شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ تصوف جا عڪس ۽ احساس
(Reflections and Feelings of Tasawwuf in the Poetry of Shaikh Ayaz)
ڊاڪٽر فياض لطيف
Abstract
Sindh has long been recognized as a land of Sufism, celebrated for its civilizational, social, and cultural heritage. The region is associated with Sufi teachings that promote love, peace, freedom, and human equality. Sindh embodies a tradition that embraces love and equality, transcending distinctions of color, caste, and creed. Consequently, it has earned the title of the land of Sufis, mystics, and sages. This research paper explores the narrative of Sindh as a land of Sufism through the poetry of Shaikh Ayaz, a modern poet of the 20th century and a key figure in the Sindhi language. It highlights that Shaikh Ayaz not only draws inspiration from the Sufi traditions of his predecessors—such as Shah Kareem, Meyoon Shah Inayat, Shah Latif, and Sachal Sarmast—but also adds his own modern and original insights as a naturalist, aesthete, and sensitive creative artist. His poetry encompasses themes of earth and humanity, viewing man as the essence of love and devotion. For him, the concept of 'Majaaz' (the love of humans) is essential to his poetic creativity. Ayaz believes that 'Majaaz' is not only a pathway to reach 'Haqeeqat' (the Reality) but also a destination in its own right. In this respect, the paper delves into the Sufi thoughts and mystic secrets reflected in the poetry of Shaikh Ayaz.
Keyword: Sufism, Shaikh Ayaz, poetry, Sindh, conventions, naturalist
تصوف صدين کان سنڌ جي سرزمين جي خمير ۾ شامل رھيو آھي. سنڌ پنھنجي تھذيب، تمدن، ڪلچر ۽ فڪري پسمنظر ۾ جُڳن کان نه رڳو سيڪيولر، امن پسند، انسان دوست، روشن خيال ۽ محبتن جي امين رھي آھي، پر اُھا رنگ، نسل، ذات پات، مذھب، ڌرم ۽ مسلڪ جي فرق بنا، نج انساني بنيادن تي پيار، امن، آزادي، انساني مساوات ۽ آجپي جي پرچارڪ ۽ پيروڪار رھي آھي. اھو ئي سبب آھي، جو سنڌ جي صوفين، درويشن ۽ الله لوڪ انسانن مذڪوره طبقاتي، رسمي ۽ ڌرمي رواجن ۽ روايتن جو انڪار ڪندي، نه فقط سچل سرمست وانگر ائين چيو آھي تھ:
مذھبن ملڪ ۾ ماڻهو مُنجهايا،
شيخي، پيري، بزرگيءَ بيحد ڀُلايا،
ڪن نمازون نِوِڙي پڙھيون، ڪن مندر وَسايا،
اوڏا ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.(1)
پر شاهه لطيف وانگر پنھنجي مِٽي ۽ ماڻھن جي سُڪار جي ڳالهه ڪندي، سموري عالمَ جي آباد ۽ خوشحال ھجڻ جي، ڌڻيءَ درِ ھن ريت دُعا پڻ گهري آھي:
سانئِيمِ سَدائِي، ڪَرِين مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسَ مِٺا دِلِدارَ، عالَمَ سَڀُ آبادُ ڪَرِين.(2)
شيخ اياز پڻ پنھنجي فڪري ۽ احساساتي پنڌ ۾، شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جي ساڳين صوفياڻي روايتن، فڪري رَندن ۽ پَنڌن جو پيروڪار ۽ پانڌيئڙو رھيو آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ نه رڳو سنڌ ۾ رائج صديون پُراڻي اَمن ۽ پيار جي روايتن جو روح ملي ٿو، پر ھن جي ڪوتائن ۾ مشرقي ۽ مغربي صوفي مت جو حسين سنگم نظر اچي ٿو.
