ادبي ۽ غير ادبي ٻوليءَ ۾ تفاوت
(Discrepancies between literary and non-literary languages)

ڊاڪٽر محمد مدثر نواز مغل ۽ صدام جوکيو

Abstract:
Literary language is different and unique than most other uses of language, the purpose of writing on this topic is to capture the attention of the creator that a unique style of the language is essential to the creation. Literature created by non-literary language cannot produce a strong impression. By placing an irrelevant, non-abstract and unobtrusive words in the creation, literature will become stand out and dry, thereby the literary color inadequate and then no matter how good the idea may be, it doesn't significant impact on the reader.
Literary language is unusual and effective language as compared to non-literary language and is more important in its ability to convey thoughtful messages. Literary language is more beautiful than all other forms of language, because it has a mix of fun and fluency, which is created with a plethora of words and phrases.

ٻوليون ڪڏهن ۽ ڪيئن وجود ۾ آيون، ان موضوع تي ٿيل تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته بنيادي طور تي ٻوليون فقط انساني رابطي جي ذريعي طور وجود ۾ آيون. ٻوليءَ جي وجود بابت تمام گهڻا نظريا پيش ڪيا ويا آهن. علم البشر جي ڄاڻوءَ گورڊن هيوِز (Gordon Hewes) دنيا ۾ ٻولين جي وجود بابت پيش ڪيل نظرين ۽ راين جو تعداد ڏهه هزار کان به وڌيڪ ٻڌايو آهي. (1)
انهن نظرين ۾ سُر تار وارو نظريو (The Musical Theory) به آهي، جنھن جو تعلق شاعريءَ سان به جڙي ٿو، سُر تار واري نظريي جي وضاحت هن ريت ڪئي وئي آهي ته:
”ابتدائي دور ۾ وڏا ۽ ڊگها لفظ موجود هئا، جي سُرن جي ذريعي ظاهر ڪيا ويندا هئا، اهو ئي سبب آهي، جو ابتدائي تحرير به نظم ۾ هئي نه ڪي نثر ۾. انسان اوائل ۾ ڳائڻ سکيو ۽ پوءِ ڳالهائڻ.“(2)
جيتوڻيڪ هن نظريي جي پختي ثابتي هٿ ناهي اچي سگهي ۽ انهيءَ نظريي کي ڪن ماهرن رد به ڪيو آهي، پر جيڪڏهن اهو نظريو ڪنھن حد تائين درست به آهي ته ٻوليءَ جو وجود شاعراڻي انداز ۾ ٿيو آهي ته پوءِ ادبي ۽ غير ادبي ٻوليءَ وارو سرشتو ان دور سان تعلق رکي ٿو، جڏهن ٻولين هن دنيا ۾ وجود ورتو هوندو.
پر اهي ڳالهيون اڃا غير واضح ۽ مستند ناهن، تنھنڪري ٻوليءَ جي مختلف روپن ۾ ورڇ واري سلسلي جي شروعات ٻن رخن کان باقاعدي نظر اچي ٿي، هڪڙو رخ جنھن منجهان ادبي ۽ غير ادبي ٻوليءَ جي مختلف هئڻ جو سڌيءَ ريت پتو پئي ٿو، اُهو لوڪ ادب آهي، لوڪ ادب ئي ادبي ٻوليءَ جو آڳاٽو نمونو آهي ۽ انهيءَ کي سامهون رکي چئي سگهجي ٿو ته ادبي ٻوليءَ جي پيدائش به گهڻي آڳاٽي آهي. ٻولين جيڪي روپ تبديل ڪيا، انهن جو ٻيو رخ مختلف علمن جي وجود ۾ اچڻ واري دور سان تعلق رکي ٿو. جيئن جيئن نوان نوان علم وجود وٺندا ويا تيئن تيئن ٻوليون به نوان رخ اختيار ڪنديون ويون.
ٻولين جي پيدائش کان هن وقت تائين ڪيترائي مختلف علم وجود ۾ اچي چڪا آهن، جن جي بنياد تي ڪنھن به هڪ ٻوليءَ کي استعمال جي لحاظ کان مختلف قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. جيئن: سائنس، جاگرافي، فلسفو، تاريخ، صحافت ۽ ٻيا ڪيترائي علم آهن، جن جي استعمال ۾ ايندڙ ٻولي ڀلي ساڳي هجي پر پوءِ به استعمال ۽ اسلوب جي لحاظ کان اُها گهڻي مختلف هوندي آهي. وري عام ڳالهائجندڙ ٻولي ته ويتر سڀني علمن ۽ ادب لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ کان مختلف ٿئي ٿي. غير ادبي ٻوليءَ جي اصطلاح مان ظاهر ٿئي ٿو ته غير ادبي ٻولي اهڙي ٻوليءَ کي چيو وڃي ٿو، جيڪا ادب کان هٽي ٻين عام ڪمن، علمن ۽ عملن ۾ استعمال ٿيندي هجي، ادبي ۽ غير ادبي ٻوليءَ جي فرق مان مراد اها ناهي ته اهي ڪي ٻه مختلف ٻوليون آهن. ڏٺو وڃي ته غير ادبي کي غير معياري به نه ٿو ڪوٺي سگهجي، بلڪ هن موضوع جو مقصد، فقط ان ڳالهه کي واضح ڪرڻ آهي ته جيڪا ادب لاءِ ٻولي استعمال ٿئي ٿي، ان ٻوليءَ ۽ جيڪا ادب کان سواءِ باقي مڙني سلسلن ۾ استعمال ٿئي ٿي، انهن جي استعمال ۾ فرق کي سمجهي سگهجي. يا ائين کڻي چئجي ته اهي ٻوليءَ جون ٻه مختلف صورتون آهن ۽ هڪ ٻوليءَ جون ڪيتريون ئي صورتون ٿي سگهن ٿيون. ان ڳالهه جي ثابتي هن حوالي مان پرکي سگهجي ٿي:
” ایک زبان میں بھی مختلف استعمال کی شکلیں ہیں۔ عام زبان اور ادبی زبان دونوں زبان کے استعمال کی دو شکلیں ہیں۔ لہذا ، تقریبا ہر زبان استعمال کی ان دو اقسام پر مشتمل ہے“(3).
انگريزي ادب ۾ ادبي ۽ غير ادبي ٻوليءَ جي موضوع تي چڱو چوکو لکيو ويو آهي ۽ اردو ادب ۾ پڻ هن موضوع تي قلم کنيو ويو آهي پر سنڌيءَ ۾ هن موضوع تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي. ايترو آهي جو اڪثر تخليقن جي تنقيدي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ وقت ادبي ٻوليءَ تي ڳالهايو ويو آهي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ادبي ٻولي ڪھڙي هئڻ گهرجي ۽ غير ادبي ٻولي ڪھڙين ڳالهين ۾ ادبي ٻوليءَ کان مختلف ٿئي ٿي؟ ان کي وضاحت ڪيو ويو آهي. ادبي ۽ غير ادبي ٻوليءَ ۾ ڪھڙيون ڳالهيون مختلف آهن، انهن ڳالهين کي وضاحت هيٺ آڻڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته ٻوليءَ جي انهن صورتن کي ڌار ڌار واضح ڪجي ته جيئن پرکجي ته ادبي ٻولي ۽ غير ادبي ٻوليءَ جي دائرن کي پرکي سگهجي.

