امر جليل جي ڪهاڻين ۾ سنڌي سماج جي عڪاسي
(The Reflection of sindhi Society in the stories of Amar Jaleel)

ڊاڪٽر عائشه سريوال

Abstract

Amar Jaleel is one of the leading fiction writer of Sindhi language with modern trends. The topics of his stories are taken from an existing society of his era and subjected the miseries of common as middle class people what they received from political, reigeous and fudal norms being practicised since long.

Amar Jaleel highly conscious toward easy communication seens with beautiful craft of conversation in dialogues.

His way of expression is simple and very effective though this, He covnvey his deep thoughts easily to readers. His command upon subject and words he used is marvelous. In this piece of writing, we can imagine how amazingly he treat his topics and how beautifully he portrayed this society, we are living in.

Keywords: Amar Jaleel, Sindhi Society, Social issues, Sindhi fiction.

 

امر جليل جديد سنڌي افساني جو مھندار ليکڪ آهي. هن سنڌي ادب ۾ نون موضوعن تي منفرد اسلوب سان  افسانا لکيا آهن. ”سرد لاش جو سفر“ کان وٺي، ”سچل ان ٽربل“ ۽ ”منھنجو پٽ مھدي“ تائين، جليل جي افسانن تي سماجي حقيقت نگاريءَ جو لاڙو غالب آهي. هن مذهب، سياست، قوم پرستي، حڪومت، رياست ۽ ٻين مختلف اثرن هيٺ غريب ۽ وچولي طبقي سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ڦرلٽ کي پنھنجو مک ۽ بنيادي موضُوع بڻايو آهي. امر جليل جو افسانو سياسي شعور ۽ فڪر توڙي ادراڪ تي مبني آهي. هن وٽ ادب سکڻي جذبات نگاري نه آهي، بلڪ جذبو فڪر سان ڀرپور ملندو ۽ ڳالهه ٻولهه جي هلڪي نوع ۾، ابلاغ جوڳي ٻوليءَ توڙي بيحد سادي سٽاءَ سان نھايت گھريون ۽ ڳُوڙهيون ڳالهيون ڪرڻ جليل جي افساني جي خصوصيت آهي.

امر جليل ان وقت لکڻ شروع ڪيو، جڏهن سنڌ سياسي، سماجي، معاشي ۽ انتظامي سنگهرن ۾ ڦاٿل هئي. ورهاڱي بعد سنڌ جون سياسي حالتون مسلسل خراب رهيون. ملڪ تي مارشل لا، ون يونٽ ۽ حقيقي سياسي قيادتن کي ڦاهين ڏيڻ، اصلوڪن ماڻهن جي حق تلفين جو رواج عام هو، جنھن صورتحال احساس محرومين کي جنم ڏنو، ۽ جليل انهن کي ڪھاڻين جي شڪل ۾ ظاهر ڪيو. امر جليل سياسي، سماجي ۽ اقتصادي موضوعن تي مشتمل ڀرپور ڪھاڻيون لکيون آهن. سنڌ، سنڌي ماڻهو، مذهبي تنگ نظري، هيٺئين ۽ وچولي طبقي سان ٿيندڙ مختلف شڪلين جو ڏاڍ ۽ حڪمرانن جون انسان دشمن پاليسيون امر جليل جي ڪھاڻين جا پلاٽ ۽ موضوع جوڙين ٿيون. ڏسجي ته هو فن کان وڌيڪ فڪر کي ترجيح ٿو ڏئي .مٿان هن جي ڪھاڻي ايتري ته سادي سلوڻي آهي، جو عام ۽ خاص جو پسنديده ليکڪ رهندو آيو آهي.  امر جا موضوع، علامتون، ٻولي، اسلوب سنڌ جي ماحول سان گھري نموني ڳنڍيل آهن. عام ڪردارن ۽ عام ٻوليءَ جو استعمال ٿيل آهي. امر جليل وٽ ترقي پسند فڪر سان گڏ رومانوي فڪر پڻ جهجهو ملي ٿو. امر جليل جا موضوع زندگي ۽ سماج مان ئي جڙن ٿا. امر ڪيتريون ئي ڪھاڻيون تلخ حقيقتن تي مبني به لکيون آهن. پر انهن ۾ لھجي جي مٺاڻ ۽ پيش ڪرڻ جو انداز ايترو ته دلچسپ ۽ رومانوي آهي،  جو پڙهندڙ ان ۾ مڪمل طور مَحُو وڃي ٿو.