اياز جي شاعريءَ ۾ لطيف سائينءَ واري ساڳي فڪري وسعت، جمالياتي نفاست، صوفياڻي رمزيت ۽ ھمه گيري به آھي ته، سچل سرمست واري سرمستي ۽ بي خودي به. ھن وٽ بُلا شاهه جھڙي عشق جي مَسروري ۽ مخموري به آھي ته، سامي واري ويدانتي انڪساري ۽ عاجزي به آھي، تڏھن ئي ته پنھنجي شاعريءَ ۾ اُھو اِقرار ھن ريت ڪري ٿو ته:
ڪافر مومن ناھيان وو، ڪافر مومن ناھيان،
آءٌ ڀٽائي، آءٌ دَرازي، ساڳيو نِينھن نباھيان وو،
ڪافر مومن ناھيان وو
ساڳيو معنى مَڌُ پِيئان، سامي نانءُ سَڏيان وو،
ڪافر مومن ناھيان وو.
ڪافر مومن ناھيان وو. (3)
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي تھذيبي، تاريخي، ثقافتي ۽ صوفياڻي رنگن ۽ روح سان گڏوگڏ، سندس شاعريءَ جي تاڃي پيٽي ۾ اوڀر ۽ اولهه جي روشن خيالي، رواداري ۽ انسان دوستيءَ جا سمورا رنگ سمايل نظر اچن ٿا ان حوالي سان ھو پاڻ لکي ٿو ته،
”نظرياتي طور مان تصوف جي وحدت الوجود جو قائل آھيان. عطار، رومي، عمر خيام، سرمد، حسين بن منصور حلاج، سچل ۽ پنھنجي ڀٽائيءَ کان متاثر آھيان، جنھن نه رڳو سنڌ لاءِ سُڪار گهريو ھو، پر پوري عالَمَ لاءِ دُعا گهري ھئائين ته، اھو آباد رھي. (4)
شيخ اياز پنھنجي سموري فڪري ۽ تخليقي سفر ۾ سدائين جِدت طراز، ترقي پسند، روشن خيال، فطرت پسند، حُسن پرست، انسان دوست ۽ حساس دل تخليقڪار رھيو آھي. ھن جي تخليق جو نه رڳو محور ۽ مرڪز ’ڌرتي ۽ انسان‘ آھن، پر ھو انسان کي ئي پنھنجي عشق ۽ عبادت جو ماحاصل سمجهي ٿو، انهيءَ ڪري ئي ھن وٽ ’مجاز‘ جي وڏي وقعت آھي. ھو ’مجاز‘ کي ’حقيقت‘ تائين رَسائيءَ جو اصل روح سمجهندي، اُن جو اظھار ھن طرح ڪري ٿو:
جنھن وقت مجاز آھين،
اي عشق عبادت آن، تون عين نماز آھين!. (5
شيخ اياز جديد سنڌي شاعريءَ جو ھڪ اھڙو انمول رَتن آھي، جنھن نه رڳو پنھنجي شاعريءَ جو، پنھنجي فڪري جوت، تخيلي اُڏام، احساساتي نُدرت ۽ ڪمال فني حُسناڪيءَ سان تاڃي پيٽو اُڻيو آھي، پر اُن کي انيڪ موضوعاتي ۽ فني انفراديت عطا ڪري، اُھا تاثريت ۽ تازگي بخشي آھي، جيڪا پڙھندڙن توڙي ٻُڌندڙن کي پنھنجي جادو بياني، جمالياتي حِصار، خيال جي بي ساختگي، ترنم جي تازگي ۽ تخيل جي مَنڊَ ۾ مُنڊي ڇڏي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ موجود صوفياڻي رمزن ۽ رعنائين کي پَسڻ ۽ پُرجهڻ کان پھريان ٿوري ’تصوف‘ لفظ ۽ ان سان لاڳاپيل ڪجهه نقطن جي مختصر وضاحت ڪندو ھلجي تھ، جيئن اُن چِٽائيءَ کان پوءِ اياز جي شاعريءَ کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي سگهي.
’تصوف‘ لفظ بابت محققن ۽ عالمن جا مختلف خيال ۽ رايا ملن ٿا. ڪن جو خيال آھي تھ، تصوف لفظ ’صوف‘ مان ورتل آھي، جنھن جي معنى آھي’ اُنَ‘. ڪنھن وقت ۾ اوني لباس پائيندڙن کي صوفي سڏيو ويندو ھو.
