فطرت نگاري، ان جا قسم ۽ رُخ
(Naturalism, Its Types, and Dimensions )

محمد علي ابڙو

Abstract

The word “فطرت” (Fitrat) is derived from an Arabic word “فطر” (Fitir), which means "to create". And the one who creates is called “فاطر” (Faatir). The English analogue for “فطرت” is "Nature", which is derived from the Roman word "Natura". "Natura" is an alternative to the Greek word "Physis", which means birth, commencement, natural composition or to come into being. There are multiple literal translations of the word “فطرت” (Nature) such as Nature, birth, creation, universe, being, instinct, temperament, attitude etc. The “فطرت” is explained as the natural existence of universe and naturally coming into being of things which are created and nurtured and whose creation is above the human capacity. For example, the sun, moon and the stars etc. which the man can rejoice but cannot alter according to his will and the man has no part in the creation of nature. The nature apparently is the natural reflections present in the external human world, which have been there in different forms even before the birth of mankind. And by observing them, humans experienced wonder, curiosity, whims, fear, joy and the desire to know even though they did not contribute to the creation of this entire cosmos. Hence, the oceans, rivers, mountains, trees, flowers, animals and birds, all are the various forms of natural marvel. The human himself is an example of natural creation. This research paper explores concepts related to naturalism and its different types, and dimensions.

Keywords: Nature, Naturalism, creation, universe, human being. 

 

انسان يا حيوان جي ڪوشش بنا جوڙيل، عرش، فرش ۽ ان تي رھندڙ ھر شئي، جنھن ۾ ڪنھن جو به عمل دخل نه ھجي، ان کي فطرت سڏيو وڃي ٿو. خود انسان پڻ فطرت جو حصو آھن. فرق صرف ايترو آھي ته انسان شعور جو مالڪ آھي ۽ فطرت جو وجود شعور کان خالي آھي. اک کوليندي ئي اسين پنھنجي چؤگرد، جيڪي به نظارا، ڏيک ۽ منظر ڏسون ۽ پسون ٿا، اھي سڀ فطرت جو شاھڪار آھن. ڏٺو وڃي ته ھر جيوت بنا فطرت جي اڌوري ۽ نامڪمل آھي، ڇو ته اھا فطرت جي بنا زندگي گذاري نه ٿي سگهي. اڄوڪي ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ انسان ڪجهه گهڙيون عارضي آسائشون ۽ سُکَ ماڻي ٿو، پر انهن مان جلد بيزار ٿي فطرت جي گھرائين، رنگارنگي ۽ حسناڪيءَ مان سڪون حاصل ڪري ٿو. ڏٺو وڃي ته انسان پيدائشي طور فطرتي رنگ ۾ رڱيل آھي ۽ اھو سدائين فطرت سان جڙيل ۽ ان جو اڻ ٽٽ حصو ئي آھي.

فطرت جي لغوي معنيٰ ۽ مفھوم

سنڌي ادب تي پرڏيھي ادب جو تمام گهڻو اثر رھيو آھي. خاص طور تي جديد ادب انهيءَ جي اثر ھيٺ آھي. پرڏيھي ادب جون نثري صنفون ھجن يا نظم جون تحريڪون ھجن يا لاڙا، انهن مان ڪيترين ئي صنفن ۽ تحريڪن جو سنڌي ادب تي اثر نظر ايندو آھي. فطرت به ھڪ لاڙو آھي، جنھن جي پويان ھڪ جھان آھي، جيڪو پنھنجي مڪمل تواريخ ھئڻ ڪري، ھر ٻوليءَ جي ادب کي متاثر ڪندو رھيو آھي. اھڙين ٻولين مان سنڌي ٻولي به ھڪ آھي.

”فطرت“ انگريزيءَ جي لفظ ”نيچر“ ( (Natureجو متبادل لفظ آھي، جنھن جون ڪيتريون ئي معنائون آھن. جيئن ته: قدرت، عالَمُ، دنيا، خلقت، سَرشت، طِينتِ، موجودات، عادت، طبيعت، خصلت، سيرت، جوڙجڪ يا جوھر، چال چلت، سڃاڻپ، خصوصيت، نمونو وغيره. اسين پھرين انگريزي لفظ ”نيچر“ جي مفھوم کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، ان کانپوءِ ”فطرت“ کي.

نيچر (Nature)

ھر ھڪ ٻوليءَ جي لفظن جا بنياد لساني ٿيندا آھن، جن ۾ تاريخ ۽ ٻوليءَ جو ارتقائي سفر سمايل ھوندو آھي، جنھن سان لساني جاگرافي ۽ انهن جو اصل نسل معلوم ٿيندو آھي. ايئن کڻي چئجي ته انهن سان لفظن جو صحيح استعمال ۽ معنيٰ اڀرندي آھي. ان سبب ئي ھر ھڪ لفظ کي ڄاڻي، پَروڙي ۽ سمجهي سگهبو آھي.

“From Middle English natur, nature, from Old French nature, from Latin nÄtÅ«ra (Natura), (“birth, origin, natural constitution or quality"), (g) natus (“born"), (g) nasci (“to be born, originate").” (1)

(وچولي انگريزيءَ زبان تان نيچرۡ، نيچر، قديمي فرانسيسي تان نيچر، رومي زبان تان ”نيچرا‌“ (پيدائش، ابتدا، فطرتي جوڙجڪ يا خاصيت)، (گريڪ) نيٽس (پيدائشي)، (گريڪ) ناسڪي (پيدا شدھ، وجود وٺڻ)

’نيچر‘ کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ دنيا جي مشھور ويب سائيٽ وڪيپيڊيا تي ھن ريت لکيل آھي:

“The word nature is derived from the Latin word natura, or "essential qualities, innate disposition", and in ancient times, literally meant "birth". Natura is a Latin translation of the Greek word physis (φύσις), which originally related to the intrinsic characteristics that plants, animals, and other features of the world develop of their own accord”. (2)

(لفظ نيچر رومي لفظ نيچرا مان ورتو ويو آھي. جنھن جي معنيٰ آھي، (ضروري خاصيتون يا قابليتون، قدرتي سڀاءُ يا طبيعيت) ۽ پراڻي زماني ۾ لفظي معنيٰ ”جنم“ آھي. نيچرا ترجمو آھي يوناني لفظ سائيسس جو، جيڪو حقيقت ۾ تعلق رکي ٿو ٻوٽن، جانورن ۽ دنيا جي قدرتي شين سان، جيڪي آھستي آھستي پنھنجي رضامنديءَ سان وڌنديون رھن ٿيون.)

مٿين ٻنهي حوالن کي غور سان پڙھي ڏسجي ته نيچر جو اصل نسل ھيئن معلوم ٿيندو: لفظ نيچر (NATURE) قديم فرانسيسي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل رومي (Latin) زبان جي لفظ ”نيچرا“ (Natura) مان ورتل آھي، ان جو صِيغو نيٽس (Natus) آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ’پيدائش‘. اسين چئي سگهون ٿا ته نيچر جو سڌو سنئون واسطو پيدائش، خِلقت ۽ قدرت سان آھي.

