اڪبر لغاريءَ جي ڪتاب ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ تي تنقيدي نظر
("Sindhi Adab Jo Mukhtasir Jaizo": A critical analysis of Akbar Laghari’s book on Literary History )
اصغر شر
Abstract
"Sindhi Adab Jo Mukhtasir Jaizo" (A Brief Analysis of Sindhi Literature) is a foundational work by Akbar Laghari that holds significant importance in Sindhi literature, particularly as a resource for competitive examinations. This book provides a comprehensive overview of Sindhi literature along with its historical context. To enhance its appeal, the author has divided the book into various sections, including an introduction to "Literature" and the different eras of various dynasties, such as the Soomras, Samas, Arghoons-Turkhans, Mughals, Kalhoras, Talpurs, and the British. Additionally, Laghari incorporates Sindhi folk love stories, including tales like Dulha-Darya Khan, Sasui-Punhoo, Umar-Marvi, and Suhni-Mehar, among others. He also discusses notable poets from these eras. Laghari demonstrates a keen interest in Sindhi literature by highlighting both modern and classical poets, writers, and researchers, complete with their birth and death dates.This research paper offers a critical analysis of Laghari’s book, underscoring its significant role in Sindhi literature. It aims to point out the need for necessary corrections and improvements. For instance, the story of Dulha-Darya Khan is referred to as a "love" story, which requires revision. Additionally, there are inaccuracies in the text concerning important figures: the death year of Sachal Sarmast is incorrectly stated as 1842, while his grandfather is mentioned as "Mian Saleh." Furthermore, Hamal Faqeer's birth year is listed as 1878, and his death year is inaccurately given as 1810. In the section discussing the British era, the author primarily focuses on the genres of prose without sufficient depth. Finally, Laghari addresses only three poets and writers from the modern period: Shaikh Ayaz, Tanveer Abbasi, and Ustad Bukhari. This paper highlights these discrepancies, which create confusion for readers, and advocates for constructive criticism as essential for enhancing the quality of educational materials. It emphasizes the importance of identifying errors in educational publications to ensure the creation of high-quality work.
Keywords: Sindhi literature, History of Sindhi Literature, Akbar Laghari, Critical Analysis, Corrections and quality work, quality reference material
سنڌي ادب جي تاريخ بابت ڪيترائي اھم ڪتاب لکيا ويا آھن، جن ۾ اڪبر لغاريءَ جو ڪتاب ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ به شامل آھي. ڪنھن به ڪتاب جي اھميت جي ڪٿ جا مختلف پھلو ٿيندا آھن، تن منجهان ھڪ پھلو اھو به آھي ته ڪنھن ڪتاب جي ڇپجڻ کان پوءِ اھو ڪيتري تعداد ۾ ڇپيو ۽ وڪاميو آھي. اھو گهرج ۽ رسد جو ماپو آھي. ان پھلوءَ کان اڪبر لغاريءَ جو ھيءُ ڪتاب به گهڻو ڇپجندڙ ۽ وڪامندڙ رھيو آھي، جنھن جو ھن سال2023ع ۾ ٻاويھون ڇاپو ڇپجي چڪو آھي. ڪتاب 192 صفحن تي مختصر ۽ جامع آھي. ھن ڪتاب جي ڪاميابي ھيءَ آھي ته اھو پڙھندڙن خاص طرح شاگردن ۽ نون محققن لاءِ سنڌي ادب جي تاريخ جي سلسلي ۾، تکڙي ڄاڻ ۽ ھڪ جامع خاڪو پيش ڪري ٿو. اھو اڀياسي استفادو وڌيڪ ڄاڻ ۽ اڀياس جي اڃ کي وڌائي ٿو. اھا ھن ڪتاب جي ڪاميابي آھي. تنھن کان سواءِ، ھيءُ ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ کي سولي نموني پيش ڪرڻ جي ڪوشش به آھي، جنھن ۾ سليس ۽ عام فھم ٻولي استعمال ڪئي ويئي آھي، جيڪا پڙھندڙ کي نه ٿي مُنجهاني. ڪن تحقيقي مقالن کي علمي حوالن سان ايترو پيچيدو بڻايو ويندو آھي، جو اُھي پڙھندڙ جي ذھن ۽ وقت کي سيڙائيندا آھن، پر ھيءُ ڪتاب انهن کان مختلف آھي ۽ اُھو بياني انداز ۾ لکيل آھي، جنھن جي ڪري اھو پڙھندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي ھلي ٿو، اھا ھن ڪتاب جي ٻي خوبي آھي. ھن ڪتاب جي ايترن گهڻن ڇاپن اچڻ جو اھو به ڪارڻ چئي سگهجي ٿو.