غير ادبي ٻولي (Non-literary language):
غير ادبي ٻوليءَ جو استعمال سائنس، تاريخ، فلسفي، اقتصاديت، سياست، ٽيڪنالاجي، صحافت وغيره جي شعبن ۾ ٿئي ٿو ۽ گڏوگڏ روزانو عام گفتگوءَ واري ٻولي پڻ غير ادبي ٻوليءَ جي دائري ۾ اچي ٿي. ائين ناهي ته ڪو اها ٻولي ڪا غير معياري آهي، پر ان جي بيان جو اندازا سادو سڌو هوندو آهي. غير ادبي ٻولي فقط ضرورت مطابق استعمال ٿيندي آهي، تنھنڪري اُن تي شعوري طرح سان سوچي يا لفظن ۽ جملن ۾ حسناڪي پيدا ڪرڻ طرف ڪو ڌيان ناهي ڏنو ويندو، پر ان جي برعڪس ادب کي تخليق ڪرڻ وقت، ڳولي چونڊي معياري ۽ خوبصورت لفظن کي استعمال ڪيو ويندو آهي، جنھنڪري ادبي ٻولي، غير ادبي ٻوليءَ کان وڌيڪ خوبصورت هوندي آهي.عام ٻوليءَ بابت حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ لکيو آهي ته:
”سچ پچ ٻولي اُها آهي، جا ننڍو ڳالهائي ته وڏو سمجهي، وڏو ڳالهائي ته ننڍو سمجهي؛ شھري ڳالهائي ته ڳوٺاڻو سمجهي، ڳوٺاڻو ڳالهائي ته شھري سمجهي؛ زال ڳالهائي ته مڙس سمجهي، مڙس ڳالهائي ته زال سمجهي؛ پڙهيل ڳالهائي ته اَڻ پڙهيل سمجهي؛ اَڻ پڙهيل ڳالهائي ته پڙهيل سمجهي؛ هندو ڳالهائي ته مسلمان سمجهي، مسلمان ڳالهائي ته هندو سمجهي، اِها آهي نج ۽ اصلي ٻولي ۽ انهيءَ جو ئي نالو آهي عام ٻولي.“(4)
حڪيم صاحب عام ٻوليءَ جي وڌيڪ وضاحتن ۾ ان جو درجو، ادبي ٻوليءَ کان گهٽ ٻڌائي ٿو، سندس ئي لفظن ۾.
”عام ٻوليءَ ۾ رنگيني نه هوندي آهي. ان کان فقط مطلب ۽ مراد سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جوئي ڪم ورتو ويندو آهي. اهڙي ٻولي هندو ۽ مسلمانن جي مجلسن، شھر ۽ ٻھراڙيءَ وارن جي ملاقاتن، گهرن ۽ بازارين، ڌنڌي ۽ واپار جي منڊين ۾ عام طرح ڳالهائي ويندي آهي. اهڙي ٻولي سوچ ۽ ويچار کانسواءِ اوچتوئي اوچتو واتان نڪرندي آهي. اهڙي ٻولي ڳالهائيندڙُ، ڳالهائڻ وقت پاڻ کي نه هندو سمجهندو آهي ۽ نه مسلمان، هو اهڙي وقت پاڻ کي فقط سنڌي سمجهندو آهي. اهڙي ٻولي، ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ جي وچ ۾ گڏيل ملڪيت وانگي معلوم ٿيندي آهي. ’عام‘ ۽ ’نج‘ ٻولي، ٻوليءَ جو هيٺيون درجو آهي ۽ ادبي ٻولي، ٻوليءَ جو مٿيون درجو.“(5)
مٿين ٻنهي حوالن مان صاف ظاهر آهي ته عام ٻوليءَ ۾ ڪنھن به طرح جو ڪو علامتي انداز ناهي هوندو نه ان ۾ جمالياتي رنگ ڀريل هوندو آهي ۽ نه ئي وزنائتا ۽ اثرائتا جملا هوندا آهن، پر ان جي ڀيٽ ۾ ادبي ٻولي وڌيڪ اثرائتي هوندي آهي، جيڪا علامتي انداز جي لحاظ کان ڪڏهن ڪڏهن ايتري ته ويڙهيل سيڙهيل هوندي آهي، جو ڪيترا دفعا ورجائڻ کان پوءِ وڃي مقصد تائين رسائي ٿيندي آهي. عام ٻوليءَ جي ٻي وضاحت هن حوالي مان ڏسي سگهجي ٿي:
”عام زبان کسی خاص زبان کا عام استعمال ہوتا ہے۔ اس طرح یہ عام جملے اور الفاظ پر مشتمل ہے ، جو ہر ایک کے لئے قابل فہم ہوتا ہے۔ دوسرے لفظوں میں ، عام زبان سے مراد وہ زبان ہے جو عام لوگوں کی روزانہ کی بنیاد پر استعمال ہوتی ہے۔ اس میں ذیلی زمرہ جات بھی ہیں جیسے رسمی استعمال ، غیر رسمی استعمال وغیرہ.“(6)
عام زندگيءَ ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي ۽ ادب کان هٽي ڪري باقي علمن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي اهڙي قسم جي ٿئي ٿي، جنھن جو مقصد فقط رابطي ۽ پيغام جي پورائي تائين محدود هوندو آهي، ان ۾ باضابطا طور دلچسپ بڻائڻ جي لاءِ لساني لحاظ کان ڪابه ڪوشش ناهي ڪئي ويندي، يعني ان ۾ رس چس ڀرڻ جي ضرورت محسوس ناهي ٿيندي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اها ٻولي غير لطيفي علمن سان تعلق رکندي آهي.