لفظ نيچر کي سمجهڻ جي لاءِ جڳ مشھور انگريزي لغت آڪسفورڊ جو حوالو ڏجي ٿو:

“Nature: 1: all the plants, animals and things that exist in the universe that are not made by people 2: the way that things happen in the physical world when it is not controlled by people” (3)

(1: سڀئي ٻوٽا، جانور ۽ قدرتي شيون، جي ڪائنات ۾ وجود رکن ٿيون، پر انهن جو خالق انسان ناھي. 2: طبعي دنيا ۾ دستور موجب قدرتي شين سان جيڪو ڪجهه ٿئي پيو، ان جو اختيار انسان جي وسَ ۾ ناھي)

مٿين حوالن مان ’نيچر‘ جي لفظي معنيٰ ھن ريت معلوم ٿئي ٿي تھ، پيدائش، ڪائنات، قدرتي شيون وغيره سڀ انسان جي وسَ کان مٿانهيون آھن، جن مان اسين لطف اندوز ته ٿي سگهون ٿا، پر انهيءَ ۾ ڪا ڦير گهير نه ٿا ڪري سگهون. اسين انهيءَ جي منظرڪشي ته ڪري سگهون ٿا، پر انهيءَ کي پنھنجي مرضي مطابق جوڙي يا ڊاھي نه ٿا سگهون. ھا اسين ان جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ ڪي اپاءَ وٺي سگهون ٿا: جيئن وڻ، گل ۽ ٻوٽا پوکي ان ۾ تازگي پيدا ڪري سگهون ٿا، جانورن، پکين ۽ جيتن جي پالنا ڪري واڌارو ڪري سگهون ٿا.

فطرت

’نيچر‘ (Nature)جو متبادل لفظ ’فطرت‘، جيڪو ھوبھو نيچر جي معنيٰ ۾ استمعال ٿئي ٿو. ھتي ’فطرت‘ عربي ٻوليءَ جي لفظ ’فَطَرَ‘ مان ورتل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ”جنھن پيدا ڪيو“. يعني اسين چئي سگهون ٿا ته فطرت قدرت جي خلقت يا پيدائش سان تعلق رکي ٿي.

”فَطَرَ فَطۡرََا :پيدا ڪرڻ، شق ڪرڻ

فَاطِرَ:  پيدا ڪرڻ وارو

فطر فطرََا:          ڦاڙڻ

الفطر: نباتات جيڪي زمين مان پيدا ٿين

تفطّر والفطر : ڦاٽڻ. اھڙيءَ طرح ’فاطر‘ چوندا آھن پيدا ڪرڻ واري کي. ان جي ڪري فطرت مان اھي شيون مراد وٺجن ٿيون، جن جو تعلق سڌو سنئون فاطر الارض والسمٰوٰت سان ھجي“. (5)

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ فطرت جي معنيٰ ھيٺين ريت بيان ڪئي آھي:

فطرت: ”ث. (ع. فَطَرَ ھن پيدا ڪيو) پيدائش، خلقت، سرشتي، اصل خلقت، آفرينش، نيچر، قدرت، جنھن به شيءِ جو اصل مادو، جوھر، سڀاءُ طبيعت، سيرت، جبلت، مزاج“ (6)

مٿين راين ۽ حوالن تي غور ويچار ڪجي ته معلوم ٿيندو؛ مشرقي ٻولين ۾ فطرت جي معنيٰ قدرت، پيدائش، خلقت، آفرينش، ڪائنات، جبلت، طبيعت، سڀاءُ يا مزاج طور استعمال ٿئي ٿي. جھڙيءَ طرح انگريزي لفظ نيچر جون معنائون بيھن ٿيون، اھڙيءَ ريت سنڌي ۽ ان سان واسطو رکندڙ ٻيون ٻوليون فطرت جي معنيٰ ۽ مفھوم کي واضح ڪن ٿيون. فرق صرف پسمنظر جو ٿئي ٿو، جيڪو ھر ٻوليءَ جي ادب ۾ مختلف ملي ٿو. قدرتي رنگن جي ڪري ھر ھڪ خطي جي پنھنجي پنھنجي جماليات ۽ منظرنگاري ٿئي ٿي. ان خطي جا پنھنجا پنھنجا قومي جانور، پکي، گل ۽ ٻوٽا وغيره ٿين ٿا، جيڪي فطرتي رنگ ۽ ماحول کي خلقن ٿا. زمين ۽ آسمان منجهه جيڪي به شيون وجود رکن ٿيون، اھي سڀ فطرت جو سرشتو ۽ خميرُ سڏجن ٿيون.

فطرت پنھنجي اندر وسيع مفھوم رکي ٿي. ڪيئي ڪھڪشائون ان ۾ نظر اچن ٿيون. زينت جبين لکي ٿي ته ”فطرت جو دائرو وسيع آھي. ڇو ته ان ۾ اھي تمام ظاھري ۽ مادي شيون شامل آھن، جن جو تعلق سڌو سنئون خالقِ مطلق سان آھي ۽ انسان جو ان ۾ ڪو به دخل ناھي“(10) يعني فطرت انسان جي وس ۽ سگهه کان مٿانھين آھي. ٻي ڳالهه ته ظاھري ۽ مادي شيون فطرت جي تخليق جو عاليشان مثال آھن.

طبيعت، جبلت ۽ فطرت ۾ فرق

اسان وٽ طبيعت، جبلت ۽ فطرت کي ساڳيءَ معنيٰ طور استعمال ڪيو ويندو آھي. جڏھن ته ھي ٽيئي لفظ پنھنجون الڳ الڳ معنائون ۽ مفھوم رکن ٿا. فطرت جي معنيٰ (جيڪا مٿي بيان ڪئي وئي آھي) پيدائش سان گڏ جبلت ۽ طبيعت پڻ ڪئي وئي آھي، ان جو ڪارڻ شايد قدرت جي پيدائش جي ڪري جوڙي وئي آھي. باقي مطلب ۽ مراد معلوم ڪري ڏسجي ته فطرت کان ڪافي ڏورانهين آھي، جيڪا شايد لغت نويسن جي نظر کان دور رھي آھي. ھتي مختصرن انهن ٽنھي لفظن جي وضاحت ڪجي ٿي ته جيئن محقق، اديب ۽ عام پڙھندڙ ان جي مقصد کي واضح طور سمجهي سگهن.

طبيعت

طبيعت جي لفظي معنيٰ ”مزاج، خصلت يا خصوصيت“ وغيره آھي. عمومي طور تي ھي لفظ جاندارن ۽ بيجان لاءِ استعمال ٿيندو آھي. جاندارن مان مراد حيوانات گل، ٻوٽا ۽ وڻ وغيره آھن. اسين پنھنجي ماحول ۾ اھڙن وڻن ۽ گلن مان واقف آھيون، جن جي طبيعت نازڪ ٿيندي آھي. اھي موسمن جي حساب سان پڻ ڄاتا ويندا آھن. جيئن بيد جو وڻ، گرمي جي موسم ۾ پاڻ ئي ڏارجي ڪري پوندو آھي. اسان ان جي طبيعت (خصوصيت) اھا ڪري ڄاڻيندا آھيون ته ”بيد جو وڻ گرميءَ جو ڀاڙي آھي“. ان مان اسان کي ان جي طبيعت (خصوصيت) معلوم ٿي نه ڪي فطرت.