ايترين خوبين ھوندي به، ھن اھم تحقيقي ڪم ۾ به ڪجهه کوٽ ۽ واڌارن سڌارن جي گنجائش موجود آهي، جن جي ھتي نشاندھي ڪجي ٿي. مثال طور: ڪيترن ئي ھنڌن تي پيش ڪيل مواد جي صحت تي سوال اٿن ٿا، جن جاين تي حوالن کي موجود ڪرڻ جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي، جن جاين تي جامع مواد نه ھئڻ جو احساس ٿئي ٿو. انهيءَ گنجائش جي ڪري، ھڪ گمان اھو به اڀري ٿو ته ھن ڪتاب کي تحقيق چئجي يا محض سھيڙ چئجي. ڪتاب جي مھاڳ ۾ به ڄاڻايل آھي ته: ”گهڻي قدر ته ھي اھي نوٽس آھن، جيڪي ھن پاڻ ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ تيار ڪيا ھئا ۽ پوءِ انهن کي مرتب ڪري ڪتاب جي شڪل ڏني ھئائين.“(1)
ھن ڪتاب جي مُنڍ ۾، سنڌي ادب جي شروعات ۽ ارتقا جو ذڪر آھي. جنھن کان پوءِ سومرن جي دور، سمن جي دور، ارغونن _ ترخانن _ مغلن جي دور، ڪلھوڙن جي دور، ٽالپرن جي دور، انگريزن جي دور جي مختصر ترين جائزي سان گڏ، سنڌي ادب جي نثري صنفن، شاعريءَ جي اھم صنفن، ڪلاسيڪل شاعرن، عروضي شاعرن، جديد شاعرن ۽ ڪجهه محققن ۽ نثر نويسن جو بيان آيل آھي.
فاضل ليکڪ ڪتاب جي اندر ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن جي نالن سان گڏ انهن جي ڄم/وفات جون تاريخون ڪجهه اديبن کان سواءِ، ٻين جون ڏنيون ئي ناھن. شاگرد طبقي خاص طرح ڪنھن امتحان جي تياري ڪندڙن کي اھڙي قسم جي مواد جي سخت ضرورت ھوندي آھي، جو ان قسم جا سوال اڪثر امتحانن ۾ ايندا رھندا آھن.
اڳتي سمن جي دور جا ”عشقيه داستان“ جي عنوان ۾ ڏنل ”ڄام لاکو ۽ مھر راڻي، ڄام لاکو ۽ اوڏڻ، ڄام اڍو ۽ ھوٿل پري، نوري ۽ ڄام تماچي ۽ دولھه دريا خان وغيره“(2) ڏنل آھن جن ۾ ”دولهه دريا خان“ جو داستان به شامل آھي، جڏھن ته اھو ھڪ رزميھ/جنگي داستان آھي، نه ڪي عشقيه!
صفحي 41 تي ڪلھوڙن جي ادبي دور کي پرکڻ جي لاءِ ھن طرح ورھايو ويو آھي:
- مذھبي شاعري
- صوفياڻي شاعري
- نيون صنفون
انهن داخلائن منجهان ليکڪ داخلا ”صوفياڻي شاعري“ ۾ ڪن خاص شاعرن جا نالا ڏنا آھن، جن ۾ شاهه عنايت رضوي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان گڏ خواجه محمد زمان ۽ مخدوم عبدالرحيم گرھوڙيءَ جا نالا به شامل ڪيا ويا آھن. جڏھن ته مخدوم عبدالرحيم گرھوڙي ھڪ مذھبي شاعر ۽ مذھبي ماڻهو ھيو، جيڪو مذھبي پرچار ۾ ئي شھيد ٿي ويو ھو.
تنھن کان سواءِ ”صوفيانه شاعري“ جي داخلا ۾، جن شاعرن کي صوفي شاعر قرار ڏنو ويو آھي، تن جي مثال ۾ وري مجازي شاعري ڏني ويئي آھي، جڏھن ته اتي سندس صوفياڻي رنگ واري شاعري ڏيڻ گهرجي ھا.
سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته لاڳاپيل عنوان ۾ ميين شاهه عنات رضوي ۽ شاهه عبداللطيف جي مجازي ۽ فطرت نگاريءَ واري شاعري ڇو ڏني ويئي آھي، جڏھن ته عنوان ”صوفيانه شاعري“ ڏنل آھي، ان جي ڪري مواد به موضوع مطابق ڏجي ھا. شاهه جي رسالي ۾ شاهه لطيف جي صوفياڻي شاعري ڪثرت سان موجود آھي.
ڪتاب ۾ ڏنل عنوان کي محدود يا مخصوص نه ڪجي ھا، جيڪڏھن ڪيو ويو ھو ته فقط صوفيانه شاعريءَ جو ئي ذڪر ڪجي ھا. صفحي 46 تي شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ آيل لوڪ داستانن ”سسئي پنھون، عمر مارئي، سھڻي ميھار“ (3) کي نيم تاريخي ڄاڻايو ويو آھي.
اھي ساڳيا داستان وري صفحي 18 تي ”رومانوي داستان“ ڄاڻايا ويا آهن. ھاڻي عام پڙھندڙ پريشان آھي ته اھي داستان آخر ڄاڻجن ڪھڙي موضوع جا! تاريخي آھن؟ رزميه آھن؟ يا رومانوي آھن!؟
ان کان پوءِ ڪلھوڙا دور جي نيُن شعري صنفن جو ذڪر ڪيو ويو آھي، ڪافي، سينگار، مناجات جا ته مثال ڏنل آھن پر، مولود، مدح، مناقبا، معجزا ۽ غزل جا ڪي به مثال ڏنل ناھن. نه ئي انهن جي وصف واضح سمجهايل آھي. فاضل ليکڪ، مٿي ڄاڻايل ڪجهه شعري صنفن جا باني به ڄاڻايا آھن ۽ ڪجهه جا نه! ڪلهوڙن جي دور کان پوءِ ٽالپرن جو دور شروع ٿو ٿئي. صفحي 56 تي ”سچل سرمست جو جنم 1739ع ۽ وفات جو سن 1842ع“(4) ڄاڻايو اٿس، ان مطابق سچل سرمست جي عمر 103 سال بيھي ٿي. جڏھن ته نائين ڪلاس جي ڪتاب ۾ سچل سرمست جي وفات 1827ع(5) ڄاڻايل آھي. ڏھين درجي جي سنڌي درسي ڪتاب ۾ به سچل جي وفات 1827ع(6) ڄاڻايل آھي. وري ساڳيي ئي صفحي تي سچل جي والد جو نالو ”ميان صالح الدين“ ڄاڻايو اٿس، جيڪو پڻ ”ميان صلاح الدين“ آھي نه ڪي صالح الدين!
اڪبر لغاري، ٽالپرن جي دور جي صوفي شاعرن واري سلسلي ۾ خليفي نبي بخش لغاري ۽ حمل فقير لغاريءَ کي به شامل ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن ته خليفو نبي بخش سنڌي شاعريءَ ۾ کرڙيءَ واري جنگ جي پسمنظر ۾ ڪيڏاري جو خالق آھي ۽ حمل فقير به ھڪ رومانوي شاعر آھي نه ڪي صوفي شاعر طور ٻنھي جي سڃاڻ آھي. صفحي 61 تي حمل فقير جي جنم ۽ وفات جي تاريخ به غلط لکيل آھي. ”جنم 1878ع ۽ وفات 1810ع“(7) ڄاڻايل آھي، مطلب مرڻ کان 68 سال پوءِ ڄايو ھو ۽ ڄمڻ کان 68 سال اڳي مري ويو!. ڊاڪٽر جبار پنھنجي ٽن جلدن واري ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ۾ حمل فقير لغاريءَ جو جنم 1809ع ۽ وفات 1872ع(8) ۾ ڄاڻائي آھي ۽ ٻئي پنھنجي ئي ڪتاب
”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ جنم 1815ع ۽ وفات 1879ع(9) ڄاڻائي اٿس. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا حمل فقير ۾ ته وري “حمل فقير جو جنم 1815ع ۽ وفات 1878ع ڄاڻايل آھي.(10) ھاڻي اھو محققن ۽ تاريخدانن کي طئه ڪرڻو آھي ته حمل فقير جي تاريخ پيدائش ۽ تاريخ وفات ڪھڙي تاريخ ۽ سال ۾ ٿي آھي!