ادبي ٻولي (Literary language)
سادن لفظن ۾ ادبي ٻولي اُها هوندي آهي، جيڪا ادب جي مختلف صنفن ۾ استعمال ٿئي ٿي. حالانڪ ادب جي لاءِ اڪثر ڏاهن جو چوڻ آهي ته اها ٻولي عام فهم، سادي سليس ۽ فطري سڀاءَ سان ٺھڪندڙ ٻولي هئڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته ادب جي لاءِ اهڙي ئي ٻولي هئڻ گهرجي، جيڪا هر عام توڙي خاص، ننڍي توڙي وڏي کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي وڃي، پر ان ۾ جمالياتي رنگ ڀرڻ جي لاءِ ٿوري محنت جي ضرورت پوندي آهي. خيال کي خوبصورت ۽ مؤثر انداز ۾ تڏهن ئي پيش ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ٻولي منفرد ۽ اثرائتي هجي. اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته ٻوليءَ کي زنده رهڻ جي لاءِ ادب جي خاص ضرورت ناهي هوندي پر ادب کي ٻوليءَ جي هر حال ۾ ضرورت پوندي آهي، هن ڏس ۾ نائيجيريا يونيورسٽي (University of Nigeria) جي انگريزي ٻولي ۽ ادب جي استاد ۽ محقق اميچي اخوانيا (Amechi Akwanya) لکيو آهي ته:
"Literature is language or nothing. It is not any language at all"(7)
هن وڌيڪ لکيو آهي ته:
"Literature is an act of language"(8).
مٿين ٻنهي حوالن مان صاف ظاهر آهي ته ادب ٻوليءَ کان سواءِ ڪجهه به ناهي ۽ ادب ٻوليءَ جي ڪار وهنوار لاءِ پڻ مانائتو ڪردار ادا ڪري ٿو. هتي غور ڪرڻ جھڙي ڳالهه اها آهي ته ادب کي فقط ٻوليءَ جي ضرورت ناهي هوندي، بلڪ ادب کي سھڻي، سيبتي، سڌريل ۽ موهيندڙ ٻوليءَ جي ضرورت هوندي آهي. جنھن ۾ ٻوليءَ جي پختي استعمال سان گڏ، مٺن ۽ موهيندڙن لفظن، استعارن، تشبيھن، ترڪيبن، قافين ۽ رديفن کان ويندي جملن جي نفاست تائين جي ضرورت پوندي آهي.
ادب جو پنھنجو دائرو ٿئي ٿو، پھريائين ته اهڙي قسم جا نظريا پيش ڪيا ويا هئا ته هر تحرير کي ادب چئجي ٿو، پر هاڻي اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته هر تحرير ادب ناهي هوندي، ادب جا ڪجهه اصول ۽ قاعدا ٿين ٿا، جيڪي تحريرون انهن قاعدن جي زمري کان ٻاهر هونديون آهن، انهن کي ادبي تحريرون تسليم نٿو ڪري سگهجي ۽ اهڙن قاعدن ۽ ضابطن ۾ ٻولي به شامل آهي، يعني ادب جي لاءِ ادبي ٻولي هئڻ به ضروري هوندي آهي.
اردو ٻوليءَ جي ڏاهي ابوالاثر حفيظ ادبي ۽ غير ادبي تحريرن جي لحاظ کان ڪجهه ڳالهين تي بحث ڪندي جيڪي نتيجا ڪڍيا آهن، اُهي هي آهن:
1. غیر ادبی تحریروں میں اظہارِ محض مقصود ہوتا ہے جبکہ ادبی تحریروں کو حسنِ اظہار سے بھی دلچسپی ہے۔
2. ادبی تحریروں کا مواد عام انسانی دلچسپی پر مشتمل ہوتا ہے اور غیر ادبی تحریر کے لئے یہ شرط ضروری نہیں۔ جغرافیے یا سائنس کی کتاب کا دلچسپ ہونا ضروری نہیں۔ لیکن کسی افسانے یا ناول کو دلچسپ ہونا چاہئے۔
3. غیر ادبی تحریر کسی ہیئت کی پابند نہیں جبکہ ادبی تحریر کے لئے یہ پابندی ضروری ہے۔
4. ادبی تحریر میں مصنف تخیل سے کام لیتا ہے جبکہ غیر ادبی تحریر حقائق پر مشتمل ہوتی ہے۔
5. ادبی تحریر میں جذبے کی اہمیت مسلّم ہے۔ جبکہ غیر ادبی تحریر جذبات و احساسات سے بے تعلق ہوتی ہے۔
6. ادبی تحریر کا مقصد مسرت بخشی اور حسن آفرینی ہے جبکہ غیر ادبی تحریر میں معلومات کی ترسیل کو بنیادی اہمیت حاصل ہے۔(9)
مٿئين حوالي ۾ ادبي تحريرن تي لکيو ويو آهي، پر جيئن ته ادبي تحريرن جي بناوٽ ۾ ادبي ٻوليءَ جو به اهم حصو هوندو آهي، ان جي ڪري مذڪوره حوالي ۾ وضاحت ڪيل نڪتن کي ادبي ۽ غير ادبي ٻوليءَ جي تناظر ۾ پڻ رکي سگهجي ٿو. ادبي تحريرون ڪھڙيون ٿين ٿيون ۽ انهن جي ٻولي ڪھڙي هئڻ گهرجي، هن موضوع تي انٽرنيشنل جرنل آف آرٽس ۽ هيومنٽيز (International Journal of Arts and Humanities) ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيقي مقالي ۾ ناول جي ٻوليءَ تي ڳالهائيندي انگريزي ٻوليءَ جي ڏاهي ايوا جي. او Awa, J. O)) جيڪي اهم ڳالهيون اخذ ڪيون آهن، انهن کي هيٺ رکجي ٿو:
"That writing which is more emotionally moving than intellectually instructive;
that writing which primarily deals with a make-believe world;
that writing whose language is highly connotative rather than denotative,
that writing which is symbolic rather than literal,
that writing which is figurative rather than plain;
that writing we regard as “verbal works of art”,
