ڪجھه سنڌي لفظن جي بنيادي شڪل جو تاريخي ۽ صرفياتي جائزو
(The Origins of Certain Sindhi Words: A Morphological and Historical analysis )

پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ

Abstract

The Sindhi language has a history dating back to around 5000 BC. Modern Sindhi began to be promoted under British rule starting in 1843, which contributed to its current status in independent Pakistan after 1947. Linguistic research indicates that Sindhi possesses a distinct morphology and phonetic style, with many distinct letters that are not found in other languages. Additionally, many words in various languages are derived from Sindhi letters, suggesting that these terms are originally Sindhi. In this research paper, I have pointed out the original phonetics and morphological forms of certain Sindhi words, supported by the poetry of the renowned poet Shah Latif Bhitai, who lived in the 18th century. This research paper also discusses that since British rule that commenced in 1843, it can be inferred that some English words may also have Sindhi origins. In this paper, I have identified the transfer and borrowing of certain Sindhi letters and words in other languages of the Indus valley such as Sanskrit, Punjabi and Seraiki. In a way, this paper aims to contribute to the linguistic discussion on the phonetic and morphological origin and history of Sindhi words and as a result their link, transfer and use in other languages. 

Keywords: Sindhi Language, Vocablury, Phonetics, Monography. 

سنڌي ٻولي، ثقافت، تاريخ، انساني تھذيب جي ارتقا جو اهڃاڻ آھي، سنڌي ٻوليءَ جي ھر لفظ پٺيان تاريخ، فڪر ۽ ثقافت جو ڀنڊار موجود آھي. ڪيترائي لفظ اھڙا آھن، جيڪي ڌارين ٻولين ۾ پنھنجي شڪل بدلائي استعمال ٿين ٿا، پر ان جو بنياد سنڌي ٻوليءَ سان جڙيل آھي. انهن لفظن ۾  فڪري، تاريخي ۽ ثقافتي عڪس آھي. عام طور اسان ڌارين ٻولين ۾ اھڙا لفظ ٻڌندا آھيون جيڪي اصل ته سنڌي ۾ ھوندا آھن، پر انهن جي صورت بگڙيل ھوندي آھي، ڪڏھن ته ائين به ٿيندو آھي جو اسان جو نوجوان نسل انهن بگڙيل صورتن کي ئي درست صورت سمجهندو آھي. مثال اسم ’مارئي‘ جيڪو عام طور سان ماروي استعمال ٿيڻ لڳو آھي. پر ان کي درست ڪرڻ بجاءِ سڀ ماروي استعمال ڪرڻ لڳا آھن. ھاڻي ڪجهه وقت کان پوءِ  اصل لفظ گم ٿي ويندو. اھڙي طرح ڪيترائي لفظ جيڪي ٿوري ڦيرگهير سان گهڻين ٻولين ۾ ھڪ جھڙا آھن. مثال ماءُ، ڀيڻ، ڀاءُ، ھڪ، چار، پنج، وغيره.

اچو ته لفظن جي بنياد جو جائزو وٺون. لفظن جي علم کي صرفيات چئبو آھي، لفظ جو ننڍي ۾ ننڍي جزو جيڪو بامعنيٰ ھجي، کيس وڌيڪ ٽوڙي نه سگهجي. جيڪڏھن ٽوڙجي ته معنيٰ وڃائي ويھي ان کي صرفيو چئبو آھي.((1

مثال: وڏيرو، وڏائي، وڏيون، وڏي، وڏا. انهن سڀني لفظن جو بنيادي لفظ ’وَڏَ‘ آھي، جيڪو صفت آھي. ھاڻي وڏو لفظ وڌيڪ ٽوڙي نٿو سگهجي. جي ٽوڙبو ويو ته بامعنيٰ نه رھندو. اھڙي بنيادي لفظ کي صرفيو چئبو آھي.

اھڙي طرح ”سڏڻ“ فعل جو مصدر آھي سندس ڦيرو ھن ريت آھي. سڏ، سڏيو، سڏينداسين، سڏي، سڏرايوس، سڏرائينداسين وغيره اھو لفظ جو گردان آھي پر بنيادي لفظ ’سَڏِ‘ جيڪو مصدر آھي اھو بنيادي لفظ آھي.

لفظن جا ٻه قسم ٿيندا آھن ھڪڙا بنيادي لفظ، ٻيا ثانوي لفظ. بنيادي لفظ مڪمل صرفيا ٿيندا آھن. جن مان ٻيا لفظ ڦٽي نڪرندا آھن، انهن کي ثانوي لفظ چئبو آھي.

