صوفي فقير سيد انور علي شاھ جهانپوري جي شاعريءَ جو مختصر جائزو
(A SHORT ANALYTICAL STUDY OF THE POETRY OF SUFI FAQEER SAYED ANWAR ALI SHAH JAHANPURI)

ڊاڪٽر الھوسايو سومرو

Abstract:
Sufi Faqeer Sayed Anwar Ali Shah was born in the home of Makhdoom Sayed Khuda Bux Shah, in the village of Jahanpur Sharif, Taluka and District Ghotki, Sindh, in 1906 A.D Wendesday, 11 Moharam-ul-Haram 1324 Hijra. He passed away on July, 05, 1961, according to Islamic calender 21 Moharam-ul-Haram 1381 Hijra. His tomb is situated in Jahanpur Sharif. His father died in his childhood and then his uncle namely Hafiz Sayed Bahadur Ali Shah son of Sayed Juman Shah brought him up.
His uncle Sayed Bahadur Ali Shah used to take Anwar Ali shah along with him to mosque to offer five times prayers. After his death Sufi Fqeer Sayed Anwar Ali Shah performed the duty as Pesh Imam for a few days. He spent most of his time in isolation and would go to mosque only for Juma Prayer. He spent most of his time in living potentially in prayers. He was the spiritual caliph of Faqeer Sayed Sahib Dino Shah of Wasti Enayat Shah. Sayed Sahib Dino Shah was the follower of Faqeer Sayed Qlandar Ali Shah, Nari- Balochistan. This pedigree passes through Hazrat Sultan Bahoo to Hazrat Shaikh Abdul Qadir Jeelani of Baghdad Shareef. He became successful in finding God and started composing poetry.
His collection of poetry was published first in 2000 in the name of “Deewan Anwar”. There are about 101 Kafees and some Bait/ Verses in it. The new collection of his poetry was published in the name of “Anwar Sain Jo Risalo”. There are about 214 Sindhi and Seraiki Kafees, 13 Urdu Ghazals 3 Hindi Kafees, 1 Persian kafee and 92 Sindhi and Seraiki Baits/Verses. In the end of “Anawar Sain Jo Risalo” one Seraiki Se-Harfi is given. In this paper his poetry is briefly analysed on his subject and topic.

سنڌي، سرائڪي، هندي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ شعر چوندڙ صوفي شاعر انور علي شاهه جھانپوريءَ جي سوانح لکڻ، سنڌي ادب جي تاريخ لکندڙ محققن کان رهجي ويئي آهي. جڏهن ته مخدوم محمد زمان طالب المولى ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي تصنيفن ۾ سندس مختصر ذڪر۽ ڪجهه ڪلام نموني طور ڏنو آهي. صوفي انور علي شاهه نه رڳو شاعر پر پنھنجي سلسلي جي ٻين شاعرن جو سرواڻ به هو . سندس اولاد مان ڪي صوفي شاعر به ٿي گذريا آهن. جن ۾ سيد حضور بخش شاهه حضورڻ، سيد عبادت علي شاهه ۽ ٻيا شامل آهن.
ولادت ۽ وصال بابت: هن صوفي فقير جي ولادت بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. سيد عبادت علي شاهه ۽ فقير استاد بشير احمد سومري موجب:
”صوفي فقير سيد انور علي شاهه جي ولادت، مخدوم سيد خدا بخش شاهه جي گهر ۾ ڳوٺ جھانپور شريف، تعلقي ۽ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ بروز اربع 11 محرم 1324 هجري مطابق سن 1906ع تي ٿي ۽ وصال 21 محرم الحرام 1381 هه مطابق 7 جولاءِ 1961ع تي ٿيو.“
(شاهه:2007ع ص 24-6) ۽ سومرو 2000ع ص 15-2)
مخدوم محمد زمان طالب المولى جي لکت مطابق:
”صوفي سيد انور علي شاهه جي ولادت 1904ع ۾ ڳوٺ جھان پور شريف تعلقي گهوٽڪي، ضلعي سکر ۾ ٿي.“
(طالب المولى: [1953ع]1994ع ص 166 )
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته:
”صوفي فقير سيد انور علي شاهه جي وصال جي تاريخ سن 1973ع آهي.“ (بلوچ: 1990ع ص1181)
سيد عبادت علي شاهه ۽ فقير استاد بشير احمد سومري جي بيان ڪيل تاريخ ولادت ۽ وصال پختي آهي، ڇاڪاڻ جو اهي درگاهه جھانپور سان لاڳاپيل آهن. سيد عبادت علي شاھ، صوفي انور علي شاهه جو پوٽو آهي. جڏهن ته فقير استاد بشير احمد ’تعمير‘ سومرو، درگاهه جھانپور شريف سان اُنسيت رکندڙ پڙهيل لکيل ۽ جهونو فقير آهي.
صوفي فقير سيد انور علي شاهه ننڍي عمر جو هو ته سندس والد ماجد وصال ڪيو ۽ سندس پرورش ۽ تعليم جو بار سندس چاچي حافظ سيد بھادر علي شاهه ولد سيد جمن شاهه، پنھنجن ڪلهن تي کنيو.
