سچل سرمست جي جلالي شاعريءَ جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو
(Sachal Sarmast: A Gallant Sufi )

ڊاڪٽر ساجده پروين

Abstract

This research paper focuses on the Sufi tradition of Sachal Sarmast, one of the prominent Sufi poets of 18th-century Sindh. The paper highlights that Sachal Sarmast was a Jalali Sufi, as his style of creative expression was open, straightforward, and evident in his poetry. For instance, he articulated Sufi concepts like "Anal Haq," which means "I am the Absolute Truth." In Sufism, this expression denotes a state of unity with the one Reality of God. Discussions about absolute truth in Sufism often delve into metaphysical realms. The experiences of intuition and the feelings of inner self—encounters with an absolute being—are often indescribable, representing a mystical reunion with a higher divine power. In Sindh, Sufi poets like Sachal Sarmast have followed the tradition of Mansur Hallaj, conveying experiential states of oneness within their teachings. In his poetry, Sachal Sarmast asserts that he transcends human identity. He firmly states that he is not merely a human being, as he believes that every human is "Maya," or illusion. The only true existence is God; thus, discovering this real existence within oneself is central to the Sufi path. In this context, this research examines the Jalali Sufi tradition exemplified by Sachal Sarmast.

Keywords: Sachal Sarmast, Sufism, Jalai Sufi, Anal Haq, Absolute Truth

 

سنڌ ۾ صوفي مت جا ٽي طريقا رائج رهيا آهن. هڪ جمالياتي، ٻيو ملامتي ۽ ٽيون جلالي جمالي  طريقي موجب:

”خدا سونهن جو ڳجهو خزانو هو، پنھنجو ئي جلوو پي پسيائين ته کيس جنبش جاڳي ته پاڻ سڃاڻجان ۽ هي ڪائنات پڌري ٿي پئي.“ (1)

مطلق وجود تائين رسائي صرف جمال ذريعي ٿي سگهي ٿي، ڇو ته  جيڪي ڪجهه به آهي ڀلي اهو پاڻ مون ۾ هجي يا مان پاڻ ۾ هجان، پر سونهن جي ڪشش ئي آهي، جيڪا وجداني وحدت ۾ جوڙي ٿي. سونهن موضوعي آهي، جنھن جي ڪا به خاصيت ناهي. تنھن ڪري سونهن مايا ۾ سرجي ٿي پر  مايا کان بالاتر آهي .  تنھن ڪري صوفي ڪائنات جي هر شيءِ ۾ خوبصورتي کي تلاش ڪندو آهي تان جو هڪ وقت اهڙو ايندو آهي جو ڪائنات جي ذري ذري ۾ خوبصورتي نظر ايندي آهي.

ٻيون طريقو اهو آهي ته مايا جي هن روپ ۾ انسان ”مطلق وجود“ کي وساري انا ، غرور ۽ تڪبر ۾ پئجي ويو آهي. جيستائين اها انا ختم نه ٿيندي يعني پاڻ نه وڃائيندو تيستائين هن کي به ڪونه لھندو. تنھن ڪري سنڌ ۾ هي طريقو مروج ٿيو ته صوفي  ڦاٽل ڪپڙن ۾ ، چرين جهڙيون حرڪتون ڪندي نظر ايندا ته جيئن ماڻهو کين ملامت ڪن. ڪي صوفي مجذوبي جي حد تائين وڃي اگهاڙا ٿي هلندا هئا ته ڪي وتائي فقير وانگر کل ڀوڳ جھڙيون ڳالهيون ڪري پنھنجي انا کي به ماريندا هئا ته فڪري نڪتا به ظاهر ڪندا هئا. سنڌ ۾ هي طريقو وڌيڪ رائج هو. ويھين صدي جي آخر تائين   عام ماڻهو ڳوٺ ڳوٺ ۾ ائين کل ڀوڳ ڪندي پاڻ کي چٿر جو نشانو خود بڻائيندا هئا پر هن طريقي تي تحقيق گهٽ ٿي آهي.