ثانوي لفظن جا  وري ٻه  قسم آھن. ھڪڙا پيچيدا ٻيا مرڪب.

پيچيده لفظ جڏھن ٽوڙبا ته انهن مان ھڪ آزاد صرفيو ٻيو پابند صرفيو نڪرندو.

 مثال: طاقتور. ھن لفظ ۾ ھڪ لفظ ”طاقت“ جيڪو آزاد صرفيو آھي، ٻيو وري جيڪو پابند صرفيو آھي جنھن کي آزاد مڪمل صرفيي جي حيثيت ناھي، پر ڪنھن آزاد صرفيي سان ملي ڪري لفظ ٺاھيندو آھي، ان کي پيچيده لفظ چئبو آھي. پيچيده لفظن ۾ ورجائڻ (Reduplication)وارا لفظ به ھوندا آھن، مثال. راند روند، پئسو پنجڙ، ذات پات، ڀيدڀاءَ، ڪڪڙو ڪو، دمادم، پٽاپٽي سراسري وغيره

اھي لفظ جن کي ٽوڙجي ته ٻه آزاد صرفيا ٺھي پون ته اھي مرڪب لفظ آھن.

مثال: ھٿڪڙي، سئوپيري، رنگ محل، ڳوٺ سڌار،  لال شھباز وغيره

ان کان علاوه به لفطن جا ڪجهه ٻيا قسم ٿيندا آھن، جيڪي مرڪب يا پيچيده ھوندا آھن.

گڊا لفظ:

علي نواز حاجن خان جتوئي  پنھنجي ڪتاب علم السان ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ گڊا لفظ ھن ريت ڄاڻايا آھن. اھي  مرڪب لفظ جن ۾ ٻن ٻولين جا لفظ گڏيل ھجن. مثال ھڪ  سنڌي لفظ ٻيو ڪنھن ڌارين ٻولي جو لفظ ملي ڪري، ھڪ لفظ ٺاھين ته اھڙي لفظ کي گڊو لفظ چئبو آھي.

مثال: ريل گاڏي، جيمس آباد، جيڪب آباد، پوليس کاتو  وغيره.)2(

ڪي لفظ وري  ھوندا ته ڌارين ٻولين جا آھن پر انهن کي سنڌي ٻولي پنھنجي مزاج مطابق قبول ڪندي آھي. مثال: ٽيشڻ، آٿرپاٿر، ڏاڪدر،  نماج، مسيت،  سنگل (سگنل)،
باڪس (ماچيس)  وغيره.

لفظ ٻن طريقن سان ڦٽن ٿا. ھڪ گردان سان ٻيو اشتقاق سان  ٻنهيءَ کي گڏي  لفظن جون روپاوليون سڏبو آھي.

گردان: جوڙڻ  جوڙيو، جوڙيندا، جوڙا، جوڙو، جڙيو، جوڙينداسين وغيره

اشتقاق: جهنگٻلو، الله رکيو، ھٿڪڙي، عيدگاھ، طاقتور، خودغرض وغيره

ھتي ڪجهه لفظن جو  صرفياتي ۽ تاريخي جائزو وٺنداسين، جيڪي ڌارين ٻولين ۾ مختلف طرح استعمال ٿين ٿا. ڪي لفظ ساڳي شڪل ۾ موجود آھن ته ڪجهه لفظ پنھنجي صوتياتي ۽ صرفياتي شڪل بدلائي چڪا آھن.

مثال: ڀاڳ، اڦراٽو، ڏيئو،، ھٽ، ھٽ تاڙ. ريل, ڏريو، ڄڃ، ٻڪري، ڳوهه،

ڀاڳ

ڀاڳ لفظ جي گرامر: ارشد ڀاڳ وارو آھي. يا ھي ڀاڳوند ماڻهو آھي: صفت

ڀاڳ سان ريس ڪونهي : اسم ذات

لفظ ڀاڳ  جي معنيٰ:

”نصيب، بخت، قسمت،  تقدير، ڀاڱو،  حصو پتي.ڀاڳ ھڪ ذات جو به  نالو آھي (سومرن جا فقير ڀاڳ ۽ سمن جا فقير ڀان“  ھن لفظ جي  خاندان متعلق ڊاڪٽر نبي بخش بلچ صاحب جو چوڻ آھي ته ھيءُ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آھي ڀاگيھ آھي. جيڪو سنسڪرت مان سنڌي ۾ داخل ٿيو آھي.)3 (