”سندس چاچي ديني تعليم لاءِ مدرسي ۾ داخل ڪرايو، اُتي دلچسپي نه ڏيکاريائون ۽ تنھن بعد اُٻاوڙي جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايائون. اُتي به ساڳيو حال رهيو. کيس واپس موٽائي جھانپور شريف ۾ مولوي محمد عيسى نوناري وٽ قرآن شريف جي تعليم شروع ڪرايائون.“
(شاهه : 2007ع ص8)
پاڻ ٿورن ئي ڏينھن ۾ استاد کي قرآن مجيد پڙهي ٻڌائيندو هو ۽ مختصر عرصي ۾ قرآن مجيد جي تعليم پوري ڪيائين. سندس چاچو سيد بھادر علي شاهه کين پاڻ سان گڏ نماز لاءِ ڳوٺ جي جامع مسجد ڏانھن وٺي ويندو هو. سيد بھادر علي شاهه، نه رڳو حافظِ قرآن مجيد پر عالم دين ۽ امامت جا فرض سرانجام ڏيندو هو.
”سيد بھادر علي شاهه جي وصال کان پوءِ سائين انور شھنشاهه امامت جا فرائض ڪجهه ڏينھن لاءِ انجام ڏنا.“ (شاهه : 2007ع ص 9)
هڪ دفعي سومھڻيءَ نماز جا آخري نفل فجر جي نماز جي آذان تائين جاري رکيائون. کيس محسوس ٿيو ته ظاهري نماز سالڪ تي روا آهي ۽ وحدت جي واديءَ ۾ مستغرق رهڻ واري لاءِ باطن جي نماز ئي ڪافي آهي.
” تنھن بعد اڪثر وقت اڪيلائيءَ ۾ رهندا هئا ۽ مسجد شريف ۾ فقط جمع جي نماز تي ايندا هئا.“ ( شاهه : 2007ع ص 9)
صوفي فقير سيد انور علي شاهه، قادري سروري طريقي جي بزرگ سيد صاحبڏني شاهه (وستي عنايت شاهه واري) کان روحاني فيض لاءِ دست بيعت ٿيو. سيد صاحبڏنو شاهه، سيد قلندر علي شاهه (ڪڇي ڌڻي، ناڙي، بلوچستان ) جو دست بيعت ٿيل هو. اهو سلسلو پنجن واسطن سان ،سلطان العارفين حضرت سلطان باهوءَ کان ٿيندو، پندرهن واسطن سان پيران پير محي الدين حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رح سان وڃي ملي ٿو.
صوفي انور شاهه شروع شروع ۾ مجازي عشق جي چوٽ چڙهي ويو ۽ منزلون طئه ڪندي، وڃي حقيقي عشق کي رسيو.
”سائين انور شاهه جڏهن مدرسي ۾ پڙهندا هئا ته تڏهن ڳوٺ جي دايه قبيلي جي هڪ نينگريءَ تي سندس نظارو ٿي پيو...” (شاھ: 2007ع ص 14-15)
صوفي فقير سيد انور علي شاهه جي شاعري تصوف جي ڳُوڙهين رمزن تي چيل آهي پاڻ ان سلسلي ۾ دوهيڙا، مسدس، بيت، وائي، چوسٽا، ٽيھه حرفي، غزل ۽ ڪافيون چيائين. مٿس صوفياڻو فلسفو غالب هو. جيتوڻيڪ پاڻ ظاهري تعليم نه پرائي هئائين، تڏهن به باطني علم سان نوازيل هو. مختلف ٻوليون چڱيءَ طرح سمجهندو ۽ ڳالهائيندو هو.
”اردو، سنڌي، هندي، سرائڪي، بلوچي، فارسي، عربي ۽ مارواڙي وغيره مڙني ٻولين جو ڪلام رسالي ۾ درج آهي.“ (شاهه 8: 2007ع)
سندس ڪلام کي گڏ ڪري پھريون ڀيرو 2000ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ’ديوان انور‘ جي نالي سان شايع ڪيو ويو، جنھن ۾ فقط 101 ڪافيون ۽ ڪجهه بيت هئا. تنھن بعد 2007ع ۾ پھرين ڪلام کي سُڌاري ۽ نئين هٿ آيل ڪلام کي سھيڙي، ترتيب ڏيئي هڪ ئي جلد ۾ ’انور سائين جو رسالو‘ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. نئين سُڌاريل ۽ سنواريل جلد ۾ 214 سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون، 13 اردو، 3 هندي ڪافيون، 1 فارسي ۽ 92 سنڌي ۽ سرائڪي بيت/ ڏوهيڙا ڏنل آهن. رسالي جي آخر ۾ سي حرفي ڏنل آهي.
سندس ڪلام مان ڪافي نمبر 134 نموني طور بيان ڪجي ٿي .
ٿلهه : نيھي ناٿ ڪيا اثبات عشق آفات ٿيو اظھار،
سر سلطان منجهه مئيخان ٿيو، نيشان آ نروار،
1. جوڳي جُنگ پائي لُنگ سالم سُنگ ۾ صادق،
منجهه ويراڳ هادين هاڳ مستي ماڳ تي مالڪ،
چشمان چال ٿيا برحال خوبان خيال جا خالق،
مالڪ مام غازين گام ديدان دام جي ديدار.
2. ڪات ڪلال جنگ جلال مست مَلال ٿيا مخمور،
شوق شراب نينھن نواب برهه جي باب ۾ ڀرپور،
سولي سي پائن، پير دائم دير نه دستور،
هڪ حلاج ڏوڙا ڏاج سر تي تاج آ تلوار.
3. عشق آڙاهه بيشڪ باهه عاشق آهه منجهه عالم،
ٿي پروان منجهه ميدانسر سامان آ سالم،
ايڏي اور زورَؤن زور مالڪ مور ڪئي معلوم،
پان پتنگ ناز نسنگ ٿيو اڙٻنگ منجهه اعتبار.
