محبوب علي جوکيي جو سنڌي نثر جي اوسر ۾ حصو
(Mehboob Ali Jokhio’s contribution in the development of Sindhi prose)

محمد جمن ’سرواڻ‘ جوکيو

Abstract
Famous writer and teacher Mehboob Ali Jokhio is known for his education services and in the 70s he contributed to some magazines and newspapers. That includes short stories, essay writing and Sindhi Grammar/linguistics. He had also translated some short stories and dramas. He had a good command over essay writing. Munhja Mazmoon (My Essays) is one of his prominent books. Some of his writings are published in book form. Among which Nahjul Balagha Sach ja Saneeha (Messages of Truth) Wakhar sou Wuhao (A thing of beauty) Ustadan jo adab ( Honour of Teachers), Munhja Mazmoon ( My Essays) Mehran Sindhi Grammar, Mehran English Grammar, Mehran English Composition, Chho, Chha kair, kenh, (Why, what, who and whom) dilchasp maloomat, (Intresting knowledge) Islmami Malumat and Sindh babut Malumaat.
His essays are also part of some old Sindhi syllabus. However, some of his prose poetry is also unpublished.
Essay writing is one of his prominent genres. His written language is simple and filled with vigorous ideas. Whereas social weaknesses and injustice can be observed in his writings, he also emphasizes on society’s betterment and he presented royal characters in a satirical style
In this paper a brief analysis of Mehbub Jokhio’s prose work would be highlighted.

تعارف: جھڙيءَ ريت انسانَ جي طبيعت، هلت چلت ۽ ڳالهائڻ جو پنھنجو پنھنجو ڍنگ ٿئي ٿو، اهڙي ئي ريت ادب ۾سڀني لکندڙن جو پڻ پنھنجو پنھنجو ڏانءُ آهي، جنھن کي اسلوب (style) چئجي ٿو. سنڌي ادب جي آبياريءَ واسطي ڪيترن ئي اديبن، عالمن، محققن ۽ شاعرن پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي. سِڪي وانگر ادب ۾ پنھنجي ڳالهه اورڻ جا ٻه پاسا ٿين ٿا، هڪ نثر ۽ ٻيو نظم.

نظم، بيانَ جي حوالي کان اوائلي نمونو آهي؛ جڏهن ته نثر ۾ بيانُ گهڻو بعد ۾ ملي ٿو.سنڌي ادب ۾نثر جو اوائلي نمونو جيڪو اسان کي ملي سگهيو آهي، سو آخوند عزيز الله مٽيارويءَ جو قرآن شريف جو سنڌي ترجمو آهي. اهو ترجمو موجوده صورتن ۾ ٻوليءَ جون گهرجون ان حوالي کان پوريون نه ٿو ڪري جو اهو قرآن شريف جو تحت اللفظ ترجمو آهي. اها ڳالهه ان حوالي کان ٿي چئجي، ته هر ٻوليءَ جي جملي جي ساخت پنھنجي پنھنجي ٿئي ٿي. ظاهر آهي ته عربيءَ جو جملو گهڻو ڪري فعل سان شروع ٿيندو آهي، جڏهن ته سنڌي جُملو فعل تي ختم ٿئي ٿو. ان کان بعد سنڌي نثر ارتقائي مرحلن مان گذرندو رهيو. تاريخي لحاظ کان سنڌي نثر جي با ضابطه اوسر انگريزن جي دور کان ٿي. انگريزن جي دور ۾ ڪافي نثر نويسن جا نالا ملن ٿا، جن ۾ مرزا قليچ بيگ جو نالو نمايان نظر اچي ٿو. جنھن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌِ واسطي هڪ اداري جيان محنت ۽ خدمت ڪئي. ورهاڱي کان اڳ سنڌي نثر نويسن ۾ مسلمانن سان گڏوگڏ هندو سنڌين جو تمام وڏو ڪردار رهيو. ورهاڱي کان پوءِ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو، اهڙي خال کي ڀرڻ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به پاڻ ملهايو. ان کان علاوه ڪافي اديبن نثر نويسن پاڻ ڳڻايو جن ۾ جي.ايم سيد، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ميران محمد شاهه، شمس الدين بلبل، قاضي فيض محمد، محمد صديق مسافر، راشدي برادرران (پير علي محمد شاهه راشدي، پير حسام الدين شاهه راشدي) محمد ابراهيم جويو، مولانا غلام محمد گرامي، غلام رباني آگرو، سراج ميمڻ، شيخ اياز، علي احمد بروهي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر حامد علي خانائي، ڊاڪٽر نجم عباسي، آغا سليم، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر الھداد ٻوهيو، محبوب علي جوکيو وغيره آهن.