شمس الدين عرساڻي جي لکڻ موجب:

”امر جليل جون ڪھاڻيون تلخ حقيقتن تي مبني هوندي به پنھنجي مزاج ۾ رومانوي آهن. اهو ئي هن جي ڪھاڻين جي فني حسن جو راز آهي. امر جليل جي فن ۾ حقيقت ۽ رومان جو سھڻو امتزاج آهي. هو ٻنهي کي قالب ۾ جڙي ڇڏي ٿو. اهڙي طرح جو حقيقت ۾ رومان جو جلوو پسائي ٿو ۽ رومانويت ۾ حقيقت جو عڪس ترندو نظر اچي ٿو.“(1)

امر جليل سماجي اَلمِيَن کي رومانوي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. سندس ڪھاڻين ۾ واقعا دکدائڪ هوندا آهن، پر سندس دلچسپ بيان جي انداز ۾ ان کي پڙهندي کل به ايندي آهي. ايئن الميي کي ٽھڪ جو روپ ڏيڻ امر جليل جو خاص هنرآهي. هو سماج تي ڀرپور ۽ گھري طنز ڪري سگهندو آهي. سندس ڪھاڻيون نوڪري پيشه ماڻهن جي مسئلن، بيروزگاري، بي جوڙ شادين، بک، نفرتن، ڌوڪن، مصيبتن، مذهب جي بنياد تي انسانن سان نفرت، رياست جي خطرناڪ سياسي پاليسين، سياسي ڪارڪنن سان حڪومتي ورتاءَ وغيره جهڙن موضوعن ۽ مسئلن جي اپٽار ڪن ٿيون.

جليل جي افساني ۾ فني ۽ فڪري پختگي موجود آهي. هن جو انداز ٻين کان منفرد، سگهارو ۽ مقبول آهي. امر جي ڪھاڻين ۾ استعمال ٿيندڙ ڊائيلاگ زبان زد عام ٿي ويندا آهن. هو سادي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ ڪردارن کان اهڙيءَ ريت گفتگو ڪرائي ٿو، جو اها پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ کي ڇهڻ لڳي ٿي. ان ڪري سڀ کان وڌيڪ مقبول ۽ پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. امر جليل  فرد توڙي سماج سان نظام ظلمن کي وائکو ڪيو آهي ۽ سماج جي درد ۽ تڪليف کي هڪ مقصد تحت کنيو آهي.

امر جليل خود چوي ٿو ته:

”منھنجو ادب درد ۽ تڪليف مان جنم وٺندو آهي. مان جيسيتائين ڪنهن ظلم لاءِ بي انتھا نفرت ۽ روح ۾ بيچيني محسوس نه ڪندو آهيان، تيسيتائين لکي نه سگهندو آهيان.“ (2)

امر جليل آسپاس جي مسئلن کي جلد ئي محسوس ڪري وٺي ٿو.  سندس ڪھاڻين جا ڪيترائي مجموعا ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. سندن ڪھاڻين ۾: دل جي دنيا، ڌرتي ڌوڙ، آسمان جا تارا، مھدي منھنجو پٽ، عشق ۽ انٽرويو، هن ڄار ۾، سرد لاش جو سفر، ڪپيل ٻانهن جو وارث، هڪ خطرناڪ سنڌ پرست جي ڳولا، ڇتي ڪتي جو موت، اروڙ جو مست، چرٻٽ ۽ نرس، سوجهرو سياڻن ۾ هڪ ڀوڪ، جڏهن مان نه هوندس. منھنجو ڏس آسمان کان پڇو وغيره مقبول ڪھاڻيون آهن.

شڪست (ڪھاڻي):

سندس ڪھاڻي ”شڪست“ ون يونٽ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي، جنھن ۾ هڪ انقلابي ڪردار ڏيکاريل آهي، جيڪو طاقتور ڌرين خلاف آواز اٿاري ٿو، هلندڙ رياستي ۽ سماجي ڏاڍاين خلاف بغاوت ڪري ٿو، پر ساڳئي وقت هو ڪنھن جي عشق ۾ مبتلا پڻ رهي ٿو ۽ پنھنجي آس پاس ٿيندر ظلمن خلاف ويڙهه ڪري ٿو. هيءَ ڪھاڻي ون يونٽ جي دور جي سنڌي سماج جي چٽي تصوير آهي ۽ سنڌي ماڻهن جي نفسيات کي پڻ ظاهر ڪري ٿي. امر جليل جي ڪھاڻي ”سوجهرو“ ۾ مفلس ماڻهن جي زندگيءَ جو احوال ملي ٿو. بک ۽ مفلسي ختم ڪرڻ لاءِ ماڻهو ڪھڙا رستا اختيار ڪندا آهن، انهن کي هن بيحد گھرائيءَ سان پيش ڪيو آهي. هڪ غريب ماڻهوءَ وٽ کائڻ لاءِ ته ڪجهه نه آهي، پر غريب ٻار جي علاج لاءِ به هن جا هٿ خالي آهن. محنت ۽ مزدوريءَ جي عظيم رويي کي به ڏيکاريو ويو آهي، ته مفلسي ماڻهن کي ڪھڙين بي حيائين تي لاهي اچي ٿي، ان جو به پرتوو ملي ٿو. هيءَ ڪھاڻي سماجي حقيقت نگاري تي ٻڌل ڪھاڻي آهي . ان ۾ پيٽ جو گذر يا علاج لاءِ محنت ۽ مزدوري جي  رستن جا به دڳ ڏيکاريل آهن ۽ ماڻهوءَ کي مجبور ڏسي، ڪي ڪردار ان جو ڪيئن فائدو حاصل ڪن ٿا، اهو به ٻڌايل آهي:

”تو کي پئسن جي ضرورت آهي نه.