4. بحر بيچون گوناگون اونھان اونھه وڃ عاشق،
ٿي غازي رَهه راضي کٽ بازي تون بيشڪ،
ٻڌ جوتو هَڻ غوطو مُلهه ماتو لَھه ماڻڪ،
’انور‘ اوٽ گوندر گهوٽ چينچل چوٽ ٿيو چمڪار.
(شاھ: 2007ع ص 152)
صوفي فقير سيد انور علي شاهه جي ڪلام ۾ سڪ، محبت ۽ انسانيت جو پيغام ملي ٿو. هجر ۽ فراق جي موضوع تي به ڪلام چيا اٿس، سندس ڪلام جو بنياد تصوف ۽ عشق الاهي تي ٻڌل آهي. پاڻ وحدت الوجود جو درس ڏئي ٿو.
”پاڻ اڪثر وجد ۾ اچي ڪلام چوندا هئا، انهيءَ ڪيفيت ۾ پاڻ اناالحق جو نعرو هڻندا هئا.“ (سومرو: 2000ع ص 12)
سندس صوفياڻي شاعري نھايت دلڪش تمثيل سان مالامال آهي. سندس هر تمثيل ۾ عشق سان گڏ حُبِ رسول ﷺ جي جهلڪ پڻ نظر اچي ٿي. سندس هر ڪلام ۽ هر شعر ۾ هدايت ۽ فڪر جون ڳالهيون سمايل آهن. سندس شاعري ڪنھن مخصوص ذات، ڪٽنب، قبيلي، قوم، وطن لاءِ نه پر پوري انسان ذات لاءِ آهي.
ڪافيءَ واري حصي جي شروعات قادري سلسلي جي باني حضرت سيد عبدالقادر جيلاني رحه جي شان ۾ چيل ڪافيءَ سان ڪئي اٿس، جنھن ۾ شاعر کيس وڏي مرتبي تي فائز هجڻ جو ذڪر ٿو ڪري ۽ سندس ڪجهه ڪرامتن جو به ذڪر ڪندي، هو چوي ٿو ته پيران پير دستگير جو قدم سڀني اولياء مٿان آهي ۽ هن جي فيض ۽ نظر کان سواءِ ڪو به ولي ولايت جي درجي کي نه ٿو ماڻي سگهي. ڪافيءَ جي ٽئين بند ۾ هن طرح ٿو چوي ته :
تنھنجي دوش تي مولا جو قدم، ڪل اولياء تنھنجو قدم،
پيار مان پرور رکيو، محبوب سبحاني اسم،
تو کان سواءِ نه ٿين ولي، پيرن سندو آ پير تون.
( ڪافي نمبر 1 : صفحو نمبر 32)
ڪافي نمبر 2 ۾ مديني جي سائينءَ جي زيارت ڪرڻ جو اظھار ٿو ڪري ۽ ساڳي ڪافيءَ اندر پنجتن پاڪ جو به ذڪر ڪيو اٿس. هو چوي ٿو ته جيڪو به سائل سندن در تي ٿو وڃي ته اهو پنھنجي مراد پوري ڪري ٿو وڃي. وڌيڪ چوي ٿو ته سندن مظھر نوراني آهي ۽ زمين ۽ آسمان، جن ۽ بشر وٽ ۽ هر هنڌ سندن سھڻي صورت ۽ سيرت جو ذڪر هلي ٿو. هن ڪافيءَ جي چوٿين بند ۾ هن طرح ٿو بيان ڪري :
مظھر نور حقيقي حق تي، ظاهر باطن عين خلق تي،
جِن بشر تي ملڪ فلڪ تي، تيڏي هي پچار.
(ڪافي نمبر 2. صفحو نمبر 34)
ڪافين کي اهڙيءَ طرح ترتيب ڏئي لکيو ويو آهي، جو پھريان پيران پير دستگير، پنجتن پاڪ ۽ سندس مُرشد جي واکاڻ جو ذڪر ملي ٿو. صوفي فقير ۽ درويش پنھنجي پنھنجي سوچ ۽ خيال، قول و فعل ۽ اٿڻي ويھڻي جي ڪري عام ماڻهن کان نرالا ۽ منفرد هوندا آهن. ساڳئي خيال جي جهلڪ هن بزرگ جي ڪلام ۾ به ملي ٿي. هو مڙهيءَ يعني مندر ڏانھن رخ ٿو ڪري : جيئن ڪافي نمبر 06: ۾ چوي ٿو ته :
ڏسو راز رازق، سندي رب رضا اڄ
ڪيو قرب قادر، ادا خدا اڄ

ڇڏي مون مسيتان مندر وسايم
مڙهيءَ ۾ محمد ﷺ مليو مصطفى اڄ

ٿيو عين ’انور‘ کي سارو قصو هي
ڪرشن چاون يا علي مرتضى اڄ
(ص: 39)
ڪافي نمبر 09، 08، 07 ۾ شھداءِ ڪربلا جو ذڪر ڪيو اٿس، جنھن ۾ هو حضرت قاسم گهوٽ رضه جي ڳاني مينديءَ جي سھري، حضرت اڪبر رضه جو والده کان موڪلائڻ، صغير حضرت اصغر رضه جي پاڻي بدلي سندس ڳل تي تير وسڻ، مطلب ته هن دردناڪ سانحي جي هر ڪردار جو نھايت پرسوز لفظن ۾ اظھار ڪيو اٿس. نموني طور ڪافيءَ مان هڪ بند پيش ڪجي ٿو :
چڙهه گهوٽ نيزي نعرا مريندا، عابد دي ناني ڪون پارت پيا ڪريندا،
هَي ٻال چوٽا بن قيدي ويندا، پيرين تنھين ڪون زنجير سائين.