that writing that is remarked by its functionality and imaginative import; that writing in which ideas are wrapped up in symbols, images, concepts;
that writing which normally catapults us into another world of appearance and reality through the powers of the imagination;
that writing in which the aesthetic function dominates; that writing in which the ultimate aim of the author is to produce an object of art.(10)
مٿين ڳالهين جو سڌو سنئون تعلق ادبي لکڻين سان آهي، مٿي بيان ڪيل نڪتن ۾ هڪ نڪتو اهڙو به آهي ته ادب جي لاءِ اهڙي ٻولي هجي جيڪا رس چس واري هجي ۽ موهيندڙ هجي. اهڙي نه هجي جيڪا ادب جي لحاظ کان اڻ ٺھڪندڙ هجي.
ٻوليءَ جو ادب جي دنيا ۾ وڏو ڪردار ٿئي ٿو، سٺو ادب تخليق به تڏهن ٿي سگهندو آهي جڏهن ليکڪ کي ٻوليءَ تي عبور حاصل هجي ۽ خود ٻولي لغت جي حوالي سان وسيع هجي. ريني ويلڪيٽ ۽ آئسٽين ويرين (Wellek and Austin Warren Rene) پنھنجي ادب ۽ ٻوليءَ بابت پيش ڪيل نظرين ۾ لکيو آهي ته:
Language is the material of literature as stone or bronze is of sculpture."(11)
مٿئين حوالي مان ادب جي لاءِ ٻوليءَ جي استعمال جو ڪيترو ڪردار آهي، ان جو پورو پتو پئجي وڃي ٿو، پر هڪ اضافي ڳالهه طور چئي سگهجي ٿو ته ادب جي لاءِ فقط ٻولي ئي ضروري ناهي هوندي، بلڪ ادب جي لاءِ ادبي ٻولي ئي گهربل هوندي آهي. ادبي ٻولي ڪھڙي هوندي آهي، ان بابت نھايت خوبصورت ۽ پر لطف انداز ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ لکيو آهي ته:
”ادبي ٻوليءَ جو درجو ’عام‘ ٻوليءَ کان بالا ۽ برتر آهي. انهيءَ درجي جي ٻوليءَ کي ادب ۽ ساهت سڏبو آهي. ٻولِي انهيءَ درجي ۾ اچِي، هڪ گلزار پربھار بنجيو پوي ٿي.“(12)
هيٺ ادبي ٻوليءَ جي چند خاصيتن کي حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي ڪتاب ”آفتاب ادب عرف ساهت جو سج“ مان کڻي پيش ڪجي ٿو ته جيئن ادبي ٻوليءَ بابت وڌيڪ چٽائي ٿي سگهي.
(1) ادبي زبان اها چئبي، جنھن جي حرفن ۽ لفظن جا آواز، بد آواز جانورن جھڙا نه هجن، بلڪ سُريلا ۽ سوادي هجن. منجهن مڪروهيت ۽ گراني يا ته بلڪل نه هجي، يا هجي ته بلڪل گهٽ.
(2) ادبي زبان ۾ اصطلاح ۽ محاورا، تشبيھون ۽ ڪنايا، مثال ۽ پھاڪا گهڻا هوندا آهن، انهيءَ ڪري فصاحت ۽ بلاغت جون خوبيون به منجهس ججهيون هونديون آهن، جي قدرت جي نظارن ۽ انقلابن موجب، ملڪ جي رسمن ۽ رواجن پٽاندر، ماڻهن جي طبيعتن ۽ سڀائن موافق گهڙيل هونديون آهن.
(3) دنيا جي هر ڪنھن شيء جا نالا ۽ هر ڪنھن معنيٰ جا لفظ ادبي زبان ۾ لڀندا آهن: جيڪڏهن ڪن لفظن ۽ نالن جي وٽس گهٽتائي هوندي آهي، ته ٻئي هنڌان به هٿ ڪري، پورائو ڪندي آهي.
(4) ادبي زبان ۾ هڪ معنيٰ لاءِ گهڻا لفظ ۽ هڪ لفظ جون گهڻيون معنائون هونديون آهن.
(5) هر قافيه ۽ تُڪ ڀائي لفظ، پڻ سرحرفيءَ وارا لفظ به ادبي زبان جي خاص خوبين مان هڪڙي خوبي آهي.
(6) ادبي زبان ڌارين ٻولين مان به ڪيترائي لفظ پاڻ وٽ آڻي، پنھنجا بنائي ڇڏيندي آهي، يعني منجهس جذب ۽ هضم ڪرڻ جي طاقت چڱي هوندي آهي. جيتوڻيڪ کڻي وٽس ادبي لفظن جي ڪمي ۽ ڪوتاهي نه به هجي، ته به پنهنجي ساهت وڌائڻ ۽ سينگارن لاءِ بنا ڪنھن هٽڪ ۽ هٻڪ جي، ٻين ادبي ٻولين کان به مدد وٺڻ عيب نه سمجهندي آهي.
(7) ادبي ٻوليءَ جي هيءَ به خاصيت هوندي آهي، جو ٻين ٻولين کي پنھنجي ذخيري ۽ خزاني مان مدد ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ۽ ڪنجوسي نه ڪري، بلڪ ڪشاديءَ دل سان سخاوت جو هٿ ڊگهيري، پنھنجو مال کڻي ٻئي جي اڳيان رکي.
(8) جئن جئن دنيا ۾ علم ۽ هنر پيا وڌندا، سائنس جون ايجادون پيون ٿينديون، نيون نيون شيون پيون معلوم ٿينديون، نوان نوان اصطلاح پيا گهڙبا، تئن تئن سڌريل ۽ ادبي زبان اهڙن علمن ۽ هنرن، اهڙن اصطلاحن ۽ ايجادن جي معنائن لاءِ پاڻ وٽان نه، ته ٻين سڌرين ۽ ادبي ٻولين مان وٺي، ڪي نه ڪي لفظ پيش ڪري سگهندي، ۽ انهيءَ ڏس ۾ پوئتي نه پوندي.
(9) ادبي زبان ۾ هيءَ به لياقت هوندي آهي، جو هن ۾ جيڪڏهن انسائيڪلو پيڊيا Encyclopedia يعني علمن ۽ هنرن جو ذخيرو تيار ڪجي، ته ڪري سگهجي.
(10) ادبي زبان ۾ صرف ۽ نحو جا قاعدا ۽ قانون جاچبا کڻي، ته قدرت جي طرفان برابر موجود هوندا، جن کي ترتيب ڏيئي، عملي صورت ۾ آڻي سگهبو.
(11) سڌريل ۽ ادبي زبان ۾ ”علم بديع و بيان“ ۽ ”علم معاني“ جو خزانو (جنھن جو بيان هيٺ ايندو) خوب ڀريل هوندو.(13).