گمان آھي ته ھيءُ لفظ سنسڪرت جو ناھي پر اصل سنڌي ٻوليءَ جو آھي جتان سنسڪرت، ھندي، پنجابي، سرائڪي ۾ ويو آھي. ڇو ته اصل لفظ جي صورت ”ڳ“
ڳيري سان آھي ۽ جيڪي به لفظ اصل نج سنڌي اکرن سان شروع ٿين ٿا، اھي گهڻي ڀاڱي سنڌي ئي ھوندا آھن. سنڌيءَ جا نج اکر  ٻ، ڳ، ڱ، ڄ، ڃ، ڏ، ڻ اھي سڀ سنڌي اکر آھن ھنن مان ”ڻ“ پنجابي ۽ سرائڪي ۾ موجود آھي. ڇو ته پنجابي، سرائڪي، ڪشميريون سڀ سنڌو واديءَ جون ٻوليون آھن تنھن ڪري اکر ۽ لفظ ھڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ آھن. ڀيرو مل جو چوڻ آھي ته سنڌي اکر ٻ، ڄ ڃ، ڏ، ڳ نج سنڌي اکر آھن جيڪي ٻئي ڪنھن ٻوليءَ ۾ ناھن جيڪڏھن اھي اکر جنھن لفظ ۾ ھوندا اھي نج سنڌي لفظ ھوندا. )4(.

ان کان علاوه ٻڪريءَ کي جيڪڏھن ھنديءَ ۾ بڪري چيو وڃي ته سمجهو ھيءُ لفظ سنڌيءَ جو آھي. پنجابي ۾ ڄڃ کي جنج چون ته ظاھر آھي سنڌي اھو لفظ پنجابيءَ کان نه ورتو ھوندو. بلڪ پنجابيءَ سنڌي کان ورتو ھوندو. اردو وارا ڳوهه کي ”گو“ چون ته اسان سمجهي سگهون ٿا ته اھو لفظ سنڌيءَ کان اڌارو ورتل آھي.

ھاڻي ڏسنداسين ڀاڳ بنيادي لفظ آھي جنھن مان ٻيا ڪيترا لفظ ڦٽي نڪتا آھن. مثال ڀاڳيو، ڀاڳوڀان، ڀاڳيا  ڀاڳيوان، ڀاڳڀري، ڀڳوان, ڀاڳونت گيتا، ڀاڳناڙي، ڀاڳي  وغيره ڀاڳ مان ھڪ ٻيو لفظ نڪتل آھي ڀال  جنھن جي معنيٰ احسان، بخت، نصيب، لطف وغيره.

”مون سين مون پرين ڀورائي ۾ ڀال ڪيا“ (ليلا چنيسر 2/6)

سنڪسرت ۾ ڀڳوان لفظ سنڌيءَ ۾ ڪيئن ويو ھوندو. انهيءَ جو بنياد تاريخي طور اسان ڏسنداسين ته سنڌيءَ لفظ ڀاڳوان يا ڀاڳڀري  زال کي چوندا آھن. اڄ به چوندا آھن ڀاڳ زال کڻي ايندي آھي. ھندو ٽپڻي مان حساب لڳائي زال ۽ مڙس جي جنم ڪنڊليءَ ۾ ڏسندا آھن ته زال جا نمبر جيڪڏھن وڌيڪ اچن ته ان کي چوندا ته زال ڀاڳ کڻي ايندي. آخر زال کي ڀاڳوان ڇو چيو ويندو آھي. سنڌي ۾ ”س“ ۽ ”اَ“ لفظن جا اڳيان  جوڙ آھن. اڳياڙي جوڙ ڀاڳ ۾ لڳائي لفظ سڀاڳ ۽ اڀاڳ ٺاھيو ويندو آھي.

وڏي ڀاڳ ڀڙن، جي ڪھيا ڪارونڀار ڏي. (سامونڊي3/6)

سنئون تن سڀاڳ، امل جن اباھيو. (سريراڳ 4/21)

الوڙو اکين. آيم نند اَڀاڳ جي. (ڪوھياري 1/7)

