حميد سنڌي: بحيثيت ڪهاڻيڪار
(Hameed Sindhi as Short Story Writer)

ڊاڪٽرپروين موسٰي ميمڻ

Abstract
Hameed Sindhi (12-10-1939, 3-1-2020) is well known writer of Sindhi literature. He started his creative writing career as a short story writer. His first book was published named “Semmi” in (سيمي- 1958ع-) other books of short stories are “Udas Waadyoon” (اداس واديون- 1965ع), “Veeryun” (ويريون 1981ع), “Rana Je Rajput” (راڻا جي رجپوت-1984ع), “Jag b Tohnje Jeea san” (جاڳ به تنهنجي جيءَ سان-1996ع), “Dard Vandi Jo Des” (درد ونديءَ جو ديس-2002ع), “So Moon Sabh Jamar” (سو مون سڀ ڄمار-2007ع). Hameed Sindhi continued writings for five decades and expressed the life and problems of sindhi society in his stories. His command over language and prevailing phrases and sentences is admirable. Especially in the presentation of unique characterization in his work is remarkable, he portrays bitter realities of life in his stories. In this research paper the usage of language, characters and realistic approach of writer is carefully examined to establish the idea and quality of his short stories.

حميد سنڌيءَ جو نالو سنڌي ادب ۾ ڪھاڻيڪار طور نمايان رهيو آهي. سندس جنم 12 آڪٽوبر 1939ع تي نوشھروفيروز جي شھر ۾ محمد اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ ٿيو. هن لاڙڪاڻي، دادو، سکر ۽ ٻين شھرن مان تعليم حاصل ڪئي، بي.اي ۽ ايم.اي اڪنامڪس ۾ ڪرڻ بعد مانچسٽر برطانيا مان ’ھائر ايجوڪيشن ايڊمنسٽريشن‘جو ڪورس مڪمل ڪيائين، واپس اچي 1960ع کان عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين ۽ بئنڪ جي نوڪريءَ ۾ گهڙيو پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1970ع کان ڪم شروع ڪيائين ۽ مختلف وڏن عھدن تي خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ سنڌالاجيءَ جو ڊائريڪٽر؛ تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر؛ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال؛ زرعي يونيورسٽيءَ ٽنڊي ڄام ۽ شاھه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جو وائس چانسلر به رهيو. هو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين به رهيو. 1999ع ۾ ريٽائرمنٽ کانپوءِ ’بزم روح رهاڻ‘ ذريعي ادبي سرگرمين ۾ مشغول رهيو. سندس لکڻ جو گهڻو لاڙو بنيادي طور افسانوي ادب ۾ رهيو، پر مضمون ۽ مقالا به سٺا لکيائين. بحيثيت ايڊيٽر ”روح رهاڻ“ رسالي جي معرفت پڻ سنڌي ادب ۽ صحافت جي خدمت ڪيائين. حميد سنڌيءَ 3 جنوري 2020ع تي وفات ڪئي.
”حميد سنڌي گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ، هر هڪ سان پيار ڪندڙ شخص، هر ملڻ واري سان ڄڻ جنم جنم کان پنھنجو، ڪھاڻين جي ڪري خاص اهميت رسالي ’روح رهاڻ‘ جو روح روان ۽ ’زندگي پبليڪيشن‘ جو مھتمم رهيو. هن جون ڪھاڻيون سندس حقيقي زندگيءَ جي جهلڪ ۽ مشاهدي جو نتيجو آهن.“ (1)
حميد سنڌيءَ لکڻ جي شروعات 1958ع کان ڪئي۽ نثري صنفن ۾ پاڻ مڃايو. هر آچر تي سندس گهر ۾ ادبي محفل ”بزمِ روح رهاڻ“ رچندي هئي، جنھن ۾ وڏي عمر وارا توڙي نئين ٽھيءَ جا شاعر، اديب شريڪ ٿيندا هئا.
بحيثيت ڪھاڻيڪار:
حميد سنڌيءَ جا بحيثيت ڪـھاڻيڪار ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن: ’سيمي‘
1958ع؛ ’اُداس واديون‘ 1965ع؛ ’ويريون‘ 1981ع؛ ’راڻا جي رجپوت‘ 1984ع؛ ’جاڳ به تنھنجي جيءَ سان‘ 1996ع؛ ’درد ونديءَ جو ديس‘ 2002ع؛ ’سو مون سڀ ڄمار‘ 2007ع ۽ ’سوني زنجير‘ (جپاني لوڪ ڪھاڻين جو ترجمو) شامل آهن. هو سنڌي ادبي سنگت جي ان تعميري دؤر جو ڪھاڻيڪار شمار ٿئي ٿو، جنھن دؤر ۾ ادبي سنگت جي ويھڪن ۾ ڪھاڻيون به پڙهيون وينديون هيون ۽ انهن تي صحتمند ادبي تنقيد ڪئي ويندي هئي.سندس همعصرن ۾ نسيم کرل، ماهتاب محبوب، قمر شھباز، آغا سليم، خواجه سليم، امر جليل ۽ ٻيا ڪھاڻيڪار شامل آهن. حميد سنڌيءَ جي فن جا ڪھاڻيءَ
کان سواءِ ٻيا پاسا پڻ آهن پر موضوع جي حوالي سان هتي سندس ڪھاڻيڪار هئڻ جي حيثيت ۾ سندس ڪھاڻين ۾ ٻوليءَ جي استعمال، حقيقت نگاري ۽ ڪردار نگاريءَ جو مشاهدو پيش ڪجي ٿو. جنھن لاءِ سندس ڪھاڻين جي مجموعن جو اڀياس ترتيب وار ڏجي ٿو.