“They were only named Sufis because of their habit of wearing wool” (6)
پر اڳتي ھلي، نه فقط اُنهيءَ لفظ جي لُغوي معنى ۾ ڪئيي ڦيرا ۽ فرق آيا ۽ اُن نوان مطلب ۽ مفھوم حاصل ڪيا، پر اُن لفظ مان نئين لفظن ۽ اصطلاحن پڻ جنم ورتو، جن ۾ خاص ڪري، ’الصفو، الصفا ۽ الصف‘ لفظَ شامل آھن. عربي ٻوليءَ جي لفظ ’الصفو‘ جي معنى، ’محبت، خلوص، دوستي‘ آھي. اُن لحاظ سان صوفي جو مطلب اُھو شخص آھي، جنھن دنيا جي منافعي خوري ۽ آخرت جي لوڀ ۽ لالچ جي مِڙني مامرن کان بي نياز بڻجي، پنھنجي حقيقي محبوب سان بي لوث عشق ۽ آجپي جو رشتو جوڙيو ھجي.
“The Sufi is he whose conduct towards God is sincere and towards whom Gods’ blessing is sincere”. (7)
ھڪ ٻي عربي زبان جي لفظ، ’الصفا‘ جو مطلب ’صاف ۽ اُجرو ھجڻ‘ آھي. يعني اُھو ماڻهو، جنھن پنھنجي من کي ھر قِسم جي غرض ۽ لوڀ کان بچائي، روح کي اُجرو ۽ شفاف بڻايو، اُھو صوفي آھي.
“The Sufis were only named SUFIS because of the purity (Safa) of their hearts and the cleanliness of their acts”. (8)
ساڳيءَ ريت شاهه لطيف پڻ پنھنجي شاعريءَ ۾صوفيءَ جي وصف ھن ريت بيان ڪري ٿو:
صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
تِھان پوءِ ٿيو، جيئري پَسڻ پرينءَ جو. (9)
ڪجهه ماڻھن جو خيال آھي ته، صوفي لفظ ’الصفا‘ مان ماخوذ آھي، جنھن جي معنى قلب جي صفائي ۽ اندر جي اُجراڻ آھي. اھڙيءَ ريت ’الصف‘ جي معنى ’قطار‘
ٻُڌائي وڃي ٿي. گويا ھڪ صوفيءَ جي دل، نه رڳو پنھنجي مالڪِ حقيقيءَ جي بارگاهه ۾ موجودگي ۽ حاضريءَ جي اعتبار کان اڳين قطار ۽ صف ۾ ھوندي آھي، پر اُھا پوري يڪسوئي سان ’جُز ۾ ڪُل ۽ ڪُل ۾ جُز‘ جو مظھر پڻ ھوندي آھي. يعني اُن نسبت سان ’تصوف‘ جو مطلب اُھا رمزيت ۽ تعليمات چئي سگهجي ٿي، جيڪا ماڻهوءَ کي پنھنجي وجود جي معنويت جي آشنائيءَ سان گڏوگڏ پنھنجي مالڪ ۽ محبوب جي آگهي عطا ڪري. ٻين لفظن ۾تصوف ’خود شناسي‘ کان ’خدا شناسي‘
جي تعليمات ۽ داخلي مَسافت جي فڪر ۽ فلسفي جو نالو آھي.
تڏھن ئي ته لطيف فرمايو آھي ته:
پاڻھين جُل جَلالھ، پاڻھين جانِ جمال،
پاڻھين صورت پرينءَ جي، پاڻھين حُسن ڪمال،
پاڻھين پِيرُ مُريد ٿئي، پاڻھين پاڻ خيال،
سڀُ سَڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿيو.(10)
سنڌ جي سر زمين صدين کان نه فقط تھذيبي، تمدني، تاريخي، ثقافتي ۽ معاشي طرح خوشحال ۽ زرخيز رھي آھي، پر اُھا شعوري ۽ فڪري طور پڻ آسودي ۽ امير رھي آھي، اُھو ئي سبب آھي، جو سنڌ ڌرتيءَ کي صوفين، سَنتن، عُشاقن، اَمن پسندن ۽ محبت ڪندڙن جي ڌرتي تصور ڪيو ويندو آھي.