ٽيون طريقو جلالي آهي، جنھن مطابق ڪائتات جو وستار اصل ۾ مايا جو ڄار آهي. ظاهري روپ اصلي روپ ناهي.خدا ۽ بندي جي وچ ۾ زمان ۽ مڪان جو پردو پيل آهي. تنھن  ڪري ماڻهو هجوم ۾ پاڻ کي ڳولي ٿو. حقيقت ظاهري روپ رنگ ۾ لڪل نيستي آهي. نيستي ئي هستي آهي باقي موجودات  اکين جو دوکو آهن، جن کي  وقت جي وهڪري ۾ ڪا بقا ڪانهي. حقيقت بنا نالي ۽ بنا خاصيتن جي آهي، جنھن کي مادي علمن جي ذريعي حاصل نٿو ڪري سگهجي. اصلي مطلق وجود وستار جي هن پاسي آهي، جتي روپ نه رنگ آهي. مطلق وجود هن مايا جي  ڪوهيڙي ۾ ڪثرتي جز ۾ ظاهر آهي. تنھن ڪري پاڻ سڃاڻڻ جو طريقو هڪ ئي آهي ته عشق جي رستي وجداني حقيقت جو ادراڪ ڪجي ، جڏهن زمان ۽ مڪان جا پردا کڄي وڃن ۽ ڪشف حاصل ٿئي ته ان وقت  “ انا الحق “ جو نعرو بلند ٿيندو.

 اها ڪيفيت سرمستيءَ جي آهي، سچل سرمست به جلالي ڪيفيت ۾ سرمست ٿي انا الحق جو نعرو هڻندو هو، انهيءَ ڪري کيس سرمست چيو ويندو آهي.

سچل سرمست درازن ۾ ڄائو هو جنھن جو مطلب ئي آهي “ راز جو در“.  (2)

انگريزي ۾ صوفي مت کي Mysticism چيو ويندو آهي، ڇو ته انسان جي حقيقت هڪ وڏو راز ئي آهي، سچل چيو هو ته،

”آئون آهيان اسرار، ڀينر مون کي ڪير ٿيون ڀانئيو!

نوري ناري ناهيان، آهيان رب جبار.“(3)

چون ٿا ته صوفي مت مھراڻ جي واديءَ  جو ئي فلسفو آهي. وادي مھراڻ لداخ کان شروع ٿي  ڪراچي  تائين پھچي ٿي يعنيٰ گنڌاره تھذيب کان وٺي ڀنڀور تائين هڪ ئي تھذيب آهي.

ساڳيو فلسفو ويدن ۾ به موجود آهي رگ ويد ۾ چيل آهي ” اهم برهم اسمي“ يعنيٰ مان برهم آهيان. برهم مطلق وجود کي چيو ويندو آهي. (4)

وجود (existence) ڇا آهي؟ ۽ موجود (Being) ڇا آهي؟ ڇا انسان موجود ۾ وجود رکي ٿو. جيڪڏهن وجود موجود جي اندر لڪيل آهي ته ماڻهو جي ظاهري آدميت وارو عنصر اڌورو (Incomplete) بيڪار (Absurd) اهنڪار(Ego)  سان ڀريل آهي. جيئن جان پال سارتر چيو هو ته:

“Existence proceeds  essence”.

“To existentialists, human beings through their consciousness create their own values and determine a meaning for their life because the human being does not possess any inherent identity or value. That identity or value must be created by the individual. By posing the acts that constitute them, they make their existence more significant.”(5)

 

وجود  مڪمل خالي ۽ جوهر کان بغير آهي، جنھن ڪري  خالي وجود  کي شيءِ بنجڻ لاءِ يعنيٰ نئين سري سان  وجود  جي تڪميل ڪرڻي پوندي آهي پر مسئلو اهو آهي ته انسان جيڪي ڪجهه ڪري ٿو، اهو ان جي وجود جو متحمل ناهي، نه وري هو انهيءَ ڪم جي ڪري پيدا ٿيوآهي. تنھن ڪري جيڪو به عمل ڪري ٿو اهو خود فريبي آهي. يعني زندگي ٻار جي هٿ ۾  اهڙو خالي ڦوڪڻو آهي، جنھن ۾ پنھنجي هوا ڀري کيس اڏائڻو آهي.

سارتر وٽ انهيءَ جو حل اهو آهي ته انسان پنھنجي وجود کي روايتن مان ڪڍي بغاوت واري عمل مان گذري ته کيس پنھنجي اهميت جو وجدان ٿيندو. ته مان آهيان انهيءَ جو جواب ٻئي جي تسليم ڪرڻ ۾ آهي، انهيءَ ڪري سارتر وٽ تخليقي عمل ۽ بغاوت ۽ ثابت قدمي ٻئي عمل وجود جي خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

حقيقت آخر ڪھڙي آهي؟ صوفي چون ٿا حقيقت هڪ آهي، جيڪا سوين روپن ۾ ظاهر ٿيڻ کان پوءِ به هٿ نٿي اچي. ڪوڙ ۽ سچ، سالم ۽ غير سالم، موت ۽ زندگي، حقيقت ۽ دوکو، تصور۽  موجودات سڀ پاڻ ۾ ائين رليل مليل آهن، جيئن ڀٽائي چيو: هو.