حيمد سنڌيءَ جي ڪـھاڻين جا مجموعا:
سيمي: حميد سنڌيءَ جو ھي پھريون ڪھاڻين جو مجموعو آهي، جيڪو زندگي پبليڪيشن پاران 1958ع ۾ شايع ٿيو. هيءُ واحد ڪتاب آهي، جنھن کي ڪھاڻيڪار پاڻ حقيقت نگاريءَ کان وانجهيل ڪھاڻين جو مجموعو سڏيو آهي، سندس لفظن ۾ ته:
”سيمي لاءِ مان اهو چوندس ته اھي ڪھاڻيون حقيقي دنيا جون هوندي به خيالي آهن جن ۾ سنڌ جو ماحول، منظر نگاري ۽ سنڌي سماج جو عڪس مان نه ڏنو آهي.“ (2)
اداس واديون: هن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1965ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ يارنھن ڪھاڻيون: ’ڪارو رت‘، ’يادن جي جزيري ۾‘، ’هڪ خواب هڪ حقيقت‘، ’واچوڙن ۾ لاٽ‘، ’اداس واديون‘، ’سمنڊ ۽ مان‘، ’منھنجي دنيا مرگهه ترشنا‘، ’ٽڪي ۾ ٻاٽي‘ ۽ ’رانديڪو‘ شامل آهن. جن ۾ سنڌي سماج جي ڪيترين حقيقتن تان پردو کنيل آهي. ترتيب مطابق حميد سنڌيءَ جو هيءُ ٻيو نمبر ڪتاب آهي، جنھن جو اسلوب وڻندڙ، عام فھم ۽ سادو هئڻ سان گڏ اثرائتو آهي نه ته عام طور اڪثر ڪھاڻيڪارن جي شروع دؤر جي ڪھاڻين ۾ پختگي نظر نه ايندي آهي. حميد صاحب جي انهن ڪھاڻين ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ٿيل آهن ۽ جملن جي بيھڪ سھڻائيءَ سان ڏنل آهي. ڪھاڻي ”سمنڊ ۽ مان“ ۾ لکي ٿو ته:
”سمنڊ ۽ مان ٻئي اڪيلا، هن جون ڇوليون گجيءَ سان ڀريل، منھنجي مَنَ جون ڇوليون ڳڻتيءَ ۽ ويچار سان ڀريل، منھنجي لاءِ اها ئي زندگي هئي، اها ئي جيون-جوت هئي جو سمنڊ ۽ مان ٻيئي اڪيلا هئاسين پر هڪٻئي جا ساٿي.“ (3)
ويريون: ڪھاڻين جي مجموعي جو پھريون ڇاپو 1981ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1995ع ۾ شايع ٿيو. جنھن جو انتساب بيگم زينت عبدالله چنا جي نالي آهي. ڪتاب ۾ خواجه سليم، مھتاب محبوب، عبدالقادر جوڻيجو، قاضي خادم، نور گهلو ۽ غلام محمد لاکي سندس فن بابت لکيو آهي. ويريون ڪتاب ۾ ڪل 14 ڪھاڻيون: ’ويريون‘، ’ڌوپار‘، ’روشن اوندهه‘، ’جهيڻي‘،
’ست پٽيتي‘، ’جنت‘، ’احساس جي منزل‘، ’ڀري پيو ڀنڀور‘، ’ٽڪنڊو‘، ’پيار جي ريکا‘، ’دربان‘، ’هڪ هرڻي جي ڳالهه‘، ’سونهن ۽ سوڀيا‘۽ ’ٺوٺ ڌرتي‘ شامل آهن.