بيجان شين جي لاءِ پڻ طبيعت لفظ استعمال ٿيندو آھي، جن ۾ پٿر ۽ پاڻي وغيره اچي وڃي ٿو. جيئن چوندا آھيون ته آڪسيجن جي طبيعت (خصوصيت) اھڙي آھي ته اھا سڙندي ۽ باهه ٻارڻ ۾ مدد ڏيندي آھي. ڪيتريون ئي شيون آھن، جيڪي پنھنجي خصوصيت جي ڪري ڄاتيون وينديون آھن ۽ انهن لاءِ طبيعت (خصوصيت) لفظ استعمال ٿيندو آھي. اڄوڪي دور ۾ ان لفظ کي انسانن لاءِ پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو جيئن؛ ”امڙ جي طبيعت ناساز آھي“.”چاچو طبيعت جو بخيل آھي“. ھن جو سڄو دارومدار خصوصيت تي آھي. ايئن چئجي ته ”ھڪ اھڙي خصوصيت جيڪا ڪنھن تاثر جو بنياد بڻجي وڃي ان کي طبيعت چئبو آھي.“ (11)

جِبِلتَ

جبلت جي لفظي معنيٰ آھي ’پيدائشي قوت‘. جيڪا ھر ھڪ حيوان کي پنھنجي نوعيت وارن خاص عملن لاءِ آماده ڪري پوريءَ طرح ادا ڪرائيندي رھي. اردو ۾ ھن کي ’غزيره‘ سڏيو ويندو آھي، جيڪو گهڻو تڻو جانورن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي. جڏھن ته انسانن لاءِ نه برابر جھڙوڪ استعمال ٿيندو آھي. ”حيوان ڪنھن خاص اندروني خصوصيتن جا حامل آھن، جيڪي انهن جي زندگيءَ جي رھنمائي ڪن ٿا ۽ حيوانن ۾ نيم آگاھي ‘نيم شعوري’ واري حالت ڄاتي وڃي ٿي، جنھن طرز تي ھو رستي کي سڃاڻين ٿا ۽ ھيءَ حالت ڪَسبي ناھي بلڪه اڪتسابي ۽ جبلي آھي.“ (12) (ھن جي لاءِ فارسيءَ جو لفظ ”سرشٽ“ به استعمال ٿيندو آھي). مثال طور: پکين جا ٻچا بنا ڪنھن تربيت جي اڏڻ شروع ڪندا آھن. مينھن يا ڍڳيءَ جي ڦرن کي انسان جي ڄاول ٻار جيان پستان وات ۾ ناھي وجهبو، بلڪه ھو خودبخود اٿڻ شروع ڪندو آھي، ٻن ٽن ڪوششن کان پوءِ جڏھن اٿي بيھندو آھي ته پستان ڳولهي پنھنجي بک ۽ اڃ پوري ڪندو آھي. ان سڄي ماجرا کي حيواني جبلت چئبو آھي. انهيءَ ڪري ھي لفظ به فطرت کان ڪافي ڏورانھون نظر اچي ٿو.

فطرت

”ھن لفظ جو لاڳاپو انسانن سان ھوندو آھي ۽ لفظ ’فطرت‘، ’طبيعت‘
۽ ’جبلت‘ وانگر ھڪ تڪويني مفھوم رکندو آھي يعني انساني سرشت جو ھڪ حصو آھي. تڪويني مان مراد اھا آھي ته ھي اڪتسابي يا ڪسبي ناھي. ھي ’جبلت‘ کان وڌيڪ آگاھي ڏيندڙ شئي آھي. انسان جيڪو ڪجهه ڄاڻي ٿو، ان علم بابت آگاھي حاصل ڪري سگهي ٿو، يعني انسان ڪجهه ’فطرتي‘ جو حامل آھي ۽ ھو ڄاڻي ٿو ته ان ۾ ڪجهه
’فطرتي‘ آھي. (13)

فطرت جا قسم

فطرت نگاريءَ کي ھر ھڪ محقق پنھنجي پنھنجي حساب سان ورھايو ۽ سمجهايو آھي. انهيءَ کي ننڍن جزن ۾ ونڊي ان جو ڇيد ڪيو آھي، پر ٿلھي ليکي ڏٺو وڃي ته فطرت ٽن اھم قسمن اندر گردش ڪري ٿي. انهن ٽن قسمن جو ڇيد ڪجي ته سوين شاخون ۽ جُزا ٺھي بيھندا. فطرت جا ھي  ٽي اھم قسم آھن:

  • فطرت پرستي
  • فطرت جا مظھر
  • انساني فطرت

فطرت پرستي

ڌرتيءَ تي جڏھن انسان اک کولي ته حيرت، تجسُس ۽ خوف سندس زندگيءَ جو حصو بڻجي ويا. ھنن جيئري رھڻ لاءِ کاڌي پيتي جي گهرج محسوس ڪئي، جنھن سبب ھو متلاشي ۽ ڳولائو بڻجڻ لڳا. سندن منزلون ھزارين ميلن تائين پکڙيل ھيون. منزلن کي ماڻڻ خاطر جيڪي ڏکيائيون سامھون آيون، انهن جي ڪري انسانن جي ذھني فطرت نوان موڙ اختيار ڪرڻ لڳي. ھنن اڳيان يا سامھون ايندڙ خطرا ڄڻ لازم ملزوم بڻجي ويا. فطرت جي اونھائي سندن وھم گمان جو جُزُ بڻبي وئي. ڪيترن ئي ھيبتناڪ فطرتي مظھرن سان مُنھن مقابل ٿيا. ميمڻ عبدالغفور لکي ٿو ته:

”قديم دور جو انسان فطرت اڳيان بي وس ۽ بي ھٿيار ھو، جتي چوڌاري سندس زندگي تي الرون ڪندڙ ڪيترائي سندس دشمن ھئا. ان وقت ڪيترائي واقعا سندس حيرت ۽ تجسس جو سبب بڻجندا ھئا. جن ۾ زلزلا، ٻوڏون ۽ قدرتي آفتون، موسمياتي ڦيريون گهيريون ۽ انهن جا اثر، خوفناڪ جانورن جي چيرڦاڙ مختلف بيماريون ۽ موت اچي وڃن ٿا“. ھو فطرت کي قدرتي رنگن سان گهٽ، عقيده پرستيءَ جي نظر سان وڌيڪ ڏسڻ لڳا، ڇو ته ھنن کي ڪنھن نه ڪنھن ريت ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو ھيو. اوائلي انسان جنھن به جاءِ تي رھيو، فطرت جو محتاج ۽ حاجتمند رھيو. سندن خيالن موجب فطرت روزي روٽيءَ سان گڏ حاڪم، بي رحم، بي قياس ۽ آزاريندڙ پڻ آھي. ان ڪري ان کي راضي رکڻ عقيدو بڻجي پيو. ان سڄي عمل جي ڪارڻ فطرت پرستي وجود ۾ آئي.