جيئن سي کوهي نار، وهن واريءَ گاڏئان،

هينئڙو پريان ڌار، نبيريانس نه نبري.(6)

بلڪل ائين تخليق ۽ تخليقڪار پاڻ ۾ مليل آهن. اصل ۾ ڪوجهائپ ۽ جماليات هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن.  حسن جي اندر ڀيانڪ بدصورتي لڪيل آهي، ماڻهو بظاهر خوبصورت آهي پر ان جي چمڙيءَ پٺيان هڪ هڏائون پڃرو آهي، هن جي خوشبو اندر هڪ خوفناڪ ڌپ لڪيل آهي. جيئن چنڊ حسن جي علامت آهي پر اصل ۾ منجهس پٿرن ڀترن کان سواءِ ڪجهه ناهي.

سچل چوي ٿو :

پسي ڀت ڀليوس، ته آئون آدمي آهيان،

وچان جان ويوس، ساڳيو سچو آهيان. (7)

سچل جي جلال ۾ آدميت جو انڪار لڪيل آهي، ڇوته حقيقت جو پھريون تھه مادي آهي. پر حقيقت جو آخري تھه ناقابل بيان آهي. سچل پنھنجي حقيقت کي گهٽ ۾ گهٽ مادي روپ ۾ نٿو ڏسي هو چوي ٿو:

مين تان ڪوئي خيال هان، لڀسان نال خيال دي . (8)

حقيقت موجودات ۾ ناهي ، جي موجودات ۾ هجي ته پوءِ بت پرستي جائز هجي ها يا بت پرستي خود خدا کي ڳولڻ جو هڪ ذريعو آهي. پر سچل چوي ٿو مان ڪو خيال آهيان جنھن کي خيال ۾ ئي ڳولي سگهجي ٿو. هاڻي ماڻهو خيال جي دنيا ۾ ڪيئن وڃي ٿو؟

خيال جي دنيا موضوعي آهي، موضوعيت جي دنيا ”انا“ جي دنيا کان الڳ آهي ”مان“ ۾ ماڻهو پاڻ تائين محدود آهي پر موضوعيت فطرت جي وحدت سان ڳنڍي ٿي. ماڻهو پاڻ مان نڪري هر هنڌ وکرڻ لڳي ٿو. پر اهو تجربو هڪ رياضت آهي،
صوفي انهيءَ رياضت ذريعي ئي حقيقت مطلق تائين پھچي ٿو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اها موضوعيت ڪٿي ذهني خلل ته ناهي. انهيءَ سلسلي ۾ پلگرم سائمن پنھنجي ڪتاب ”Mysticism madness and mania“ ۾ چوي ٿو ته “

صوفي مجذوبي جي حد تائين وجداني ڪيفيت مان واپس نارمل زندگيءَ ۾ اچي وڃي ٿو پر دماغي خلل وارو نارمل زندگيءَ ۾ واپس نٿو اچي . (9)

ڇا واقعي صوفي ڪنھن رياضت جي انتهائي مرحلي ۾ حقيقت مطلق جو وجدان ماڻي ٿو؟ انهيءَ جو جواب ڪو به صوفي زباني نٿو سمجهائي سگهي.

جنين ڏٺي جوءِ ، تن ڪڇيو ڪين ڪي.  (10)

سپرين جو ڪوبه نالو ناهي ، نالو ته مادي وجود جو ٿي سگهي ٿو.تنھن ڪري  انهيءَ جو مشاهدو صرف ماڻي سگهجي ٿو . سمجهائي نٿو سگهجي. سنڌ جي تمام صوفين وٽ  مطلق وجود جي ڳولا جو پھريون رستو عشق جو رستو آهي.

عشق جي ڪيفيت پاڻ مان پاڻ کي ڪڍي ٿي، زمان و مڪان جي سرحدن مان ذهن کي ڪڍي روحاني تجربي مان گذاري ٿي. ڇا عشق روحاني آهي؟ يا جسماني؟

عشق پنھنجي اندر ۾ موجود آدرش يا  مطلق وجود جي ڳولا آهي. بظاهر محبوب ٻاهر آهي. پر محبوب جو صرف تصور ڪنھن موجودات تي رکيو ويندو آهي. پوءِ اهو محبوب ڪير به ٿي سگهي ٿو. جنھن کي صوفي مجازي عشق چون ٿا. هندو ڌرم ۾ ”سَتيم شِوم سُندرم“ حقيقت مطلق جو گڏيل تصور آهي. جيڪو سندر آهي، جيڪا جنسي ڇڪ آهي اهو ئي سچ آهي اهو ئي مطلق حقيقت آهي. صوفي چون ٿا  مجازي عشق کان اصلي عشق ڏانھن وک وڌندي آهي جيڪو هڪ حسين وجود کي چاهي سگهي ٿو. اهو ڪل ڪائنات کي چاهڻ جو اتساه رکي سگهي ٿو.

