شيخ اياز جي هائيڪن جو جائزو
(Analysis of Sheikh Ayaz’s Haiku)
محمد علي ابڙو
Abstract
Haiku is a famous genre of Japanese Poetry. Evolution of haiku in Sindhi Poetry occurred via English literature. First Sindhi poet of haiku was Narain Shiyam. He wrote haiku on script writing and local environment under the title “Tasaweeroon” (pictures). Sheikh Ayaz was the first poet who got fame in haiku by writing a complete book on it, titled as “Pan Chann Pujjana” (Subsequently falling leaves).
Sheikh Ayaz is the only poet who has perfected every single subject in modern Sindhi poetry and has uttered the words in greater numbers; Sheikh Ayaz is the only poet of modern Sindhi poetry whose haiku is most commonly found. In his haiku, many topics are described with their common prerequisites, nature landscape and the local landscape. In the meantime, he brought new invocations, new trends and new styles in modern Sindhi poetry through haiku. Sheikh Ayaz invented “Te_Sitto” (triplet) by expanding haiku’s rise. In which political, social, love, and cultural themes are found.
”...سنڌي هائيڪو جي باري ۾ منھنجو رايو آهي ته اهو سنڌي شاعريءَ جي سَڀاوَ سان ٺھڪي نٿو اچي. پيارا هي پُسيءَ ۽ پيرونءَ جو ديس آهي ۽ ان ۾ ’چيريءَ‘ جي گل جي اهميت فقط وقتي ۽ تجرباتي آهي. سياست بين الوقوامي ٿي سگهندي آهي، شاعري فقط قومي هوندي آهي...
(اياز، 1991ع، ص 15)
ان خط ۾ اياز وڌيڪ لکي ٿو ته:
”هائيڪو فطرت جي شاعري آهي، ۽ مون کي فطرت جي شاعريءَ جي اهميت کان انڪار نه آهي، پر جي ڪوئي وچ سير ۾ غوطا کائيندي، ترندڙ هَنس جي ڳچيءَ تي گهڻو ڌيان ڏيندو ته هن جو ٻڏڻ اوَس آهي.
....سنڌي هائيڪو جي فارم، بيت جي هيئت سان هٿ چراند چڱي نه ٿي لڳي...جپاني تي هرکي، اسان کي پنھنجو نڪُ بينو ته نه ڪرڻو آهي! ...جپاني هائيڪوءَ جو فني حسن دائميءَ ۽ عارضيءَ جي ٽڪراوَ ۾ آهي، جو اڃا سنڌي هائيڪوءَ ۾ پيدا نه ڪيو ويو آهي. ان ڪري سنڌي هائيڪو فقط مور جو کنڀ آهي، جنھن اسان جي بيت جي چال بگاڙي وڌي آهي.
...ادا، مون کي ڪاوڙ سنڌي هائيڪو تي آهي، جنھن بيت کي ڏيڍ ٽنگ ڏني آهي، باقي ايئن نه آهي ته مون کي جپاني هائيڪو نه وڻندو آهي.“ (اياز، 1991ع، ص 22)
شيخ اياز جي سنڌي هائيڪو مٿان ايتري فڪري تنقيد سا به مدافعتي (نه ڪا جارحاڻي)، تنھن جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ڄڻ ماٺار آڻي ڇڏي. هائيڪو لکجڻ گهٽجي ويو. هائيڪو جي اهڙي صورتحال اچي بچي، جو اها صنف جديد سنڌي شاعريءَ مان ڄڻ ته خارج ٿيڻ تي پھتي، پر اوچتو شيخ اياز هائيڪن تي مشتمل هڪ مڪمل ڪتاب ’پن ڇڻ پڄاڻان‘ لکي پيش ڪيو. تنھن کان پوءِ ڄڻ هائيڪو ۾ روح پئجي ويو. هو ٻيھر زنده ٿي ويو. اِها هڪ مڃيل ڳالهه آهي ته، جڏهن ڪو وڏو اديب يا شاعر ڪنھن گهاڙيٽي تي مڪمل ڪتاب لکي پيش ڪندو آهي ته اهو هميشه جي لاءِ زنده بڻجي ويندو آهي. جنھن جو وڏو ۽ مشھور مثال هائيڪو آهي. جيڪو جديد سنڌي شاعريءَ ۾ اوج ماڻي چڪو آهي.