( ڪافي نمبر 07، ص، 40)
صوفين وٽ رندي ۽ رمز وڏي اهميت جي حامل هوندي آهي، هو پاڻ ان رمِز ۽ راز کي پروڙي، سالڪ کي به ساڳي منزل ماڻڻ لاءِ پاڻ اندر ڳولڻ جو درس ڏيندا آهن. صوفي فقير سيد انور علي شاهه قادري سروي به پنھنجي ڪلام اندر هن طرح اظھار ڪري ٿو ته :
بيک بشر دا چولا پاڪر، ٿي سلطاني سڏاوين چاڪر
لايو ئي درد ڌمال، هُو دم والي دا
خلق الادم على صورت، الانسان مخفي مورت
جلوي دار جمال، هُو دم والي دا
احدون عبد اَنا معبودي، مظھر ملڪ ملڪ مسجودي
هويا واحد وچ وصال، هُو دم والي دا
عين اثبات هَي انور احدي، ميم محمد مظھر مھدي
همدم حاضر حال، هُو دم والي دا
(ڪافي نمبر 25، ص : 50)
هن جي ڪلام ۾ اکين جو ذڪر گهڻو ٿو ملي، جنھن ۾ هو محبوب جي اکين تي موهت ٿو نظر اچي ۽ اکين سان محبوب جي نازن جو ذڪر ٿو پسي، اکين سان اشارن جي ٻوليءَ جو ذڪر ٿو ڪري. اُهي اکيون ئي آهن، جيڪي عاشقن کي تِکا تير هڻي تڙپائين ٿيون ۽ گهڻين مشڪلاتن اهنجن ۽ انتظار بدر نيٺ محبوب جي وصال کي ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿيون ڪافي نمبر 19 ۾ هن طرح ذڪر ڪري ٿو :
ٿلهه: اعلى عشق واريون ڳاڙهيون لال اکيون، جلوي نور جمال اکيون

جاٿي نظر ڪرن ٿيون نازن مان، پنھنجو پاڻ پسن پروازن مان
آهن برهه سندي ڪنھن بازن مان ، ڪَرن ورهه وارا ڪي وصال اکيون

اُهي نازڪ نيڻ نھارين ٿيون، وڃي مھميرن کي مارين ٿيون
ماري جوڳي لک جيارين ٿيون، دانھه درد ڀريون ڪي دَلال اکيون.
(ڪافي نمبر 19 ص : 54)
صوفي سيد انور علي شاهه جي سموري ڪلام ۾ سڀ کان وڌيڪ تذڪرو
’عشق’۽ عشق ۾ پيش ايندڙ سختين، ايذائن، سورن ، دردن ۽ قربانين جو گهڻو ملي ٿو. هو چوي ٿو ته جنھن کي به عشق لڳي ٿو ته تنھن کي سور سدائين سھڻا پوندا. آدم ، حوا جي عشق ۾ اچي، جنت مان نيڪالي ورتي، عشق ئي مجنو کي مستانو ۽ ديوانو بڻايو، عشق ئي هو جنھن ڪربلا ۾ مديني جا سورهيه ڪُھايا، عشق ئي سرمد کي ڪاتن جي ڪلهي چاڙهيو، عشق ئي فرهاد، شيرين جي خاطر ڪاٺ جي پھوڙي سان ٽڪر ڏاريو، عشق ئي رانجهي کي تخت هزاري ڇڏايو، عشق ئي مومل جا ماڻ مڪر نيٺ ڪاڪ تي جيئري جلايو، عشق ئي شاهه کي گدا، امير کي فقير بڻايو، عشق ئي جوانن جي جواني تباهه ڪئي. هڪ ٻئي هنڌ عشق جو ذڪر هن طرح ٿو ملي ته عشق ئي موسى کي طُور جبل تي روانو ڪيو، يوسف کي زليخان جي پيچ ۾ ڦاسايو، عيسى عرش مٿي ۽ نوح طوفانن جي ورِ چڙهيو، عشق ئي سرمد جھڙا سُلطان ڪھايا. ڪافي نمبر 35 ۽ 37 ۾ ‘عشق’ جي تمام سھڻي نموني ۾ ڳالهه ڪئي اٿس، عشق خدا پاڪ کي لڳو ته هُن ’ڪُن فيَڪون‘ سان هي روءِ زمين خلقي پنھنجو نائب زمين تي موڪليو.
ٿلهه : عشق لڳو اڪسير، ڪيو آ ظھورو ذات قديمي
1. ڪيئن حسن ڪيو حملو حق تي، ثابت ڪيائين تصوير
انا احمد بلا ميم
2. خلق آدم على صورتھ صاحب سميع بصير
خالق ٿيو آ خاص خديمي
3. الانسان سري وانا سره، ڪُل شيء قدير
ناز تنھن جو نشر نظيمي
4. ونفخت فيھ من روحي، وارو انور شاهه امير
صحي سلطان ٿيو آ عرب عجيمي (ڪافي نمبر 35،ص :70)
صوفي فقير سيد انور علي شاهه، وحدت الوجود جي عقيدي جو شاعر آهي. رب کي ريجهائڻ ۽ ڳولڻ ڏکيو ناهي، خلوص ارادي سان ڳولبو ته اُهو توهان کي توهان جي سيني اندر دل جي هر ڌڙڪن ۾ ملندو، سندس مَسڪن اُتي ئي آهي، جڏهن الله جو عشق عروج تي پھچي ٿو ته مستيءَ جو عالم ڇائنجي وڃي ٿو. ظاهر باطن، ڪافر مسلمان، مسجد مندر جو وڇوٽيون ختم ٿي وڃن ٿيون وحدت عشق جو مشروب مست بڻائيندي،
ٿلهه : عشق لڳئي ته ٿي اظھار، مست شروع سان تنھنجو ڇاهي
پي شراب ڪر شوق شاهانا، ڪُفر قُدسي منجهه آشيانه
رند رضا تي رهه هوشيار.