’ويريون‘ ڪھاڻي هڪ خاندان جي وچ ۾ پيل جدائيءَ بابت اڻ وسرندڙ ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ هُن سنڌي ٻوليءَ جي اهڙن لفظن جو استعمال ڪيو آهي جيڪي هلندڙ وقت ۾ اسان کي استعمال ۾ گهٽ ملن ٿا. جن کي پڙهي ايئن يقين سان چئي سگهجي ٿو ته تحقيق اسان جا عالم، اديب پنھنجي مادري ٻوليءَ جي لفظن جي خزاني کي جيئاريندڙ ۽ وڌائيندڙ آهن. ٻين ڪھاڻين ۾ ’ست پٽيتي‘، ڪھاڻي موضوع، منظر نگاري ۽ ڪردار نگاريءَ سان گڏ مڪالمن جو اعلى مثال آهي. ستن پٽن جي ماءُ ڀاڳل جي فخر تي ليکڪ لکي ٿو ته:
”ڀاڳل ست پٽ ڄڻي ايئن ٿي سمجهيو ته هن جھڙو ڀاڳوان ۽ ڀليرو ڌرتيءَ تي ڪونهي، ڀاڳل لاءِ ست پٽ ڀلان ڀليءَ جو ڇيھه ٿي ويو هو، سندس پير پَٽ تي ڪونه هو جيتوڻيڪ ڇورن اوڙي پاڙي توڙي گهر ۾ رڻ ٻاري ڏنو هو.“ (4)
هيءَ ڪھاڻي سماج جي انهيءَ اوڻائيءَ تي وڏي چوٽ آهي، جتي نياڻين کان پٽ جي اولاد کي اهميت ۽ فوقيت ڏنل آهي. اُها ئي ڀاڳل جا پاڻ کان وڌ ڪنھن کي نه سمجهندي هئي. تنھن جو فخر ۽ غرور مٽيءَ ۾ ملي وڃي ٿو، جڏهن سندس ئي لوفر پٽ کيس ماري ڪُٽي گهران لوڌي ڪڍن ٿا.
”ويريون“ اڪيڊمي اديبيات، رائيٽرس گلڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان ايوارڊ يافته ڪھاڻين جو مجموعو شمار ٿيو.
راڻا جي رجپوت: حميد صاحب جي ڪھاڻين جو هي مجموعو 1984ع ۾ سندس قائم ڪيل اداري ’زندگي پبليڪيشن‘ مان شايع ٿيو. هن ڪتاب جو عنوان شاھ عبداللطيف جي رسالي جي سر مومل راڻو جي وائيءَ مان ورتل آهي. نيشنل بُڪ فائونڊيشن ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران انعام يافته هن ڪھاڻين جي مجموعي جا ٻه اکر علي احمد بروهيءَ ۽ نوان ٻه اکر ڊاڪٽر تنوير عباسي لکيا آهن. ڊاڪٽر تنوير لکي ٿو ته:
”ورهاڱي کان پوءِ واريءَ ٽھيءَ جي لکندڙن ۾ حميد سنڌيءَ کي پنھنجي اھميت ۽ مقام آھي، اھو مقام ھن کي سندس انفرادي اسلوب ۽ انوکن پر جيئرن جاڳندن ڪردارن جي ڪري مليو آھي. حميد جون ڪھاڻيون ان ڪري به اهم آهن جو هُن انهن ۾ سنڌ جي ويھين صديءَ جي ٻيءَ ۽ ٽيءَ چوٿائيءَ جو سماج، ماحول، ڪردار، انهن جا لاڙا، مونجهارا، انهن جي روش، انهن جا مسئلا بيان ڪندي انهن جي ٻوليءَ، محاورن توڙي، اصطلاحن کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. حميد جي ڪھاڻين جي اهميت تاريخي آهي ۽ اُهي هر دؤر ۾ ڀيڄ ڀنيءَ جي رابيل جيان تازيون ۽ سُرهيون رهنديون.“ (5)
هن ڪتاب ۾ ڪل 14 ڪھاڻيون آهن، جي ڪتابي صورت ۾ اچڻ کان اڳ ’نئون نياپو‘ ’ناري مئگزين‘، ٽه ماهي ’مھراڻ‘،ماهوار ’لطيف‘ ۽ ’عبرت‘ مئگزين ۾ شايع ٿيل آهن. 14 ڪھاڻين ۾ ’جي قيام مڙن‘ ويريون ڪتاب جي پڌرائيءَ تي پڙهيل آتم ڪھاڻيءَ جو باب آهي. باقي ڪھاڻين ۾،’ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين‘، ’گولا جي گولن جا‘، ’بابا منھنجو چوزو‘، ’خانو چور نه آهي‘، ’راڻا جي رجپوت‘، ’ڪنچن ڪايا‘، ’جت جر وهي ٿو جال‘، ’واٽھڙو ڪو واٽ منجهي‘، ’هڪ ٻيو عام ماڻهو‘، ’پاڙي ناھ پروڙ‘ (انعام يافته ڪھاڻي)، ’ھڪ پراڻي ڪھاڻي‘، ’آخري ڳولا‘، ’زندگي بڻجي نه شل سسئيءَ جا سور‘ آهن.