شيخ اياز جي شاعريءَ جو خمير توڙي جو مزاحمت، محبت، انقلاب، حب الوطني، ترقي پسندي، انسان دوستي ۽ روشن خياليءَ جي مِٽيءَ مان ڳوھيل آھي، جنھن ۾ ترنم، تفڪر، تخيل ۽ فني اوت جي ڪماليت، اُن کي چار چنڊ لڳائي، سندس شاعريءَ کي ھر وجهه حسين ۽ بي مثال بڻائي ڇڏي ٿي، پر ھن جي شاعريءَ ۾ تصوف جا روح پَروَر رنگ پڻ ججها مِلن ٿا.
اُن سلسلي ۾ ھو پاڻ لِکي ٿو:”جيتوڻيڪ ھن وقت تائين منھنجي گهڻي رغبت ماديت جي فلسفي سان رھي آھي، جنھن جو اظھار مون پنھنجي شاعريءَ ۾ بار بار ڪيو آھي، پر زندگيءَ جي ھن موڙ تي، مون انهن حقيقتن تي گهرو سوچيو آھي، جن کان مان اڪثر لنوائيندو رھيو آھيان ۽ مان ڀانيان ٿو ته، انهن حقيقتن جو سبب، نه رڳو منھنجي دور جو جديد سياسي فلسفو ۽ ان جو گهرو مطالعو ھو، پر اھڙو لنوائڻ منھنجي رومانوي طبيعت جي منطقي تقاضا به ھئي.... پر ھن وقت ائين ٿو لڳي ته، منھنجي شاعريءَ ۾ غائب ۽ حاضر واري ڪيفيت رھي آھي. مان ڪڏھن پاڻ کان غائب آھيان ۽ ڪنھن ازلي حقيقت اڳيان حاضر آھيان ۽ ڪڏھن اُن ازلي حقيقت کان غائب آھيان ۽ پاڻ اڳيان حاضر آھيان“ (11).
ڪوبه ته ڏَسي ڪونه ٿو، من ۾ ڪيئن آئين!
بادل ڪَڍن بُرج جئن، تئين مون تي ڇائين،
بوندون بَرسائين، وَرِ وَرِ مون تي مِھر جون.(12)
ــــ
تون ئي آھين رات جا، ڪِروڙين قِنديل،
تون ئي اَبابيل، تون بَکين باکَ ۾.(13)
اياز جي شاعريءَ ۾ تصوف، خاص ڪري وحدت الوجود جو فلسفو، مذھبي رنگ وارو نھ، پر روشن خيالي ۽ انسان دوستيءَ وارو آھي، جيڪو انسان جي آزاد آجپي ۽ روحاني سرشاري سان سلھاڙيل آھي ۽ اُھو روحاني آنند، ھن وٽ رڳو پنھنجي ذات تائين محدود نه آھي، پر انسان جي سوراج ۽ آزاد جياپي سان پڻ لاڳاپيل آھي، انهيءَ ڪري ئي ھو ڪنھن جي به ڳچيءَ مان ڳَٽ ٽٽڻ کي پنھنجي گَردن ھلڪي ٿيڻ مُترادف محسوس ڪري ٿو.
جنھن وقت به ڪنھن جو طوق ٽُٽو،
مون ائين سمجهيو،
ڄڻ منھنجي گردن ھلڪي ٿي.
اي دنيا ڀر جا محڪومو!، اي مظلومو!
جي محڪوميءَ مان ڪو به ڇُٽو،
مون ائين سمجهيو،
ڄڻ منھنجي گردن ھلڪي ٿي. (14)
ــــ
جنھن تي به ٿيو، جنھن وقت ٿيو، جنھن جاءِ ٿيو،
سو مون تي ظلم ٿيو آھي.
ڪا ٻانھن وڍي، مون دانھن ڪئي، جو ڪانهن ڪَپيو،
سو منھنجي ڪنڌيءَ جو آھي!.
ڪوئي به ڪُٺو، جيڪو به ڇُرو، جنھن تي به ھليو،
سو منھنجي رَتُ ــ رَتو آھي.(15)
شيخ اياز جي صوفياڻي مَت، خيالي ۽ تصوراتي ناھي، پر اھا خود شناسيءَ سان گڏوگڏ پنھنجي ڌرتي ۽ پنھنجن ماڻھن جي دُک درد جي ادراڪ ۽ احساس سان واڳيل ۽ اُن مان انهن جي نِجات جي نوتي ۽ جستجو جي فڪر ۽ فلسفي تي مُحيط آھي.