ظاهر باطن ذات تحقيقي، غير ناهي ڪو آ تحقيقي
مظھر نور نينھن نظار.
اَناالڪافر حق موجودي، بُت ڪده مَـــــــــن سر سجودي
ٽوڙ تسبيحان ڳل ذوق ذُنار
خلق آدم عَلى صورت اِلانساني منجهه سڪونت،
رِندي مشرب تي اعتبار
سيني سير صفا ڪر سالڪ، آهين، ‘انور’ تون خود مالڪ
تو ۾ نگري تو ۾ سنسار
(ڪافي نمبر 38 ص 73)
صوفي فقير سيد انور علي شاهه وٽ سالڪ ۽ سلوڪ جا سبق موجود آهن. صوفياڻيون ۽ عارفاڻيون رمزون ملن ٿيون. پاڻ وساري، پرين پروڙڻ جو درس ڏئي ٿو. هيڏي هوڏي لوڀڻ ۽ لوچڻ جي لوڙ ئي ناهي، هوت ته هر هنڌ موجود آهي. صرف اندر جي ٻوٽيل اک کولي ڏسڻ جي جستجو جي ضرورت آهي. ظاهري علم انسان کي ڀُلائي ٿو ۽ منجهائي ٿو، باطني علم سان ئي راڻو ريجهائي سگهجي ٿو.
زبر زير ۽ پيش، نڪتن نوايو،
حقيــقت هڪ هڪ، الف آم تون آن،
مڙهي مسجد مندر، دئاري ۾ دلبر،
سڏيان ڪنھن کي ڪرشن، ڀڳوان تون آن،
مڪوتيرٿ تڪيو، توڪل تمامي،
سارو ملڪ مدينو، مُلتان تون آن.
(ڪافي نمبر 54، ص، 87)
سندس ڪافين اندر، منصور ۽ سرمد واري سرمستيءَ وارا منظر به ملن ٿا. عشق وحدت جي موجن ۾ هو به پنھنجو پاڻ کي حق سڏرائي ٿو،
ڪافي نمبر 65 جي آخري بند ۾ چوي ٿو:
’انور‘ هڻ تون نينھن جو نعرو، اناالحق چئي ڪري تون پسارو
هڪ سان هڪ ٿي وَڃ هڪ وو يار
(ڪافي ص 97)
صوفي فقير سيد انور علي شاهه پنھنجي هيٺين ڪافيءَ ۾ ته پنھنجي وحدت عشق جي منزل کي عروج تي پھتل ڏجي ٿو. هو چوي ٿو ته :
ٿلھه : منھنجو پرين پھتو، اڃا منصور آ اوري.
توڙي آدم صفي الله ، توڙي آ نوح نجي الله،
توڙي ابراهيم خليل الله، موسى ڪوهه طور آ اوري.
توڙي مجنو توڙي سرمد، توڙي فرهاد ڪٿي احد،
انهي حد کان آهيو لا حد، مگن مخمور آ اوري.
نفي جو ناد وڄايو سي، فنا کان فيض پايو سي،
عدم ’انور‘ ملهايوسي، الاهي نور آ اوري.
(ڪافي نمبر 91، ص: 119)
اردو ڪلام :
سنڌي ڪلام وانگر سندس اردو ڪلام ۾ به ساڳئي خيالن جو موجن ڀريو سمنڊ ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿو. سڀ کان پھرين ڪافي ۾ باعث تخليق ڪائنات، حضرت محمد ﷺ جي واکاڻ بيان ڪئي اٿس، جنھن ۾ چوي ٿو ته عرش ايوان محمد ﷺ آهي، سج سندس خادم آهي:
عرش عظيم اعلى، ايوان احمدي،
نعلين خاک پائڍ، درگاه محمدي
مخلوق خاص هوگئي، ملک و فلک ميڻ
شمس ڻـڍ خادم تيرا، وه ماه محمد
(ڪافي نمبر 215، ص : 221)
شرح کي تحرير کرتڍ تهــڍ محمد مصطفى
انا احمد بلا ميم عبد تها يا نور تها
( ڪافي نمبر 227، ص : 231)
عشق وحدت جي جام جو ذڪر به اردو ڪلام ۾ ملي ٿو، هو ساقيءَ لاءِ چوي ٿو ته : ساقي هن کي عشق وحدت جي شراب جو سمنڊ سندس حوالي ڪيو آهي، جنھن جي جام نوشيءَ سان هو ڪمال جي درجي تي پھچي ٿو.
ساقي سياڻي مجهه کو ساغر سنبهال کرکڍ
ڻم نڍ پيا ڻــڍ اس کو خوبان خيال کرکڍ
مخمور ڻو رڻا ڻوڻ، پينڍ سڍ وه شراب
اس نڍ بنايا ڻم کو کامل کمال کرکڍ
(ڪافي نمبر 219، ص : 225)
هندي ڪلام :
هندي ڪلام ۾ رڳو ٽي ڪافيون ڏنل آهن، پر درويش جي خيالن ۾ ڪا تبديلي نظر ڪا نه ٿي اچي، ساڳيو پاڻ سڃاڻڻ واري ڳالهه ڪئي اٿس. پنھنجي من اندر پنھنجي پرين کي پرکڻ جي ڳالهه ڪئي اٿس . باقي مسجد مندر، گنگا جمنا، صرف ڏيکاءَ جا نالا آهن، هوت ته هر هنڌ موجود آهي.