مٿيين تنقيد واري خط کان اڳ ڪتاب’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ ۾ شيخ اياز هائيڪو جي موضوع، مواد، مزاج ۽ ان جي خاص پھلوئن تي، جپان جي اهم شاعرن ۽ مضمون نگارن جا رايا ڏيئي تمام بھترين خط لکيو هيو. جنھن سان شروعات ۾ جپاني هائيڪو صنف سنڌي ادب ۾ املتاس تي ويٺل ڪوئل جيان لڳي رهي هئي. سندس گونج ۽ منظرنگاريءَ پڙهندڙن جو من موهيو پئي. وري ٻيھر گونجڻ شروع ڪيائين، ڇو ته ’پن ڇڻ پڄاڻان‘ شيخ اياز جي هڪ اهڙي تخليق آهي. جنهن هائيڪو کي هميشه لاءِ سنڌيءَ جي روايت بڻائي ڇڏيو آهي.
شيخ اياز جا هائيڪو سندس ڪتاب ’پن ڇڻ پڄاڻان‘ کان علاوه ’واٽون ڦلن ڇانئيون‘ (1985ع) ’رڻ تي رم جهم‘ (1986ع)، مخزنن وغيره ۾ به ملن ٿا. سندس هائيڪن ۽ ٽه سٽن جو ٻيو مڪمل مجموعو ’مينھن ڪڻيون‘ آهي. ’سوجهرو‘ مئگزين جي 12هين شماري ۾ اياز جي هن هائيڪن واري مجموعي تي بشير منگيءَ جو ’ادبي بحث ۽ تنقيد‘ جي عنوان سان اڀياس ڇپيل آهي. ان تي ڊاڪٽر اسحاق سميجي پنھنجي لکيل تنقيدي ڪتاب ’شاعريءَ سان دشمني‘ ۾ تنقيد ڪندي، شيخ اياز جي، ان اصلي روح کي جيڪو سندس هائيڪن ۾ سمايل آهي، مثالن سان گڏ تمام بھترين نموني ظاهر ڪندي لکيو آهي ته:
’مينھن ڪڻيون‘ ۾ ايترا ته حسين، دلڪش، پر اثر ۽ معنوي نزاڪت سان ٽمٽار هائيڪا ۽ ٽه سٽا شامل آهن، جو انهن تي مٿاڇري نگاهه وجهي گذري ويندڙ تي شڪ ڪري سگهجي ٿو، ته منجهس شاعريءَ مان لذت ۽ حظ ماڻڻ واري حس آهي ئي ڪونه. ڇاڪاڻ ته اهي هائيڪا ۽ ٽه سٽا نه فقط پنھنجي موضوع، شعري خوبين، محاڪاتي پسمنظر، عڪسن، معنوي حسن ۽ وڻندڙ ٻوليءَ سبب دل ڇڪيندڙ آهن، پر انهن ۾ وزن، لفظن جي ترتيب، گهاڙيٽي ۽ قافئي جي لحاظ کان ڪيل تجربا پڻ اياز جي غير معمولي تخليقي صلاحيتن جي ساک ڀرين ٿا، اياز ڪوئي نوخيز، سيکڙاٽ ۽ نوجوان شاعر نه هو، جنھن جي ڪيل تجربن کي به اهو چئي شاعريءَ جي سرحدن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيون، ته اهي مروج فارم ۾ نه آهن” (سميجو، 2005ع، ص 104)
اسحاق سميجي جي مٿين راءِ نه صرف ’مينھن ڪڻيون‘ ۾ آيل هائيڪن لاءِ شمار ڪرڻ جھڙي آهي، بلڪه شيخ اياز جي هائيڪن لاءِ تمام بھترين، ڪارائتي ۽ ڇنڊڇاڻيل راءِ آهي. جنھن سان شيخ اياز جي هائيڪن جو ڄڻ نرالو روپ نروار ٿئي ٿو.