”شيخ اياز جي شاعريءَ جو تعلق خلا سان نه آھي، پر اُھا ڌرتيءَ مان اُٿندڙ اھڙي ڀِني خوشبو آھي، جنھن سان ادب جي ساري فضا مُعطر رھي ٿي. ڌرتيءَ سان اھڙي ڳوڙھي ڳانڍاپي سبب ئي سندس شاعري اسان جي دلين جي ڌَڙڪن بڻجي چُڪي آھي ۽ اُھا اسان جي اظھار ۽ آواز سان ھم آھنگ آھي. سندس شاعري اُھا دَرسني آھي، جنھن ۾ اسان پنھنجي اِردگِرد ڦَھليل وسيع زندگيءَ جي جَلوَن جو مشاھدو ڪري سگهون ٿا. اياز جي شاعري، اُھو سَرسبز چَمن آھي، جنھن ۾ ڪيترائي رَنگبرنگي گُل ٽِڙيل آھن، جن جي ڪَثرت ۾ وَحدت جو جَلوو پَسجي ٿو“ (16).
ھن جي شاعريءَ ۾ تصوف، نه صرف پنھنجي پوري احساساتي فڪر ۽ جمالياتي جوت سان موجود ملي ٿو، پر اُھو خود شناسي ۽ اِنساني فلاح ۾ ئي خدا شناسيءَ جا مفھوم سمجهائي ٿو.
تون ئي سڀ جي ساهه ۾، سڀ ۾ تون ئي تون،
سانجهي، سمنڊ، سِپون، ڪيئي وَلر واءُ ۾.(17)
ھن وٽ خدا جو تصور عام ۽ روايتي نه آھي، پر خالق، مالڪ ۽ محبوب وارو آھي، جنھن جي ھر جلوي ۾ جيءَ جو جياپو ۽ جنھن جي قَرابت شَهه رَڳ کان به قريب ۽ اوڏڙي محسوس ٿئي ٿي.
تون ئي منھنجي ساهه ۾، تون ئي آن ويساهه،
تون جو آنهه الله، مون کي مون کان ويجهڙو.(18)
ـــ
اڳتي کان اڳتي ھئين، پھچي جِتِ نه خيال،
تنھنجي مَامَ مَحال، ويجهي کان ويجهو ھئين.(19)
اياز جھڙيءَ ريت پنھنجي شاعريءَ جي ٻين انيڪ موضوعن کي تخليقي ۽ آرٽسٽڪ انداز سان اوريو ۽ اظھاريو آھي، ساڳيءَ ريت ھن جي صوفياڻي شاعريءَ ۾ پڻ اُھا خوبي اُتم نظر اچي ٿي. ھن وٽ خدا جو تصور مَمتا جي احساس جھڙو ۽ ڪنھن مُصور جي تصور ۾ رَچندڙ ۽ پَچندڙ تخليقي تَشفي، ۽ فطرت ۾ موجود جمالياتي تازگي جھڙو آھي، اُنهيءَ ڪري ھو جڏھن خدا ۽ اُن جي خدائيءَ جي جوتِ ۽ جمال جي حقيقت سمجهائڻ ۽ بيان ڪرڻ چاھي ٿو، تڏھن ڪنھن مافوق الفطرت شيءِ جي تمثيل بجاءِ پنھنجي ڌرتيءَ جي حسين مخلوق مورن جو مثال ڏئي، اُن سچائيءَ کي ھن ريت بيان ڪري ٿو.
سمجهايان آھي خدا توکي ٻيو مان ڪيئن؟
کَنڀَ کنڊيري جيئن، ڇو نه ڏسين ٿو مور کي!(20)
ته ڪٿي وري خدائي رَمزيت ۽ رَعنائيءَ جي جوتِ ۽ جَمال کي ’جهرڻي‘ جي تشبيھه سان ھن طرح حسين بڻائي پيش ڪري ٿو:
تون جو ڪيئي نانوَ آن، وَٺي تنھنجو نانءُ،
ھريو منھنجو ھانءُ، جهر جهر جهرڻي وانگيان.(21)
شيخ اياز، انسان کي نه صرف خدا جو حسين پَرتوو سمجهي ٿو، پر اُن تائين پُھچَ ۽ رَسائيءَ جو بھترين ذريعو به انسان کي ئي تصور ڪري ٿو، انهيءَ ڪري ھن جي شاعريءَ ۾، عابد ۽ مَعبود ۾ ڪٿي به ڪائي وِٿي ۽ وِڇوٽي نظر ڪو نه پئي اچي، پر مَعبود، عابد ذريعي ئي احساس جي اکين اڳيان اُڀري، پنھنجا روپَ، سروپَ، جَلوا ۽ جمالَ ههڙيءَ ريت پَسائي ٿو.