انگريزن جي دور ۾ لغاري صاحب لکي ٿو ته: ”نثر کي موضوع جي لحاظ کان ورھائي مختصر جائزو وٺون ٿا:
افسانو يا مختصر ڪھاڻي، ناول، ڊرامو، مضمون نويسي، متفرقه نثر نويسي“ (11)
اڪبر لغاريءَ طرفان مٿي ڄاڻايل نثر جا موضوع نه، پر نثر جون صنفون آھن، پر ليکڪ انهن کي نثر جا موضوع ڄاڻائي بيان ڪيو آھي! جيڪو بلڪل به غلط ۽ پڙھندڙ جي لاءِ مونجهاري جو سبب بڻجي ٿو. اڳتي ڊرامي جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو: ”ڊرامي جو مقصد قومي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ آھي.“(12) جڏھن ته ڊرامي ۾ مختلف موضوع ھوندا آھن ۽ ناول جيان مختلف موضوعن تي لکيو ويندو آھي، ان ۾ موضوع جي ڪا به پابندي ناھي ھوندي، پر ليکڪ ھتي اھا ڳالهه ڪري ڊرامي کي موضوعاتي طور محدود ڪري ڇڏيو آھي. ليکڪ جي لکڻي متضاد آھي، ڊرامي جي باري ۾ ئي اڳتي لکي ٿو ته: ”ڊرامو سماجي، سياسي ۽ معاشي مسئلن جي عڪاسي ڪندڙ ھجي.“(13) ڪيترو نه فرق آھي! صفحي 68 تي سفرنامي جي ڪابه ڄاڻ ڏنل ناھي، نه وصف، نه سفرنامن جا نالا ۽ نه ئي سفرنامي جي شروعات جي باري ۾. آتم ڪھاڻي، تحقيق ۽ تنقيد جي باري ۾ به ڪا خاص ڄاڻ ناھي، نه ئي انهن جي وصف ڏنل آھي. ليکڪ فقط فھرست ۾ گهڻا عنوان لکي پڙھندڙن کي ڌوڪي ۾ رکيو آھي، اندر ڪتاب ۾ ڪيترن ئي موضوعن تي ڪا به جامع ڄاڻ ناھي مليل.
صفحي 87 تي ناول جا 6 قسم ڄاڻايا اٿائين، جيڪي ھي آھن: واقعاتي ناول، ڊرامائي ناول، جاسوسي ناول، سماجي ناول، نفسياتي ناول ۽ تاريخي ناول، پر انهن جي فڪري گهرجن ۽ فني جوڙجڪ بابت ڪا به معلومات ڏنل ناھي.
ڪتاب جي فھرست ۾ نثر جي صنفن کان پوءِ عنوان آھي: ”سنڌي شاعريءَ جون ڪجهه اھم صنفون“ ۽ وري فھرست ۾ ان عنوان کان بعد ۾ جيڪي صنفون ڄاڻايون اٿائين اھي ھي آھن:
غزل، وصف، غزل جون فني خوبيون، غزل جون خاصيتون، غزل جا موضوع
حقيقت ۾ اھي شاعريءَ جون صنفون نه، پر ھڪ ئي صنف غزل جا جزا آھن.
