءِ ضرور ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو.
ڪيرُ سگهي ٿو ڪنھن جون، يادون ايئن لُٽي؟
ڪيئن ڇڏيئه هڪ سَٽَ ۾، جيون ڏورِ ڪٽي
توڇو سِمَ مَٽي، سمجهو سڀ ختم ٿيو!(21)
ايازگل، نفيس احساسن وارو جديد رومانوي شاعر آهي، جنھن جو تخليقي لهجو الڳ پنھنجو ۽ نرالو آهي. گُوگل جو ذڪر به هن پنھنجي هڪ بيت ۾ ڪيو آهي. انٽرنيٽ جي دنيا جا ماڻهو ڄاڻن ٿا، ته گُوگل انٽرنيٽ جي اها سائيٽ آهي، جتان هر شيءِ سرچ ڪرڻ سان سامهون اچي ويندي آهي.
گُوگل تي ڳوليو پئي، مون تنھنجو نالو
ڪين مليو پر پوءِ ڀي، ڪوئي حوالو
ڀاڳن تي تالو، ايئن به لڳندو آ پرين! (22)
ايازگل جي شاعريءَ ۾ جديديت وارن لاڙن ۾، هڪ صوفي رنگ به آهي. هونئن ته سنڌي ادب ۾ هن جي سڃاڻپ هڪ رومانوي شاعر طور مڃي وئي آهي ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ئي نه آهي، ته هي محبت جي نفيس احساسن جو شاعر آهي، پر سندس شاعريءَ ۾ ٻيا به انيڪ موضوع آهن. سندس شاعريءَ جو هڪ رنگ صوفياڻو به آهي. هيءَ ڌرتي ئي صوفياڻي مزاج واري آهي ۽ هن ڌرتيءَ جو هر فرد صوفياڻو سڀاءُ رکندڙ، انسان دوست فرد آهي. ايازگل شعوري طورتي ۽ پنھنجي صوفياڻي مزاج کي به پنھنجي شاعريءَ ۾ ظاهر ڪيو آهي. هي، ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي صوفي شاعرن جي شاعريءَ کي پڙهندو ۽ پڙهائيندو رهيو آهي. سندس دل ۾ شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ بيدل سائينءَ جي شاعري سمايل آهي. انهن صوفي مفڪر شاعرن جو پانڌيئڙو آهي، انهن جي فڪر کي ڦهلائڻ لاءِ سندس عملي ڪوششون رهيون آهن.
ايازگل، پنھنجي شايع ٿيل شعري مجموعي ”ميلي جي تنھائي“ ۾ صوفياڻي مزاج وارا نظم، وايون، ۽ غزل تخليق ڪيا آهن، جن جو تعداد (9) آهي. سندس صوفياڻي ڪلام ۾ نبي پاڪ صه، سچل سائين ۽ بيدل سائين کي ڀيٽاطور ۽ سندن فڪر سان لاڳو خوبصورت خيالن کي پيش ڪيو آهي. نبي پاڪ صه جي حوالي سان سندس هڪ شعر آهي، جنھن ۾ نبي پاڪ صه جي نالي اچارڻ کي به تلاوت سمجهي ٿو.
هڪڙو نالو جو محبت جي علامت آهي
هڪڙو نالو جو اُچارڻ ئي تلاوت آهي.(23)
سچل سائين جي حوالي سان سندس وائيءَ ۾ هيءُ احساس آهن
ڏينهن هجي يا رات
جيت ٿئي يا مات
سچ، سچل، سنڌ زنده باد
هن مٽيءَ کان آهه مٿانهين
ڏات نه پنھنجي ذات
سچ، سچل، سنڌ زنده باد. (24)
بيدل فقير جي حوالي سان، ايازگل جي وائيءَ جو هيءُ رنگ آهي.
رنگي ڪيئن بيرنگي!
دل وارو ڪيئن بيدل آهي؟
ڪپڙاڪين ڍڪن ماڻهوءَ کي
ننگَ ڍڪي ٿو ننگي
دل وارو ڪيئن بيدل آهي؟ (25)
ايازگل پنھنجي شاعريءَ، شخصيت، آواز، فوٽوگرافي ۽ هٿ اکرن تائين جديد، جدت پسند ۽ خوبصورتين جي علامت آهي. هن جا هٿ اکر، اهڙا خوبصورت آهن، جو ڪوئي ڪمپيوٽنگ ماهر، سندس اکرن کي ايازگل فونٽ جو نالو به ڏئي سگهي ٿو.
حوالا:
- جڙيا سنگهاڻي. سترامداس. سوڀا سنگهه. ”سائل“. پروفيسر. سائل ڪوش (هڪ جلدي لغت). ڪويتا پبليڪيشن. حيدرآباد. سنڌ. 2009ع. ص 179
- گل. اياز. دک جي نه پڄاڻي آ. روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. 2004ع. ص 95.
- ساڳيو، ص 96.
- ساڳيو، ص 448.
- سميجو. اسحاق. شاعريءَ سان دشمني. نئون جنم پبليڪيش. حيدرآباد. 2005ع. ص 111
- گل. اياز. ميلي جي تنھائي. پوپٽ پبلشنگ هائوس. خيرپور. 2012ع. ص 25.
- حوالو نمبر 2. ص 25
- حوالو نمبر 6. ص 247
- ساڳيو، ص 52.
- ساڳيو، ص 52.
- ساڳيو، ص 78.
- ساڳيو، ص 106.
- ساڳيو، ص 111.
- ساڳيو، ص 166
- حوالو نمبر5. ص 112
- حوالو نمبر 2. ص 68
- ساڳيو، ص 80.
- ساڳيو، ص 165
- حوالو نمبر 6. ص 168
- ساڳيو، ص 257
- ساڳيو، ص 257
- ساڳيو، ص 257
- ساڳيو، ص 239
- ساڳيو، ص 252
- ساڳيو، ص 240