حميد سنڌيءَ جون ڪھاڻيون ھلڪيون ڦلڪيون ۽ پنھنجي وقت جي واقعن جو دستاويز آھن. جيئن ’ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين‘ ۾ وڪيل بُشن، شادي شده ۽ ٽن ٻارن جو پيءُ هئڻ باوجود حور سان عشق ڪري ساڻس شادي ٿو ڪري پر جڏهن مائٽن پاران روزگار جا در بند ڪرائڻ تي عشق ڪچو ثابت ٿو ٿيئيس تڏهن حور کي ڇڏي کيس ’سريت‘جو لقب ٿو ڏئي. حور سندس انهيءَ رَوِش تي دماغ وڃائي ويھندي آهي، ڦاٽل ليڙون ٿيل ڪپڙن ۾ درگاهن تي جهونگاريندي رهندي آهي.
ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين، ٻاروچل! ٻانهي،
جانب جھڙو جڳ ۾ ناهي ڪو ثـانـي!
ليکڪ هن دکدائڪ سچي واقعي جو عيني شاهد هو ۽ هن حقيقت کي ڪھاڻيءَ جو روپ وڻندڙ ڏنو اٿس. عورت ذات جي سچي محبت جي جذبي کي مڃتا ڏيندي لکي ٿو ته:
”شايد ئي توهان کي ٻڌائي سگهان ته قرب جا ناتا ڪيئن جڙن ٿا، لکيي جا ليکا ڪيئن ڊهن ٿا، هٿ جون لڪيرون ڪيئن ٺھن ٿيون، مَنَ جا ڪونئرا پکي ڪيئن کنڀڙا ٿيون کوهي دم وڃائي ساھ ڏين ٿا، ڇاڪاڻ مٺڙا ماڻهو هيئن ڏوجهرا ڏسن ٿا، حالون بي حال ٿين ٿا، ايئن ڪڏهن سوچيو به نه هئم.“ (6)
مٿيئن ڪتاب جون ڪھاڻيون پڻ گهڻي ڀاڱي حقيقي واقعن بابت آهن. راقم پنھنجي پي.ايڇ.ڊي جي مقالي ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو: (1985ع تائين) جي ڪم ۾ بيگم زينت چنا جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ حميد صاحب جو انٽرويو ورتو هو. اهو انٽرويو منهنجي اڻ ڇپيل مقالي جو حصو آهي. سندن سان سنڌي ڪھاڻيءَ ۽ سندن فن بابت پڇيل سوالن جي جواب ۾ وراڻيو ته:
”بابا! منھنجون سڀ ڪھاڻيون حقيقي واقعا آهن، ڪابه ڪهاڻي اهڙي نه آهي جا حقيقي نه هجي باقي انهن کي فڪشنائيز ڪيو اٿم، جيئن جنت منھنجي پاڙي ۾ رھندڙ عورت جي ڪھاڻي آهي يا’سو مون سڀ ڄمار‘، منهنجي ئي عزيزن جي ڪھاڻي آهي يا ’مرين ته آرهڙ ۾ مرجانءِ‘ پڻ حقيقي واقعن تي مشتمل منھنجي پنھنجي ڪھاڻي آهي.“ (7)
جاڳ به تنھنجي جيءَ سان: ڪتاب 1996ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو، جنھن ۾ ڪل سورنھن ڪھاڻيون آهن.’ريب فريب-زندگيءَ جا‘، ’چُڪ‘، ’وڏو ماڻهو‘، ’مٺوءَ جون ڪھاڻيون‘، ’خانو چور نه آهي‘، ’ڪُڇان ته ڪوڪ ٿيئي‘، ’چور ڪير ساڌ ڪير‘، ’تنھنجو سفر منھنجو سفر‘، ’اسان اُڌارا آڻي آونگ چاڙهيا‘، ’زوراور‘،
’زبرو ڌڪ‘، ’چوري ساڻ چس‘، ’اسان تي الزام، آندا جڳ جيئڻ جا‘، ’پرديسي پکيئڙا‘، ’ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون‘ ۽ ’جاڳ به تنهنجي جيءَ سان‘آهن. هن ڪتاب ۾ سواءِ ’خانو چور نه آهي‘ جي ٻيون سڀ نيون ڪھاڻيون آهن.