ڀاڳوان يا ڀاڳڀري لفظ معنيٰ ڀاڳ واري زال. سنڌ جي تاريخي پس منظر ۾ سراج جي لکڻ مطابق ته  ”موھن جي دڙي ۾ عورت کي ديويءَ جو درجو مليل ھو.  اتي ڌرتي ۽ عورت جي پوڄا ٿيندي ھئي“. (5) ڇوته ٻئي انساني نسل جي پرورش ڪن ٿيون، انسان جي نسل کي زنده رکن ٿيون. وري عورت انسان کي جنم ڏيئي ٿي. ڌرتي اناج جي پيداوار ڏي ٿي جيڪا به انسان جي نسل کي زندھ رکي ٿي. ٻئي تخليق جو ذريعو آھن. تنھن ڪري ٻنھي کي ديوي جو درجو مليل ھو. ٻنھي جي پوڄا ٿيندي ھئي. وري موھن جي دڙي مان ھڪ اھڙي شڪل ملي آھي جنھن ۾ عورت جي عضوي مان پٻڻ جي ٻوٽي کي ڦٽندي ڏيکاريو ويو آھي. جنھن مان ظاھر آھي ته  ٻني ۽ وني ٻئي ھڪ ئي تخليق جا ٻه روپ آھن. ٿي سگهي ٿو ان ڪري  ھندن جي مذھب ۾ خدا کي ڀڳوان انهيءَ ڪري چيو ويو ھجي ته ھڪ خدا ڀاڳ ڏيندڙ يا آڻيندڙ آھي. ٻيو تخليق جو سرچشمو آھي. جنھن ڪري خدا، زال ۽ ٻني، سڀني کي ڀاڳ  جو استعارو سمجهيو ويو. اھڙيءَ طرح خدا کي ھندو ڀڳوان چوڻ شروع ڪيو ھجي. باقي رھي ڳالهه ته ھي لفظ سنڌي آھي ته پوءِ ھندن وٽ ڪيئن ويو؟ انهيءَ ڪري ته سنڌ تھذيب ھماليھ
کان وٺي سمنڊ تائين ڦھليل ھئي.  ڀيرو مل جو چوڻ آھي ته پنج نديون پنجاب جون ڇھين سرسوتي ۽ ستين ندي سنڌو سڀني گڏي سپت سنڌو چوندا ھئا.(6)  ھتي اھا ڳالهه به سمجهڻ جي آھي ڀڳوان جي معنيٰ  ڀاڳ ورھائڻ وارو. جيڪو اھڃاڻ سنڌي  سماج ۾ مثبت سوچ جي پيداوار آھي.  سنڌي سماج جي روايت مطابق جيڪڏھن گهر ۾ ڪا شيءِ ناھي ته ائين ڪونه چئبو ته ڪونهي بلڪ چئبو ”خيرڪو“ آھي. ٻار سمھي رھيو ته چئبو وڏو ٿيو. مال کي چئبو ’لئي ڇڏ‘ ڀاڳيا ’ٻڌڻ‘ ڪونه چون ڇو ته ٻڌندا چور آھن. ڳڻپ ۾ چون برک، ٻيو، ٽيو ھتي برک معنيٰ برڪت.  دروازو بند آھي ته چئبو  دروازو قائم آھي.  بلڪل اھڙي طرح ڀڳوان ڀاڳ ورھائڻ وارو آھي.

سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ چوندا آھن ”مڙس ته ڀاڳ نه ته آھي ڄانڀي جو ساڳ“ ان پھاڪي جو مطلب آھي ته مڙس ماڻهو اھو جيڪو  راڄ ۽ ڀاڳ وارو ھجي. جيڪو ڀاڳيو ھجي،  جيڪو مالوند ھجي. جنھن وٽ اوطاق ھجي زرعي سماج جي قدرن مطابق مڙس ماڻهو راڄ ڀاڳ واري کي چيو ويندو ھو. نه ڏليل ھجي، نه ڇڙو ڇانڊ ھجي، بلڪ اولاد ۽ زمين وارو ھجي.

تنھن ڪري ڀٽائيءَ جي ھن بيت ۾ اھڙي منظر ڪشي موجود آھي.

اڱڻ تازي ٻاھر ڪنڍيون، پکا پٽ سونھن

سرھي سيڄ پاسي پرين، مر پيا مينھن وسن

اسان ۽ پرين، شال ھون برابر ڏينھڙا.

(سارنگ 1/25)

ھاڻي ٿورو غور ڪريو زرعي سماج ۾ اڱڻ تي ڪنڍيون مينھون بيٺيون ھجن، ٻاھر تازي گهوڙا بيٺا ھجن.  پکا ۽ پٽ معنيٰ زمينون، ملڪيت ھجي،  ھي تصور سڄو ڀاڳ جو آھي. جيڪو مذھبي طور نه پر قدرن  ۾ ۽ ثقافت ۾ موجود آھي. پوءِ وقت گذرڻ کان پوءِ ڀاڳ کي مذھبي نصيب سان  ڳنڍيو ويو.