ادبي ۽ غير ادبي ٻوليءَ ۾ فرق
ادبي ۽ غير ادبي ٻوليءَ ۾ ڪھڙو فرق آهي، هن موضوع تي اسٽريٿ ڪلائڊ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر نائيجل فيب (Prof Nigel Fabb) ٻوليءَ، فلسفي ۽ ادب جھڙن علمن جي ڀرپور ڄاڻ رکندڙ، ڊگهو بحث ڪيو آهي، سندس مقالي جو عنوان ئي آهي، ادبي ٻولي ۽ عام ٻولي. (Literary language and ordinary language) سندس پيش ڪيل وضاحتن مان اهم ڳالهين جي هيٺ ڇنڊڇاڻ ڪجي ٿي، هن لکيو آهي ته:
"Poems, novels, oral narratives, songs, and other literary texts are composed in language which may be different from ordinary language. Include various rearrangements or alterations of words, sounds and syntax."(14)
پروفيسر نائيجل فيب صاف لفظن ۾ ٻڌايو آهي ته نظم، ناول، لوڪ گيتن ۽ ٻين ادبي تحريرن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي، عام ٻوليءَ کان ڪيترين ئي ڳالهين جي ڪري مختلف ٿئي ٿي، جنھن ۾ لسانياتي حوالي سان به ڪيترائي فرق ٿين ٿا، هو انهيءَ ڳالهه کي وڌيڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو ته:
"Literary language can differ from ordinary language in its lexicon, phonology and syntax, and may present distinctive interpretive difficulties. Literary language is more complex than ordinary language, and that this complexity is valued, perhaps because it has affective or epistemic cognitive effects"(15)
مذڪوره حوالي ۾ پروفيسر نائيجل فيب وزندار ڳالهيون ڪيون آهن، هن لکيو آهي ته ادبي ٻولي عام ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ سمجهڻ ۾ ڏکي هوندي آهي پر اها ڏکيائي جيڪا ليکڪ خيال کي ويڙهي سيڙهي پيش ڪرڻ ۽ نئين انداز سان بيان ڪرڻ جي لاءِ پيدا ڪري ٿو، ان ڏکيائيءَ کي ادب ۾ وڏي اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ انداز ۽ اسلو ب جي ڪري ادبي تحرير اثرائتي ۽ غير معمولي نوعيت جي بڻجندي آهي. اردو ٻوليءَ جي هڪ ڏاهي ادبي ۽ غير ادبي ٻولي ۾ بنيادي فرق کي بيان ڪندي لکيو آهي ته:
’’عام زبان اور ادبی زبان کے درمیان بنیادی فرق یہ ہے کہ عام زبان، زبان میں لوگوں کے درمیان سب سے زیادہ عام استعمال ہوتی ہے جبکہ ادبی زبان، زبان کی علامتی شکل ہے جو ادب میں اکثر استعمال ہوتی ہے۔‘‘(16)
عام ٻولي ڪنھن به خاص ٻوليءَ جو عام استعمال هوندي آهي ۽ ادبي ٻولي ڪنھن به خاص ٻوليءَ جي لفظن کي گهڙي، چونڊي، ننڍن ۽ خوبصورت جملن ۾ وڏن خيالن کي سمائي، علامتي انداز اختيار ڪري نھايت اثرائتي تخليق کي جنم ڏيڻ جي سگهه رکندي آهي. ادبي ٻولي ۽ هن ڏس ۾ هي حوالو ڏسي سگهجي ٿو:
’’عام زبان کو عوام میں روزانہ کی بنیاد پر استعمال کیا جاتا ہے جبکہ ادبی زبان صرف ادبی تناظر میں استعمال ہوتی ہے.‘‘(17)
ڪيترائي قلمڪار ادبي ۽ غير ادبي ٻوليءَ ۾ تفاوت کي محسوس ناهن ڪندا، جنھن جي نتيجي ۾ تخليق ٿيندڙ ادب معياري سرحدن کان گهڻو پري ٿي وڃي بيھندو آهي.
”عام ٻولي عالمن ۽ عام ماڻهن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ جو هڪ وسيلو آهي، مگر ’ادبي ٻولي‘ خاص عالمن ۽ پڙهيلن، يا قدرتي ڏات ڌڻين جي خاص ٻولي آهي. ’عام‘ ٻولي علمي ٻولي ٿي نه ٿي سگهي. هوءَ فقط ڳالهه ٻولهه ۽ عام گفتگو جي ئي ڪم اچي سگهي ٿي. صرف ۽ نحو، فلسفو ۽ منطق، بديع ۽ بيان، هيئت ۽ هندسو، ۽ اهڙا ٻيا علوم ۽ فنون فقط ادبي زبان ۾ ئي لکي سگهجن ٿا.“(18)
مٿئين حوالي ۾ هڪ نئين پھلوءَ جو پتو پئي ٿو ته فقط ادبي ٻوليءَ ۾ ئي سڀني علمن کي لکڻ جي قابليت هوندي آهي. جيتوڻيڪ ادبي ٻوليءَ ۾ بلڪل اها سگهه موجود هوندي آهي، جو ان ۾ ڪنھن به علم کي لکي سگهجي ٿو، پر ادبي ٻولي مڙني علمن لاءِ صحيح ثابت نه ٿيندي، جيئن ميٿاميٽڪس، فزڪس يا حياتيات جي موضوعن کي جيڪڏهن ويھي ادبي ٻوليءَ ۾ لکبو ته اُهي سمجهڻ ڏکيا ٿي پوندا، اهڙي طرح انهن جي لاءِ وري ٻوليءَ جي هڪ الڳ شڪل جي ضرورت پوندي آهي.
هڪ ماهر لسانيات آندرياس وين ڪريننبرگ (Andreas van Crane burg) ادبي ۽ غير ادبي ٻوليءَ جو تفاوت هڪ ناول جي تنقيدي اڀياس دوران پيش ڪيو آهي، جنھن ۾ صاف ٻڌايو اٿس ته ادب جي لاءِ ادبي ٻولي ئي ضروري هوندي آهي. سندس ئي لفظن ۾:
"The experiments showed one clear pattern: literary language tends to use a larger set of syntactic constructions than the language of non-literary novels. This also provides evidence for the hypothesis that literature employs a specific inventory of constructions. All evidence points to a notion of literature which to a substantial extent can be explained purely from internal, textual factors, rather than being determined by external, social factors."(19)
مٿئين حوالي ۾ ادبي ٻوليءَ جي ڪارج ۽ اهميت کي اڳيان رکي، ادب جي صحت ۽ ٻين علمن کان مختلف هجڻ وارين ڳالهين کي بيان ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه چٽي آهي ته ادب جي هر پاسي تي ڳالهائڻ وقت ٻوليءَ کي سامهون رکيو ويندو آهي، ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته ٻولي ادب جي لاءِ زمين وارو ڪردار ادا ڪري ٿي جنھن تي ادب هلندو رهي ٿو ۽ جيئن ته ادب خود هڪڙو وسيع علم بڻجي چڪو آهي، تنھنڪري ان کي ٻوليءَ جي هڪ علحدي واٽ جي ضرورت پئي ٿي، جنھن سان ادب وڌيڪ چمڪدار ۽ صحتمند بڻجي ٿو. هيٺ ادبي ۽ غير ادبي ٻوليءَ جي تفاوت کي جزياتي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي، ته جيئن اهو پتو پئجي سگهي ته ٻوليءَ جي هنن صورتن ۾ ڪھڙي قسم جا فرق ٿين ٿا.