مون جئن ڪالهه ڏِٺو، ڪَعبي مٿان چَنڊُ،
ڄڻ ھي سارو مَنڊُ، جَرڪي اُٿيو جيءَ ۾.(22)
ــــ
ڪالهه موذن بانگ، تارا سڀ ٽَپي وئي،
ڪيڏي نانهه اُڇانگ، ماڻهوءَ جي آواز کي.(23)
شيخ اياز سدائين متحرڪ ۽ عمل جي زندگي بسر ڪئي. ھن ڪڏھن به دنيا کان فرار اختيار ڪري، رواجي ۽ نام نھاد صوفين وانگر ڏيکاءَ واري چِلاڪشي ڪونه ڪئي، نه ئي مَڙھيون ۽ مَڪانَ وَسائي، پيالي پيئڻ کان پوءِ اَجائي اُڏامڻ جون ھوائي توائي خبرون ڪيون، پر ھن ھميشه ھن دنيا جي دلدل ۽ درياهه ۾ رھي به، پنھنجو پاند نه پُسائڻ، ۽ ھر حال ۾ ثابت قدم رھڻ جو وَچن ورجايو، اُنهيءَ ڪري ھن وٽ تصوف جو تصور به ’تارڪ الدنيا‘ وارو نه آھي، جنھن ۾ دنيا تياڳي، صرف دل کي آباد ۽ اُجرو رکڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي آھي، پر ھن وٽ تصوف ’تزڪيه النفس‘ سان گڏوگڏ پنھنجي عمل ۽ ڪردار سان ھن دنيا کي سَنواري، سُڌاري اھڙو بڻائڻ آھي، جنھن ۾ ھر ماڻهو اَمن، محبت، اَخوت ۽ آزاديءَ سان نه فقط پنھنجي زندگي بَسر ڪري سگهي، پر خودمختياري ۽ ڀرپوريت سان پنھنجو آزاد جياپو پڻ جِي سگهي.
ھن لاءِ تصوف اَلفي ۽ گيڙوءَ رتو لباس نه آھي، پر وٽس تصوف، تعصب جو رَدُ آھي. رواداري، انساني مَساوات ۽ محبت جو اھڙو پَنڌُ آھي، جيڪو عشق جي جذبي ۽ وجداني احساس سان ڏوري سگهجي ٿو. اياز جو تصوف، عمل جي زندگيءَ لاءِ اُڪساھي ۽ اُتساھي ٿو، اُھو ئي سبب آھي، جو ھن جي شاعريءَ ۾ زندگي، واڙيءَ ڦُل وانگر مَھڪندي ۽ ٻَھڪندي نظر اچي ٿي. ھو موت ۽ زندگيءَ کي ھڪ ٻئي جا ويري نه، پر واھرو ۽ ھمسفر ٿو سمجهي، انهيءَ ڪري ئي چوي ٿو ته:
مِرتيو جيوَن مان اچي، جيوَن مِرتيوءَ مان،
وَرِ وَرِ ٿو موٽان، سَرتا مان سَنسار ۾.(24)
ڀٽائي وانگر اياز به زندگيءَ جي مسافت ۾، موت کي راھرو ۽ رھبر تسليم ڪري ٿو، تنھنڪري عام لوڪ وانگر اُن کان ڏَرڻ، ڊڄڻ ۽ خوف کائڻ بجاءِ ان سان ھمسفر ۽ دوست جو رشتو جوڙي، ساڻس ھن ريت اندر اوري ۽ روح رھاڻيون ڪري ٿو.
آيو آھين موتَ، ترسُ ته ھلون ٿا ميان!