قديم تھذيبن ۾ فطرت جي ڏھڪاءَ ۽ دھشت کان بچڻ لاءِ پوڄا پاٺ کي وجود ۾ آندو ويو، جنھن سان ھو پنھنجي ويجهي شئي جو نظرانو ڏيئي، فرحت ۽ بخشش محسوس ڪرڻ، پنھنجي جسم کي نوڪدار ڪنڊن سان نشانبر ڪرڻ ۽ ڪنھن ويجهي ساٿيءَ يا سزاوار کي موت جو کاڄ بڻائي، ان کي راضي ڪرڻ وغيره ۾ مشغول بڻجي ويو. ان جو سبب پنھنجو پاڻ بچائڻ، وڻائڻ ۽ سُرخُرو رھڻ ھو. ان کان سواءِ پنھنجي وھم ۽ خود جي تسڪين به ھئي.

”جڏھن انسان جو دنيا ۾ ظھور ٿيو ته ان جو سڀ کان پھريون واسطو فطرتي منظرن سان پيو. فطرت جي جمال يعني ميون، گلن، وڻن ٻوٽن ۽ انهن جي فائدي پھچائڻ وارن عنصرن، انسان تي خوشگوار اثر وڌا. پر جڏھن ان جو واسطو فطرت جي جلال يعني ڪڪرن جي گجگوڙ، کنوڻ جي چمڪاٽن، ٻرندڙ جبلن، ٻوڏُن، زلزلن ۽ ھيبتناڪ جانورن سان ٿيو ته انهن کان خوف کائڻ لڳو. انهن ٻنھي حالتن ۾ ھن مظاھرن کي پنھنجي وس ڪرڻ ۽ خوش ڪرڻ جو جتن شروع ڪيو، ڇو ته اھي انساني زندگيءَ کي آمھون سامھون ھيون. اھڙيءَ طرح جڏھن انسان کي فطرتي منظرن مان فائدو پھتو ته ان پنھنجي فھم جي حساب سان انهن کي پَرستَشِ جي لائق سمجهيو. مثال طور؛ وڻ ٻوٽا، ميوا، فائدو پھچائيندڙ جانور جيئن، ڳئون وغيره ۽ جنھن شئي مان نقصان جو انديشو ھيو، ان جي پرستش شروع ڪئي، جيئن نانگ وغيره.“(14)

ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ لکي ٿو ته:

”جڏھن شروعات ۾ انسان اڪيلو، بي يارومددگار، فطرت اڳيان بي وس ھو ۽ ڌرتي ھن لاءِ جنگ جي ميدان جي مثل ھئي، ان وقت موت، خوف، دھشت، تجسس ۽ فطرتي حالتن کي ڏسي ماڻھن وٽ روح ۽ ديوتائن جا تصور ٿيا ۽ مذھبن جي ھڪ سادي شڪل پيدا ٿي“.(15)

ان سڄي صورتحال مذھبن کي جنم ڏنو. مذھب ماڻهوءَ جي عقيدن جو بنياد بڻيا.

”مذھبي يا نيم مذھبي جذبات جون ٽي الڳ الڳ ڌارائون انهيءَ سڄي ماجرا مان سڃاڻي سگهجن ٿيون: (1) آسماني نظارا: سج، سَيارَه ۽ تارن جون گردشون ۽ انهن مان پيدا ٿيندڙ ھيبت ۽ حيرت انگيزي، (2) موسمن ۽ زمين تي نباتات ۽ اناج جي افزائش جي لاءِ نھايت اھم ويجهڙائپ ۽ (3) جنس تَوَلد جي ڳُجهه متعلق. واضح طور تي ھي ٽئي ڌارائون ڪافي حد تائين پاڻ ۾ ڄڻ ملي ويون آھن.“(16)

يعني چئي سگهجي ٿو ته انسان ڪجهه پنھنجي رضا خوشيءَ سان ته ڪجهه فطرت جي دھشت کان ان کي پنھنجو معبود بڻايو. ان جي پرستش ڪئي ۽ پاڻ کي فطرت پرست سڏرايو. بابلي، سميري، مصري، يوناني، سنڌو سڀيتا يا ايشيا کنڊ جون قديم ڏندڪٿائون پڙھي ڏسجن ته ان ۾ فطرت جي پرستش عام جام نظر ايندي. ان ڪري فطرت سان وابسته وھم ۽ عقيده ھڪ وسيع موضوع آھي.

فطرت جا مظھر

فطرت جو ھي ٻيو قسم آھي. ھن ۾ ڪائنات جا ھزارين نظارا ۽ منظر شامل آھن.

منظرن جي قسمن بابت عزيز قاسماڻي لکي ٿو ته: ”ھن ڪائنات ۾ منظر ٻن قسمن جا آھن:(1) سماوي (2) ارضي. سماوي منظرن ۾ سج، چنڊ، تارا، ڪتيون ۽ سمورا نکٽ، موسمون، ھوا ۽ اڏندڙ پکي پکڻ، جهڙ، وڄ، گوڙيون، گجڪارون وغيره اچي وڃن ٿيون. ارضي منظرن ۾ ڍنڍون ڍورا، نديون، نالا، جبل، پھاڙ، کيت، ٻنيون، وڻ ٽڻ، گل ۽ ٻوٽا، رنگ سڀئي ساھوارا جانور، انسان، پَسُون پکڻ، جيت جڻيان، شھر ڳوٺ، ڀٽون ڀاڻان، وستيون واھڻ، باغ باغيچا، کيتيون واڙيون وغيره وغيره اچي وڃن ٿيون.“ (17) يعني زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ جيڪي به منظر ڏسجن ۽ پسجن ٿا، اھي فطرت جي مظھرن جا شاھڪار آھن. ھي فطرت نگاريءَ جو اھم قسم آھي. ڇو ته ادب جي تخليقڪار جي پھرين نگاهه فطرت جي مظھرن تي پوندي آھي. ھن جا ڪجهه اھم ۽ لازم عنصر آھن، جن وسيلي شاعر پنھنجي شاعريءَ کي ڪمال بخشيندا آھي. انهن ۾ جيڪي خاص عنصر آھن، انهن کي مختصرن بيان ڪجي ٿو ته جيئن موضوع کي چڱيءَ ريت پرکي ۽ سمجهي سگهجي.

آسماني نظارا:

دنيا جي ادب ۾ آسماني نظارن کي اولين فوقيت حاصل رھي آھي. ھر ھڪ اديب ۽ شاعر ان جي منظرن کي تنھائيءَ جي عالم ۾ پنھنجو رقيب ۽ ھم راز محسوس ڪندو آھي. ان کي اندر جو حال اورڻ، پرين جو روپ جاچڻ، محبوب کي سنيھو پھچائڻ سان گڏ، فطرت جو عظيم شاھڪار سمجهندو آھي. سندس تخيل ۾ ھزارين منظر رقص ڪندي نظر ايندا آھن جيئن: سج لھڻ ۽ اڀرڻ جا منظر، سج جي لالڻ، چانڊوڪي، چنڊ جو جهڙ مان نڪرڻ، چنڊ جو سُڪل وڻ مٿان نظر اچڻ، جنڊ جي گول جهرمٽ، اونداھيءَ ۾ ڪتي، ٽيڙو ۽ نکٽ تارن جو چمڪڻ، ڪھڪشائون، سج ۽ چنڊ گرھڻ جو اڀ کي رت جھڙو بڻائڻ، سج ۽ چنڊ جو پاڻيءَ ۾ عڪس، جبلن جي چوٽين مان خوبصورت ڏيک، سياري جي راتين ۾ کيرڌارا جو نروار ٿيڻ، ڪڪرن جي ڪاراڻ ۽ انهن جي بيھڪ، کنوڻين جا چمڪاٽ، مِينھن جون ڪڻيون، پورنماسي رات ۾ وسڪارو، سج جو ٻڏڻ، پرهه ڦٽيءَ جو پھر، ماڪ جي موتين ۽ ڌنڌ سان ڌنڌلا منظر وغيره وغيره.