لسانياتي فرق (Linguistic Differences)
عام ٻولي ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ لسانياتي لحاظ کان ڪيترائي فرق ٿين ٿا، جن ۾ نحوي بناوٽن جو فرق، صرفي بناوٽن جو فرق، لفظن جي اچارڻ ۾ فرق، معنوياتي فرق، بيھڪ جي نشانين جي استعمال جو فرق، لفظن جي گردان جو فرق وغيره شامل آهن. هيٺ جديد دور جي نامياري شاعر امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو مثال پيش ڪندي ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته ادبي ٻولي ڪيئن غير ادبي ٻوليءَ کان لسانياتي طور تي مختلف ٿئي ٿي.
ڄيري ڄَرَ ڄَراٽَ، ٻھران آءٌ اُجهاڻل!
اندر جھڙو کورو کامي، مٿان وسي ٿي ماٽَ،
ٻھران آءٌ اُجهاڻل!

منھنجي من ۾ مَچَ مچن ٿا، ڇڻي وڻن مان ڇاٽَ،
ٻھران آءٌ اُجهاڻل!

سُپنا سانوڻ جي سنڌوءَ جا، ڪُن ڪُن ۾ ڪڙڪاٽَ،
ٻھران آءٌ اُجهاڻل!

سوچن جي سنگين چپي ٿي، لُڇي لوچ جي لاٽَ،
ٻھران آءٌ اُجهاڻل!

ڀَرُ ڪري ڪو هڻي ويو آ، لوڻي ڀَرُ لپاٽَ،
ٻھران آءٌ اُجهاڻل!

اندر محل ۽ ماڙيون، بنگلا، جڳ مڳ جهاڙ، ڪٻاٽَ،
ٻھران آءٌ اُجهاڻل!

اندران اندران کامان پڄران، اهڙي اُڃَ اُساٽَ،
ٻھران آءٌ اُجهاڻل!

هٿ تريءَ جون ليڪون ڊاٺل، سُڃي سموري واٽَ،
ٻھران آءٌ اُجهاڻل!

چوڏهينءَ جي چانڊوڪي چِت تي، هونئن هرپاسي ٻاٽَ،
ٻھران آءٌ اُجهاڻل!

ميخ مغز ۾، کُتل ڪپار ۾ ڪرٽ ڪري ڪرڙاٽَ،
ٻھران آءٌ اُجهاڻل!

من متوالو، جيءُ جهُڙالو، ور ور وِڄَ وراٽَ،
ٻھران آءٌ اُجهاڻل!(20)
امداد حسينيءَ جي انهن شاعراڻين سٽن ۾ پھرين ڳالهه ته تجنيس حرفيءَ جو تمام گهڻو استعمال ٿيل آهي، جيڪو عام ڳالهائجندڙ يا غير ادبي ٻوليءَ ۾ ناهي هوندو. ان کان علاوه مٿين سٽن ۾ قافين جو ڏاڍو موهيندڙ استعمال ٿيل آهي، جيڪو هر سٽ ۾ نظر اچي ٿو نه فقط شعر جي قاعدن جي پورائي لاءِ قافيا رکيا ويا آهن پر اندروني قافين جو به خوب استعمال ٿيل آهي. اِهو به اُهو طريقو آهي، جيڪو غير ادبي ٻوليءَ طور استعمال ناهي ٿيندو. مٿي شعر جي پھريون جملي ”ڄيري ڄَرَ ڄَراٽَ، ٻھران آءٌ اُجهاڻل“
جيڪڏهن هن جملي کي عام ٻوليءَ ۾ آڻينداسين ته غلط ٿي پوندو ڇاڪاڻ ته جملي ۾ زمان جي لحاظ کان پوريءَ پت پڌرائي ناهي ٿيل. فاعل جو استعمال وچ جملي ۾ رکيل آهي، هي طريقو به عام ڳالهائجندڙ ٻوليءَ طور استعمال ۾ ناهي هوندو، ڇاڪاڻ ته خاص طور تي فاعل کي پھريائين رکيو ويندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن عام ڳالهائڻ ۾ اهڙي قسم جو استعمال ٿي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ادب لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻولي غير ادبي ٻوليءَ کان ڪيترين ئي ڳالهين جي ڪري مختلف هوندي آهي. هيٺ ٻن نثري ٽڪرن ۾ ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.
”اکرن، خيالن ۽ سوچن جو گهاٽو جهنگ ھو. ھڪ اکر ٻئي اکر کي رد ٿي ڪيو، ھڪ رستي ٻئي رستي کي ٿي ڪٽيو جنھن رستي تي وڃ اھو رستو ڪنھن منزل تي پھچائڻ جي بدران، سوالي نشان بڻجي، اڳيان اُڀو ٿي ٿي بيٺو.“(21)
مٿيون نثري ٽڪرو آغا سليم جي ناول ”همه اوست“ مان کنيو ويو آهي، مٿين جملن ۾ هڪ طرح جون فلسفي ڳالهيون سمايل آهن، جيڪڏهن عام معنيٰ ۾ هنن جملن کي آڻينداسين ته غلط ٿي پوندا ڇو ته مٿي لکيل آهي ته ”اکرن، خيالن ۽ سوچن جو گهاٽو جهنگ ھو“ هاڻي اکرن، خيان يا سوچن جو جهنگ ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ اهڙي طرح عام يا غير ادبي لکتن ۾ بلڪل سادا ۽ سڌا جملا رکيل هوندا آهن پر ادبي ٻوليءَ ۾ تشبيھن، علامتن، ترڪيبن، استعارن وغيره جي مدد سان هڪ منفرد اسلوب جوڙيو ويندو آهي، جنھن جي ڪري ڪيترائي لسانياتي تفاوت پيدا ٿيندا آهن.
غلام رباني آگرو سنڌي نثر جو وڏو نالو آهي، سندس اسلوب منفرد آهي، سندس مشھور ڪتابن ”جھڙا گل گلاب جا“ ۽ ”ماڻهو شھر ڀنڀور جا“ ۾ استعمال ٿيل ٻولي ۽ اسلوب نھايت اثرائتو ۽ خوبصورت آهي. هن هڪ هنڌ پنھنجي مرحوم دوست صديق سالڪ جي سوانحي خاڪي جي پڄاڻي هنن لفظن سان ڪئي آهي:
” هن ڀيري پنھنجي پيءُ جي قبر تي اڪيلي وئي هئي، ’برٿ ڊي ڪارڊ‘ لکي، سرَ جي تيليءَ ۾ قبر جي سيرانديءَ کان ٻڌي آئي هئي. مون اهو ڪارڊ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي:
’ تون دنيا ۾ سڀ کان پيارو پيءُ هئين بابا ! اڄوڪو منھنجو جنم جو ڏينھن ڏاڍو ڏک ۾ گذريو....!‘
مان ان کان وڌيڪ پڙهي نه سگهيس. ان ڏينھن برسات وسي هئي، سالڪ جي قبر آلي هئي. منھنجي اکين جا ڳوڙها سندس آليءَ قبر ۾ آسانيءَ سان جذب ٿي ويا“ (22)