سچل چوي ٿو :

 صحيح سڃاڻج سري، خود آهين وي خدائي،

جا ڏي ويکان تاڏي ماهي، ذات صفات سچو هڪائي. (11)

صوفي مت جو فڪر صرف روح جي سائنس آهي. جنھن ۾ جز کي ڪل ۾ ڏسڻ ۽  مذهب ڪل عالم انسانيت جي ڀائيچاري جو نالو بنجي وڃي ٿو. دنيا جي مڙني علمن جي انتھا صوفي مت تي پھچي ٿي. سچل چوي ٿو ته مذهبن ۽ ڌرمن کي دنيائي ويس ۾ پوڄارين ڌندو بنائي ڇڏيو آهي.

مذهبن ملڪ ۾، ماڻهو منجهايا،

اوڏا ڪين آيا، عقل وارا عشق کي. (12)

عشق جي منزل علم کان پوءِ جي منزل آهي. ظاهري علم اسان کي خيالن جي قيد ۾ جڪڙي ڇڏي ٿو اسان کي اهي نفاق وارا بند ٽوڙڻ گهرجن.

سچل چوي ٿو:

آ ءُ ادا سالڪ ، سھي ڪر تون طلسمات کي،

ڀڃ دوئي تا ڪل پويئي،  دور ڪر درجات کي. (13)

يا ٻئي هنڌ چوي ٿو:

جڏهن ويھين فڪر ۾، خاصو ڪري خيال،

تڏهن فرق وارا، في الحال  بند ٻڌنئي وچ ۾.

صوفي مت جو بنياد کوٽينداسين ته اهو اسان کي ويدانت، عيسائيت ۽ يھوديت ۾ به ملندو بلڪ جديد وجوديت ۾ به ساڳئي فلسفي جا بنياد ملندا

نتيجو:

مجموعي طور هن تحقيقي مقالي ۾ سچل سرمست جي جلالي شاعريءَ جي اوک ڊوک ذريعي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سچل سرمست سنڌ ۾ رائج مختلف صوفي مت جي طريقن مان جلالي طرز جو شاعر آهي. جنھن جي سموري شاعريءَ ۾ بي خودي ۽ سرمستيءَ منجهان “اناالحق “ جونعرو ملي ٿو.

سچل سرمست جلالي ڪيفيت ۾ اهڙو شاعراڻو انداز ۽ اسلوب اختيار ڪيو آهي، جيڪو ڪنھن ٻئي ڪلاسيڪل شاعر وٽ اسان کي ڳوليو نٿو لڀي.  سندس شاعريءَ مان اهڙا چونڊ مثال حوالن طور پيش ڪيا ويا آهن.  .

 

 حوالا

  1. مرتب: شوق، ڊاڪٽر، نواز علي، سچل سارو سچ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچي، 1989ع ، ص 94.
  2. ساڳيو ،ص 24.
  3. انصاري ،عثمان علي ،رسالو سچل سرمست ،سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت ، حيدرآباد ،سنڌ ،1978ع ،ص 9.
  4. ڊاڪٽر گربخشاڻي ،مقدمه لطيفي ، ورسٽي سنڌي پبليڪيشن، سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي، 1977ع، ص 86.
  5. Sartre jean Paul, Being and nothingness, Washington square press reprint edition august 9193 page no 309 .
  6. ڪلياڻ آڏواڻي، شاهه جو رسالو، روشني پبليڪيشن ڪنڊريارو، 2017، ص 552.
  7. مرتب: شوق، ڊاڪٽر، نواز علي، سچل سارو سچ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچي، 1989ع ، ص 22.
  8. ساڳيو ص 76

 

  1. Pilgrim Simon, Mysticism, madness and mania, Robert Lynton USA 2009. PAGE 34.

 

  1. ڪلياڻ آڏواڻي، شاهه جو رسالو، روشني پبليڪيشن ڪنڊريارو، 2017، ص 108.
  2. مرتب ؛شوق ،ڊاڪٽر ، نواز علي ، سچل سارو سچ ، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچي، 1989ع ،ص 26.
  3. ساڳيو ص 28
  4. ساڳيو ص 38
26 ڀيرا پڙهيو ويو