غزل جي لاءِ لکي ٿو: ”اڄڪلهه غزل ايترو مقبول ٿي ويو آھي جو تقريبًا سنڌي شاعريءَ جي اھم صنفن يعني ’بيت‘ ۽ ’ڪافي‘ سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيٺو آھي.“(14) پر مان سمجهان ٿو غزل موجوده دور جي شاعرن ۾ تمام گهڻي مقبول ۽ سڀ کان وڌيڪ لکي ويندڙ شاعريءَ جي صنف آھي. ٻئي پاسي بيت ۽ ڪافي سنڌي شاعريءَ جون ڪلاسيڪل ۽ نج صنفون ته آھن پر موجوده دور ۾ اھي تمام گهٽ لکيون وڃن ٿيون، جنھن ڪري اھا ڀيٽ ڪرڻ درست نه ٿيندي. اڳتي ص106 تي لکي ٿو: ”غزل ۾ وحدتِ تاثر تمام اھم آھي.“ جڏھن ته ھاڻي جديد غزل ۾ وحدتِ ثاتر ڪا اھميت نه ٿو رکي، غزل جي ھر شعر ۾ الڳ معنيٰ، مفھوم ۽ تاثر جو ھجڻ ئي جديد غزل جي گهرج آھي. ليکڪ غزل جو ٻيو دور، انگريزن جي دور کي سڏيو آھي ۽ ان ۾ لکي ٿو: ”ھن دور جي غزل جو باني ’خليفو گل محمد گل‘ آھي.“(15) اھا ڳالهه مڃجي ته خليفي گل، غزل ۾ سنڌي ماحول آندو، سنڌ جي ماحول جو ذڪر ڪيو، سنڌي ٻوليءَ جا نج لفظ استعمال ڪيا، ھن غزل کي سنڌي ويس ڍڪايو پر ڪي محقق ھن کي غزل جو باني نٿا سمجهن. ان کان سواءِ ڪتاب جي اندر شعري صنفن بيت، وائي ۽ مولود جو به ذڪر ڪيو اٿس پر اھي فھرست ۾ ڄاڻايل نه آھن.
ان کان پوءِ وري ڪجهه شاعر ۽ ڪلاسيڪل شاعر ڄاڻايل آھن. جڏھن ته پھريان بيان ڪيل دورن ۾ انهن دورن جي شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آھي ته وري به ص110_111_112 تي ۽ 122 صفحي کان 172 صفحي تائين انهن ساڳين ئي شاعرن جو وري وري ذڪر ڪيو ويو آھي، جن جو پھريان ترتيب سان ڏنل دورن ۾ ذڪر ٿي چڪو آھي. اتي ورجاءُ کان بھتر ھيو ته انهن کان سواءِ ڪن ٻين رھجي ويل اھم ۽ امتحان ۾ ايندڙ شاعرن ۽ ليکڪن کي شامل ڪجي ھا ته وڌيڪ بھتر رھي ھا. جديد شاعرن ۾ فقط ٽي شاعر اياز، تنوير ۽ استاد ڏنل آھن! باقي جن سنڌي شاعريءَ کي جديد لاڙا ڏنا ڪشنچند بيوس، نارايڻ شيام جھڙا شاعر به نظر انداز ڪيا ويا آھن! ان کان پوءِ عنوان آھي: ”نامور محقق ۽ نثر نويس“ انهن ۾ به فقط مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ذڪر آھي! جڏهن ته ٻيا محقق به ڳڻڻ جوڳو ڪم ڪري ويا آهن. عنوان آھي نثر نويس ۽ محقق پر وري ڏسجي ته مرزا قليچ بيگ جي ذڪر ۾ ان جي شاعريءَ جو تجزيو ڪيو ويو آھي!
هن ڪتاب جي صفحي 186 تي عنوان آھي: ”سنڌي ادب ۾ جديد لاڙا“ ۽ اھي جديد لاڙا ٽي ڄاڻايل آھن جيڪي ھي آھن: مقاميت نگاري، قوم پرستي، نفسياتي رجحان. مقاميت نگاريءَ جو مطلب ڄاڻايو ويو آھي ته جنھن لکڻيءَ ۾ ڪنھن ماڳ جو ذڪر ٿيل ھجي ۽ قوم پرستيءَ جو مطلب ڄاڻايل آھي ته جنھن لکڻيءَ ۾ قوم سان محبت جو اظھار ٿيل ھجي. ان حوالي سان ته شاهه لطيف جي مڪمل شاعري مقاميت نگاري ۽ قوم پرستيءَ جو مثال آھي، پوءِ ان کي ادب جو جديد لاڙو ڪھڙي بنياد تي ٿو چئي سگهجي؟ ان کان سواءِ ادب جي ٻين اھم لاڙن ۽ رجحانن کي به شامل ڪرڻ گهربو ھيو، پر انهن کي هن ڪتاب ۾ نظر انداز ڪيو ويو آھي.
نتيجو:
- مجوعي طور ھن ڪتاب جي، ٻين تاريخ تي لکيل ڪتابن جي ڀيٽ ۾ اھا خوبي آھي ته ليکڪ ھر دور جي آخر ۾ ان جو ادبي جائزو اھم نُڪتن جي صورت ۾ ڏئي پڙھندڙ جي لاءِ آساني پيدا ڪئي آھي.