ادبي ٻوليءَ جو جنم تخليقي قوت/ڏات سان ٿيندو آهي. شاعريءَ جي لاءِ ته اها راءِ عام آهي ته شاعري ڏات آهي، الھام آهي، هن طرح جي راين ۾ اختلاف جي گنجائش موجود آهي، پر ڪجهه تخليقون ايتريون ته جوهر ۽ جمال ۾ ڪمال تي رسيل هونديون آهن جو واقعي عقل حيران رهجي ويندو آهي ۽ اهو تسليم ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي ته اها واقعي قدرت طرفان عطا ٿيل ڏات آهي. هاڻي جيڪڏهن ان ڳالهه سان متفق ٿجي ٿو ته شاعري قدرت طرفان عطا ٿيل ڏات آهي ته پوءِ ائين به چئي سگهجي ٿو ته ادبي ٻولي به انهيءَ ڏات جو هڪ حصو آهي، ڇاڪاڻ ته خيال ٻوليءَ کان سواءِ ڪو به وجود نٿو رکي. جيئن چيو ويو آهي ته:
"Language is the 'dress of thought"(22)
غير ادبي ٻوليءَ جي جيستائين ڳالهه آهي ته ان ۾ ايترا ڇرڪائيندڙ خيال ناهن رکيا ويندا، تنھنڪري ادبي ۽ غير ادبي ٻولي ۾ هڪ فرق اهو هوندو آهي، جو ادبي ٻولي اندر جي پيڙائن جي نتيجي ۾ خيال ساڻ کڻي پاڻمرادو ٻاهر ايندي آهي، جڏهن ته غير ادبي ٻولي عام رسمي طرح سان پئي استعمال ٿيندي آهي، ادبي ٻولي پاڻمرادو ليکڪ جي داخلي قوتن جي ذريعي خيالن کي خوبصورت ويس ڍڪائڻ خاطر پيدا ٿيندي آهي ۽ ان جو تعلق انساني ڪيفيتن سان هوندو آهي، تنھنڪري اُها هر وقت تي پيدا ناهي ٿيندي، اها مختلف احساسات جي نتيجي ۾ اڻ مندائتيءَ ريت پيدا ٿيندي آهي، جڏهن ته غير ادبي ٻولي رسمي طور تي هر وقت پيدا ٿيندي رهي ٿي. پر جيئن ته ادبي ٻوليءَ جا خود به گهڻا پاسا ٿين ٿا، تنھنڪري جيستائين تخليقي ٻوليءَ جو خيال آهي ته اها فقط تخليقي ادب سان سلهاڙيل رهڻ تائين محدود ڪري سگهجي ٿي.
صاف ظاهر آهي ته ادبي ٻوليءَ جي ڪارج واري قوت غير ادبي ٻوليءَ ۾ بنھه پيدا ٿي نٿي سگهي. عام ٻولي ته انساني ذهنن ۾ ماحولياتي اثرن هيٺ پاڻمرادو جمع پئي ٿيندي آهي ۽ پوءِ ضرورت جي وقت ۾ زبان تي اچي ويندي آهي پر ادب ۾ انهيءَ عام ٻوليءَ کي سھڻو بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين محنت ڪئي ويندي آهي ۽ سچ ته اها ٻولي ايتري محنت کان پوءِ به ممتاز حيثيت تڏهن ماڻيندي آهي، جڏهن اها ٻولي تخليقي نوعيت جي هوندي آهي.

انفراديت (Uniqueness)

ادبي ۽ غير ادبي ٻوليءَ ۾ هڪ فرق اهو به هوندو آهي جو، غير ادبي ٻوليءَ ۾ لکندڙ کي سندس تحرير مان سڃاڻي ناهي سگهبو، پر ادب جي اها وڏي خوبي آهي ته لکت منجهان ئي سڃاڻي وٺبو آهي ته هيءَ تحرير ڪنھن جي آهي، پر ان جي لاءِ ليکڪ کي وڏي محنت سان منفرد اسلوب پيدا ڪرڻو پوندو آهي ۽ هن ڏس ۾ به ٻوليءَ جو ڪردار اهم هوندو آهي. ان جا به ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا، مثال طور شاهه عبد اللطيف ڀٽائي، شيخ اياز، آغا سليم، استاد بخاري، ڊاڪٽر تنوير، جمال ابڙو ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر ۽ ليکڪ آهن، جن جي تحريرن کي پڙهڻ سان بنا حوالي سڃاڻي سگهبو آهي ته هيءَ تحرير ڪنھن جي آهي. ساڳيءَ طرح غير ادبي انداز ۾ لکيل تحرير سان انفراديت جُڙي ناهي سگهندي، هن ڳالهه جي ثابتي هن حوالي مان به ڏسي سگهجي ٿي:
”غیر ادبی تحریروں کے برعکس ادبی تحریروں میں مصنف کے اسلوب کے ذریعے اس کی ذات بھی اظہار پاتی ہے۔ اس کے ذریعے ہم جان لیتے ہیں کہ یہ شعر میرؔ کا ہے یا غالبؔ کا، یعنی مصنف کی ذات اس کی تخلیق میں شامل ہوتی ہے۔“(24)
اهڙيءَ طرح ادبي ٻولي ڪنھن به قلمڪار جي انفراديت پيدا ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪرادار ادا ڪري ٿي.