هي سڀ ڪھاڻيون تقريباً ٻن کان ڇھن صفحن جي طوالت رکن ٿيون. ڪھاڻين جي واڌ ويجهه ڪردارن جي بيان ۽ مڪالمن معرفت ٿيل آهي. اهي ڪردار ۽ ماحول سنڌ جي سماجي تاريخ جي ڄاڻ ڏيندڙ آهن. حميد سنڌيءَ جون هي ڪھاڻيون پڻ حقيقت نگاريءَ جي زمري ۾ اچن ٿيون، پر ڪٿي ڪٿي ڪھاڻيڪار پنھنجي پيارن ڪردارن جو وڌيڪ احساس ڏيارڻ يا کين وڌيڪ اھميت ڏيڻ سبب، ساڻن ناانصافي پڻ ڪئي آھي. جيئن ڪھاڻي ”ريب فريب ‐ زندگيءَ جا“ جو نوجوان پيءُ جي چيڙاڪ طبعيت ۽ ماءُ جي ڇڙٻن سبب گھر مان بي انتھا بيزار ٿي خودڪشي ڪرڻ ٿو وڃي، پر ريل جي پٽڙيءَ تي پھچي ھو خودڪشيءَ جو ارادو ملتوي ٿو ڪري. اوچتو ھڪ گُلر پٽڙيءَ تي ڊوڙندو ڏسي اُن کي بچائيندي پاڻ ٽرين ھيٺ اچي بيھوش ٿي وڃي ٿو ۽ جڏھن هوش ۾ اچي ٿو تڏهن سڀني پنھنجن کي پاڻ لاءِ روئيندو ڏسي گُلر جي پڇا ڪري ٿو ته اهو بچيو يا نه؟ جڏهن کيس گُلر جو آواز ٿو ٻڌڻ ۾ اچي ته پوءِ اطمينان جو ساھ کڻي هميشه لاءِ اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏي. هتي هڪ حساس ۽ ڌڪاريل نوجوان، جو زندگيءَ سان پيار ڪندڙ به آهي ۽ پاڻ پڻ مرڻ نٿو چاهي. انهيءَ کي ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ موت ڏيڻ سان سندس رحم دلي يا ٻئي ڪنھن به روَيي جي ڄڻ ڪا خاص اهميت ئي نٿي لڳي.
ساڳيءَ ريت ’جاڳ به تنھنجي جيءَ سان‘ ڪتاب جي مُک عنوان واري ڪھاڻيءَ جي ڪردار سليم جو شاهه، بانوءَ لاءِ نوٽن جو ڀريل بريف ڪيس قادن (سندس پيءُ) کي ڏيڻ بعد ڪار ۾ کيس ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃڻ ۽ رستي ۾ ٻنهي جي محبت ڀرين ڳالهين دوران سليم جي روڊ تان ڌيان هٽي وڃڻ ۽ ڪار ايڪسيڊنٽ ۾ کن پل ۾ شاهه بانوءَ جو مري وڃڻ ڏيکاري ٿو ته حميد صاحب پنھنجي ٻنهي اهم ڪردارن کي بي وقتائتي موت ڏيئي ساڻن همدردي هوندي به انصاف نه ڪيو آهي. هي ٻيئي ڪھاڻيون محبت ۽ پيار جي لافاني جذبي جي چوگرد گهمن ٿيون. پھرين ۾ محبت حاصل نٿي ٿيئي جڏهن ته ٻيءَ ڪھاڻيءَ ۾ اها حاصل آهي. ٻنهي صورتن ۾ ڪھاڻين جو انجام دکدائڪ موت ڏيڻ سان حميد صاحب مايوسيءَ جي رويي کي زندگيءَ جي حاصلات تي حاوي ڪيو آهي، جيڪو سماجي طور اڻ سھائيندڙ لڳي ٿو. مجموعي طور هن ڪتاب ۾ آيل ڪھاڻيون عام فھم ۽ حقيقي زندگيءَ جو عڪس آهن جن ۾ ماڻهن جي ڏکن، ڏوجهرن، اميدن، نااميدين ۽ احساسن کي سيبائتي نموني سان ڪردار نگاريءَ وسيلي ائين آندو ويو آهي جو اهي ڪردار جيئرا جاڳندا ۽ سچا پچا محسوس ٿين ٿا ۽ اهي واقعا، اهي منظر اسان جي آس پاس موجود آهن. ناصر مورائيءَ موجب ته:
”حميد جي ڪهاڻين ۾ سنڌي سماج جو ماضي ۽ حال جهلڪي ٿو.“ (8)

سو مون سڀ ڄمار: حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين جو هي ڪتاب سيپٽمبر 2007ع ۾ ’زندگي پبليڪيشن‘شايع ڪيو. هن ڪتاب جي مُھڙ ۾ ڪتاب بابت سنڌ جي اهم شخصيتن: ڊاڪٽر غلام علي الانا، آغا سليم، ماهتاب محبوب، غلام رباني آگري، ج.ع منگهاڻي، پروفيسر اعجاز قريشي ۽ ڊاڪٽر قاضي خادم جا ليک شامل آهن. آغا سليم کيس، ’حقيقت شناس ۽ حقيقت نگار ڪهاڻيڪار سڏيو آهي‘ ته ج.ع منگهاڻي لکي ٿي ته:
”ڪير مون کان پڇي ته حميد سنڌيءَ کي هڪ سٽ ۾ بيان ڪريان ته آئون هن لاءِ لطيف جو هيءُ بيت پڙهنديس ’هڻڻ هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مَرَڪ‘ (9)
مٿيئن ڪتاب جو عنوان شاهه عبداللطيف جي هن بيت مان ورتل آهي.