اڃا آھي اوتَ، ٿوري منھنجي جام ۾.(25)
ــــ
چَکڻو آ ھر شخص کي اُن جو ذائقو،
ايڏو ڏَرُ آ ڇو، ميان توکي موت جو؟(26)
ــــ
تنھنجو موتَ! ڇُھاءُ اِئن، جئن ڪو پشمينو،
ڄڻ منھنجو سينو، سيني لاتو سُپرينءَ.(27)
ــــ
آءٌ نه اڳي موت کي، ڏٺو کڻي اَکِ،
جڏھن اُن جي ٻَکِ، اُن کي چھرو چنڊ جو.(28)
روايتي طرح جيئن موت لاءِ سمجهيو ويندو آھي ته، اُھو زندگيءَ جو اَنت آھي، پر اياز ائين نه ٿو سمجهي، ھو ڀٽائيءَ وانگر موت کي زندگيءَ جي سفر جو سونھون ۽ رفيق تصور ڪري ٿو، تنھن ڪري ئي اُن جي ڇُھاءَ کي پشميني ۽ سندس ٻَکَ کي محبوب جي ڀاڪر جيان آنند ۽ آسيس آڇيندڙ ڀانئين ٿو.
”اياز بنيادي طور تي سچ جو پارکو، ھڪ جِدت پسند، مارڪسوادي، اِسرار پسند، وجودي ۽ وحدت الوجودي، ۽ انهن سڀني کان مٿانھون موھن جي دڙي جو ماڻهو ۽ سنڌ جو عاشق ھيو. ھو ھڪ سامي، باغي، انقلابي، جوڳي ۽ صوفي ھو ۽ اول آخر سنڌي ھيو، سندس ڪلام ۽ فڪر کي مِلائي ڏسجي ته، تضادن جي ٻَڌيءَ تي مشتمل ھڪ جدلياتي ايڪائي ملندي ۽ ھڪ ’خيالِ ڪُل‘ ٺَھندو ۽ سچل وارو اھو ئي ’جو ئي آھيان، سو ئي آھيان‘ مِلندو، جيڪو لطيف سائين جو ڪراڙ ڍنڍ کي ارپيل، پُراسرار ۽ باغيانه ڪلام جي صورت ۾، ڪَپَ تي تَري آيو آھي“ (29)
شيخ اياز جي شاعريءَ جا اَنيڪ رَنگَ ۽ تَرنگ آھن. ھن جي شاعري، بيٺل ڍنڍ وانگر نه، پر موجيلي مھراڻ جيان آھي، جيڪا ڪنھن ھڪ رُخ ۾ وَھڻ بدران، نه رڳو سدائين گهڻ رُخي ۽ گهڻ سَمتي رھي آھي، پر اُھا فڪري توڙي فني لحاظ کان ھر وجهه حسين ۽ حيات بخش به آھي.
نتيجو:
شيخ اياز جي صوفياڻي شاعري سندس ٻئي ڪلام وانگر انتھائي اھم ۽ انوکي آھي. خاص ڪري ھن جي وحدت الوجود جي فڪر ۽ فلسفي تي محيط شاعري ۽ سندس دعائيه ڪلام تمام گهڻو ڌِيان ڇڪائيندڙ آھن، جن کي پَرکڻ ۽ پُرجهڻ لاءِ، نه رڳو مُفڪر، مُدر ۽ گهڻ پڙھيا پارکو نقاد دَرڪار آھن، پر سندس ڪلام جي علامتي ڳوڙھائي ۽ فڪري گھرائيءَ کي ساڃاھڻ لاءِ عاشقاڻي دل ۽ عارفاڻي بصيرت به گهربل آھي. تڏھن ئي ته پاڻ پنھنجي صوفياڻي فڪر ۽ احساساتي سُرت جو تت پيش ڪندي، پنھنجن ڪوتائن ۾ بار بار اُھو اظھار ھن ريت اوري ٿو ته:
تيسين اياز ھن کي پورو پَسي نه سگهندين،
جيسين کُلي نه جاني ڪو جيءَ ۾ جهروڪو،
اي دل نه کاءُ ڌوڪو، آءُ پيءُ ھيءُ پَروڪو،
ساغر وچان ڏِسي ٿو، ھيءَ ڪائنات ڪو ڪو!(30)
جيءَ جي جهروڪي مان دلبر جو ديدار ڪرڻ ۽ ساغر وچان پوري ڪائنات کي پَسڻ، ھر ڪنھن جي وَس جي ڳالهه ڪونهي. اُھو فقط عاشق ۽ عُشاق ماڻي سگهن ٿا، ۽ اُھو سڀ تڏھن ئي ممڪن آھي، جڏھن دل جي دَرسني اُجري ۽ دماغ روشن خيال ۽ سنسار جي وسعتن وانگر وِشال ھوندو.