لفظ ڀاڳيو معنيٰ مالوند جنھن وٽ  پاليل جانور ھجن، مينھن، ڳئون، ٻڪري يا اٺن جا وڳ ھجن ته اھو ڀاڳيو آھي. اڄ به چيو ويندو آھي ڀاڳيو آھين يا چور؟  ڇو ته  چورن جا به قسم ٿيندا ھئا ھڪ ٻڪري، مينھن چورائڻ وارو ٻيو اٺن جو وڳ چورائڻ وارو ان کي لوڙ چوندا ھئا. لوڙ ھڻندڙ کي لوڙائو چوندا آھن معنيٰ اٺن جو وڳ چورائيندڙ.

جُھ سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌِيرَ

ماروئڙا فقير ڪنھن در ڏيندا دانھڙي.

(مارئي 12/2)

ھاڻي ڀاڳ مان ڪيترائي اصطلاح، پھاڪا ۽ چوڻيون جڙيل آھن.

ڀاڳ ورڻ

ڀاڳ جاڳڻ

ڀاڳ لڳڻ

ڀاڳ ڀري يا ڀريو

ڀاڳ کلڻ

ڀاڳ ڏي ڀيڙ ته  دال مان سيرو

ڀاڳ ڏي ڀيڙو ته سيري مان سڃ    (7)

 اھڙي طرح  سنڌي ٻوليءَ جا ٻيا به  ڪيترا ئي لفظ ثقافتي، تاريخي، روايتي پس منظر رکن ٿا جن مان ڀاڳ به ھڪ اھم تاريخي، ثقافتي ۽ فڪري لفظ آھي.

هٽ

ھٽ بنيادي طور سنڌي لفظ آھي، جيڪو شاهه لطيف به استعمال ڪيو آھي، انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ھنن اھو لفظ پنھنجي ٻولي ۾ شامل ڪيو. ھٽ انهيءَ ڇپري نما  ڪوٺڙيءَ کي چيو ويندو ھو. جتي مختلف وکر وڪيا ويندا ھئا. اڪثر ڳوٺن ۾ ننڍا ننڍا ڪچا دوڪان ٺھيل ھوندا ھئا. ٻيءَ معنيٰ ۾ اسان انهيءَ کي ريزڪي دوڪان چوندا آھيون. ڳوٺن ۾ اڄ به انهيءَ کي ھٽ چيو ويندو آھي. ھاڻي انگريز تفريح وارن هنڌن تي سمنڊ ڪناري يا ڍنڍ جي ڪناري رھڻ جون جڳھون ٺاھيندا آھن، ان کي به ھٽ (Hut) چوندا آھن. ۽ سنڌيءَ ۾ انهيءَ ھٽ جو ترجمو جهوپڙي ڪيو وڃي ٿو. پر اصل ۾ سنڌي لفظ آھي. شاهه لطيف گهڻو وقت اڳ ھٽ لفظ استعمال ڪيو ھو.

ھوت تنھنجي ھنج ۾، پڇين ڪو پيئي،

وفي انسڪم افلاتبصرون سوجهي  ڪر سھي،

ڪڏھن ڪانه ويئي،  ھوت ڳولڻ ھٽ تي.

( آبري  5/12)

اڦراٽو

سنڌ ۾ جڏھن ٻه پُڙي ماني گيهه ۾ ترجي ٿي ته ان کي اڦراٽو چيو ويندو آھي. اڦرڻ مصدر آھي. جنھن جي معنيٰ. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ اڦراٽو جي معنيٰ ھن ريت ڏني آھي. سوڪ يا ڦنديل ماني، پڙن پڙن واري ماني. سڻڀي ماني. ڪرڦاٽو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ اڦراٽو سنسڪرت مان نڪتل ڏيکاريو آھي، بلوچ صاحب جو چوڻ آھي ته سنسڪرت اد ۽ پلشٽ مان ٺھيل آھي. اد معنيٰ مٿي پلشٽ معني سيڪ آيل،  (8). پر منھنجي خيال ۾ ته اھو لفظ سنڌيءَ جو آھي. سنڌيءِ ۾ ”ٽو“ پڇاڙي گڏڻ جو رواج موجود آھي. ڦيراٽو، گوٻاٽو، سروٽو، کوٽو، چئوواٽو، وغيره سنڌو تھذيب ۾ اڦراٽي پچائڻ جو رواج  ھزارن سالن کان موجود آھي. ھندي يا پنجابيءَ ۾ اڪثر سنڌي الف کاڄي ويندو آھي. جيئن ڪنڀار مان ڪنڀر، آچار مان اچر، سومار مان سومر وغيره اھڙي طرح اڦراٽي مان الف نڪري ويو ته اھو ڦراٽو ٿي پيو اڳتي ھلي پراٺو ٿي پيو جو اڪثر اردو وارا  ٺٽي کي ٺٺا چوندا آھن مطلب ٽ کي ٺ چوندا آھن. تنھن ڪري ھنن اڦراٽي کي پراٺو چوڻ شروع ڪيو. پر مزي جي ڳالهه ته ھاڻي سنڌي ماڻهو به پراٺو چوندا آھن. نوجوان نسل کي ته خبر ئي ناھي ته اڦراٽو ڇا آھي؟ اھڙيءَ طرح سنڌي لفظ   ڌارين جي ٻولين جي اثر کان تبديل ٿي وڃن ٿا. ان کي تاريخي ۽ لساني تبديلي چئبو آھي.