کون ميرا ڻــڍ ماتا پتا، ڻم کسي کا جايا ري،
وحده ڻــڍ نام ڻمارا، آپ دڍ وچ سمايا ري،
احدوڻ عبد سڊا کر مولا، احمد بن کر آيا ري،
نال شريعت شوق ڻمارا، سر پر باچايا ري.
(ڪافي نمبر 229، ص : 233)
تلک لگاکڍ سادو بننا، پوتهي پٽ پٽ پڙهنا ري
گنگا جمنا آؤڻ جاؤڻ، کهوڙا ساتهه سمر نا ري
روپ سروپ پوجا تپشا، پاٽهه نڻيڻ پهر جانا ري
مندر مڙهياڻ وريد رکهنا اي بهي کهيل بهي کهيل کهلانا ري
(ڪافي نمبر 230، ص : 234)
فارسي ڪلام :
فارسي ڪلام ۾ رڳو هڪ عدد ڪافي ڏنل آهي. صوفي فقير سيد انور علي شاهه بخاري پنھنجي سنڌيءَ ۾ سرائڪي ڪلام وانگر عارفاڻا ٻول ٿو ٻولي. هو رب پاڪ جي وحدانيت جو ذڪر ٿو ڪري ۽ سندس قدرت جا ڪيئي منظر پيش ٿو ڪري، جنھن ۾ هو چوي ٿو ته خدا هر هنڌ موجود آهي، سندس نظارو ڪائنات جي هر شيءِ ۾ ملي ٿو. هو بادشاهه بڻائيندڙ مخلوق کي پاڪ ڪندڙ جن، فرشتن ۽ حورن جو خالق، ڪڏهن طالب ته ڪڏهن مطلوب آهي، ڪڏهن بازار ۾ ته ڪڏهن شاهي محل ۾ ، ڪڏهن بلبل گلستان آهي ته ڪڏهن باغ جو رازدان آهي، ڪڏهن سڪندر ته ڪڏهن شھباز آهي. نموني طور سندس فارسي ڪلام مان هيٺ ڪجهه بند پيش ڪجن ٿا:
من مُطھر همه خلق گه ، حيوان انسان را،
گهِ جن و ملک حور و گهِ ، فردوس رضوان را،
ترجمو: ڪنھن وقت مان پوري مخلوق حيوان انسان کي پاڪ ڪندڙ آهيان . ڪنھن وقت جن ، فرشتن ۽ حورن کي به ڪڏهن جنت جي داروغن کي.
گه من غنچه دارم، گه گل باغ باخارم،
گه بلبل چمن ارم، سَربازار بوستان را
ترجمو : ڪڏهن مان غنچو رکان مان، ڪڏهن باغ جا گل ڪنڊن سان ڪڏهن باغ جو بلبل آهيان، مان ڪڏهن باغ جي بازدار رازدار جو .
گه سلطان سکندر من، گه شھباز قلندر من،
گه من نور ’انور‘ من، گه درگاه سبحان را.
ترجمو : ڪڏهن بادشاهه سڪندر مان، ڪڏهن شھباز قلندر مان، ڪڏهن مان نور انور جي من جو ڪڏهن الله تعالى جي بارگاهه جو.
(ڪافي نمبر 231، ص : 235)
بيت :
’انور سائين جو رسالو‘ ۾ سنڌي ۽ سرائڪي بيتن جو ڪل تعداد 92 ٻيانوي آهي، جنھن ۾ اڪثريت چئن سٽن واري بيتن جي آهي. ڪل 92 بيتن مان ٻن سٽن وارا بيت 19، ٽن سٽن وارا بيت 26، چار سٽن وارا بيت 37، پنج سٽن وارا بيت 09 ۽ هڪ بيت سٽ سٽن وارو آهي. دوهي تي مشتمل بيتن جو تعداد اڪثريت رکي ٿو. سندس بيتن جي موضوع ۾ عشق، وحدانيت، پاڻ وسارڻ، پنھنجي اندر رب کي ڳولڻ ، مذهب و مسلڪ جي فرق کان بالاتر هئڻ جون ڳالهيون شامل آهن. ان لاءِ سسئي پنهون، هير رانجهو ۽ عمر مارئي داستانن مان تمثيل ورتي اٿس.
ڪعبو اٿئي ڪڇ ۾ ، ووڙي ڏس وٿاڻ،
وَ نَحــنُ اقرب ويجهڙو، تنھنجو ئي تو ساڻ،
پنھنجو اٿي پاڻ، ’انور‘ چئي اندي ۾.
(بيت 07 _ ص : 237)
صوفي انور فقير وٽ رب ريجهائڻ جو ڏس ٿورو مختلف ملي ٿو. هو چوي ٿو ته کيس مرشد جي تلقين اٿس ته رڳو مسجد مندر وسائڻ سان يا رڳو دين ايمان تي پابند رهڻ سان يا رڳو ڪلمو قرآن پڙهڻ سان رب نه ٿو ملي پر جڏهن دنيا ۽ آخرت جون ڳالهيون ڀلائجن ٿيون ته تڏهن رب ملي ٿو :
مرشد سانون ايوين فرمايا، تون ڇوڙين دين ايمان ميان،
ٻھه ڪي دوئاري پوڄ بُتان نون، کوڙ ڪفر دا نيشان ميان،
مسيتان حاصل ڪجهه نه ٿيسي، توڻي پڙهين ڪلمه قرآن ميان،
’علي انور‘ رب تڏان مل سي، جڏان وسارين ڏونھين جھان ميان.