ها فقط ويھن روپين جي.

هن ٽھڪ ڏنو. بيوقوف تو وٽ به ٻه ڪڪڙيون آهن. جيڪي سونا آنا ڏيئي سگهن ٿيون.

مون گهور ڪري سندس چُنجهين اکين ڏي نھاريو.

چاهين ته مان چوٿين پتيءَ تي ٻنهي جو بندوبست ڪريان.

تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟

ٻڌي سگهندين؟

مان جنيد لاءِ سڀ ڪجهه ٻڌندس.

سڀ ڪجهه.

ته ٻڌ، بنڊل دادا چيلهه تي هٿ رکندي چيو ڪمو ۽ زيبو هڪ رات لاءِ.....“(3)    

هيءَ ڪھاڻي پيڙا ۽ تڪليف جي بھترين ترجماني ڪري ٿي. امر جليل هن ۾ عزت ۽ عزت نفس کي اڀاري ٿو. هو پورهيت طبقي جي قدرن، وڏائي ۽ غيرت کي سگهه بخشي ٿو.

عشق ۽ انٽرويو:

امر جليل جي هيءَ ڪھاڻي بيروزگاري نوجوانن جي زندگين جي ڪھاڻي ٻڌائي ٿي، جيڪي نوڪريءَ جي تلاش ۾  ڪيترائي انٽرويو ڏيڻ لاءِ آفيسن جا ڌڪا کائين ٿا ۽ نوڪري انهن کي دوکو ڏيندي ڀڄندي رهي ٿي. هن ڪھاڻيءَ وسيلي هيٺئين طبقي جي نوجوانن جي زندگيءَ جا ڪيترائي رخ نروار ٿين ٿا. هڪ پوڙهي زميندار جي نوجوان ڇوڪريءَ سان شادي. سفارش تي نوڪري، انٽرويو وٺڻ وارن جون زيادتيون، سفارش سميت عام عشق ۽ بيروزگاريءَ جھڙا معاملا ڪھاڻيءَ جو تاڃي پيٽو ٺاهين ٿا. سماج تي هلڪي طنز  وسيلي، ان جي گهڻ طرفن مسئلن ۽ حقيقي سماجي حالتن تان پردو کنيو ويو آهي. ڪھاڻيءَ ۾ هيءُ جملو، چرچي جي انداز ۾ لکيل آهي، پر بيحد بامعنيٰ آهي:

”خودڪشي ڪرڻ ۾ جلد بازي فقط عاشق ۽ بيروزگار ڪندا آهن.“ (4)

هيءَ هن جي ابتدائي ڪھاڻين مان آهي، ۽ امر جليل جي ڪھاڻيءَ جي منفرد اسلوب جي ڪھاڻي آهي.

هن ڄار ۾:

امر جليل جي ڪھاڻي ”هن ڄار ۾“ سنڌي سماج جي مڪار ڪردارن جي عڪاسي ڪري ٿي. سنڌي وڏيرن جي ڪردار ۽ اندر جي غلاظتن کي بيحد فنائتي نموني پيش ڪيو ويو آهي. ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آهي ته موهن جي دڙي تي تحقيق لاءِ ٻاهران هڪ انگريز عورت آيل آهي، جيڪا پڙهيل لکيل، سڌريل سنڌ جو تصور کڻي آئي هئي. هن جي نظر ۾ اڄ به سنڌ موهن جي دڙي واري تھذيب يافته سنڌ هئي، جنھن ۾ قدر، اخلاقيات، آرٽ ۽ عورت جي عزت هئي . پر امر جليل ڪھاڻيءَ وسيلي ٻڌائي ٿو ته اها سنڌ بدلجي چڪي آهي. اڄ جي سنڌ ڪئين رهزنن جي ور چڙهيل هئي. جتي ٻاهران آيل عورت جي مھمان نوازيءَ بجاءِ ان جي عزت ۾ اکيون وجهڻ جھڙي بدعت جنم وٺي چڪي هئي. هو پاڻ سان گڏ اسلام جي ڄاڻ ۽ اعليٰ تاريخي ورثي جي واقفيت کڻي پھتي هئي، پر سنڌي وڏيرا هن کي پنھنجي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائي جنسي حوس جو نشانو بڻائين ٿا. هن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ طرف سنڌين جي مھمان نوازي ۽ تھذيبي هاڪ جو قصو آهي، ته ٻئي پاسي ان جي زوال جي دردناڪ ڪھاڻي آهي. اختتام ۾ انگريزياڻيءَ جا نشا لھن ٿا، ته هوءَ پڙهيل ۽ ٻڌل ڳالهين کي سڀ ڪجهه ڪوڙ سمجهي، گاريون ڏيڻ ٿي لڳي. 