ھٽ/ ھٽ تاڙ

لفظ ھڙتال به سنڌيءَ جي ھٽ ۽ تاڙ مان ورتل آھي  اڄ به ڳوٺن ۾ وڏن  ڪاٺ جي دروازن کي تاڙا ڏنا ويندا آھن. ھٽ تاڙ معنيٰ ھٽ کي تاڙو ڏيئي بند ڪرڻ. معنيٰ دوڪان کي بند ڪرڻ تاڙو ڏيڻ. تاڙو ڪاٺ جو ٺھيل ھوندو آھي، جيڪي دروازي  جي ٻنھي پڙن ۾   وجهي دروازي کي بند ڪيو ويندو ھو. شاهه لطيف لفظ تاڙي استعمال ڪيو آھي. تاڙي اسم تاڙي جو اسم تصغير آھي.  ڪجهه لفظن  جو اسم تصغير انهن لفظن کي ننڍڙو ڪري يا مونث ڪري ڪيو ويندو آھي. مثال ماڪوڙو جو اسم تصغير ماڪوڙي،  ڪرڙو جو ڪرڙي، مڇ جو مڇي، وغيره.

سنڌيءَ ۾ تاڙ جون ڪيتريون ئي معنائون آھن. جن ۾چڪاس، جاچ، کوٽ، تاڙي کجي جي رس جي. وغيره شامل آھن. خود لفظ تاڙو مان تالو ٺھيو آھي. جو
ھنديءَ ۾ اڪثر ”ر“ کي ”ل“ ڪري اچاريو ويندو آهي. مثال ٻار کي ٻال، ڪارو ڪالا، وار کي بال وغيره.

شاهه لطيف ھن بيت ۾ تاڙي جي ڳالهه ڪئي آھي.

طالب ڪثر، سونھن سر رومي چيو آھي

تاڙي جي لاھي، ته منجهين مشاھدو ٿئي.

(ڪلياڻ 5/10)

