سيد مصري شاهه جي ڳايل ۽ اڻ ڳايل ڪافين جو جائزو
(An insight into the musical notes in the 'Kafis' of Syed Misri Shah)

ڊاڪٽر ذوالفقار قريشي

Abstract
Kafi is indubitably a well-placed genre of Sindhi poetry and Raga. Many notable Kafi composing versifiers (Kafigos) have made their mark in Sindh from 1838 to 1906.Syed Misri Shah is generallly considered to be the Imam (leader) of the Kafi genre.He was born in Nasarpur,near modern Hyderabad. Present article evaluates the inherent musical notes in the Kafis of Misri Shah within the technical context of Kafi singers, Ragas, Surs (melody),Dastan (legends).It also identifies those Kafis which have never been performed . The primal objective of the study being to draw attention of the media and TV producers, singers, musicians to this now fast vanishing genre, a great heritage of of Sindhi classical prosody.
تعارف ۽ تمھيد:

هن مقالي جو مقصد ڪافين جي امام، سرموڙ شاعر سيد مصري شاهه رضويءَ جي ڳايل ۽ اڻ ڳايل ڪافين جو جائزو وٺڻ آهي. گڏوگڏ ڪافي ڳائيندڙ فنڪار، راڳ، راڳڻيون، سُر، داستان ۽ ميڊيائي ذريعو خاص طور تي ڄاڻايو ويو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ اهي ڪافيون جيڪي ڪنھن به سبب نه ڳايون ويون آهن، اهي پڻ هن مقالي ۾ آنديون ويون آهن. موجوده وقت ۾ ميڊيا تي نج ڪافي گو شاعرن، ڳائڻن، پروڊيوسرن، چينلن، اديبن، عام ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ عوام جو ڌيان ڇڪائڻ جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي هي مقالو لکيو ويو آهي. سنڌ جا اڪثر اهل علم ۽ موسيقيءَ جي سمجهه رکندڙ هن طرح جي تحقيق جا شائق هوندا آهن. موجوده دور ۾ دنيا آڏو پنھنجي ثقافت، خاص ڪري ٻوليءَ، ادب ۽ موسيقيءَ جي سڃاڻپ قائم رکڻ، نھايت ضروري آهي. ڪافيءَ جي صنف خاص طرح سان سنڌ، سرائيڪي علائقن ۽ پنجاب جي ثقافتي صنف رهي آهي. جنھن کي موسيقي يا راڳ جي ڄاڻ بنا سمجهي ئي ڪونه ٿو سگهجي. ڪافي لکڻ ۽ ڳائڻ جي حوالي سان مختلف محققن، اديبن، ۽ موسيقي جي ماهرن جا رايا به ڪتب آندا ويا آهن.
سيد مصري شاهه ڪافي گو شاعرن ۾ امام سڏيو وڃي ٿو. سندس جنم 1245هه مطابق 1828ع ۾ سنڌ جي قديم شھر نصرپور جي رضوي سادات جي برگزيده گهراڻي ۾ ٿيو. رضوي خاندان جو هي جرڪندڙ ستارو سيد بلند شاهه جو فرزند هو، جنھن جو سلسلو ستين پيڙهيءَ ۾ سيد هاشم شاهه سان ملي ٿو. سيد هاشم شاهه متعلق مير علي شير قانع (تحفة الڪرام ص 396) ۾ لکي ٿو ته:
”هتي (نصرپور ۾) پھريائين اهو آيو. هن وقت يعني (تحفة الڪرام جي تحرير واري عرصي 1769-1772ع) کان اٽڪل ٽيھه ۽ ڪي سال اڳ (غالباً 1840ع ڌاري) پاڻيءَ جي اُٿل ڪري سندس لاش ٻين سيدن سان گڏ، اصلوڪي جاءِ تان ڪڍي کڻي آيا. جيڪي معتبر ماڻهو انهيءَ ڪامل جي جنازي سان گڏ هئا، تن کان روايت آهي ته باوجود هن جي، جو هن بزرگ سيد کي ٻه سئو سال گذري چڪا هئا، قبر مان صحيح سالم نڪتو. هڪ انگور جو ڇڳو تازو پڪل ۽ ڪي مصريءَ جا سنگ سندس ساڄي پاسي جي هيٺيان لڌائون، جيڪي مريدن پاڻ ۾ ورهائي کنيا.” سيد هاشم شاهه جو سلسلئه نصب ويهين پيڙهيءَ ۾ امام محمد نقي عه سان ملي ٿو. (قانع 1970، ص 396)
’ڪليات مصري شاهه‘ ۾ مقبول احمد ڀٽي لکي ٿو ته:
”سيد مصري شاهه هڪ عوامي شاعر هو. هن اڪثر عوامي ٻوليءَ ۾ پنھنجو ڪلام چيو آهي. جيتوڻيڪ سندس ڪچھريون ۽ بيٺڪون تنھن وقت جي عالمن، فاضلن ۽ اڪابرن سان به ٿينديون هيون، پر پاڻ پنھنجو ڪلام اُن ٻوليءَ ۾ چيو اٿن، جا واهڻن، وستين ۽ ڳوٺن جي عام ماڻهن، جهانگين ۽ سانگين جي ٻولي آهي، جا ان وقت عام استعمال واري ۽ روزمره جي زبان هئي.“ (ڀٽي 1961، ص 40)
سائين مصري شاهه جي وفات بابت ڪافيءَ تي لکيل تحقيقي مقالي ۾ سيد عبدالغفور راشدي لکيو آهي ته:
”4 ۽ 5 صفر 1235هه مطابق 1906ع جي وچ ڌاري اڌ رات جو کين اچانڪ علالت ٿي، جنھن جي ان کان اڳ ڪابه ظاهري علامت نه هئي. انهيءَ مھل پنھنجي پويان ڪافي “اُڏر ڏاگها جيئن، ڏينھن نه اُڀري، پنڌ پرانھون منزل ڏور” چيائون. چون ٿا ته کين نزع جي عالم ۾ ڏسي اتي جيڪي موجود هيا، تن کي ارمان ٿيو ته خدا جي برگزيده بندن کي به آخري وقت ۾ ڪيڏي نه تڪليف ٿي سَھڻي پوي! تنھن تي پاڻ اکيون کولي کيس فرمايائين ته: “ابا! گاذر کي ڪپڙي سان ڪابه دشمني نه آهي، هن وير آهي مير سان، سو جيڪا ميرائي آهي اها پاڻ سان کڻي وڃڻ بجاءِ بھتر ٿيندو ته ٿوري تڪليف وٺي هتي ڇڏي هلجي.“ (راشدي 1954، ص 70)
ننڍي کنڊ جي تاريخ جي مطالعي منجهان خبر پوندي ته هتان جي تھذيب، ثقافت ۽ زندگي جي مختلف روين ۾ ھڪجھڙائپ آهي، خاص ڪري ادب ۽ موسيقيءَ ۾ (راشدي 1954، ص 79).
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪافيءَ بابت لکي ٿو ته:
”ڪافي عمومي طور تي هتي جي ۽ خصوصي طور تي سنڌ ۽ پنجاب جي گڏيل ورثي جو اهڃاڻ آهي“ (بلوچ 1978، ص 119).
ڪافي هڪ ئي وقت ۾ شاعري ۽ راڳ جي مستند ۽ مشھور صنف طور تسليم ڪئي وڃي ٿي. ھتي سنڌ ۾ ڪافي گوشاعرن تي ئي انحصار ڪيو ويندو.
سنڌ ۾ ڪافي گو شاعرن ۾ عثمان فقير سانگي (1778-1860) مير علي نواز ناز (1884-1935) غلام حسين فنائي(1971-1901) (مرزا قليچ بيگ 1929-1853) سچل سرمست (1739-1829)، روحل صوفي (1734-1804) عطا محمد حامي (1919-1982)، قادر بخش بيدل (1814-1872) خوش خير محمد هيسباڻي (1809-1877)، رکيل شاهه (1262-1359) صوفي نصير محمد فقير جلالائي (1842-1960) نواب ولي محمد فقير (1751-1832) استاد سينڌي خان (1880-1942) منٺار فقير راڄڙ (1865-1935) مولوي احمد ملاح (1896-1969) ٻڍل فقير (1865-1939) مھدي سائين (1889-1969) محمد زمان طالب الموليٰ (1919-1993) ۽ سيد مصري شاهه (1828-1906) ۽ ٻيا به ڪيترا شاعر شامل آهن. جنھن عرصي ۾ سيد مصري شاهه جي تعليم جو سلسلو شروع ٿيو، ان وقت سنڌ ۾ فارسي، عربيءَ جا وڏا مدرسا هوندا هئا. مصري شاهه جو مزاج ديني تعليم سان گڏوگڏ شاعريءَ ڏانھن به مائل هو. مصري شاهه جو ڪلام سورهن سُرن تي مشتمل آهي، جيڪي هن ريت آهن: 1.سر ڪلياڻ، 2.سر آسا، 3.سر ڌناسري، 4.سر ڀيروي، 5.سر ڀيروي-ٽوڙي، 6.سر ڀيروي-ٽوڙي-ڪسوري، 7.سر بلاول، 8.سر ڪوهياري، 9.سر ديسي، 10.سر ڪيڏارو، 11.سر تلنگ، 12.سر بروو، 13.سر بروو ۽ 14.تلنگ، 15.سرجهنگلو، 16.سر سورٺ، 17.سر سارنگ، 18.سر جوڳ، 19.سُر بھاگ، 20.سُر کنڀات هندي، 21. سر سھڻي، 22.سر مالڪونس، 23.سر بسنت، 24.سر رامڪلي، 25.سر پوريا، 26.سر ڪانرو، 27.سر گجري، 28.سر ڪاموڏ، 29.سر بڀاس، 30.سر ڪوهياري 31.ديسي.جڏهن ته ڪجهه سرن کي ٻين سرن سان ملائي به لکيو ويو آهي. سر ڀيروي-ٽوڙي، سر ڀيروي-ٽوڙي-ڪسوري، سر برو ۽ تلنگ شامل آهن.
مصري شاهه قداور نھايت حسين نوجوان هو. شاعريءَ جي ڏات ڪچي وهيءَ کان عطا ٿيل هئس، مٿان مجازي حسن ۽ حقيقي حسن جو پارکو به هو. سندس هڪ بي نقط ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿي.
بِنا نقطي ڪلام
ڪَرڪَا مِھرَ مِل ماهرُو، مَ لڪاءِ مَ لڪاءِ مُک مڪرم مدام،
هر مھل سر مک کولئو، هڪ لک لمحه وارو لگا