حبيبن هيڪار، منجهان مھر سڏ ڪيو،
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اُهو ئي ٿـيـو.
(شاھ لطيف)
هن مجموعي ۾ ڪل 8 ڪھاڻيون، ’سو مون سڀ ڄمار‘، ’پليٽ فارم تي پيل پيتي‘، ’لڳي لڳي واءُ‘، ’مرين ته آرهڙ ۾ مرجانءِ‘، ’کڙيا کٽڻھار‘، ’اکڙيون ميگهه ملار‘، ’ڇوٽڪاري جو پيغام‘ ۽ چيا اڏامي ويئي‘ آهن. هن ڪتاب جون ڪھاڻيون نون ۽ اڇوتن موضوعن واريون آھن. جيئن، ’سو مون سڀ ڄمار‘ طويل ڪھاڻي سنجها ۽ سندس جنات شھنشاهه بابت بلڪل هڪ نئون موضوع آهي ته پليٽ فارم تي پيل پيتي جنھن ۾ ريلوي اسٽيشن جو ماحول ۽ گم ٿيل سامان جي دعوى بابت هڪ بلڪل مختلف موضوع تي آهي ته ’کڙيا کٽڻھار‘، قتل ڪيس جي ڪھاڻي (ڪاروڪاريءَ) جي موضوع تي آهي هن ۾ هڪ ڏٺل واقعي کي ڪھاڻيءَ جو روپ ڏيندي حميد صاحب اهو ڄاڻايو آهي ته سفوران جي ڌيءَ کي ڪاري ڪري مارڻ خلاف هوءَ اهو ڏوھ پاڻ تي ٿي کڻي ته جيئن سندس ڌيءَ جي مرڻ سان چئن ٻارن کان ماءُ جدا نه ٿئي، پر چيمبر ۾ وڪيل جڏهن کيس سچ ڳالهائڻ لاءِ همٿائي ٿو ته جيئن جوابدار کي سزا ملي ته هوءَ انتھائي جذباتي ٿي وڃي ٿي.حميد صاحب لکي ٿو ته:

”مائي سفوران ۾ اڃان ڪي جولان هئا آخري بيان ڏيڻ لاءِ بيٺي ته هڪ سٽ سان ئي ڪيئن ڌڌڪا ڪڍندي ويئي! هوءَ پنھنجي اڳئين بيان تان صفا ڦري ويئي.“ (10)
”دردونديءَ جو ديس“: مجموعي ۾ ڪل ڏھ ڪھاڻيون: ’زماني جو دستور‘، ’بند ڪتاب جو بند باب‘، ’ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھه ۾‘، ’هيءُ زهر ڪير پيئندو‘، ’ڪھڙي مومل ڪھڙو راڻو’، ’پل جو موھ‘، ’ٽانڊاڻا ٿا ٽمڪن‘، ’دردونديءَ جو ديس‘، ’ڇت ۾ لڳل گولي‘، ’رومانس جي خودڪشي‘ شامل آھن. ھي ڪھاڻيون 1977ع کان 2002ع جي دؤر جون آهن، جن بابت هن لکيو آهي ته:
”هي ڪھاڻيون ته درحقيقت نيون هوندي به سنڌ جي مٽيءَ ۽ پاڻيءَ سان ڳوهيل جيئرن جاڳندن ساهوارن جا اهي داستان آهن جيڪي مون مَنَ ۾ دفن ڪري ڇڏيا هئا. هيءُ ڪردار ايترا ته طاقتور رهيا آهن جو نيٺ مون کي مجبور ڪيائون ته سندن بابت لکان.“ (11)
حميد سنڌيءَ جي فن ۾ ڪمال سندن بياني اسلوب ۽ حقيقت نگاريءَ سان گڏ حافظي جو پڻ آهي. هن سڄي حياتيءَ ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ حقيقتن کي جڏهن به ذهن جي ڪينواس تي آندو ته اهي حقيقتون مڪمل جزئيات سان ڪھاڻيءَ جي قالب ۾ منتقل ٿي ويون. ڪھاڻيءَ جي ڪالم اندر انساني مَنَ جي ڪيفيتن کي ھن سھڻن لفظن ۽ جملن سان مڪالمن جو جيڪو ويس پنھنجي لازوال ڪردارن واتان پھرايو آھي، اھو سندس فن جي قائم رھڻ جو ثبوت آھي. ھنن ڪھاڻين ۾ سماجي حالتن ۽ واقعن جا اونها عڪس ڪردار نگاريءَ وسيلي واضح ٿيل آهن.