”رن ڏانھن وڌندي چيم ته ٻڌائينس ڇو نه ٿو علي، ته هي سنڌ موهن جو دڙو ناهي.“

عليءَ وراڻيو ته پنھنجن پروفيسرن ۽ ڪتابن کي ٿي گاريون ڏي.“ (5)

اهي گاريون اهڙي وڏيري کي دراصل امر جليل ڏئي رهيو آهي، جنھن وٽ پنھنجي تاريخ ۽ تھذيب جو شعور نه آهي ۽ هو پنھنجيءَ جھالت سان پنھنجن وڏن جي ڇڏيل ورثي کي تباهه ڪري رهيو آهي.

سرد لاش جو سفر:

هن ڪھاڻيءَ ۾ امر جليل ورهاڱي جي ڏينهن جي علامتي منظرنگاري پيش ڪئي آهي. ورهاڱي وقت سکن مسلمانن سان ۽ مسلمانن سِکن سان ڇا ڪيو، ان تي بيشمار ڪھاڻيون ۽ ناول لکيل ملن ٿا، پر هندن ۽ مسلمانن سان پيش ايندڙ واقعن تي سنڌيءَ ۾ ان ڪري به گهڻو لکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هندو فقط سنڌ ۾ رهيل هئا. ورهاڱي سبب اٽڪل 10 لک هندو سنڌ جي شھرن مان هند لڏي ويا ۽ ايئن سنڌ جا شھر خالي ٿي ويا، جن ۾ ٻاهران آيل ماڻهو اچي آباد ٿيا. ورهاڱي وقت هندو مسلمان جي بنياد تي پيدا ڪيل نفرت ۽ ويڇن سنڌ اندر ڪھڙي صورتحال پيدا ڪئي ۽ صدين کان وٺي ڪنھن به نفرت ۽ دشمنيءَ کان سواءِ ڀائپي ۽ پنھنجائپ سان رهندڙ هندو مسلمانن جو ڪھڙو نقصان ٿيو، هن ڪھاڻيءَ جو موضُوع اهو آهي. پر جيئن ته مسلمانن پاران زيادتين جا واقعا وڌيڪ ٿيا، تنھن ڪري جليل ڪھاڻيءَ جو پلاٽ به ڪجهه اهڙو ئي چونڊي ٿو.

”سرد لاش جو سفر“ لڱ ڪانڊاريندڙ حقيقتن جو آئينو آهي. پڙهڻ سان ئي بدن مان سيسڙاٽ نڪرڻ ٿا لڳن.

هيءَ ڪھاڻي ڪنڌڪوٽ جي غريب هندن سان ٿيل نا انصافين جو ڪچو چٺو آهي. مذهب جي نالي تي انسانيت کي لٽيندڙ لٽيرن جي ڪھاڻي آهي.

هن ڪھاڻيءَ تي ڪيترائي الزام لڳايا ويا ته هيءَ فحش آهي، اگهاڙي آهي. مذهب جي خلاف آهي، پر حقيقت ۾ هيءَ ڪھاڻي مظلومن جي آهن ۽ دانهن جو داستان آهي. امر جليل هن ڪھاڻيءَ ۾ مذهبي اڳواڻن ملان هجن، يا پنڊت، سڀني جي چالاڪين کي اگهاڙو ڪيو ويو آهي. مذهب جي نالي تي ٿيندڙ جبر کي وائکو ڪيو ويو آهي. جنسي خواهشن کي اڀارڻ واري تحرير کي فحش چيو وڃي ٿو، پر هيءَ ڪھاڻي پڙهڻ سان مظلوميت جي تصوير آڏو اڀري بيهي ٿي. ظلم به ياد اچن ٿا، ڏک ۽ پيڙا جو به احساس ٿئي ٿو، پر ڪا به فحاشي ذهن ۾ نٿي اڀري. هيءَ هڪ تلخ ڪھاڻي ضرور آهي، فحش ۽ مذهب جي خلاف نه.

سلطان وقاصيءَ موجب ته:

”مان هن ڪھاڻيءَ کي فحش نه ٿي سمجهان. هن ڪھاڻيءَ مان ڪھاڻيڪار لاءِ نه پر معاشري، ماحول ۽ اهڙن انسانن لاءِ نفرت پيدا ٿئي ٿي، جيڪي جانور آهن ۽ پاڻ کي انسان ڪوٺائين ٿا.“(6)

هن ڪھاڻيءَ ۾  جليل مذهب جي نالي تي ٿيندڙ  ظلمن کي اگهاڙو ڪيو آهي. هيءَ ڪھاڻي اهڙي سچائي ۽ دل ڌوڏيندڙ واقعن تي ٻڌل آهي، جو پڙهندي ئي جسم ڪانڊارجڻ لڳي ٿو. ڪھاڻي پڙهو:

”روزانو وحشي مسلمان پنھنجي ئي مذهب جي مسلمان نياڻين جي لڄالٽ ڪندا آهن. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وچان پڇيو مان، انهن نياڻين جو بدلو ڪنھن کان وٺندا آهيو؟. مون کي لت وهائيندي چيائون، اهو مسلمانن جو پنھنجو معاملو آهي.“ مسلمان زميندار ۽ هندو سيٺيون گڏجي سڏجي هارين جي عورتن کي بي آبرو ڪندا آهن، اها ڳالهه ڍڪيل ناهي. الائي ڪٿان الائي ڪيئن فنا ٿيندڙ وجود ۾ ٻيهر سرڪشي ۽ بغاوت جي باهه ڀڙڪي پئي. چيم، طبقا فقط ٻه هوندا آهن مجاهدو، هڪڙو پيڙهيل، ٻيو پيڙهيندڙ. سمورن مذهبن جا پيروڪار انهن ٻن طبقن ۾ ورهايل آهن.“ (7)

جيتوڻيڪ ڪھاڻي هڪ وڏي انساني سانحي جي عڪاسي ڪري ٿي، جنھن ۾ مسلمانن جي ڦرمار، هندن جي گهرن تي قبضا نياڻين کي اغوا ڪري ڏاڍايون ڪرڻ، نوجوان ڇوڪرن سان ريپ جھڙا واقعا ملن ٿا، پر ان جي اندر امر جليل جڏهن اها ڳالهه کڻي ٿو اچي، ته ”طبقا فقط ٻه هوندا آهن مجاهدو، هڪڙو پيڙهيل، ٻيو پيڙهيندڙ. سمورن مذهبن جا پيروڪار انهن ٻن طبقن ۾ ورهايل آهن“، تڏهن هڪدم ذهن ڪارل مارڪس جي سوشلسٽ فڪر ڏانهن هليو وڃي ٿو، جيڪو ئي سماجي برابريءَ جو پڻ بنياد آهي.

آنند تولاڻي جي لکڻ موجب ته:

”ڪنڌڪوٽ جي ان واقعي کي اصلي روپ ۾ پيش ڪرڻ ۾ امر جليل حد ڪري ڇڏي آهي. سندس ان سچائيءَ تي ڪي ڪاوڙيا، ڪي مڇريا، پر سچائيءَ کي پردي پويان لڪائي ته ڪو نه سگهبو آهي.“

جيئن ڪھاڻيءَ ۾ آهي ته:

”دادا، هُو تو وارا ٽي سنگتي آهن نه ڪمالو، جانو ۽ دينو، سي آيا آهن. هٿن ۾ ڪھاڙيون ۽ خنجر اٿن. چيم، ”هو ٽيئي دوستيءَ جو حق نڀائڻ آيا آهن، پريتو!“

”نه دادا“ پريتم حيران ٿيندي چيو. ”ٻين وانگر هنن به لٽا لاهي ڇڏيا آهن. ميران ۽ ساوتري تي وڃي ڪريا آهن.“ (8)

لهندڙ سج وڌندڙ پاڇا:

هيءَ هڪ رهزن رئيس جي زيادتين ۽ ظلمن جي ڪھاڻي آهي. هن جي غير انساني سلوڪ کي وائکو ڪري ٿي. جڏهن اهو ظالم وڏيرو پنھنجي موت کي ويجهو ڏسي ٿو ته پنھنجا ڏوهه بخشائڻ لاءِ هڪ غريب جو حق ماري، حج لاءِ تيار ٿي بيھي ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ آهي ته:

”رئيس چيو، ڌنا! هن دفعي حج تي تون نه ويندين، تنھنجي بدران مان ويندس.

ڌني کي ڄڻ بڙڇي لڳي. پيرن هيٺان ڌرتي نڪري ويس. آزي ڪندي چيائين،

سائين پائي پائي ميڙي هن ڏينھن جي سڌ ڪئي هئم.

ايندڙ سال کڻي وڃجانءِ.

ايندڙ سال حياتي رهي نه رهي ۽ پوءِ بليٽ ۾ کڻي نالو نه به نڪري.

خير، هن سال حج تي تون نه ويندين، تنھنجي بدران مان ويندس.

اهڙو قھر نه ڪر سائين.

بڪ بڪ بند ڪر.

سائين مان ويندس. ڌنو روئي پيو. مان مسڪين آهيان، منھنجي هڪ تمنا پوري ٿيڻ ڏيو.ڌنو رئيس جي قدمن ۾ ڪري پيو. رئيس پنھنجو پير پري ڪندي چيو:

پري ٿي، نه ته لاهيان نه ڪياڙي واري لپاٽ.

لپاٽ هڻ پر حج تي وڃڻ ڏي. اڙي تون هٺ تان نه لھندين. رئيس ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو. هڻ هن ڪاغذ تي اڱوٺو.