( بيت نمبر 10_ ص : 237)
فقير سيد انور علي شاهه ظاهري عبادت ڪو نه ٿو ڪري، هو پنھنجي پالڻھار کي باطني سجدي ۾ رات ڏينھن وقف ٿو ڪري ڇڏي ۽ هن اهڙي ته نماز جي نيت ڪري ڇڏي آهي، جنھن جو امام عشق الاهي آهي. هيٺئين بيت ۾ ساڳئي خيال جو هن طرح ٿو اظھار ڪري ته :
جيڏانھن نِيتي نينھن، آءٌ به اُڀو اوڏاهين،
العشق اماما، آهي منھنجو شينھن،
راتيان ۽ ڏينھن، سجدو سپرين کي.
(بيت نمبر 08_ ص : 237)
کيس عشق وحدانيت ايڏو ته عروج تي ٿو پھچائي، جو هو دوزخ جي دڙڪي ۽ بھشت جي لالچ کان بي فڪر آهي، قيامت جي ڏينھن هر ڪوئي پنھنجي صالح يا بد اعماليءَ جي نتيجي ۾ بھشت يا دوزخ ڏانھن اماڻيا ويندا، پر هيءُ پاڻ دوزخ ۾ داخل ٿيڻ جو ٿو چوي، ڇاڪاڻ ته کيس پڪو يقين آهي ته عشق الاهيءَ جي تپش سبب دوزخ کيس ڪجهه به اثر نه ڪندي هو چوي ٿو ته :
آخر ڏينھن قيامت دي يارو، مَئين عاشق بن ڪَر کڙسان،
ٻيان واٽان سڀ ڇوڙڪراهين، مئين پلصراط تي چڙهسان،
ھر ڪو وڙسي وچ بھشتان، مَئين دوزخ وچ وڙسان،
دوزخ ميڏا ڪيا ڪريسي ’علي انور‘، اُٿان عشق دا ڪلمه پڙهسان.
(بيت نمبر 6 _ ص 237)
جتي عشق الاهيءَ جو ذڪر ٿو ڪري، اُتي سنياسين کي به ڪو نه ٿو وساري، کين ايڏي ته سِڪ ۽ اُڪير آهي جو سندس اکين مان لڙڪ وهڻ جي بَس نٿا ڪن ۽ سُورن مٿان سور پلٽيون پيا اچن، بيت نمبر 30، 29، 28 ۾ هن طرح بيان ٿا ڪن :
جيڏي سِڪ سنياسين، تيڏي سندن اُڪير،
نيڻن اڳيان نير، وهندي بس نه ڪن
جيڏي سنياسين سِڪ، تيڏو سندن سُور
پلٽين مٿان پور، وهندي بس نه ڪن
جيڏي سنياسين سِڪ، تيڏو سندن سَت
نيڻين اگيان رت، وهندي بسُ نه ڪن.
(بيت نمبر 241_ ص: 240)
عشق الاهي، سنياسين جي سِڪ سان گڏ اکين جي باري ۾ به پنھنجي اندر جو اظھار ڪيو اٿس ، ته اکيون ئي آهن، جيڪي نينھن جا ناتا لڳائڻ جو اساسي ڪم ڪن ٿيون. اکيون جيڪڏهن ڪٿي اٽڪي ٿيون پون ته اُتان اکيون کڄن ئي ڪين. اُس ڇانو، مينھن وغيره مٿن بي اثر آهن، پر پرين کي اکين ۾ رکڻ لاءِ نيڪ خيال هئڻ گهرجي :
اک پرين جي اک ۾ تون سھڻو رک خيال،
پرين جي پسڻ خاطر، تون پچي ٿي پئمال،
’انور‘ مست خيال هوند اکڙين منجهان معلوم ڪيو.
(بيت نمبر 38 _ ص : 242)
شاهه لطيف جي سُورمين مان سسئي کي پُر عزم، بھادر ٿو ڏيکاري. هوءَ ڪيچ مڪران تائين پنھنجي پنھون کي پسڻ لاءِ رستي جي هر اهنج ۽ ايذاءُ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي نظر اچي. کيس بُک ، اُڃ، لُک (گرم هوا) جي پرواهه ناهي ۽ هيءَ آس ساهه ۾ سانڍي ٿي هلي ته ڪيئن به ڪري پنھنجي منزل يعني هوت پنھون کي ماڻي.
وڃان هوت پنھل ڏي، توڻي ڏونگر هجي ڏک،
سڪ ته يار پنھل جي، مون کي ڪانهي هينئڙي بُک،
ڏينھن تتو جُهڙ ڀانئيان ، نڪي لڳي لُک،
شال الله ڏيندم سُک، ملنديس ڪيچ ڌڻيءَ کي.
(بيت نمبر 67، ص : 247)
هو سسئيءَ واتان هي ٿو چوائي ته جيڪڏهن پنھل جي ديس جو ڪُتو به اچي کيس کائي ته ڪا پرواهه ناهي، پر منھنجي پرينءَ ڏانھن منھنجا هڏا نشاني طور پاڻ سان گڏ کڻي وڃي :
ڪُتو پرينءَ پار جو، الله مون ڏي آڻ،
کائي ماس مُٺيءَ جو، سارو هي جند جان،
’انور‘ چئي مان ، هڏا نيئي هوت ڏي.