موسمون:

موسمون انسان جي مزاج جو محور ھونديون آھن، جنھن سبب انسان جي طبع ڪڏھن چيڙاڪ ته ڪڏھن خوشگوار ھوندي آھي. موسمن جي حوالي سان ئي خطا، علائقا، ملڪ ۽ اتي رھندڙ قومون پڻ سڃاتيون وينديون آھن. انهن قومن جي ادب مان اندازو لڳائبو آھي تھ، مزاجن اھي قومون تيز ۽ ويڙھاڪ آھن يا ٿڌيون ۽ ڊڄڻيون. سنڌي ادب کي به ان پئماني تحت پرکي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر اسحاق سميجي روزاني ڪاوش ۾ لکيل پنھنجي ھڪ مضمون ۾ شاهه ۽ سچل جي ڪلام جو جائزو وٺندي، ٻنھي شاعرن جي مزاج تي موسمن جي اثر ۽ بدلاءُ تي لکيو آھي. شاهه وٽ نرم مزاجي ۽ مام ڀريل رمز ملندي، جڏھن ته سچل وٽ سرعام شوخي ۽ تاءُ ملندو. اھو فرق صرف ۽ صرف موسم جي ڪري آھي. ڇو ته لاڙ ۾ موسم سرد ۽ اُتر ۾ گرم رھندي آھي. ھي ته موسمن جو انسان تي اثر جو ذڪر ھيو. پر ڏٺو ويو آھي ته موسم جو اثر نه صرف انسان تي بلڪه حيوانن تي پڻ اثرانداز ٿيندو آھي.

موسمن کي شاعر ڪيئن ٿا محسوس ڪن، انهن جا ڪيترائي مثال آھن جيئن: مندن جي مٽجڻ سان ماحول ۾ خوشگواري. موسمِ بھار ۾ گلن جي نکرڻ جو وقت، وڻن جي نون گونچن سان ڀريل ھلڪو سائو رنگ، سرد موسم ۾ گلن ۽ پنن جي مٿان ڇڻيل ماڪ جي موتين جي مالھا، سياري ۾ پکين جو سيءُ کان جهنڊ ھڻڻ جو منظر، جانورن ۾ پنھنجي بچاءَ جي قوت جا منظر، پنن جو ھڪ ٻئي کي آغوش وٺڻ، گرمي جي موسم ۾ ھر ھڪ وڻ جا پن کليل ۽ رنگا رنگي، لُڪن ۽ گرم ھوائن جا ڏکوئيندڙ پلَ، پري پري تائين نظر ايندڙ تِرورا، موسمِ خزان ۾ پنن جي ڇڻڻ ڪري، وڻن جي ٽارين خالي ٿيڻ جو منظر، پنن جو زمين تي ڪرِڻ ۽ مختلف رنگن ۾ وڇائجي وڃڻ وغيره وغيره.

جبل:

جبل اوائلي انسانن ۽ ڪيترن ئي جيتن جڻين، جانورن ۽ پکين جي لاءِ آرام گاهه رھيا آھن. ادب ۾ انسان جو انهن سان ازلي ناتو جڙيل ڏسجي ٿو. شاعرن جي فطرت ۾ پھاڙ ڪڏھن خوبصورتي، ڪڏھن دھشت، ته ڪڏھن سھاري جي علامت رھيا آھن. تخيل جي دنيا ۾ انهن جو مثال ھيرن جي کاڻ کان گهٽ ناھي. پر جبلن بنا فطرت جي دنيا ڄڻ ڪوئلي جي کاڻ آھي. فطرتي منظرنگاريءَ ۾ ان جا ڪيئي مثال ملن ٿا. جيئن: جبلن تي بيٺل وڻ ۽ ساوڪ جا منظر، انهن جي ننڍ وڏائيءَ مان نظر ايندڙ سج ۽ ھلڪي ھلڪي ڌنڌ، مينھن کان پوءِ جبلن جي پاسن ۾ انڊلٺ جو نروار ٿيڻ. ٽڪرين تي جانورن ۽ پکين جي ھلت ۽ اڏام جو منظر، رنگ برنگي پٿرن جو ڏيک. انهن جي مٿان ڪرندڙ آبشار ۽ انهن جي ھيٺان پاڻيءَ جو ڏيک. پاسن مان ڦاٽي نڪرندڙ چشما، نئن جو منظر وغيره.

پاڻي:

پاڻي ھر ھڪ جيوت جي بنيادي ضرورت آھي. پاڻيءَ بنا جاندار شين جي فطرت ڪنھن تباهه ٿيل ڏيک کان گهٽ ناھي. پاڻي ئي آھي، جيڪو زميني منظرن کي ھڪ مڪمل ڪائنات بخشي ٿو. ان جي ڪيتري ضرورت آھي؟ ھر ڪوئي محسوس ڪري سگهي ٿو. ادب جي دنيا ۾ ان کي استعاري طور استعمال ڪيو ويندو آھي. ڪيترا ئي مثال، حوالا، منظر ۽ عڪس ان جي اھميت کي واضح ڪن ٿا. مثال طور: پاڻيءَ جو مختلف رنگن ۾ ھجڻ، پاڻيءَ ۾ ڪرندڙ سج جا ڪرڻا، پاڻيءَ جي وٽ تي وڻن جو ڦٽڻ، گلن جو پاڻيءَ اندر نکرڻ، پنن جي مٿان پاڻيءَ جا ڦُڙا، صاف شفاف پاڻيءَ ۾ نظر ايندڙ ٿُڙَ، دريائن جو وھڪرو، ڪنن جا ڪڙڪاٽ، نديون ۽ ڍنڍون جن جي ڪڙن سان بيٺل ٻوٽا ۽ وڻ، ٿڌڙي ھير جو لڳڻ ۽ مٿان بوندن ڪرڻ، بوندن تي زمين جو مھڪي پوڻ، مٽيءَ مان سلن جو اڀرڻ وغيره. ان کان علاوه سامونڊي نظارا؛ سمنڊ جي لھرن جو آواز ۽ پاڻ ۾ ٽڪراءُ، ڇولين جي مستي، ڪناري تي پيل واريءَ جو جھان، ان تي بيٺل پکي ۽ مختلف جانور، پاڻيءَ جي مٿان گج ۽ ان جي غائب ٿيڻ جو منظر، سامونڊي مڇين جي مستي، صاف پاڻيءَ ۾ نظر ايندڙ ٻوٽا وغيره.