سائين مان نه هڻندس

نه هڻندين! نه هڻندين؟

رئيس رڙ ڪندي چيو، اڙي وٺي اچو ڌني جي جوءِ کي ته سٿڻ ۾ ٻلي وجهانس.

ڌني کان دانھن نڪري وئي. زندگيءَ جي وساريل سڄي نفرت اکين ۾ تري آيس. جده جو شهر سندن سيني ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو. آڱوٺي کي مس لڳائي، ڪاغذ تي هنيائين.“ (9)

هيءَ ڪھاڻي وڏيرا شاهيءَ جي بدبودار صورت کي پڌرو ڪري ٿي. هڪ مسڪين ماڻهوءَ جي درد ڀري دانھن ٻڌي سگهجي ٿي. هن ڪھاڻيءَ ۾ رئيس جو چڪلي ۾ وڃڻ، طوائف تي پئسا لٽائڻ، غريب ماڻهن تي ظلم ڪرڻ، بي واجبي مارائي ڇڏڻ، هارين مزدورن ڪڙمين سان زيادتين ڪرڻ جهڙن مسئلن کي وائکو ڪيو ويو آهي. جڏهن اليڪشن جا ڏينهن اچن ته ساڳيا ئي وڏيرا نيڪ ماڻهو بڻجيو پون، اليڪشن بعد اهي ئي ماڻهو رهزن جو روپ ڌاريو وٺن. اهي سڀ حالتون امر هن ڪھاڻيءَ ۾  حسن، سليقي ۽ فنائتي نموني چٽيا آهن. طبقاتي تفريق ۽ ننڍوڏائي هن ڪھاڻيءَ جو موضوع آهي.

اروڙ جو مست: 

امر جليل جي ڪھاڻي ”اروڙ جو مست“ سنڌ ۾ پيري فقيري ۽ تعويذ ٽوڻي وسيلي هلندڙ ڪڌي ڪاروبار تان پردو کڻي ٿي. هن ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار هڪ مست جو ڏيکاريل آهي، جيڪو پنھنجي اصل ۾ مشھور ڌاڙيل رهيو آهي. ماڻهن جي اَٻوجهائي ۽ سادگيءَ جي سنگين صورتحال پيش ڪئي وئي آهي. هڪ ڌاڙيل، پِيرُ ٿي ڪوڙين ڪرامتن وسيلي نه رڳو ماڻهن کان پئسا پر انهن جون عزتون به لٽيندو رهي ٿو ۽ اها لٽ هن کي ڦٻندي رهي ٿي. هن ڪھاڻيءَ ۾ ماڻهن جو انڌو ويساهه ۽ عقيدو ڏيکاريو ويو آهي، جيڪي علم ۽ سائنسي سوچ کان ڪوهين ڏور بيٺا  آهن. ڪھاڻيءَ ۾ جليل علامتي انداز ۾ ٻڌايو آهي ته جعلي پيرن ۽ ڌاڙيلن ۾ ڪو به فرق نه آهي. هڪڙو ڏنڊي سان ۽ ٻيو ڪوڙين ڪرامتن سان لٽي ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ لکي ٿو:

”سنڌ ۾ ڪاني ڪرامتن جو پير ٿجي، يا رهزن ڌاڙيل، ٻئي ڌنڌا هڪجھڙا آهن. ٻنهي ۾ هڪ جيتري ڪمائي آهي.

”ڪفر ٿو بڪين ڀوڪ، مان پير آهيان . ياد رک“ کلندي چيائين،
”ڌاڙيل لاءِ قانون آهي، پر ڪاني ڪرامتن جي پيرن لاءِ ناهي .“ (10)

هيءَ ڪھاڻي پنھنجي موضُوع ۽ پيشڪش ۾ شاندار ۽ اثرائتي ڪھاڻي آهي، جنھن وسيلي ماڻهن جون اکيون کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

ڌرتيءَ جي ڌوڙ، آسمان جا تارا:

هن ڪھاڻيءَ ۾ سيد گهراڻن جي زندگين جا تاريڪ پھلو ظاهر ڪيا ويا آهن. پاڻ کي آل رسول ۽ خدا جو خاص ٻانهو سڏائيندڙ ڪٽنبن جا ڪي ماڻهو،  پنھنجي ڪردار ۾ ڪيترا ننڍڙا ۽ خسيس ٿين ٿا، امر جليل ان پھلوءَ جي تصويرڪشي ڪئي آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ سيد ۽ ڀيلياڻيءَ جي لاڳاپن ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار جي ڪھاڻي ملي ٿي. پيٽ ٿي وڃڻ کان پوءِ سيد زادو ڀيلياڻيءَ کي ڌمڪيون ڏيڻ تي لھي اچي ٿو، پر بالي ٻار کي جنم ڏيڻ ٿي گهري، سيد ڀيلياڻيءَ جي ان حرڪت سبب ڏاڍي پريشان ۽ ڪمزور ٿي وڃي ٿو . جيئن ڪھاڻيءَ ۾ آهي ته:

”جنھن ڏينھن عزت لٽي هئائين، تنھن ڏينھن خواب خيال ۾ به نه هئس،ته فقط ڪجهه مھينن کان پوءِ هو پنھنجي جان جنجال ۾ وجهي ڇڏيندي، ۽ جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيندس. ڳوٺ موٽيو ته سراج ٻڌايس ته شاهو بالي جي پيٽ ۾ تنھنجو ٻار آهي، مسلسل خيالن جا سلسلا شاهو جي دماغ کي وڪوڙي ويا. هڪ غريب، مسڪين ۽ مفلس ڀيلياڻي ان لاءِ مسئلو ٿي پئي. هڪ آزاد ۽ بي پرواهه شخص جي پيرن ۾ ڄڻ زنجير پئجي وئي.“ (11)

هي هيءَ ڪھاڻي سنڌ ۾ سيدزادن، پيرن ميرن ۽ جاگيردارن جي ٻارن جي حرڪتن جي معياري سطح تي اُکيڙ ڪري ٿي، جيڪي هونئن ته پاڻ کي مٿانهون سمجهي، هيٺئين طبقي جي ماڻهن کي هٿ ڏيڻ به پسند ناهن ڪندا، پر پنھنجيءَ بک خاطر ڪنهن به ذات پات جي پرواهه ناهن ڪندا ۽ هر عورت کي حوس جو نشانو بڻائيندا آهن. جڏهن ان حالت ۾ عورت ماءُ بڻجي وڃي، ته پوءِ کين پنھنجي عزت ۽ وڏائي ياد ايندي آهي. سيد هجڻ جو احساس جاڳندو آهي ۽ مختلف طريقن سان ان عورت تي ظلم ڪيا ويندا آهن. هيءَ ڪھاڻي طبقاتي فرق ۽ ذات پات جي ويڇن جي بدصورتي کي بيان ڪندڙ زبردست ڪھاڻي آهي.

سياڻن ۾ هڪ ڀوڪ:

امر جليل جي هيءَ ڪھاڻي هڪ علامتي ۽ اصلاحي ڪھاڻي آهي . هن ۾ هڪ اهڙو ڪردار ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو ڪجهه به نٿو ڪرڻ چاهي جنھن لاءِ سندس ڪٽنب کيس ٽوڪي ٿو ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي صلاح ڏيندو رهي ٿو، پر ان ڪردار کي آسائشن واري زندگي نه ٿي وڻي، هو پنھنجي ڀينرن ۽ ڀائرن وانگر نه ٿو رهڻ چاهي. هو هڪ  الڳ ٿلڳ هڪ ڪردار آهي، جنھن وٽ محبت آهي، سادگي آهي، پورهئي سان پيار آهي. آخر ۾ پيءُ کي چوي ٿو ته مون کي ٻني وٺي ڏيو، جيڪا مان پاڻ ڪاهيندم. پاڻ هَر هلائيندم . مزدوري به پاڻ ڪندم . جنھن تي سڀ گهر وارا کيس ڀوڪ ٿا سڏن. جليل ڪھاڻيءَ ۾ لکي ٿو:

”مون زمين لاءِ چيو هو پنج سئو ايڪڙن لاءِ نه. جواب ڏنم، مونکي پنج ايڪڙ زمين وٺي ڏيو، مان پاڻ هر هلائيدس، مان هاري ٿيندس.“ (12)

امر جليل هن سماج مان هڪ اهڙو ڪردار کڻي آيو آهي، جيڪو زندگيءَ کان مايوس به نه آهي، پر زندگيءَ جي وهڪري جو ماڻهو به نه آهي. هن کي پورهئي ۾ يقين آهي ۽ ظاهري ٺاٺ ۽ ڪوڙ جي زندگيءَ کان نفرت آهي. سماجي حقيقت نگارن وٽ هڪ اهم ۽ غالب رويو، اميد ۽ زندگيءَ سان پيار وارو آهي. هو زندگيءَ جا روشن پھلو ڳولي لھن ٿا ۽ ڏيکاءَ، نمائش ۽ حرام جي ڪمائيءَ تي پلجڻ کي گناهه سمجهن ٿا. هن ڪھاڻيءَ ۾ به اهوئي ڏيکاريل آهي.

رُڃ:

امر جليل جي ڪھاڻي ”رڃ“ ۾ ٽن استادن جا ڪردار ڏيکاريا ويا آهن، جيڪي مختلف شعبن جا استاد آهن. آچر جي رات واندڪائي محسوس ڪندي عياشي ۾ مصروف ڏيکاريا ويا آهن.  مختلف موضوعن تي بحث به ڪندا رهن ٿا، جن ۾ عورت ۽ مذهب سندن مرڪزي موضوع آهن. عورت جي پھرين ڪجهه تذليل ڪري، کيس ڪُڌن لفظن سان مخاطب ٿين ٿا، پر آخر ۾ ساڳي عورت کي زال جي روپ ۾  با حيا ۽ وفادار ڪردار طور ڏٺو وڃي ٿو، جيڪا چڱي ڳالهه آهي. البته ڪھاڻيءَ ۾ بظاهر پڙهيل لکيل ماڻهن جي عورت طرف روش کي چٽيو ويو آهي، جنھن سان سماجي سطح جي ڄاڻ ملي ٿي .