- هن ڪتاب ۾ ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن جي نالن سان گڏ انهن جي ڄم/وفات جون تاريخون سواءِ ڪجهه اديبن جي، ٻين جون ڏنيون ئي ناھن ويون. جيڪا کوٽ ڀري سگهجي ٿي.
- ”دولھه دريا خان“ جي داستان کي ”عشقيه داستان“ لکيو ويو آھي، جڏھن ته ھي رزميه داستان آھي.
- ڪتاب جي صفحي 46 تي جيڪي ”نيم تاريخي داستان“ ”سسئي پنھون، عمر مارئي، سھڻي ميھار“ ڄاڻايل آھن اھي ساڳيا صفحي 18 تي ”رومانوي داستان“
ڄاڻايل آھن، جنھن ڪري پڙھندڙ مونجهاري جو شڪار ٿئي ٿو. جڏھن ته اھي تاريخي نه پر رومانوي داستان آھن. - ڪتاب ۾ سچل سرمست جي وفات جو سن 1842ع ۽ سندس والد جو نالو ”ميان صالح الدين“ ڄاڻايل آھي. جيڪا اھم غلطي آھي.
- حمل فقير جي جنم تاريخ 1878ع ۽ وفات جي تاريخ 1810ع ڄاڻايل آھي، جيڪا پڻ غلط آھي.
- ڪتاب جي صفحي 66 تي انگريزن جي دور ۾ نثر جي صنفن کي، نثر جا موضوع ڄاڻايو ويو آھي.
- نظم جي صنف غزل جي جُزن کي الڳ الڳ ڪري نظم جي صنفن طور ڄاڻايو ويو آھي.
- سنڌي ٻوليءَ جي جديد شاعرن ۾ فقط ٽي شاعر شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ استاد بخاري ڄاڻايل آھن. جڏھن ته جديد شاعرن ۾ ڪيترائي ٻيا اھم شاعر به آهن، جن بابت امتحاني پرچن ۾ وال ايندا رهن ٿا.
- سنڌي ادب ۾ جديد لاڙا فقط ٽي (مقاميت نگاري، قوم پرستي ۽ نفسياتي رجحان) ڄاڻايل آھن. جڏھن ته اھي اسان کي ڪلاسيڪل ادب ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ به ملن ٿا.
- امتحان وٺندڙ ممتحن ۽ امتحان ڏيندڙ شاگردن جي مطالعي ھيٺ اڪبر لغاريءَ جو ھيءُ ڪتاب خاص مطالعي ھيٺ رھي ٿو، ان جي ڪري ھن ڪتاب تي مضمون لکڻ ۽ غلطين جي نشاندھي ڪرڻ جو مقصد اِھو آھي ته جيئن ڪتاب جي نئين ڇاپي ۾ انهن کي سنواري سڌاري پيش ڪيو وڃي، جيئن شاگرد مونجهاري جو شڪار نه ٿين ۽ سڪون سان پنھنجي امتحانن جي تياري ڪري سگهن.
حوالا:
- لغاري، اڪبر، سنڌي ادب جو مختصر جائزو، مھاڳ: اسحاق سميجو، ڇاپو ٻاويھون، روشني پبليڪيشن 2023ع، ص14
- ساڳيو: ص27
- ساڳيو: ص46
- ساڳيو: ص56
- سنڌي لازمي، نائين ۽ ڏھين ڪلاس لاءِ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو، آگسٽ 2021ع، ص136
- آسان سنڌي، ڏھين ڪلاس لاءِ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو، آگسٽ 2019ع، ص75
- لغاري، اڪبر، سنڌي ادب جو مختصر جائزو، ڇاپو ٻاويھون، روشني پبليڪيشن 2023ع، ص61
- جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، سنڌي ادب جي تاريخ، گڏيل ڇاپو، لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، سنڌ،
- جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، سنڌي ساھت گهر حيدرآباد، سنڌ، 2000ع، ص218
- https://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%AD%D9%85%D9%84%20%D9%81%D9%82%D9%8A%D8%B1%201
- لغاري، اڪبر، سنڌي ادب جو مختصر جائزو، ڇاپو ٻاويھون، روشني پبليڪيشن 2023ع، ص66
- ساڳيو: ص67
- ساڳيو: ص101
- ساڳيو: ص105
ساڳيو: ص110