شيخ اياز جا هائيڪو چوڏهينءَ جي چانڊاڻ جيان منظر پيش ڪري رهيا آهن. هر هڪ عڪس مصوريءَ جي ڏيک وانگر چٽو بيٺو آهي. هائيڪو پڙهڻ کان پوءِ ايئن محسوس ٿيندو، ڄڻ پڙهندڙ آڏو اهو منظر گذريو هجي، جڏهن ته اهو منظر صرف هائيڪو ذريعي ئي معلوم ٿيندو آهي. ڪي ته ڏٺل وائٺل منظرن تي اهڙا هائيڪو به آهن جيڪي پڙهندي ئي من موهي وجهن ٿا.
شيخ اياز پنھنجي هائيڪن کي ’ٽه سٽا‘ لکيو آهي، جيڪي هيئتي توڙي موضوع جي لحاظ کان منفرد آهن. اهو نج مقامي گهاڙيٽو سڏجي ٿو. شيخ اياز جي هائيڪن تي ادب جي سڄاڻ محقق حميد سبزوئيءَ ’شيخ اياز جو هائيڪو: هڪ اڀياس‘ جي عنوان سان ايم اي، فائنل جو مونوگراف لکيو آهي. ان ۾ شيخ اياز جي ٽه سٽي بابت لکي ٿو ته:
”اياز پنھنجي هائيڪو کي ٽه سٽي، جو ٺيٺ سنڌي نانءُ ڏئي ٿو، توڙي جو سندس، ٽه_سٽن جو وزن ساڳيو جپاني هائيڪو آهي پر ان ۾ روح سنڌي شاعريءَ جو ۽ خوشبو هن ديس جي مٽيءَ جي آهي. اهو ائين آهي ڄڻ ته جپاني مڌ، سنڌي مٽيءَ جي وٽي ۾ پيل آهي“.
(سبزوئي، 2000ع، ص 37)
شيخ اياز جنھن هائيڪو کي ٺيٺ سنڌي ’ٽه سٽو‘ نالو ڏنو، ان تي هائيڪو جي منظر نگاري سان گڏ مقامي رنگ چڙهيل آهي، پر ڪٿي ڪٿي شيخ اياز جا ’ٽه سٽا‘ هائيڪو جي موضوع کان هٽي بيھن ٿا. انهن ۾ اندر جو ڪيفيتون، وارداتون منظر ۽ فطرت کان گهڻو دور دور نظر اچن ٿيون. جڏهن ته ٻين ڪيترن شاعرن جيڪي به ’ٽه سٽا‘ لکيا آهن، اهي هائيڪو نه بلڪه هائيڪو جي نالي ۾ نوان تجربا آهن، جيڪي هائيڪو ۾ شمار ڪرڻ جھڙا ناهن.
شيخ اياز هائيڪو ۾ هڪ نواڻ ۽ جدت پيدا ڪئي آهي. هائيڪن ۾ ڪافي نوان تجربا به ڪيا آهن. ڪيترائي هائيڪو عشقيه داستانن تي پڻ لکيل آهن. سندس هائيڪن ۾ ٻولي رسيلي ۽ نج سنڌي آهي. شيخ اياز جو مطالعو ۽ مشاهدو وسيع آهي، تنھنڪري هائيڪن ۾ ڪافي نيون تشبيھون، استعارا ۽ نوان لاڙا نظر اچن ٿا. هائيڪو لاءِ جيئن فطرت لازمي آهي، تيئن ئي شيخ اياز پنھنجن فطرتي جذبن کي عڪسيت ۽ منظرنگاري ڏيئي خوب چٽو ڪيو آهي. سندس هائيڪن ۾ موسمن جا سوين حسين رنگ سمايل آهن. ترنم ۽ لئي ته ڪوئي اياز کان سکي، ڇو ته هائيڪن ۾ هُن اهڙي ٻولي استعمال ڪئي آهي، جو منظرن ۽ عڪسن سان گڏ فطرت ۾ رواني محسوس ٿئي ٿي. هو جيڪي منظر ڏسي ٿو، سھڻي اسلوب ۽ اندازِ بيان سان جوڙي پيش ڪري ٿو:
لوڙهو، لئي وڻ،
ٻنهي پاسي واءُ ۾
ڪيڏي ڪنگوءَ ڇڻ!
(اياز، 1998ع، ص4)
ڪِريو ڪَڪو پَنُ
چُر پُر ناهي ڍنڍ ۾
سينوَرَ ساڳو وَڻُ.