زمين:

ھزارين سالن جي تاريخ رکندڙ زمين پاڻ ۾ ڪيتريون ئي شيون دفن ڪري چڪي آھي. تھه در تھه ڪيترن ئي قسمن جا نشان سمايل آھن. قديم دور کان وٺي اڄوڪي دور تائين ڪيترا ئي جيوت خوشيءَ ۽ سڪون سان زندگي گهاري ويا ۽ گهاري رھيا آھن. انهن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ خوبصورتيءَ جا منظر ھميشه قائم ۽ دائم رھيا آھن. جيتري آسمان جي اھميت آھي، ان جي ڀيٽ ۾ زمين جو وقت سوايو نظر ايندو. منظرن ۾، زمين جي مختلف رنگن جو ميڙ، چڪڻ ۾ ڪنھن ڦاٿل جانور يا پکيءَ جو منظر، ڌڻن جي پيرن مان اٿيل کيھه، واچُوڙن ۾ اڏيل مٽيءَ جو ڏيک، بيابان ۽ رڻ پٽ تي جيتن جڻين جون قطارون. فصلن ۽ پوکن ڦٽڻ مان ايندڙ سرھاڻ، گل ڦل، ٻوٽا، وليون، ماٿريون ۽ ٻيا سوين منظرشامل آھي.

رڻ يا صحرا:

سنڌي ادب تي سرسري نظر ڦيرائي ڏسبي ته ان ۾ ٿر جو ذڪر نمايان طور ملندو. ٿر ماروئڙن جي ڪري حب الوطنيءَ جي اعليٰ نشاني آھي. ان ۾ ڪافي فطرت جي گھرائي پڻ آھي. ٿر يا ريگستان جي فطرتي سونھن ۽ ان سان گڏ ڪٺن زندگي ھر ھڪ کي اتساھيندي رھندي آھي. ڪڏھن ماڻهو ان مان لطف اندوز ٿيندو آھي ته ڪڏھن روئڻھارڪو ٿي پنھنجو پاڻ ان تان فدا ڪندو آھي. ٿر چترڪار جي نظر ۾ ڪنھن عظيم فن پاري کان گهٽ ناھي. ان جي رنگن جي ميلاپ سان ڄڻ وجود ۾ آيو ھجي ۽ ان ئي ھن جا اھي منفرد ڏيک پيش ڪيا آھن، جن مان ڪجهه ھي آھن: واريءَ جي نه کٽندڙ دڙن، ڀٽن ۽ ڊٻن جو ڏيک، ريگستاني جيوت جي ھلت چلت، مينھن جي وسڻ کان پوءِ ٻوٽن جو نڪرڻ، جانورن جي مستي، لڪن جي تپش ۾ پڪل ميوا، مور، ڊيلون، رڃ، ھرڻ سميت مختلف جانورن جا منظر، ثقافتي رنگارنگي وغيره.

جهنگ:

جهنگ قدرت جو عظيم شاھڪار آھي، جنھن جي ابتدا ازل کان ٿيل آھي. سوين وڻ، ٻوٽا ۽ جَڙيون ٻوٽيون، جن سان اوائلي انسان پنھنجي گهرج پوري ڪندو ھو. ميون سان گڏ ھو جڙيون ٻوٽيون ھٿ ڪري پنھنجي مرض جو علاج ڪندو ھيو. ڪي اھڙيون به ٻوٽيون ھيون، جن کي کائي پنھنجي بک پوري ڪندو ھيو. ڇو ته جڏھن اوائلي انسان جانورن ۽ پکين کي پالتو بڻائڻ ۽ ان سان محبت ڪرڻ شروع ڪئي ته ھو گوشت خور بجاءِ سبزي خور بڻجي ويو ۽ ھن جنگلن ۾ پنھنجي ضرورت پوري ڪئي. ايستائين جو قبيلن جي صورت ۾ رھڻ باوجود ھن جنگل طرف رخ ڪيو. اتي رھائش پذير ٿي فطرت جي اونھائين کي جاچڻ لاءِ تجربن کي پنھنجو مسڪن بڻايو. ڪافي نقصان کائڻ کان پوءِ نيٺ ھو سڦل ٿي ويو. ڪيتريون ئي ڪٺن گهڙيون ڏسڻ باوجود به ھن فطرت کي ھٿئون ڪين ڇڏيو. انهيءَ ورجاءَ سبب ھو فطرتي منظرن کي پسڻ جو عادي بڻجي ويو ۽ روز به روز انهن جي اھڙي نموني منظر ڪشي ڪندو رھيو: گهاٽن ۽ ڳتيل وڻن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو، اوچائيءَ تان نظر ايندڙ انهن جي ننڍ وڏائيءَ جي سونھن ۽ رستن تي وڪڙ کائيندڙ موڙ،، پکين ۽ جانورن جي مٺين ٻولين جي گونجار، انهن جي رھائش جي جوڙيل خوبصورتي، تري ۾ ڦٽل نون وڻن ۽ مٿان ڪريل پنن جو منظر، گهاٽن وڻن جي ڇانوَ ۽ ٿڌڪار، ڪنھن ڪنھن جاءِ تان ڪرِڻن جي ڪرڻ جا منظر، ساواڻ ۽ وڻڪار جي تازگي، وسڪاري ۾ بچاءُ ۽ پنن جي خوبصورتي، جهنگلي جانورن جي پاڻ ۾ زندگي گهارڻ. جهنگ مان گذرندڙ ھوا جا سوساٽ، جهنگن مان وھندڙ پاڻيءَ جا چشما وغيره.

باغ:

باغ جو تعلق گلن، وڻڪاري ۽ نون قسمن جي جَڙين ٻوٽين سان آھي، جنھن ۾ انسان پنھنجي ڪوشش سان مختلف چَڪيون ۽ ٻج ڇٽي، ان کي خوبصورت ۽ دلڪش بڻائيندو آھي. باغ ۾ گلن جا سوين قسم فطرتي منظر پيش ڪندا آھن. مکڙين تي ويٺل پوپٽ، ماکيءَ جون مکيون انتھائي سھڻو ڏيک پيش ڪنديون آھن. گلن جا تيز ۽ ھلڪا رنگ سوين ڏيک ڏيندا آھن. سڳنڌ ۽ سرھاڻ ڪشش ۾ اضافو ڪندي آھي.

انساني فطرت:

انسان فطرت جو سنواريل سڌاريل حصو آھي، جيڪو فطرت جي گھراين کي جاچڻ جي سگهه رکي ٿو. جنھن جي من ۾ ھزارين فطرتي رنگ وسن ٿا. ھن جي اندر ۾ ھڪ الڳ فطرت وجود رکي ٿي، جنھن کي ’نفسيات‘ (PSYCHOLOGY) پڻ سڏي ٿو. اندر جون جوڙجڪون ۽ بناوٽون اھڙيون ٺھيل آھن، جن سان ھو فطرت جي منظرن کي جاچي پنھنجي من جي آس پوري ڪري سگهي ٿو. ھو فطرت کي ٻين جيوتن جي ڀيٽ ۾ الڳ محسوس ڪري ٿو. ان کي پنھنجي خيالن ۾ وجهي، ان کي اعليٰ سطح تي کڻي وڃي ٿو. جڏھن ته ھو پاڻ فطرت جو حصو آھي، ان جي باجود ھن پنھنجي اندر پڻ فطرت کي وجود ڏنو آھي. فطرت کي پاڻ ۾ سمايو آھي. منور ھاشمي چواڻيءَ، نيچر ”... جيڪو يوناني ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جو مطلب پيدائش ۽ آفرينش آھي. يوناني زبان ۾ ان لفظ کي بنيادي صفتن يا پيدائشي معنائن ۾ به استعمال ڪيو ويندو آھي، انهن معنائن ۾ ھر شئي پنھنجي فطرت رکندي آھي، پوءِ جبل ھجن يا درياءَ، باهه ھجي يا پاڻي، انسان ھجي يا حيوان...“ (18) اھڙي نموني انسان به پنھنجي فطرت رکي ٿو. انهيءَ ڪري قدرتي فطرت ۽ انساني فطرت الڳ الڳ ٿي بيٺيون آھن. مظاھرِ فطرت ۾ ان جو حصو ڪنھن خوبصورت منظر کان گهٽ ناھي، پر جڏھن ان جي اندروني فطرت جي جاچ ڪجي ٿي ته ھو مظاھرِ فطرت کان ڪجهه ڏور آھي. ڇو ته ھن جي من جي آنڌ مانڌ، تڪليفون ۽ رچنائون وغيره پنھنجون رچيل آھن. ھن جي دل ۾ جيڪا احساس ۽ شعور واري حالت آھي، اھو خود شناسيءَ ۽ خود ساخته ھجڻ جي علامت آھي. انهيءَ ڪري کيس الڳ سڃاڻپ يعني انساني فطرت جو نالو ڏنو ويو آھي.

فطرت جي مظھرن جا رخ

شاعريءَ ۾ فطرت کي مختلف طريقن سان پرکيو، سمجهيو ۽ استعمال ڪيو ويو آھي. فطرت جي ذريعي سماج جي گھرائيءَ، عشق جي انتھا، احساسن جي دنيا ۽ زماني جي گردشن وغيره کي بيان ڪيو ويندو آھي. ادبي لاڙا، تحريڪون ۽ تمثيلون وغيره فطرت کي ھڪ سٺي سماج لاءِ پاڻ ۾ سمائي، ماڻھن اڳيان نروار ڪري، پنھنجو ڪم ڪن ٿيون. جيئن: رومانوي تحريڪ ۾ فطرت جي ذريعي سماج کي چٽڻ، ترقي پسند تحريڪ ۽ جاگيرداري نظام ۾ فطرت کي ظلم خلاف علامت ۽ استعاري طور استعمال ڪرڻ، انقلابي شاعريءَ ۾ فطرت کي شامل ڪري سماج جي ويجهو اچڻ، جديديت ۾ فطرت کي سماج جي ڳانڍاپي ۽ ردوبدل لاءِ استعمال ڪري، سج، چنڊ، ڪتين ۽ ٻين شين کي ھڪ نئين انداز سان علامت ۽ استعاري ۾ سمائڻ وغيره.

 اھڙي نموني فطرت جي مظھرن جا رخ پڻ ٿين ٿا، جن ۾ اڪثر شاعر پنھنجي محبوب جي سونھن، سوڀيا تان فدا ٿيڻ، پيڙا ۽ وڇوڙي جي حالت ۾ اچڻ ۽ تنھائيءَ جو شڪار ٿيڻ سان فطرت جي تجسيم ۽ فطرت سان مشابھت ڪري شاعريءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا آھن. اھي رخ ھي آھن:

(1)     فطرت جي تجسيم

Personification Of Nature

(2)     فطرت سان مشابھت

Analogy of Nature

(3)     فطرت جو تصيلي ذڪر

Description of Nature

(1) فطرت جي تجسيم   (Personification Of Nature)

تجسيم جي لفظي معنيٰ آھي، ”بي جان شئي کي جاندار چوڻ، ان کي شڪل يا صورت ڏيڻ وغيره“ ان جو انگريزي متبادل لفظ PERSONIFICATION آھي، جنھن جي معنيٰ آھي، ”انسان يا حيوان جي خاصيت بابت ڪيفيت ظاھر ڪرڻ.“ يعني شين کي انساني شڪل ڏيئي، ان سان مخاطب ٿيڻ جي حالت. جنھن مان ايئن ظاھر ٿيندو آھي ته، اھي ڄڻ زنده جاويد آھن ۽ روبرو ڪچھري ڪري رھيون آھن.

 

”شاعريءَ ۾ فطرت (جي تجسيم) لاءِ ايئن فرض ڪيو ويندو آھي، ڄڻ ته ان جو انسانن وانگر جسم ۽ وجود ھجي، جنھن جي اندر ۽ ٻاھر ايئن ئي موڊ ۽ موسمون تبديل ٿينديون آھن، جيئن انسان ۾ ٿينديون آھن. فطرت سان مخاطب به ٿي سگهجي ٿو ته اھا به اسان سان ڳالھائي سگهي ٿي؛ ڇاڪاڻ جو شاعر جو تخيل اھو ڪجهه ڏسي سگهي ٿو، جيڪو عام ماڻھن جي اک کان لڪل ھوندو آھي“ (19)

اڳيئن دور يعني ڏندڪٿائن واري دور ۾ فطرت جي تجسيم لوڪ ڪھاڻين ۽ قصن وغيره ۾ عام جام نظر اچي ٿي، پر انهن ۾ انسان جون اھڙيون ته خوبيون ٻڌايون وينديون ھيون، جيڪي ممڪنات ۾ ئي نه ھيون. ڪي ته آڳاٽي زماني جا ماڻهو فطرت جي تجسيم کي عبادت طور تي استعمال ڪندا ھئا. وڻن وغيره کي انسان يا ديوتا وانگر سمجهي، ان کان روزي روٽي گهرندا ھئا. ڪي ته پنھنجون تڪليفون دور ڪرڻ خاطر قربانيون ڏيندا ھئا. پر ظاھري طور تي فطرت جي تجسيم انسان کي قدرت يا فطرت سان جوڙي رکي ٿي، ڇو ته اسان جو معيار فطرت جي حوالي کان ٻڌل آھي. علم، ھنر يا ادب ۾ ان جو اظھار وقت بوقت ڪيو ويو آھي. ھر ھڪ ڄاڻوءَ جي پنھنجي سگهه ۽ قوت آھي، جنھن سان ھو فطرت جي تجسيم ظاھر ڪري ٿو.

فطرت جي تجسيم کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ نموني طور ٻه بيت شاهه سائين جا پيش ڪجن ٿا:

چنڊَ! چُئَئِن حَقُ، جي وِڙھين وِچِرين،
ٻه اَکِيُون ٽِئو نَڪُ، تو ۾ ناه پِريَنِ جِھو.

چانگي چَئي چُڪياسِ، مٿاءَ اَڪَ نه اُلَھي!
جه وَلِ گهـڻا وِھـائِـٽا، اُنَ سـين آرِ لَڳِـياسِ،
چــوڌارِي چــنـدنَ وَڻَ، پَـچِـي پُـوڄَ پِـياسِ،

راڙي رَتُ ڪِياسِ، ھنَ ڪُڌا تُوري ڪَرَھي! (20)

مٿين بيتن مان سمجهي سگهجي ٿو ته شاعر فطرت جي تجسيم کي ڪھڙي نموني پيش ڪيو آھي. ھو فطرت سان ڪھڙي نموني ڳالهه ٻولهه ڪري دل جو احوال پيش ڪن ٿا.