شيخ اياز جي شاعريءَ جي صوفياڻي فڪر جي مجموعي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته، ھو وحدت الوجود ۽ خدا/ فطرت جي جمالياتي جوت/ مظھرن جي حوالي سان ’الله جميل و يحب جمال‘ جي صداقت جو نه رڳو قائل آھي، پر ھن جو وحدت الوجودي فڪر ڌرتي ۽ انسان سان لاڳاپيل آھي. ھن جو تصوف، ’محبت ۽ ماڻھپي‘ سان گڏ ڌرتي تي آزاد، پُراَمن، مذھبي اوچ نيچ کان آجي، مساوات تي مبني، مِيٺ، مُروت، اَخوت ۽ آنند واري جياپي جو درس ڏيئي ٿو.
حوالا
- قاضي، علي گوھر، مرتب: ’سچل جو ڪلام عرف عاشقي الھام‘، خيرپور، سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، 1995ع، ص 278
- شھواڻي، غلام محمد’شاهه جو رسالو‘، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، 1993، ص 914
- شيخ اياز، ڪلهي پاتم ڪينرو، نيو فيلڊس پبليڪيشن، 1987، ص 128
- شيخ اياز، ’اُٿي اور الله سان‘، شڪارپور، مھراڻ اڪيڊمي، 1998، ص 9
- شيخ اياز، ’ننڊ وليون ‘،حيدرآباد، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، 1992، ص 50
- J. Arberry, The doctrine of Sufis, Cambridge university press, England, 1983 :P.5
- Ibid
- Ibid
- شھواڻي، غلام محمد، ’شاهه جو رسالو‘، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، 1993، ص 105
- ساڳيو
- شيخ اياز، ’ننڊ وليون ‘،حيدرآباد، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، 1992، ص 11
- شيخ اياز، ’اُڀر چنڊَ پَسُ پرين‘، حيدرآباد، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، 1990، ص 12
- شيخ اياز، ’اُٿي اور الله سان‘، شڪارپور، مھراڻ اڪيڊمي، 1998، ص 13
- شيخ اياز، ’ڪاري رات ڪُھنگ‘، حيدرآباد، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، 1998، ص 14
- شيخ اياز، ’وڄون وسڻ آئيون‘، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، 2008، ص 224
- قادري اظھر، مترجم: نقش ناياب منگي، (ڇاپو:3) ’شيخ اياز جي شاعرانه عظمت‘، ٽه ماھي مھراڻ، شيخ اياز نمبر، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، 2005، ص340
- شيخ اياز، ’اُٿي اور الله سان‘، شڪارپور، مھراڻ اڪيڊمي، 1998، ص 15
- ساڳيو
- ساڳيو، ص 12
- شيخ اياز، ’سورج مکي سانجهه‘،حيدرآباد، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، 1993، ص 37
- شيخ اياز، ’اُٿي اور الله سان‘، شڪارپور، مھراڻ اڪيڊمي، 1998، ص 12
- ساڳيو، ص 14
- شيخ اياز، ’ھينئڙو ڏاڙھونءَ گل جيئن ‘،حيدرآباد، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، 1991، ص 14
- شيخ اياز، ’اُٿي اور الله سان‘، شڪارپور، مھراڻ اڪيڊمي، 1998، 149
- ساڳيو، ص 63
- ساڳيو، ص 67
- ساڳيو، ص 53
- شيخ اياز، ’ھينئڙو ڏاڙھونءَ گل جيئن ‘،حيدرآباد، نيو فيلڊس پبليڪيشنس، 1991، 65
- مونس اياز شيخ، ’جنھن محبتي مِيڙيا‘، مرتب: نصير مرزا، ’شيخ اياز سامي سج وَڙاءُ‘، حيدرآباد، بالاچ پبلشرس، 1998، ص 120
- شيخ اياز، ’وڄون وسڻ آئيون‘، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، 2008، ص 73