(اياز، 1998ع، ص4)
جهاڳي جُهڙ جي جهاڳ
سورج مکيءَ سج کان
وَتي ڪِرڻنِ واڳَ.
(اياز، 1998ع، ص9)
اڀ ۾ سماڻو
ٽاري لڏندي ئي رهي
پنڇي اُڏاڻو.
(اياز، 1998ع، ص17)
’لوڙهو، لئي وڻ‘،’ڪيڏي ڪنگوءَ ڇڻ‘،’سينور ساڳو وڻ‘،’جُهڙ جي جهاڳ‘،’وتي ڪِرڻن واڳ‘ پنڇي اڏاڻو، ٽاري لڏندي رهي‘ وغيره منظرنگاريءَ جي انتھا کي ظاهر ڪري رهيا آهن. سندس هائيڪا پڙهڻ سان ئي ذهن ۾ تصويرون ٺهي بيھن ٿيون. فطرت جا جيڪي منظر اسان جا ڏٺل وائٺل ناهن، انهن کي شيخ اياز هائيڪن ۾ پڌري پَٽ پيش ڪيو آهي. اهڙن خوبصورت عڪسي منظرن جي پڙهڻ کانپوءِ من فطرت جي قريب ٿيندو وڃي ٿو.هنن هائيڪن کان علاوه ڪيترائي اهڙا هائيڪو به آهن، جن ۾ انيڪ فطري خوبصورتيون سمايل آهن، جن جون جهلڪيون اياز جي هائيڪن ۾ پسي سگهجن ٿيون.
جپاني هائيڪي ۾ هڪ اها به روايت هوندي آهي ته جيڪڏهن ڪا عام يا سماجي ڳالهه، سماجي واقعو يا وري ايئن چئجي ته سماج جو ڪو به موضوع هائيڪو ۾ آڻجي، ته ان ۾ فطرت يا قدرت جي حسين رنگن ۽ موسمن وغيره جو منظر بيان لازمي نظر ايندو آهي، ته جيئن هائيڪي جو موضوع برقرار رهي سگهي. جيڪڏهن شيخ اياز جي هائيڪن تي غور سان نظر وجهبي ته ان جي هائيڪن ۾ مقامي رنگن ۽ تصورن سان گڏ فطرت جا نرالا شاهڪار عام جام ملندا. ۽ گهڻي ڀاڱي اهڙي قسم جا هائيڪو ملن ٿا، جن ۾ هڪ يا ٻه سٽون منظر ڪشيءَ تي ۽ باقي سٽ وري سماجي ڪارج ۽ ٻين انساني ڪيفيتن تي سرجيل آهي:
ٿڪجي بيٺي نيٺِ،
سِرَ تي جهلي ٻيلهڙو
کاري کٻڙ هيٺِ.
(اياز،1998ع، ص17)
ٻيڙي موڙي ٿو،
نينگرڙو ننڊاکڙو
ڪُوڻيون ٽوڙي ٿو.
(اياز، 1998ع، ص37)
هِي پاڻيءَ ۾ گهرَ
جن ۾ پچي مانڙي
منڇر ساوا سَرَ!
(اياز، 2010ع، ص 87)
مينھن ڪيا ٿڌڪارَ،
ٻٻرَ پِيلا گُلڙا
لوڙهي ڀرسان ٻار.