(2) فطرت سان مشابھت (Analogy of Nature)

مشابھت جي لفظي معنيٰ ”ھڪجھڙائي، مطابقت، تشبيھه، يڪسانيت، مطابقت، برابري، لاڳاپو وغيره“ آھي. انگريزي لفظ Analogy جي وضاحت ھن ريت ملي ٿي:

An analogy is a literary technique in which two unrelated objects are compared for their shared qualities”. (21)

(مشابھت ڪرڻ (تشبيھه ڏيڻ) ھڪڙو ادبي فن آھي، جو ٻن غير متعلق شين کي ڀيٽڻ لاءِ ھنن جون خاصيتون مشترڪ ڪندو آھي)

ھن رُخ ۾ فطرت جي ذريعي تشبيھه ڏئي، محبوب سان ڀيٽيو ويندو آھي. ڪڏھن ڀيٽ مٿانھين درجي جي ھوندي آھي، جنھن سان سڄڻ جي سونھن برابر ۽ لاڳاپو واضح ٿي بيھندو آھي. اڪثر شاعر فطرت سان مشابھت واري رُخ تي شاعري ڪندي نظر ايندا آھن. ڇو ته ھي رخ آسان ۽ ڳالهه سمجهائڻ ۾ سولو ھوندو آھي. ھن کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ ڊاڪٽر فھميده حسين جو حوالو ڏجي ٿو:

”شاعريءَ ۾ فطرت جو ٻيو رُخ تشبيھه ۽ استعاري ذريعي ھڪجھڙائي يا برابريءَ سان ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي، جيئن ماڪ ڦڙن کي رات جو لڙڪ چوڻ؛ چنڊ کي رات جي پيشانيءَ تي تلڪ سان تشبيھه ڏيڻ يا اُماس جي رات ۾ وشال آسمان ۾ چمڪندڙ تارن کي ’ستارن ڀريل چُني‘ چوڻ وغيره“(22)

فطرت سان مشابھت جا خوبصورت مثال ھيٺ ڏجن ٿا:

تون چانڊوڪي چيٽ جي، منھنجو من چڪور،

اچي ڪڏھن اور، مون سان ڳالھيون ڳجهه جون. (23)

 

سمونڊن جي قبضي ۾ صحرا اَٿوَ،
پھاڙن جي گهيري ۾ دريا اَٿوَ.
اُڏامون ٿا ڪيڏو به، آفاق آڏو،

وڏو ڄڻ ته پڃرو ھي دنيا اَٿوَ.(24)

(3) فطرت جو تفصيلي ذڪر  (Description of Nature)

فطرت جي ھن قسم ۾ فطرتي منظر ۽ نظارا اچي وڃن ٿا. ھن قسم جي ٿورڙن لفظن ۾ ڳالهه ڪجي ته ھيءُ عنوان صرف ۽ صرف فطرت جي گھراين، فطرتي خوبصورتين، فطرتي پھرن وغيره جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي. يعني ھن ۾ شاعر سڌيءَ طرح فطرت سان مخاطب ٿي ڪري، شاعري ڪندو آھي. مظاھرِ فطرت ۽ فطرت جو تفصيل بيان ڪرڻ ساڳي ڳالهه آھي، انهيءَ ڪري، ھن کي وڌيڪ بيان ڪرڻ بي معنيٰ ۽ اضافي ٿيندو.

              

حوالا:

  1. English Wiktionary. Available under CC-BY-SA license. http://www.yourdictionary.com/nature#EHQKu2VYmlcKx5S8.99
  2. Wikipedia, the free encyclopedia. https://en.wikipedia.org/wiki/Nature
  3. Oxford Advanced Learner’s Dictionary of current English. A. S Hornby. OXFORD UNIVERSITY PRESS. (eighth Edition 2010) (P: 1019)
  4. جبين، زينت، ”اردو نظم میں فطرت نگاری“. (پي ايڇ ڊي) ڊپارٽمينٽ آف اردو، عليڳڙهه مسلم يونيورسٽي، عليڳڙهه، انڊيا. 2013. ص: 8
  5. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر. جامع سنڌي لغات. (تحقيق ۽ تصنيف) جلد ٻيو (ڇ_ڪ) سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد. 2005. ص: 1318
  6. ميمڻ، عبدالغور، ڊاڪٽر. سنڌي ادب جو فڪري پس منظر. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد. 2017. ص: 23
  7. مطھري، آيت الله، شھيد، مولانا رياض حسين جعفري (مترجم). ”فطرت“ اداره منھاج الصالحين،جناح ٽائون، ٺوڪر نياز بيگ، لاھور. 2006. ص: 36
  8. فيروزُ الدين، مولوي، الحاج، (مؤلف) ”فیروز اللغات اردو جامع “.(نئون ايڊيشن)، فيروز سنز لميٽيڊ، لاھور. 1967. ص: 840
  9. ساڳيو. فطرت. ص:37
  10. ساڳيو. فطرت. ص: 40، 41
  11. جبين، زينت، ”اردو نظم میں فطرت نگاری“. (پي ايڇ ڊي) ڊپارٽمينٽ آف اردو، عليڳڙهه مسلم يونيورسٽي، عليڳڙهه، انڊيا. 2013. ص: 12
  12. ميمڻ، عبدالغور، ڊاڪٽر. سنڌي ادب جو فڪري پس منظر. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد. 2017. ص: 143
  13. ياسر جواد (ترجمھ)، ”انسان، خدا اور تہذیب“. جان جي جيڪسن، نگارشات پبلشرز، 24_مزنگ روڊ، لاھور. 2016. ص:99
  14. قاسماڻي، عزيز. ”شيخ اياز ۽ منظر نگاريءَ جو فن“ (تحقيق)، ڪنول پبليڪيشن، جنوري 2021ع، ص: 38
  15. ھاشمي، منور، ”اقبال کے اردو کلام میں فطرت نگاری اور ایک ہمعسر شاعر سے تقابلی جائزہ“ (پي ايڇ ڊي)، شبعه اردو، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، سنڌ. 2002. ص: 06
  16. فھميده حسين، ڊاڪٽر. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ فطرت نگاري. سنڌي ٻولي_تحقيقي جرنل.جلد ڇھون_شمارو ٻيو. اپريل_جون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.. 2013. ص: 33-32
  17. گربخشاڻي، ھوتچند مولچند. ”شاهه جو رسالو“ (چئن جلدن ۾).آر.ايڇ. احمد ائنڊ برادرس بڪسيلرس، پبلشرز، شاھي بازار، حيدرآباد. 1967. ص: 244-257
  18. “Literary Terms. Analogy”Literary Terms. 1 June 2015. Web. 3  2016. https://literaryterms.net/
  19. فھميده حسين، ڊاڪٽر. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ فطرت نگاري. سنڌي ٻولي_تحقيقي جرنل.جلد ڇھون_شمارو ٻيو. اپريل_جون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.2013. ص: 33
  20. اياز، شيخ. ”ڀونر ڀري آڪاس“. نيو فيلڊ پبليڪيشن حيدرآباد. 1989ع، ص: 02
  21. بخاري، استاد. ”لھر لھر دريا“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. 2016ع، ص: 26
71 ڀيرا پڙهيو ويو