محبوب علي جوکيي جي نثر نويسيءَ ۾ سنڌي گرامر، مضمون نگاري، ڪھاڻيون ۽ سنڌي ترجما اچي وڃن ٿا. هي مقالو مختصر طور محبوب علي جوکيي جي نثر نويسيءَ تي مرڪوز رکيو ويو آهي.
نثر جي معنى ۽ مراد: نثر هڪ اهڙي بيان کي چيو ويندو آهي، جنھن ۾ خيالن جو تسلسل ته هوندو آهي، پر ان جي خيال کي ڦھلاءُ ٿئي ٿو ۽ اهو بيان قافيي، رديف ۽ وزن کان آجو هوندو آهي. هن لفظ جي وضاحت بابت جامع سنڌي لغات ۾ آهي ته:
نَثرُ ج نَثرَ: ذ. پکڙيل- کنڊريل- هاريل- هيٺ مٿي ٿيل.گُديه- مضمون- آکاڻي. علم و ادب جو اهو ڀاڱو، جو صرف نحو جي قانون تي ٻڌل هجي، پر قافيه ۽ رديف جي قيد کان آجو هجي- نظم جو ضد. (1)
نثر جي حوالي سان ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ سمايل نڪتا:
• خيال جي آڌار تي لفظن جو اهو پکڙيل ميڙ جيڪو تسلسل جو حامل هجي.
• هڪ اهڙو ڦھليل لفظن جو ميڙ، جيڪو مفھوم جي لحاظ کان صرف و نحو جي قانون تي مبني هجي.
• جُملي يا فقري جي بيھڪ قافيي ۽ رديف کان آجي هجي.
سنڌي ادب ۾ نثر جا ٽي قسم مُسَلَّم آهن پر ڪٿي ڪٿي عالمن نثر کي چئن قسمن ۾ ورهايو آهي.
لفظن جي اعتبار کان نثر جا چار قسم آهن:
1. مرجز 2. مقفى 3. مسجع 4. عاري.
عام طور جيڪو نثر ڪم آندو وڃي ٿو، ان کي’ نثر عاري ‘ ڪوٺيو ويندو آهي، جيڪو قافيي يا وزن کان بلڪل آجو ۽ جملن ۾ روان ۽ سھنجو ٿئي ٿو. موجوده حالت ۾، اخبارن، رسالن يا ڪتابن وغيره ۾ هن نثر کي ڪم آندو ويندو آهي.