(اياز، 2010ع، ص 98)
هنن هائيڪن ۾ هڪ ٻه سٽون عام واقعن تي ۽ ٻيون سٽون وري فطرت جي منظرن تي سرجيل نظر اچن ٿيون. يعني هنن هائيڪن ۾ جپاني هائيڪي واري روايت به نظر اچي ٿي ۽ هائيڪن ۾ نج مقامي ماحول به ملي ٿو. سندس ڌاريائپ وارو عنصر گهڻو ڪري نظر نه ٿو اچي. شيخ اياز کي ٻوليءَ تي عبور هو، تنھنڪري هن سڄي شاعريءَ ۾ نج ديسي لفظ گهڻي تعداد ۾ استعمال ڪيا آهن. انکانسواءِ شيخ اياز جو مطالعو ۽ مشاهدو پڻ اعليٰ درجي جو هو. هن جو گهاڙيٽو ۽ فني اندازِ بيان ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ ڪافي منفرد ۽ نمايان آهي. غلام محمد گرامي ٽه ماهي ’مھراڻ ‘ ۾ لکيو:
”هن شاعر جي عظيم فن ۾، تنوع جي لحاظ کان توڙي افاديت جي خيال کان، بھار آفرين ڪلام جي فرواني آهي. پيرائيه بيان ۾ سوز سان گڏ رنگيني ۽ جرئت آهي. ڪٿي ڪٿي سندس اسلوب بيان جي جدت ۽ شدت سندس فن ۽ ان جي اثر کي دو آتشو ڪري ڇڏي. هڪ اخلاق معاني شاعر وانگر، سندس فني اشارات جي دنيا به رنگين ۽ وسيع آهي“.(گرامي ، 1990ع، ص 138)
شيخ اياز جا ڪجهه مقامي رنگ ۾ رنڱيل خوبصورت هائيڪو پيش ڪجن ٿا، جن جو موضوع ۽ مواد نج سنڌي ۽ روح جپاني هائيڪي جو نظر اچي ٿو ۽ اهڙن هائيڪن کي پڙهڻ سان ٻُسائي محسوس نه ٿي ٿئي. هائيڪن ۾ ٺيٺ سنڌي ماحول ملي ٿو. سندس هائيڪو ٻھراڙيءَ جي چوگرد ڦرن ٿا ۽ پڙهڻ سان اهو ماحول اکين اڳيان تري اچي ٿو. اهڙو ماحول ٻين شاعرن جي هائيڪن ۾ ورلي ملي ٿو. تنھنڪري ئي شيخ اياز پنھنجي هائيڪن جي نج مقامي ماحول بابت لکي ٿو ته:
”ٻين جا سنڌي هائيڪو جپاني هائيڪو جو پڙاڏو آهن، مون هر صنف ۾ اجنبيت جي عنصر کي رد ڪري ان کي ٺيٺ سنڌي بڻايو آهي“.
(اياز، 1998ع، ص 04)
مٿن تي دِلا
هيٺان پاڻيءَ ۾ پُسن
گهگها گِهر گِهلا!
(اياز، 2010ع، ص 102)
چئُه، چئُه چيھي کي
مٽيءَ هاڻا پيرڙا
ٽانگِر تي نه رکي!
(اياز، 1998ع، ص02)
ڍَڪُ کڻي چاڏيءَ
پوٽيءَ کي ڌونئرو ڏنو
پيار منجهان ڏاڏيءَ.
(اياز، 2010ع، ص 108)
ڏارو ڏارين ٿي_
اُکريءَ ڏي ايندا ڏسي
ڪانگ اڏارين ٿي.
(اياز، 2010ع، ص 79)
اها حقيقت آهي ته شيخ اياز جي هائيڪن ۾ اجنبيت ڪٿي به ڪونه ٿي ملي. انهن ۾ ٺيٺ مقامي ماحول عام جام ملي ٿو. مٿيان هائيڪا نج ٻھراڙيءَ واري ماحول جي عڪاسي ڪن ٿا. روز مره جي استعمال ٿيندڙ زندگي، عام ماڻهن جي رهڻي ڪھڻي ۽ رسم رواج کي اياز پنھنجي هائيڪن کي واضح ڪيو آهي. هُن هائيڪن ۾ حقيقت کي شامل ڪري مصور جيان قدرتي ڏيک پيش ڪيا آهن. ايئن لڳي رهيو آهي، ڄڻ ڪنھن فوٽوگرافر موقعو مھل ڏسي ۽ انتظار ڪري ڪري تصويرون ڪڍي پيش ڪيون هجن. سندس مشاهدي ۾ ڪمال جي سگهه آهي.
مٿان ڪنڍيءَ سِڱَ،
ويھي پکي ٻولڻو
ڪانڊاري ٿو لِڱَ.
(اياز، 1998ع، ص03)
ڀٽائيءَ تي باسَ
’ٿر ٻاٻيھو ٿي مران،
شال نه ٻُجهي پياسَ!“
(اياز، 1998ع، ص93 )
گذري رات وئي
ڪئن آ مندر گِهنڊَ تي
پوپٽ ننڊ ڪئي!
(اياز، 2010ع، ص 85)
آهي ڄڻ ته چراغ
پيشانيءَ جي تاڪَ تي
هو تھجد جو داغ!