(بيت نمبر 75 _ ص : 249)
سندس پوري ڪلام ۾ سنڌ جي صوفين واري مام سان مالامال ٿيل بيت ملن ٿا. صوفي بزرگن جو خيال مڙوئي ساڳيو ئي آهي، پر وٽن ان جو اظھار انداز ۽ لفظ پنھنجا پنھنجا ۽ هڪ ٻئي کان نرالا ملن ٿا. صوفي فقير سيد انور علي شاهه به الله پاڪ کي پنھنجي اندر ڳولڻ جو ڏس ڏنو اٿس ۽ هيڏي هوڏي ڌڪا ٿاٻا کائڻ کان بچڻ جو ڏس ڏنو اٿس، جيئن :
پنھنجو پاڻ سُڃاڻ ارواح اندر ۾،
ڳولين ٿو ڳوٺن ۾، تند مجازي تاڻ،
سو آهي سيني ۾، تنھنجو ئي تو ساڻ،
ٻئي پاسي ناهي ٻيو، تون آهين پنھنجو پاڻ،
ڄاڻ وڃائي ڄاڻ، وري لڪين ٿو لٽن ۾.
(بيت نمبر 40 _ ص : 243)
سي حرفي (ٽيھه اکري):
سي حرفي جو هر بيت چئن سٽن تي مشتمل ملي ٿو. سي حرفي ۾ به صوفيانه رمز ۽ اسرار بيان ڪيل آهن. سي حرفي جي هر بيت جي آخر م سٽ جي پڇاڙي هم قافيه هئڻ سان گڏوگڏ ساڳين لفظن جي ورجائڻ تي مبني آهي، نموني طور انھن مان ڪجهه بيت پيش ڪجن ٿا :
ب : بي بار برهه دا اُٺاوڻ، وچ سماوڻ،
ڪيوين بشر دا بيک بناوڻ، وچ سماوڻ،
اهو هوڪا هُل هُلاوڻ، وچ سماوڻ،
وَنحنُ اقرب نيڙي الاوڻ، وچ سماوڻ.
(ص : 253)
ز : زي ذق تي شُوق شاهانا، ڪيوين ٻانها،
العشق دا وچ آ ستانا، ڪيوين ٻانها،
اَحد هو ڪي عبد بھانا، ڪيوين ٻانها،
اَنا احمد آپ الانا، ڪيوين ٻانها.
(ص : 255)
صوفي انور شاهه جو 55 سالن جي ڄمار ۾ وصال ٿيو ۽ وصال وقت سندس آخري لفظ هي هئا.
مون ڀنڀورؤن بس ڪئي، طاق هڻي تاڙيون،
آءُ پنھل پاڙيون، وعده ورهه وصال جا.
کيس جھانپور ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو، جتي هر سال محرم الحرام مھيني جي 21،22، 23 ۽ 24 تاريخ تي سندن ساليانو عرس ملھايو وڃي ٿو ۽ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي ٿي.
سندس شادي 30 سالن جي عمر ۾ پنھنجي ئي بخاري خاندان مان ٿي. جنھن مان کيس چار فرزند ٿيا، 1_ فقير سيد خدا بخش شاهه (اول)، 2_ فقير سيد ظھور حسين شاهه (اول) جي ننڍپڻ ۾ وصال ڪري ويو، باقي ٻه فرزند 1_ فقير سيد حضور بخش شاهه ( سجاده نشين اول وفات 2005_ 12_04) ۽ 2_ فقير سيد خدا بخش شاهه (ثاني) (المعروف ملنگ سائين وفات 1998_ 10_27)
هن وقت درگاهه جو سجاده نشين سيد سخاوت علي شاهه آهي، جيڪو نه رڳو غزل جو شاعر پر غزل کي چڱي طرح ڳائڻ جو به فن ۽ مھارت رکي ٿو.
نتيجا:
• سيد انور علي شاهه جھانپوري هڪ صوفي شاعر آهي، سندس شاعري جا موضوع گھڻو ڪري معرفت الاھي ۽ تصوف تي مبني آھن.
• هن جي شاعريءَ ۾ انسانيت ۽ خدا جي خلق سان محبت جو پيغام سمايل آھي.
• سندس شاعريءَ ۾ وحدت الوجود کي مرڪزي ۽ بنيادي حيثيت حاصل آھي.
• هن جي ھر شعر ۾ انسانن لاء ھدايت ۽ نصيحت شامل آھي.
• سندس گهڻو ڪلام سنڌي ڪافيءَ ۾ ملي ٿو، ان کان علاوه بيت، سي حرفي ۽ غزل به شامل آهن.
• سندس شاعري سنڌيءَ کان علاوه سرائڪي، اردو، ھندي ۽ فارسيءَ ۾ به ملي ٿي.

حوالا :
1. بلوچ،نبي بخش خان، ڊاڪٽر 1990ع، ‘ڪافيون’، جلد ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
2. سومرو، تعبير، بشير احمد، اُستاد، فقير، 2000ع، ديوان انور، ميرپور ماٿيلو، جهولي لعل پبليڪيشن.
3. شاھ، عباد علي، سيد، 2007ع، انور سائينءَ جو رسالو، ضلعو گهوٽڪي، درگاهه عاليه جھانپور شريف.
4. طالب المولى، محمد زمان، مخدوم [1953ع] 1994ع، ياد رفتگان، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.


946 ڀيرا پڙهيو ويو