محبوب علي جوکيي جو نثري صنفن ۾ ڪيل ڪم: ادبي شھپارا ڌار ڌار صنفن جي صورت ۾ وجود وٺن ٿا. معنوي ۽ فني سِٽاءَ جي لحاظ کان انهن جي الڳ الڳ سڃاڻ ٿيندي آهي. هيٺ نثر جي چند انهن صنفن جو ذڪر ڪجي ٿو، جن ۾ محبوب علي جوکيي لکيو آهي. محبوب علي جوکيي جي وابستگي درس و تدريس سان رهي ۽ 70 جي ڏهاڪي ۾ چند رسالن ۽ اخبارن ۾ لکندو رهيو، جنھن ۾ ڪھاڻي، مضمون نگاري، گرامر وغيره اچي وڃن ٿا. چند ڪھاڻيون ۽ ڊراما به ترجمو ڪيائين. کيس مضمون نگاريءَ تي ملڪو رهيو، جنھن ۾ سندس ڪتاب ’منھنجا مضمون‘ اهم آهي. سندس چند تصنيفون، ڪتابي صورت ۾ پڻ شايع ٿيل آهن، جن ۾ ’نھج البلاغه‘ (امام حسين ع ڏانھن وصيت نامو)، ’سچ جا سنيھا‘، ’وکر سو وهاءِ‘، ’مثالي شاگرد‘، ’استادن جو ادب‘، ’منھنجا مضمون‘، ’مھراڻ سنڌي گرامر‘، ’مھراڻ انگلش گرامر‘، ’مھراڻ انگلش ڪمپوزيشن‘، ’ڇو، ڇا، ڪير ۽ ڪنھن‘، ’دلچسپ معلومات‘، ’اسلامي معلومات‘، ’سنڌ بابت معلومات‘. ان کان علاوه ٻاراڻي ادب ۾ ’انڌن جو ديس‘، ’سفيد باندر‘، ’گڏهه ۽ موسيقي‘، ’پيار جو ڪرشمو‘، ’گل جي گفتار‘ ۽ ’دوستيءَ جي هام‘ قابل ذڪر آهن. ان کان علاوه اڻ ڇپيل مواد ۾ ’سي آيتون آهين‘ (نھج البلاغه مان خطبا) ۽ ’حضرت ابوذر غِفاري‘ شامل آهن.اڳوڻن درسي ڪتابن ۾ پڻ سندس مضمون، سبق جي صورت ۾ آيل آهن. ان کان علاوه سندس چند نثري نظم پڻ اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن.
هتي سندس نثري لکڻين مان ٻن صنفن جو مختصر جائزو ڏجي ٿو:
دنيا جي اڪثر زبانن جي ادب جو آغاز جيڪڏهن نظم سان ٿيو آهي ته وري انهن جي نثر جو آغاز اڪثر ڪھاڻيءَ سان ٿيو آهي. هر ٻوليءَ ۾ آکاڻيءَ جو آغاز ڏند ڪٿائن سان ٿيو آهي، جن ۾ جنن، پرين، ڀوتن ۽ راجائن مھاراجائن جا قصا اچي وڃن ٿا. زباني قصن اڳتي هلي لکت جو روپ ورتو، جنھن کي ڪھاڻي چيو وڃي ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ واقعو، ڪردار، ماحول ۽ وقت فرضي هجن ٿا، پر انهن ۾ موجود فلسفو حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪھاڻيءَ بابت جامع سنڌي لغات ۾ ڄاڻايل آهي ته:
ڪھاڻي ج ڪھاڻيون: ث. (سن. ڪَٿَنِڪا ‏< پرا. ڪِھاڻِئا= آکاڻِي. سن. ڪٿ= ڪٿا) هڪ وڏو من گهڙت قصو- حڪايت- ڳالهه- آکاڻي- ذڪر- رجوعات- قصو - ڪٿا- وارتا- داستان- پٽاڙ- بيان- افسانو- تذڪرو- شب افسانو- ڪَھتَ- ڪَھاتَ - چوڻي- پھاڪو- مثالُ. (2)
محبوب علي جوکيي ڪجهه ڪھاڻيون ۽ افسانا به لکيا جن ۾ ’موت جو قرض‘ اهم آهي، جيڪا ٽماهي ’سنڌ‘ مخزن ۾ شايع ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ڪردارن ۽ واقعن جو موضوعاتي طريقي سان استعمال سھڻي نموني ٿيل آهي. طرزِ تحرير يا جنھن کي اسلوب چئجي سو پڻ ليکڪ جو نرالو ۽ سليس آهي. ڪھاڻي چئجي به اها جيڪا انسان تي هڪ گھرو اثر ڇڏي. هن ڪھاڻيءَ ۾ مفلسيءَ ۽ غريبيءَ جو هڪ چِٽُ چٽيل آهي. جھڙي ريت بيٺي جو سڀ ڪوئي، ڪريي جو ڪوئي ڪونه. جيڪڏهن ڪو سڃيو هوندو ته سندس مِٽ به کانئس پري ٿي ويندا. هن ڪھاڻيءَ ۾ ساهڙ نالي هڪڙو بيمار ڇوڪر آهي. علاج واسطي دوائون گهربل آهن پر پيسو پائي ڪونه اٿس. ان سببان ماڻهنس ۽ پڻهنس ٻچي