(اياز، 2010ع، ص 85)
مٿئين هائيڪن ۾ سمورا منظر دل لڀائيندڙ ۽ من موهيندڙ محسوس ٿين ٿا. اسان جي معاشري ۾ ڪيترن ئي پالتو جانورن جي مٿان پکي (ٻگهه، ڪانءُ ڪٻرَ وغيره) اچي ويھندا آهن.پوءِ ڪي پکي جانورن جي منڍيءَ، ته ڪجهه وري پٺيءَ تي پنھنجا پرڙا سُڪائيندا، کنڊيريندا ۽ خوشيون ڪندا آهن. هي هڪ لاجواب مقامي نظارو هوندو آهي، جيڪو شاعر جي نگاهه کان هروڀرو ناهي گسندو. هڪ هائيڪي ۾ شيخ اياز ٻاٻيھي سان تشبيھه ڏيندي هميشه پياسو رهڻ جي باس ڪئي آهي. آخري ٻن هائيڪن ۾ گهنڊ ۽ تھجد جي نشان کي ظاهر ڪندي حقيقت جي عڪاسي پيش ڪئي آهي.
شيخ اياز جي هائيڪن ۾ اندر جون پيڙائون ۽ ڀوڳنائون پڻ ملن ٿيون. سندس اڌما ۽ جذبا ڪرُ کنيون بيٺا آهن. انهن ۾ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي پڻ چٽي تصوير سمايل آهي.
” زندگيءَ جون تلخ ۽ تيز، تند ۽ ڪيف آور وارداتون، حسن ۽ جمال جون نيرنگيون هجر ۽ وصال جون مستيون ۽ ڪيفيتون، سندس فني تخليق ۾ بنيادي حصو رکن ٿيون. بعض هنڌن تي سندس انفرادي فن، فن جي روايتن ۽ قدرن ۽ حد بندين سان هڪ اهڙو لطف پيو ٿو پيدا ڪري جنھن ۾ عينيت ۽ غيريت جا سڀ اضافي قدر جمع ٿي ٿا وڃن“(مھراڻ، 1990ع، ص 468)
ان سان گڏ پنھنجي دور ۾ ٿيندڙ مسئلن جي اصليت ۽ حقيقت کي واضح ڪري ٿو. سندس هائيڪن ۾ ڪراچي شھر جي اڳوڻي حالتن جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي. دهشت گردي، خونريزي ۽ ماڻهن ۾ حراس ۽ خوف جا منظر هائيڪن ۾ بيان ٿيل آهن. زندگيءَ جو هر پھلو سچ پچ ته سندس هائيڪن ۾ ملي ٿو.
شيخ اياز جي هائيڪن ۾ انيڪ نوان لاڙا ۽ نيون روايتون، انهن سان گڏ نوان موضوع ملن ٿا. هو هر شيءِ کي پنھنجي شاعراڻي نگاهه سان ڏسي ۽ پرکي ٿو، شيخ اياز جنھن کان متاثر ٿيو آھي، ان کي پنھنجي هائيڪن ۾ سموئي ڇڏيو اٿائين. سندس هائيڪن ۾ ڪيترن ئي مشھور شخصيتن، شاعرن، اديبن ۽ عالمن وغيره جو پڻ ذڪر ملي ٿو. جن ۾: شاهه لطيف، سچل سرمست، نانڪ يوسف، روسي اِرينا، گل رخسار (تاجڪستان جي شاعره)، دوستو وسڪي، مائڪو وسڪي، پشڪن (روس جو عظيم شاعر)، روزالڪسمبرگ (جرمنيءَ جو انقلابي مفڪر)، لورڪا (اسپين جي آزادي پسند شاعر)، پبلو نرودا (آمريڪا جو انقلابي شاعر) سامي، بيڪس، بيوس ۽ جي ايم سيد وغيره شامل آهن.
شيخ اياز جي اڪثر هائيڪن ۾ شھرن ۽ مشھور جڳھن جو ذڪر ٿيل آهي. جتي هو پاڻ ويو ۽ انهيءَ عرصي دوران هائيڪن ۾ اکين ڏٺيون شيون ۽ منظر پيش ڪري ٿو. سندس موضوعن جي حوالي کان ڪيترائي نوان تجربا آهن.
