Review and Publication Policy
ادارتي پاليسي
- ”سنڌي ٻولي“ تحقيقي جرنل جي پھرئين حصي ۾ سنڌي ٻوليءَ، لسانيات، وياڪرڻ ۽ سنڌو لکت جي موضوعن تي لکيل مقالا ترجيحي بنيادن تي شايع ڪيا ويندا آهن.
- نڪور/ اڻ ڇھيل ادبي موضوعن تي لکيل تحقيقي مقالا به جرنل جي ٻئي حصي ۾ شايع ڪيا ويندا.
- جيڪڏهن ڪو ليکڪ انگريزي ٻوليءَ ۾ لسانيات، سنڌي ٻوليءَ، ۽ سنڌو لکت جي موضوعن تي معياري مقالو لکي موڪلي ٿو ته ان جي اشاعت ايڊيٽوريل بورڊ جي منظوريءَ سان مشروط هوندي.
- هڪ مقالي ۾ فقط هڪ مقالا نگار جو نالو شايع ڪيو ويندو، شريڪ ليکڪ
(Co-Author) طور فقط رهنما (Guide) جو نالو ئي شايع ٿي سگهندو.
- ’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل لاءِ جمع ڪرايل/ اُماڻيل هر مقالي جو سڀ کان پھرين ايڊيٽوريل ٽيم ابتدائي جائزو وٺندي، جيڪڏهن مقالي جو موضوع نئون ۽ علمي اهميت رکندڙ آهي ۽ مقالي ۾ تحقيق جو رائج طريقه ڪار اختيار ڪيل هوندو ته اهو مقالو لاڳاپيل ٻئي مرحلي ۾ داخل ڪيو ويندو.
- ٻئي مرحلي ۾ مقالو لاڳاپيل موضوع جي ٻن (ڏيھي /پرڏيھي) ماهرن ڏانهن راءِ (REVIEW) لاءِ موڪليو ويندو. ماهرن وٽان مثبت راءِ اچڻ کانپوءِ ڇپائيءَ جو فيصلو ٿيندو.
- ڪنهن به ماهر پاران مقالي جي مواد ۾ ترميم يا سڌارا ڪرڻ جي نشاندهي ٿيڻ تي مقالا نگار سان رابطو ڪري گهربل واڌارا سڌارا ڪرڻ جو هڪ موقعو ڏنو ويندو آهي.
پاليسيءَ تحت ماهراڻي راءِ دوران ليکڪ توڙي ماهر ٻنهي جو نالو ڳجهو رکيو ويندو آهي.