جي صحتيابيءَ واسطي هڙان وڙان ڪوششون وٺن ٿا. ڏھه ڏينھن گذرڻ بعد جڏهن کين ڪو ڪم ڪار ڪونه ٿو ملي ته ساهڙ جو پيءُ ساهڙ جي ماءُ کي ساهڙ جي دوا لاءِ منڊي وڪرو ڪرڻ جو چوي ٿو. ساهڙ جي ماءُ پھرين ته ڪاوڙ ۾ اچي ٿي پر تنھن بعد چوي ٿي ته ڳھه ڳٺا ته بعد به ٺھي پوندا، ٻچي کان منڊي مٺي ته ڪونه آهي. ڪجهه وقت بعد جڏهن وٽن ڪجهه کپائڻ لاءِ به نه ٿو بچي، ته آخر لاچار ڪنھن عزيز وٽ ساهڙ جو پيءُ لڙي وڃي ٿو. ساهڙَ جي پيءُ کي ان مائٽ اهڙيون ته ست سُريون ٻڌايون جو ساهڙ جي پيءُ جو منھن ئي لھي ويو. آخر نيٺ جڏهن پُٽ دوا لاءِ دانھن ڪري ٿو ته پيءُ ڪنھن خالي شيشيءَ ۾ پاڻي گڏائي دوا جو چئي مڙئي آٿت ڏيئي، کيس پياري ٿو. جڏهن ساهڙ جو دم ڌڻيءَ حوالي ٿئي ٿو، ته سندس تڏي تي اهو ئي مائٽ اهي ئي 5 رپيا عذرخواهيءَ ۾ لکرائي ٿو، جيڪي ساهڙ جي پيءُ هن کان دوا واسطي ٿي گهريا. ساهڙ جي پيءُ کي ڪاوڙ ته گهڻي آئي، سوچيائين ته اهي 5 رپيا منھن تي هڻانس، پر کيس خيال آيو ته اڃان ساهڙ جي دوائن جو قرض رهيل هو!
محبوب علي جوکيي جي تحريرن ۾ ڏسجي ٿو ته ’مضمون نگاري‘ سندس وڻندڙ ۽ دلچسپ صنف رهي آهي. مضمون نگاري ان کي چئجي جنھن ۾ نثري بيان يا ليکُ وغيره پنھنجي انفرادي سوچ ۽ تجربن جي آڌار تي لکيو وڃي. مضمون نگاريءَ ۾ منظرنگاري ۽ اسلوب جو خاصو عمل دخل رهي ٿو. مقالي ۾ ليکڪ ڪافي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ پنھنجي تحقيق پيش ڪندو آهي جڏهن ته مضمون ۾ تحقيق جي گهرج نه ٿي رهي. هن صنف ۾ ليکڪ پنھنجي خيالن جي اپٽار اهڙي انداز سان ڪئي آهي، جو پڙهندڙ جو تجسس وڌندو رهي ٿو ۽ هو موضوع بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ آتو رهي ٿو. مضمون نگاريءَ بابت جامع سنڌي لغات ۾ هن ريت ڄاڻايل آهي:
”مَضمونُ- جمَع مضمُونَ: ذ. (ع. ضَمَنَ) مطلب- بيان- عبارت. مقالو. تقرير- وِياکياڻ- ليڪچَرُ. ليکُ- آرٽيڪل- انشا- ايڊيٽوريل. ڳالهه- معنى- مُدعا- هاردُئِي- سارُ- تاتپرُجُ. ڳالهه- سخنُ- وچن- قَولُ. (3)
محبوب علي جوکيي ته انيڪ مضمون لکيا، پر درسي لحاظ کان سندس ڪتاب ’منھنجا مضمون‘ نھايت اهم آهي. ڪتاب جي ’پيش لفظ‘ ۾ هو لکي ٿو ته: ”مضمون نويسي هڪ ڏات به آهي ته فن به. فن هئڻ جي حيثيت ۾، انهيءَ صنف ۾، گھري اڀياس ۽ گهڻي لکڻ جي مشق سان، مھارت حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ لکڻ جي انداز ۾ پختگي، رواني، رنگيني ۽ رعنائي پيدا ڪري سگهجي ٿي.“ (4)
مضمون نويسيءَ جي متعلق جيڪي خاص ڳالهيون يا هدايتون ذهن ۾ رکڻيون پون ٿيون، انهن جو پڻ ذڪر هن ڪتاب جي ’پيش لفظ‘ ۾ ڏنو اٿائين. مضمون نگاريءَ واسطي مصنف 8 هدايتون ڏنيون آهن. ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ 51 مضمونن، 109 صفحن تي مشتمل آهي. مضمونن اندر نھايت ئي سليس ۽ سھڻي ٻوليءَ جي استعمال سان گڏ اندازِ بيان نرالو استعمال ٿيل آهي. مضمونن اندر بيھڪ جي نشانين تي خاصو ڌيان ڏنل ڏسجي ٿو، البت پروفَ جو چڪون سي ڪٿي ڪٿي ضرور آهن. مضمون سادا پر فڪري گھرائيءَ سان ڀرپور آهن. مضمونن اندر عنوان سان نباهه به ترتيب وار ٿيل آهي.