ڏيئو /ڏياري/  ڏيوالو

ڏيئو سنڌيءَ جو عام لفظ آھي، ٺڪريءَ جي ننڍي چمني جنھن ۾  ڪپھه جي وٽ پاسي کان رکي ان ۾ سرنھن جو تيل وجهي ٻاربو آھي، سنڌ ۾ ڏيئو عام طور سان ٻاريو ويندو ھو، ان جو اسم تصغير آھي ڏياٽي. جيئن لفظ ديواليه آھي جيڪو اردو ھنديءَ ۾ چيو ويندو آھي اھو سنڌيءَ مان نڪتو آھي. سنڌي لفظ ڏيئو. جنھن جو تاريخي پس منظر آھي ته جڏھن واڻيو واپاري کٽندو ھو قرض نه ڏيئي سگهندو ھو، کيس ٽوٽو پئجي ويندو ھو، ته ان وقت ڏينھن جو ڏيئو ٻاريندو ھو. اهو ڏسي ٻيا سمجهندا ته واڻيو کٽي پيو آهي، جو ڏينھن جو ڏيئو ٻاريو اٿس، معنيٰ ڏيوالو ڪڍيو اٿس. ان مان ٻين ٻولين ھيءُ لفظ ورتو، ڇو ”ڏ“ جو اچار ھنديءَ ۾ ناھي تنھن ڪري ديواليه چوڻ لڳا. سنڌي جو  سر ”او“ گهڻو ڪري ھنديءَ ۾ ”آ“ ڪري اچاريو ويندو آھي. پر بلوچ صاحب انهيءَ کي سنسڪرت مان نڪتل ڏيکاريو آھي. (9) حقيقت اھا آھي ته خود ھنديءَ ۾ لفظ  ديوالي استعمال ڪندي کين احساس ٿيو ته اھو لفظ ديپ والي آھي، ھاڻي اھي ديپاولي چون ٿا. اصل ۾ لفظ ڏيئاري آھي. رام جڏھن راوڻ کي شڪست ڏيئي ايوڌيا واپس موٽي ٿو ته خوشيءَ ۾ ڏيئا ٻاري سندس استقبال ڪيو.ان وقت ڪشمير کان وٺي سنڌ تائين وادي سنڌ سڏبي ھئي. رام جا ڪيترا تڪيا سنڌ ۾ موجود آھن. ”ھنگلاچ پراڻ ۾ لکيل آھي ته رامچندر، سيتا ماتا ۽ لڇمڻ کي وٺي ھنگلاچ پرسڻ ويا ھئا. ھنگلاچ ڪراچي کان سونمياڻيءَ واري واٽ وٺي ھاڙھي جبل ڏي وڃبو آھي، ڪراچيءَ ۾ راماسر(رام تلاءَ) تي اھو نالو ان ڪري پيل آھي. ھوڏانهن رام باغ آھي جيڪو ھن وقت آرام باغ سڏجي ٿو. شري رامچندر ڪجهه وقت ڪيماڙيءَ طرف ھڪ ٽڪر جي غار ۾ ايڪانت ۾ وڃي گذاريندو ھو. جنھن ڪري اڄ تائين رام جهروڪو يعنيٰ رام جي محلات سڏجي ٿو. حب ندي کان وٺي سونمياڻي وڃبو ته واٽ تي ٿوريون ڪچيون کوھيون نظر اينديون جي اڄ ڪلراٺي ميدان ۾ قدرتي طرح جڙيل کوهه آھن. جيڪي چندر ڪوپ يعنيٰ رام چندر جا کوهه سڏجن ٿا. مطلب ته رام ھاڻوڪي سنڌ ۾ آيو ھو. اڳتي ھلي رام کي ٻه جاڙا پٽ ھئا. ھڪ جو نالو لئو ٻئي جو نالو عُش ھو. لئو جي اولاد کي اڄ لوھاڻا سڏجي ٿو“. (10)

انهيءَ جو مطلب ته سنڌي لفظ ڏيئو ئي آھي جيڪو سنسڪرت ۾ ديو بنجي ويو، وري ڏيئاري مان ديوالي بنجي ويو.

شاهه لطيف لفظ ڏيئو استعمال ڪيو آھي.

تو جو ڏيئو ڀائيو، سا سورج سھائي،

انڌن اونداھي، جي رات وھامي ڏينھن ٿيو.

(رامڪلي9/20)

ريل

ھن لفظ کي انگريزي سمجهيو ويندو آھي. اسان وٽ ريل گاڏي چيو ويندو آھي. انگريزيءَ ۾ ٽرين لفظ به ريل گاڏيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي ريل جي پٽڙي عام طور چيو ويندو آھي. جامع سنڌي لغت ۾ ريل جي معنيٰ ھن ريت لکي آھي.

اسم: لوهه جو پٽو، لوهه جو رستو، ريل لائن پٽڙي، ريل گاڏي.

ريل: سيلاب، ليٽ، پلتو، گاهه وارو ميدان، چراگاهه، سائي جوءَ، ملير، آباد زمين، ھيٺاھين پاڻياٺي زمين پوسل واري زمين جو تڪرو، وغيره (11)

اصل ۾ اڄ به پاڻيءَ جي ندي يا، ڍنڍ واري پاسي کان خشڪ زمين کي ريل چيو ويندو آھي. يا وري واهه جي ڪناري واري زمين جي رستي کي ٻاڦي ۽ ريل چيو ويندو آھي. ريل جو لفظ سنڌيءَ ۾ ٻي شڪل ۾ به موجود آھي ”ريلو“ پاڻيءَ جو ريلو ھوندو آھي. ريلا ڪري وھڻ، وغيره پھريون دفعو ٻاڦ تي ھلندڙ ريل گاڏي برطانيه ۾ 1802ع تي ايجاد ٿي آھي،(12) پر ريل گهڻو اڳ شاهه لطيف استعمال ڪري چڪو آھي. ان جو مطلب ته ريل لفظ انگريزي ۾ سنڌيءَ مان ئي ويو آھي. انگريزي ۾ ريل لفظ جون ٻيون به معنائون موجود آھن. پر ريل جي پٽڙين کي Railway چئبو آھي.