حميد صاحب جا پيش ڪيل ڪردار سنڌي سماج ۾ هوبھو، هر هنڌ ڏسڻ ۾ ايندا، ڀلي اهي ڪردارڳالهائين يا ماٺ ميٺ ۾ ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪن، سندن ماحول، ريتون، رسمون ۽ رواج کين کولي پڌرو ڪن ٿا. ’راڻا جي رجپوت‘ جو ناچو نينگر ’گلاب‘ جنھن جي نازن تي وڏيرا مست آهن هجي يا ’دربان‘ جو چاچو علي محمد هجي، ’ويريون‘ جو صابرين شمس الدين هجي يا ’ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين‘ جي مايوسيءَ ۽ نا اميدي ۾ وڪوڙيل حُور ھجي ’زوراور‘ جو سور سھندڙ مامو هجي يا ’ڪڇان تان ڪوڪ ٿيئي‘ جي سھڻي من موھڻي نوران هجي ’زبرو ڌڪ‘ جو ڪُتن جو خفتي حجام هجي يا ’ڌو پار’ جو ارڏو ٻار هجي مطلب ته حميد سنڌيءَ ڪردار نگاريءَ جا ڪمال ڏيکاريا آهن ۽ سماج جي مختلف طبقن جي ٻولي پڻ مڪالمن وسيلي محفوظ ڪئي آهي، سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ڪرداري ڪھاڻيون شمار ٿين ٿيون. جيئن ’خانو چور نه آهي‘، ’راڻا جي رجپوت‘، ’زبرو ڌڪ‘۽ ٻيون آهن جن جا ڪردار ليکڪ چواڻيءَ ته منھنجا همسفر آهن جيڪي مون کي وهڻ به ته نه پيا ڏين. لکي ٿو ته:
”منھنجا ڪردار نوري آهن يا ناري، پر هنن ٻري ٻاري آهي ۽ منھنجي جياپي جو سھارو آھن. منھنجا ڪردار انهن جوڳيئڙن ۽ ڪاپڙين مثل آهن جن جو ڪردار شاھ صاحب چٽي ڇڏيو آهي.“ (12)
هن زندگيءَ کي ويجهي کان مشاهدو ڪيو آهي. سماجي زندگيءَ جي انهيءَ مطالعي ۽ مشاهدي کانئس مظبوط ڪردار تخليق ڪرايا آهن.
”حميد سنڌيءَ کي ڪھاڻيڪارن ۾ اهم حيثيت حاصل آهي ليکڪ جي طور به ادب ۾ واڌاري آڻيندڙ جي طور به- هن جون ڪھاڻيون نھايت گھريون ۽ معاشرتي مسائل سان ڀرپور هونديون آهن ۽ انهن ڪھاڻين کي ڪامياب بنائيندا آهن، هن جا تخليق ڪيل ڪردار“. (13)
حميد سنڌي سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن ۽ شھرن ۾ رھيو، تعليم حاصل ڪيائين ته وڏن عھدن تي رهيو، ڪيترا ملڪ گهميائين ڏيھي، پرڏيھي ادب جو مطالعو ڪيائين ته صحافت ۽ ادب سان ڳانڍاپي جي ڪري سندس اٿڻ ويھڻ ڪيترن ئي ماڻهن سان رهيو، هُن زندگيءَ جو عملي مشاهدو ماڻيو انهيءَ جي ڪري سندس ڪھاڻيون تصوراتي ۽ خيالي نه پر حقيقت پسنديءَ جو مظھر آهن جن مان سنڌي قوم جي مختلف طبقن جي زندگين جي عڪاسي ٿيئي ٿي.
حميد سنڌيءَ کي شاهه لطيف سان وڏي عقيدت هئي. هو لطيفي ڪانفرنسن ۾ دل سان شرڪت ڪندڙ هو، ڪانفرنسن جي مقالن کي سھيڙي هن ڪتاب به ڇپرايا. شاهه لطيف جا ڪيترائي بيت سندس مضمونن، مقالن توڙي ڪھاڻين ۾ موقعي جي مناسبت سان ڪتب آندل آهن. ڪيترين ڪھاڻين جا عنوان پڻ شاهه جي بيتن مان ورتل آهن ۽ ڏٺو وڃي ته اهي ڪھاڻيون جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون ته هڪدم انهيءَ عنوان واري بيت جو تاثر سندس ڪھاڻيءَ ۾ نظر اچي ٿو. اها لطيف شناسيءَ ڏيInspiration جي سگهه لاجواب چئي سگهجي ٿي اهڙين ڪھاڻين ۾ ’ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين‘،’ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون‘، ’اکڙيون ميگهه ملهار‘، ’لڳي لڳي واءُ‘، ’سو مون سڀ ڄمار‘ ۽ ٻيون آهن.
”حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ موضوع جي سادگيءَ کان اظھار جي نفاست تائين ھڪ پنھنجي انفراديت آهي سٽن ۾ شاعراڻي ٻوليءَ جھڙا خيال، لفظن جي چونڊ، موقعي جي مناسبت سان ٺھڪندڙ محاورا ۽ چوڻيون سندس ڪھاڻين جي ڪاميابيءَ جو راز آهن“. (14)
حميد صاحب کي سندن علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور پاڪستان حڪومت پاران 23 مارچ 1990ع تي ”تمغهءِ امتياز“ ۽ 1993ع ۾ صدارتي ايوارڊ ”اعزازِ فضيلت“ مليا آهن. ان کان سواءِ کين اڪيڊمي آف ليٽرز، سنڌالاجي، پاڪستان رائيٽرس گلڊ، سگا ۽ لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو.
سنڌي ٻولي ۽ ادب سان پيار ڪندڙ حميد سنڌيءَ کي اڃا به ڪيترن ئي ڪردارن تي لکڻو هو . هڪ هنڌ لکيو اٿائين ته:
”مون کي يقين آهي ته هن ڀيري جڏهن نئين ڌرتي، نوان ويس وڳا پھري پنھنجي نئين روپ سان سمنڊ چيري ٻاهر نڪرندي ته مان حضرت نوح جي ٻيڙيءَ ۾ سوار نسلن جي نسلن کي آباد ڪندس ۽ پوءِ مان انهن سنڌ جي نون نسلن تي نئين سر نيون ڪھاڻيون لکندس جن جا ڪردار فرشتن جھڙا هوندا“. (15)
نتيجو:
حميد سنڌيءَ جي افسانوي ادب جو اڀياس پيش ڪرڻ بعد اهو نتيجو ظاهر ٿئي ٿو ته هُو ڪُل وقتي ڪھاڻيڪار هو ۽ ڪڏهن به ورچي نه ويٺو. هُن سنڌي ڪھاڻيءَ جي ميدان ۾ بي مثال خدمت ڪئي. سندس ڪھاڻيون، پلاٽ، منظرنگاري ۽ وڻندڙ موضوعن سان گڏ خاص طور بياني قوت، ٻوليءَ جي سونھن، ڪردارنگاري ۽ سنڌي سماج جي حالتن جو حقيقي عڪس پسائيندڙ سگهاريون ڪھاڻيون آھن، جي سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ ۾ هڪ اهم حيثيت رکن ٿيون.

حوالا:
1. جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ (جلد ٽيون) سنڌي لئنگيئج اٿارٽي، حيدرآباد 2006ع ص‐89
2. ميمڻ، پروين موسى، ڊاڪٽر/ حميد سنڌي روبرو انٽرويو 26‐9‐2007، (را قم الحروف جو پي.ايڇ.ڊي جو مقالو، عنوان) ’سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي (اڻ ڇپيل)، 2012ع، ص‐431
3. سنڌي، حميد،’اداس واديون‘، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1985ع، ص-45
4. سنڌي، حميد ، ’ويريون‘ زندگي پبليڪشن حيدرآباد، 1984ع، ص-68
5. عباسي، تنوير ڊاڪٽر/حميد سنڌي، ’راڻا جي رجپوت‘، زندگي پبليڪيشن حيدرآباد، 1984ع، ص،10
6. ساڳيو حوالو ص-16
7. روبرو انٽرويو26-9-2007، حوالو نمبر 2، ص‐432
8. مورائي، ناصر/حميد سنڌي، ’جاڳ به تنهنجي جيءَ سان‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1996ع
9. منگهاڻي، جنت علي محمد/حميد سنڌي، ’سو مون سڀ ڄمار‘، زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد 2007ع، ص-68
10. ساڳيو حوالو، ص-92
11. سنڌي، حميد،’درد ونديءَ جو ديس‘ زندگي پبليڪيشن حيدرآباد، 2002ع، (مھاڳ)
12. سنڌي، حميد ، ’جاڳ به تنهنجي جيءَ سان‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1996ع، (ٻه اکر)
13. ريحانه نظير، ڊاڪٽر، ’نجم عباسي جديد انقلابي فڪر جو ترجمان‘ ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2016ع، ص-261
14. چانڊيو، خادم حسين، ’مارو جي ملير جا‘، گنج بخش ڪتاب گهر، حيدرآباد 2001ع، ص-224
15. پنهور، نياز، ’حميد سنڌي، جيڪو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي پراڻي لڙهيءَ جو آخري مڻيو هو!‘
16. ڪاوش دنيا“مئگزين، آچر 2 جنوري 2020ع، ص-8.

566 ڀيرا پڙهيو ويو