محبوب علي جوکيي جي مضمون نگاريءَ جو اهڙو ته وڻندڙ اسلوب رهيو آهي جو محمد ابراهيم جويي صاحب پنھنجي مرتب ٿيل ڪتاب ’مٺ مٺ موتين جي‘ ۾ سندس ٻه مضمون شامل ڪيا آهن. هتي هڪ مضمون ’سفارش‘ ۽ ڪھاڻي ’موت جو قرض‘ مان نموني طور ٽڪرا پيش ڪجن ٿا:
’سفارش‘ (مضمون): ”سفارش ڪرڻ جا به ڪي طريقا آهن، جن مان هڪ طريقو ته اهو آهي جو سفارش ڪندڙ ڪنھن جي سفارش صرف هن ڪري ڪندو آهي، جو اهو سفارشي کيس پنھنجو هوندو آهي. مطلب آهي ته سفارش ڪندڙ اقربا پروريءَ، پاسخاطريءَ يا دوست نوازيءَ جي جذبن تحت ڪنھن جي سفارش ڪندو آهي. سفارش ڪندڙ اهو خيال نه رکندو آهي ته هي سفارشي ڪو انهيءَ ڪم يا جڳھه لاءِ اهل به آهي يا نه، يا هو ڪو انهيءَ ڪم يا فرض کي خوش اسلوبيءَ سان نباهي نه سگهندو يا نه. لائق هجي يا نالائق، اهل هجي يا نااهل، موزون هجي يا غير موزون، بھرحال هن جو ڪم ٿيڻ گهرجي. سفارش ڪندڙ جون اکيون انهيءَ جي نتيجي کان پوريل يا ٻوٽيل هونديون آهن.
اصل حقيقت اها هوندي آهي ته انهيءَ سفارش ڪرڻ ۾، سفارش ڪندڙ جو پنھنجو به ڪو نه ڪو مفاد هوندو آهي، جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو ننھن چوٽيءَ جو زور لڳائيندو آهي ۽ انهيءَ مھم کي ڪامياب بنائي وٺندو آهي. ڪڏهن ته وري صرف ميار لاهڻ خاطر به سفارش ڪئي ويندي آهي. بھرحال انهيءَ سفارش جي زوردار يا وزندار هئڻ جو مدار سفارش ڪندڙ جي پنھنجي شخصي مفاد تي ئي هوندو آهي.