 امر جليل سماج جي هر مسئلي ۽ هر فرد کان مانوس ٿو لڳي. ايئن ٿو محسوس ٿئي ته پھرين هو پاڻ ڀوڳي ٿو، پوءِ ان کي پنھنجي ڪھاڻيءَ ۽ ڪردارن ۾ سمائي ٿو . هن جو ڪو به ڪردار اوپرو يا سنڌي سماج کان ڪٽيل نٿو لڳي. هن وٽ جيئن موضوعن جي گهڻائي آهي تيئن ڪردارن جي به کوٽ نه آهي، هر ڪھاڻي ۾ نئون موضوع ۽ نئون ڪردار ملندو. هن جي ڪردارن ۾ استاد، ڪلارڪ، نرسون، آفيسر، ڌاڙيل، سياسي ماڻهو، ليڊر، مزدور ۽ هاري عام جام ملن ٿا، جن جو سماج سان گهڻ طرفو لاڳاپو آهي .  جليل پنھنجين سياسي توڙي غير سياسي ڪھاڻين ۾ موجوده سماجي ڍانچي کان بيزار ۽ هڪ نئون ۽ بھتر سماج اڏڻ جو خواهشمند آهي، جنھن ۾ پيڙيل ۽ استحصال جو شڪار  ڪردار سک جو ساهه کڻي سگهن.

نتيجو

امر جليل جي افساني ۾ فني ۽ فڪري پختگي موجود آهي. هن جو انداز ٻين کان منفرد، سگهارو آهي. امر جي ڪھاڻين ۾ استعمال ٿيندڙ ڊائيلاگ زبان زد عام ٿي ويندا آهن. هو سادي ۽ عام فھم ٻوليءَ ۾ ڪردارن کان اهڙيءَ ريت گفتگو ڪرائي ٿو، جو اها پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ کي ڇھڻ لڳي ٿي. ان ڪري سڀ کان وڌيڪ مقبول ۽ پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. جليل جي افسانن تي سماجي حقيقت نگاريءَ جو لاڙو غالب آهي. هن مذهب، سياست، قوم پرستي، حڪومت، رياست ۽ ٻين مختلف نعرن تحت هيٺئين ۽ وچولي طبقي سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ڦرلٽ کي پنھنجو مک ۽ بنيادي موضُوع بڻايو آهي. امر جليل  فرد توڙي سماج سان نظام ظلمن کي وائکو ڪيو آهي ۽ سماج جي درد ۽ تڪليف کي هڪ مقصد تحت کنيو آهي. امر جي ڪھاڻين ۾ سماج جو هر عڪس آئيني جيان چٽو نظر اچي ٿو .هن جي ڪھاڻين ۾ سماج جي تلخ کان تلخ حقيقتن کي وائکو ڪيو آهي .امر جا موضوع، علامتون، ٻولي، اسلوب اسان جي ارگرد جي ماحول سان گھري نموني ڳنڍيل آهن. عام ڪردارن ۽ عام ٻوليءَ جو استعمال ٿيل آهي. امر جليل وٽ ترقي پسند فڪر سان گڏ رومانوي فڪر پڻ جهجهو ملي ٿوامر جليل جا موضوع زندگي ۽ سماج مان ئي جڙن ٿا . پر انداز بيان ايڏو ته خوبصورت آهي، جو عام موضوع به جليل وٽ پھچي، خاص ۽ امر بڻجي وڃن ٿا. امر ڪيتريون ئي ڪھاڻيون تلخ حقيقتن تي مبني به لکيون آهن. پر انهن ۾ لھجي جي مٺاڻ ۽ پيش ڪرڻ جو انداز ايترو ته دلچسپ ۽ رومانوي آهي،  جو پڙهندڙ ان ۾ مڪمل طور محُو ٿي وڃي ٿو.

 

حوالا

  1. عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر،1982ع : آزادي کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو
  2. جليل، امر .1998ع: دل جي دنيا،  نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد
  3. ايضا
  4. ايضا
  5. ايضا
  6. جليل، امر، 2010 ،سرد لاش جو سفر، ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي
  7. ايضا
  8. جليل امر،2010:هڪ ليکڪ جو تخليقي سفر مرتب (مختيار احمد ملاح)، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد
  9. جليل، امر، 2008ع: جڏهن مان نه هوندس، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو
  10. جليل امر، 1998ع: دل جي دنيا ، نيو فيلڊس پبليڪيشن، ڪراچي
  11. ايضا
  12. ايضا
32 ڀيرا پڙهيو ويو