شيخ اياز جا آخري دور جا هائيڪو موت جي پُڪار ۽ ان جي يادن تي چيل آهن. سياهيءَ جي رڻ ۾ شيخ اياز پنھنجي هائيڪن کي ڪڏهن به ڀٽڪڻ ناهي ڏنو، اهائي هڪ عظيم شاعر جي خاصيت هوندي آهي، ته هو ڪنھن به موضوع ۽ مواد کي هٿئون ناهي ڇڏيندو.
شيخ اياز هائيڪن ۾ ڪافي تجربا ڪيا آهن، موضوع جي حوالي کان ته بي بھا آهن، پر هيئت ۽ مواد جي حوالي کان به تمام گهڻا آهن. هائيڪو طويل نظم جي شروعات به شيخ اياز ڪئي آهي. جيڪو پھريون ۽ سندس اوائلي تجربو آهي. ان کان پوءِ ٻين ڪيترن ئي شاعرن تجربا ڪيا آهن. سندس هائيڪن ۾ وائيءَ واري رواني ۽ ترنم به آهي. هُن پھرين سِٽ ۾ هڪ لفظ کي ٻه ڀيرا ورجايو آهي، جيئن ترنم ۽ لئي پيدا ٿئي. مثال طور:
اَمان او اَمان!
ڇاجي لاءِ ڄڻيو هُيئه؟
هي لوڏا لما! (اياز، 2010ع، ص 109)
گويا ڙي گويا!
ڪالهه ڪراچيءَ شھر ۾
لاش پئي لويا.
(اياز، 2010ع، ص 112)
مٿيان هائيڪو سندس ترنم ۽ لئي جي لحاظ کان بي مثال آهن، پر ان سان گڏ مفھوم ۽ مقصد جي حوالي کان پڻ نرالا آهن. اهڙي نموني شيخ اياز پنھنجي هائيڪن ۾ عشقيه داستان پڻ بيان ڪيا آهن. جيڪي پڻ پھريون ڀيرو هائيڪو جي زينت بڻيا آهن. شروعات کان وٺي هن دور تائين سنڌيءَ ۾ گهڻي ۾ گهڻا هائيڪو شيخ اياز جا ملن ٿا. حميد سبزوئي جي مطابق:
”سندس هائيڪو جو تعداد 1136 تائين آهي، ۽ سندس موضوع پڻ لامحدود آهن، جيڪا باشو تي سڀ کان وڏي تنقيد آهي“.
(سبزوئي، 2000ع، ص 50)
هائيڪو جو ايترو تعداد سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ مثال آهي. سندس هائيڪو جي ايتري تعداد ۾ ڪيتريون ئي، تشبيھون، استعارا، تصور، اُڌما، جذبا، فطرت سان گڏ منظرنگاري پڻ ڪمال جي ملي ٿي.
ببليوگرافي
1. ٽه ماھي ’مھراڻ‘ (شيخ اياز نمبر) 1990ع
2. ٽه ماهي ’مھراڻ‘(شاعر نمبر) 1990 ع
3. سبزوئي، حميد ’شيخ اياز جو هائيڪو‘ (هڪ اڀياس)_شيخ ايازچيئر، شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپورميرس_ ڊسمبر 2000ع
4. سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر_’شاعريءَ سان دشمني‘ (تنقيد)_نئون جنم پبليڪيشن، حيدرآباد_2005ع
5. شيخ، اياز ’پن ڇڻ پڄاڻان‘_ نيو فيلڊس پبليڪيشنس_ ڇاپو ٻيو، 1998ع
6. شيخ، اياز ’خط، انٽرويو، تقريرون‘(ڀاڱو ٻيو)_نيو فيلڊس پبليڪيشنس_ اپريل 1991ع
7. شيخ، اياز_ ’پن ڇڻ پڄاڻان‘ (شاعري) نيو فيلڊس پبليڪيشنس_ڇاپو ٻيو، 1998ع
8. شيخ، اياز_ ’مينھن ڪڻيون‘ شيخ اياز جي شاعري_جلد 9. سھيڙ ۽ سنوار: تاج جويو ۽ نصير مرزا_ ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ، ڇاپو پھريون 2010ع
9. ميمڻ، عبدالمجيد، سنڌي_”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس“_روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ 1996ع