اهڙي قسم جي سفارش ڪري، نا اهل ۽ غير موزون شخص اهڙين جاين يا منزلن تي پھچيو وڃن، جن جا هو اهل يا لائق نه هوندا آهن ۽ اڳتي هلي هاڃيڪار ثابت ٿيندا آهن. نه رڳو ايترو، پر موزون ۽ لائق ماڻهن جا حق غصب ٿيو وڃن ۽ اهي ويچارا ڌڪجي پوئتي رهجيو وڃن، جنھن ۾ شخصي نقصان سان گڏ قومي نقصان به آهي.“ ... (5)
ڪھاڻي: ’موت جو قرض‘: ساهڙ بسترو ورتو ته ڄڻڪ ماءُ پاڻ بيمار ٿي پئي. مٿي تي مامتا جي پيار ڀريا هٿ گهمائڻ، هر گهڙيءَ ڳراٽڙيون پائڻ ۽ هر ويل پڇڻ ته:
”پٽ ڇا ٿو محسوس ڪرين؟“
”بخار جهڪو اٿئي؟
”مٿي ۾ سور ته ڪونه اٿئي؟“
لڱن ۾ پيڙا ته ڪونه اٿئي؟
ڪجهه کائيندين؟ ڇا رڌي ڏيانءِ؟“
اهڙي وقت جيڪڏهن ساهڙ تاري لاهڻ لاءِ چوي ها ته پوءِ به ماءُ وس ڪري ها ۽ پنھنجي جان به جوکي ۾ وجهي ها، حالانڪ ائين به سمجهي ها ته اهو ته ناممڪن ڪم آهي.
هڪ ڏينھن مون چيو هو، ”ساهڙ جي ماءُ، ڏهه ڏينھن ٿي ويا آهن، ڪم ڪار ڪونه ٿو لڳي، يارن دوستن، مٽن مائٽن وٽان قرض جا ڪنا کڻي چڪا آهيون. هاڻ ته واهه به ڪونهي. منھنجي مرضي آهي ته اها منڊي وڪڻي، في الحال ته مھل ڪڍجي، پوءِ مولى مالڪ آهي. اهي شيون ٿي پونديون. پنھنجي گهرئون ترئون شيءِ ٿي پوي ته اهڙي ٻي ڳالهه آهي ئي ڪانه.“
منھنجو ايترو چوڻ ۽ اچي بگڙي. ”توکي ڪو خيال ئي ڪونه ٿو پوي، ڳھه سؤلا ٺھندا آهن ڇا، وڪڻي کائڻ ته سؤلو آهي، پر وري ٺاهڻ ڏکيو آهي. انهيءَ منڊيءَ جو نالو نه وٺ. اها ساهڙ جي زال جي آهي.“
انهيءَ ساڳي عورت، ساهڙ جي بيمار ٿيڻ تي، اها منڊي کڻي منھنجي تريءَ تي رکي. چيائين ”ساهڙ جا پيءُ، هيءَ منڊي ٻچي کان وڌيڪ ته ڪانه آهي. کڻ ۽ وڃي وڪڻ. جلدي ٻچي لاءِ دوا درمل جو بندوبست ڪر. اِهي منڊيون ٿي پونديون.“ ... (6)
نتيجو:
محبوب علي جوکيو سنڌي نثر جو مشھور اديب رهيو آهي. هو بنيادي طور درس تدريس سان وابسته رهيو. سندس تصنيفن ۾ ’مضمون نگاري‘ نهايت اهم صنف رهي آهي، ان کان علاوه هن ڪھاڻيون ۽ نثري نظم پڻ لکيا. درسي ڪتابن ۾ پڻ سندس مضمون آيل آهن. سنڌي توڙي انگريزي گرامر تي پڻ ڪتاب لکيل آهن. سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ به لکيو اٿس.سندس لکڻ واري ٻوليءَ ۾ سلاست ۽ مربوط خيالن جي رواني آهي.

حوالا
1. بلوچ ، نبي بخش، ڊاڪٽر. جامع سنڌي لغات. سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو. 1988ع. ص: 2793
2. ساڳيو. ص: 2176
3. ساڳيو. ص: 2663
4. جوکيو، محبوب علي، منھنجا مضمون. سنڌي ساهت گهر محرابپور. 1980ع. ص: 03
5. جوکيو، محبوب علي. سفارش، ’مٺ مٺ موتين جي‘ مرتب: محمد ابراهيم جويو. نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد. 1992ع. ص:156- 157.
6. جوکيو، محبوب علي، موت جو قرض، سنڌ (ميگزين). سنڌ اسٽڊي سينٽر حيدرآباد. بھار 1983ع. ص: 226- 227.
547 ڀيرا پڙهيو ويو