جھڙي سج ڪڪور، تھڙي مھي اکين ۾

ڪينجهر ٻنھي ڪنڌيين، ميون ٽلن مور

تماچي تمبور، رات وڄايا ريل ۾.

( گنج )*

ڪنڊا! ڪڄاڙيان، اڀو آھين ريل ۾؟

پريان پڄاڻان، سڪي ٻانگهر نه ٿئين؟.

(ڏھر  4/5)

شاهه لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ ريل جون مختلف معنائون استعمال ڪيون آھن. مثال

اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري. (آبري8/13)

ھتي ريل جي معنيٰ ھلڻ آھي، ڏورڻ آھي، وري ڪٿي ريل جي معنيٰ ساوڪ، ميداني علائقو به آھي

نتيجو:

سنڌي  ٻولي دنيا جي قديم ٻولين منجهان آھي،  جنھن جا ڪيترا لفظ ٻين ٻولين قبول ڪيا آھن ساڳئي وقت سنڌيءَ ۾ به ڪيترا لفظ ڌارين ٻولين جا شامل ٿي ويا آھن. ڪي لفظ سڌو سنئون موجود آھن ته ڪي وري تبديل ٿي شڪل مٽائي موجود آھن. ھنديءَ ۾ اڄ به ڪچونبر، ڌما چوڪڙي وغيره لفظ جيئن جو تيئن موجود آھي. انگريزي، عربيءَ ۾ اھڙي طرح سنڌي لفظ موجود آھن. ڪن لفظن جي باري ۾ تاريخ اڃا واضح ڪري نه سگهي آھي ته اصل بنياد ڪھڙي ٻولي آھي. جن لفظن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. انهن جو تاريخي طور صرفياتي جائزو ورتو ويو ته اھي لفظ اصل سنڌي آھن، جو تاريخ مان انهن جا ثبوت ملن ٿا. ھي موضوع اڃا تحقيق طلب آھي ته ڪيترا لفظ
اصل سنڌي آھن. جيئن سراج صاحب به پنھنجي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ذڪر ڪيو آھي ته خود  ڪيترا انگ اصل ۾ سنڌي آھن مثال ٻه اڄ به انگريزي ۾ BI موجود آھي مثالBI Monthly  وغيره انهيءَ جو مطلب ته سنڌي ٻوليءَ جي قدامت تي اڄ به تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي.

 

حوالا

  1. جتوئي، علي نواز حاجن، پروفيسر، ’علم السان ۽ سنڌي سماج‘، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار ادارو، ڇاپو ٽيون مارچ 2018ع
  2. ساڳيو ص
  3. بلوچ، نبي بخش خان، سنڌي ’لغت‘ (هڪ جلدي)، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌي ٻوليءَ جو باختيار ادارو، ڇاپو ٽيون 2017ع ص 100.
  4. آڏواڻي، ڀيرومل، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٽيون 1972ع ص86.
  5. سراج، ’سنڌي ٻولي‘، سنڌي ٻوليءَ جو باختيار ادارو، ڇاپو ٽيون 2017ع ص 123
  6. ڀيرومل آڏواڻي، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٽيون 1972ع ص22.
  7. https://sindhiproverbs.blogspot.com/2018/10/blog-post_20.html

تاريخ 3 فروري 2024 وقت 11.3

  1. مفصل سنڌي لغت، سنڌي لئنگويج اٿارٽي،سنڌ،2015، ص 331.
  2. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ھڪ جلدي سنڌي لغت، سنڌي ٻوليءَ جو باختيار ادارو،
    ڇاپو ٽيون 2017ع ص 315.
  3. مھر، عبدالقادر ڪند مالا، مرڪ پبليڪيشن ڪراچي2023ع ص 11 ۽ 12
  4. https://en.wikipedia.org/wiki/Train تاريخ 30 جنوري 2024ع وقت شام 4 وڳي
  5. شاهه لطيف جا سڀئي بيت ڪلياڻ آڏواڻي واري رسالي تان ورتل آھن جيڪو سنڌيڪا نئون ڇاپو 2004 ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ھو.

*      ھي بيت گنج (شاهه جو رسالو) الف ب وار ترتيب سان، شاهه عبد الطيف ڀٽائي چيئر ڇاپو پھريون 2012ع  ص 293. تان  کنيو ويو آھي.

32 ڀيرا پڙهيو ويو