Image

ايڊيٽوريل


’تحقيقي سوال‘ ۽ ’مفروضي‘ کان سواءِ ٿيندڙ تحقيق

تحقيق ۾  تحقيقي سوال، مفروضي يا ڳولا لاءِ طئي ڪيل مرڪزي نُڪتي جي بنيادي اهميت ٿيندي آهي. محقق ڪنھن به ادبي مضمون وانگر پنھنجيءَ تحرير کي ڪٿان کان به شروع ڪري، ڪٿي به ختم ڪري نٿو سگهي. تحقيق هڪ علمي ضابطو (Discipline) آهي، ان علمي ضابطي جا ڪي طئي ٿيل اصول ۽ بنيادي گهرجون آهن. ان ۾  سڀ کان پھرين ان خاص سوال جي اهميت آهي، جنھن جي ڳولا لاءِ محقق سوين ڪتاب، تحقيقي جرنل، ادبي ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا اٿلائي ٿو- ۽ هزارين تحريرن مان ڪي چند تحريرون الڳ ڪري، انهن کي پنھنجيءَ تحقيق لاءِ ابتدائي يا ثانوي ذريعي يا ماخذ طور ڪم آڻي ٿو. 
ادبي لکڻيءَ لاءِ به ليکڪ پڙهي ٿو، پر هو پڙهڻ دوران پنھنجيءَ پسند، ذوق ۽ ذهني رغبت جو محتاج هوندو آهي. هو ڪنھن مخصوص موضوع يا عنوان تي ئي پڙهڻ جو پابند نٿو ٿئي. ٻئي پاسي پڙهيل مواد جي ڇنڊڇاڻ، ڪم واري مواد جي نشاندهي ۽ ان کي الڳ الڳ عنوانن ۾ ورهائي رکڻ به هن لاءِ لازمي نه آهي، ڇو ته هن کي ڪنھن سوال جي جواب جي ڳولا يا ڪنھن مفروضي جي تصديق يا ترديد ڪرڻي نه هوندي آهي. البته مقالي لاءِ ڪنھن نه ڪنھن بنيادي علمي سوال يا نُڪتي جو هجڻ لازمي آهي. ڇو ته محقق جي پيڙهه ان ئي سوال يا نڪتي تي ٻڌجڻي آهي. ان بعد هن جو مطالعو، مواد جي ڳولا ۽ لاڳاپيل شعبي جي ماهرن جا انٽرويو پڻ ان جي ئي آڌار تي ٿيندا. موضوع جو تعين ۽ ان جي تصديق يا ترديد تي ٻڌل نتيجا به ان ئي بنياد تي نڪرندا. موجوده دور جي تحقيق جي سڀ کان وڏي خامي يا ڪمزوري تحقيقي سوال يا مفروضي جو غائب ٿيڻ آهي. محقق سوين صفحا لکن ٿا، حوالا ۽ حاشيا ڪم آڻن ٿا، مواد تي بحث به ڪن ٿا، پر اهو سمورو بحث ۽ مواد ڇڙوڇڙ، مرڪزي نُڪتي کان خالي ۽ ٽڙيل پکڙيل آهي. ڪيترن مقالن مان ته ائين محسوس ٿيندو، جھڙوڪ لکڻ واري وٽ ڪو سوال ئي نه آهي، جنھن جي هو ڳولا ڪرڻ نڪتو آهي. حوالن جا ڍير آهن، پر اهي حوالا ڪھڙيءَ ڳالهه يا نُڪتي جي ثابتيءَ لاءِ دليل طور پيش ڪيا پيا وڃن، ان کي سمجهڻ ڏکيو آهي. هڪ ئي مقالي ۾ لاتعداد مسئلا ۽ موضوع ڇيڙي، محقق پنھنجو اصل دڳ وڃائي ويھن ٿا. اهو مسئلو خاص طور نون لکندڙن ۾ عام آهي، جنھن جو خاص سبب تعليمي ادارن ۾ تحقيق سان لاڳاپيل تربيت جي کوٽ، ريسرچ اسڪالرن کي نگرانن پاران گهربل رهنمائي ۽ وقت نه ڏيڻ ۽ تحقيق جي شعبي ۾ غير پيشيور ۽ فقط نوڪريءَ ۽ ترقيءَ لاءِ داخل ٿيندڙ ماڻهن جو انبوهه آهي.
تحقيقي سوال جي چٽائي ۽ مفروضي بابت سمجهه ئي محقق ۽ اسڪالر کي ڀٽڪڻ، اڻ لاڳاپيل ڳالهيون لکڻ ۽ بي نتيجي بحثن کان بچائي سگهي ٿي. اڄوڪي زماني ۾ ڇپجندڙ اڪثريتي مقالن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو  مرڪزي نُڪتي جي اڻ چٽائي، هڪ ئي مقالي ۾ گهڻن موضوعن تي خيال آرائي، اختصار بجاءِ ڊيگهه تي زور، اڻ لاڳاپيل حوالا ۽ نتيجن جو نه هجڻ آهي. ان جو وڏو سبب مقالي نگار جو تحقيق جي علم کان اڻ واقف هجڻ ۽ تنقيدي شعور جي ڪمي آهي. هڪ محقق کي پنھنجي تحقيقي ڪم کي ايڊٽ ڪرڻ، ان ۾ مرڪزيت ۽ معنا پيدا ڪرڻ، ڳالهه کي تز بڻائڻ توڙي اضافي ۽ اڻ لاڳاپيل ڳالهين کي ڪڍي، ان کي اثرائتو ۽ نتيجه خيز بڻائڻ جو هنر اچڻ گهرجي. ان لاءِ ضروري آهي ته هو معياري تحقيق سان گڏ تحقيقي اصولن تي لکيل ڪتابن کي به گھرائيءَ سان پڙهي ۽ انهن تي عمل ڪري. 
تحقيقي مقالي لکڻ کان اڳ، هڪ محقق کي پنھنجو پاڻ کان اهو سوال لازمي طور پڇڻ گهرجي، ته نيٺ به هو ڇا جي باري ۾ لکڻ چاهي ٿو، ۽  جنھن موضُوع تي هو لکڻ چاهي ٿو، ان تي لکڻ جي ضرورت به آهي؟ جيڪڏهن ان موضُوع بابت تحقيقي مقالو لکجي ويو، ته ان سان ان موضُوع جو ڪو نئون پَرت يا پھلو سامهون اچڻ جو امڪان آهي؟  ڇا ان تحقيق سان ڪا نئين حقيقت سامهون اچڻ يا پراڻي حقيقت رد ٿيڻ جو ڪو امڪان آهي؟ ڇا ڄاڻايل موضوع تي لکڻ سان، ڪي اهڙا  نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا، جن جو علمي مُلهه هجي يا اهي سماج لاءِ ڪنھن به ڏس ۾ رهنمائيءَ جو سبب بڻجي سگهن؟ اهي ۽ اهڙا ڪيترا ئي سوال آهن، جن بابت سوچڻ بنا لکڻ تحقيق جي معيار کي متاثر ڪندو، ۽ لکيل مقالو لفظن ۽ جملن جو ڍير ته هوندو، پر ڪنھن به مرڪزي نُڪتي، نُڪتئه نظر ۽ نتيجن کان وانجهيل هوندو.


ڊاڪٽر اسحاق سميجو
چيئرمئن/ايڊيٽر