اسلوبيات (Stylistics):
ادبي تحرير يا ادبي تخليق ڪيتري قدر ڪارائتي ۽ قابل آهي، ان بحث کي الڳ علم جي حيثيت ڏني وئي آهي، جنھن کي اسلوبيات (stylistics) چيو وڃي ٿو، جيئن مٿي بيان ڪري چڪا آهيون ته غير ادبي ٻوليءَ جون به ڪيتريون ئي صورتون ٿين ٿيون ساڳيءَ طرح ادب جا پڻ ڪيترائي پاسا، ڪيتريون ئي صنفون ٿين ٿيون، جن ۾ پڻ ٻوليءَ جي استعمال جي نوعيت علحدي ٿئي ٿي. هن ڳالهه جو وڏو مثال ته نثر ۽ نظم جي ٻوليءَ جو آهي. نثر ۽ نظم جي ٻوليءَ ۾ وڏو تفاوت ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته نظم ۾ وزن جا قاعدا لاڳو ٿين ٿا، تنھنڪري ان ۾ ڊيگهه کي جاءِ ناهي هوندي ۽ نثر ۾ ٻوليءَ جي ڊيگهه به تسليم ڪئي وڃي ٿي. ڪجهه ليکڪن جي نثري لکڻين مان به نظم جهڙو رنگ پسي سگهجي ٿو، پر پوءِ به اها نظم جي هوبھو ٻولي نٿي ٿي سگهي. ادبي تحريرن جي اهڙي قسم جي ڇنڊڇاڻ يا ائين کڻي چئجي ته ادب ۾ ٻوليءَ جي استعمال ۽ ڇنڊڇان جي علم کي ئي اسلوبيات چيو وڃي ٿو. هن علم جو سڌو سنئون تعلق ادبي تنقيد سان آهي. انگريزي اصطلاحن جي هڪ لغت ۾ ان علم بابت لکيو ويو آهي ته:
"The linguistic study of literature, known as ‘stylistics’ or ‘linguistic criticism."(25)
مٿئين بحث جو مقصد ان ڳالهه کي وضاحت ڪرڻ هو ته ادبي ٻوليءَ جو اڀياس ئي ادبي ٻولي ۽ غير ادبي ٻوليءَ جي الڳ هئڻ يا ڪھڙي ٻولي ڪيتري قدر ادبي رنگ ۾ رڱيل آهي، ان کي واضح ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ انهيءَ علم کي اسلوبيات چيو وڃي ٿو.
نــتيــجو:
جملن ۾ سوچي سمجهي ٺھڪندڙ ۽ گهڙيل لفظ استعمال ڪرڻ، ساڳئي آواز واري اکر سان شروع ٿيندڙ لفظ گڏ رکڻ، قافين وارن لفظن جو وڌ کان وڌ استعمال ڪرڻ، اصطلاحن ۽ ٻٽن لفظ وغيره کي ٻين اهڙي قسم جي شعوري ڪوشش جي نتيجي ۾ جيڪا تحرير جُڙي ٿي اها ادبي ٻولي هوندي آهي. ادبي ٻولي تحرير کي اثرائتو ۽ پُر لطف بڻائيندي آهي، جنھن کي وري وري پڙهڻ لاءِ دل چوندي آهي ۽ اها تحرير ياد ڪرڻ ۾ به سولي ٿي پوندي آهي. جملن ۾ اڻ سُھندڙ، اڻ ٺھڪندڙ کھرا ۽ اڻ گهڙيل لفظ رکڻ سان تحرير رُکي ۽ خشڪ بڻجي پوندي ۽ پوءِ خيال ڪيڏو به سٺو ڇونه هجي اهو پڙهندڙ کي پنھنجي سحر انگيزيءَ ۾ لپيٽي ناهي سگهندو. ادبي ٻولي هر لحاظ کان غير ادبي ٻوليءَ کان وڌيڪ اثرائتي، ڪارائتي، وزنائتي ۽ خيال توڙي پيغام کي مؤثر انداز ۾ پيش ڪرڻ جي پوري سگهه رکندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن خيال سادو ۽ روايتي هوندي به ٻوليءَ جي ڪري ڏاڍو سگهارو بڻجي پوندو آهي. ٻوليءَ جي خوبصورت ترين صورتن ۾ سڀ کان اڳڀري صورت ادبي ٻولي واري آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ميٺاج ۽ لطف اندوز رواني هوندي آهي، جيڪا لفظن ۽ جملن جي گهڙت سان پيدا ڪئي ويندي آھي. بھرحال اهو سمجهي ڇڏڻ ضروري آهي ته ادبي ٻولي ڪيترين ئي ڳالهين جي ڪري ٻوليءَ جي ٻين استعمالن جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ منفرد ٿئي ٿي.

حــوالا
1. Gordon Hewes, `Language Origins`, a bibliography, second edition, Morton, the Hague, 1974.
2. جتوئي، علي نواز، پروفيسر، ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، ڇاپو ٽيون، 2018ع، ص73.
3. https://ur.weblogographic.com/difference-between-ordinary-language
4. سيوهاڻي، حڪيم فتح محمد، ’آفتاب ادب عرف ساهت جو سج‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، ڇاپو چوٿون، 1983ع، ص4.
5. ايضا، ص11.
6. https://ur.weblogographic.com/difference-between-ordinary-language
7. Amechi Akwanya, (Article) "Literature and the Possibilities of Language Function", Volume 11, Number 2, 2015, Volume 11, Number 2, 2015, p.420.
8. Ibid
9. نقوی، صدف، ’ گوہرِ ادب(اصنافِ نظم و نثر کا مفصل جائزہ)’، پبلشر: مثال پبلشرز ادبی-اور-غیر-ادبی-تحریروں-میں-فرق۔-اقتباس-از-گوہرِ-ادب-صدف-نقوی.89534/ https://www.urduweb.org/mehfil/threads/
10. Awa, J. O. (2014). Lexico-Syntactic creativity in the African Novel: A stylistic study of the works of the new generation Nigerian novelists. Ph.D. Thesis. p.2
11. Wellek and Warren in Nnabuihe (2004, p. 15)
12. سيوهاڻي، حڪيم فتح محمد، ’آفتاب ادب عرف ساهت جو سج‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، ڇاپو چوٿون، 1983ع، ص9.
13. ايضا، 16، 17، 18.
14. F, Nigel Fabb, "Is literary language a development of ordinary language?" Version of 29 July 2009, corr. 25-11-09, To be published in Lingua. P.17.
15. Ibid
16. https://ur.weblogographic.com/difference-between-ordinary-language
17. Ibid
18. سيوهاڻي، حڪيم فتح محمد، ’آفتاب ادب عرف ساهت جو سج‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، ڇاپو چوٿون، 1983ع، ص19.
19. van Cranenburgh, Andreas and Bod, Rens, "A Data-Oriented Model of Literary Language", booktitle: "Proceedings of the 15th Conference of the {E}uropean Chapter of the Association for Computational Linguistics: Volume 1, Long Papers", (2017), publisher: Association for Computational Linguistics. p1236.
20. حسيني، امداد، ’ڪرڻي جھڙو پل‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2012ع، ص322.
21. آغا سليم، ’هم اوست‘، سنڌ سلامت ڪتاب گهر، پي ڊي ايف ڪاپي، ص41.
22. آگرو، غلام رباني، ’جھڙا گل گلاب جا‘ حصو ٻيو، ڇاپو پھريون 1991ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص 538
22. Bahram Behin, "Aspects of the Role of Language in Creating Literary Effect" A Thesis Submitted towards the Degree of Doctor of Philosophy, May 1997 p.20.
23. نقوی، صدف، ’ گوهرادب (اصنافِ نظم و نثر کا مفصل جائزہ)‘، پبلشر: مثال پبلشرز
https://www.urduweb.org/mehfil/threads/ادبی-اور-غیر-ادبی-تحریروں-میں-فرق۔-اقتباس-از-گوہرِ-ادب-صدف-نقوی.89534/
24. Peter Childs and Roger Fowler, "The Routledge Dictionary of Literary Terms" This edition published 2006 by Routledge, 2 Park Square, Milton Park, Abingdon, Oxon OX14 4RN. p. 127.

778 ڀيرا پڙهيو ويو