ڪر هو درد دل دور دک، م لڪاءِ مارو مور مک،
سرهو سدا هو سور سُک، دل دام در دارالسلام.

ڪر ڪرم وارو ڪو ڪڪر، وهلو وسو وس واهرو
رهه ورهه آ ورهه واه وکر، اصلو لکهو عالم دوام.
رهه راس راول ڪر رحم، م سھاء سو سھھ سھم،
حورو ملڪ مارئا مرم، مائل ڪر، ڪرهو مرحم ملام.

ڪا مدد مالڪ مھر ڪر، گولو گدا گل گام گهر،
سرهو سکالو ساهه سر، مصري رکو عالم امام.
(رضوي، 1893: ص 91).

(نوٽ: مضمون ۾ ھِن جاءِ تي ٽيبل شامل آھن، جيڪي صرف پي.ڊي.ايف ۾ ئي نظر اينديون، توھان کي گذارش آھي تہ مضمون کي صحيح نموني پڙھڻ لاءِ پي.ڊي.ايف فائل ڏِسو [ادارو] )

حاصل مطلب: سيد مصري شاهه امام رضوي جي ڪلام/ڪافين جي فھرست پھريون دفعو الف-ب وا، تيار ڪئي وئي آھي، جنھن جو سبب اهو آهي ته مارڪيٽ ۾ دستياب مصري شاهه جي ڪلامن تي مشتمل ڪتابن جي فھرست موجود ناهي. اها فھرست جنھن سان مصري شاهه جو ڪلام ڳولڻ ۽ تحقيق ڪرڻ آساني ٿي. هن کان اڳ مصري شاهه جو سُر وار، الف-بي وار، قافيه رديف وار، راڳ وار داستان وار ڪلام جو تفصيل موجود نه آهي.
مصري شاهه ڪافين جو بادشاهه سڏجي ٿو پر سندس اڌ ڪلام به جديد ميڊيا تي رڪارڊ ڪو نه ٿي سگهيو آهي. مصري شاهه جي ڪلامن جو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو ته هر ڪافي پنھنجي نوعيت، ڪيفيت، قافيه، رديف جي جوڙجڪ، ماترائن جي سٽاءَ، موضوع جي اعتبار، ٻوليءَ جي گهاڙيٽي جي حوالي سان، سُرن، راڳن جي اعتبار سان نھايت اهميت رکي ٿي.
مقالي ۾ ڪافين کي سھيڙڻ جي ڪوشش سان گڏ خصوصاً ڳايل ۽ اڻ ڳايل ڪلام جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي. هي مقالو مصري شاهه جي ڪافين تي ڊاڪيومينٽري تيار ڪرڻ وارن لاءِ به نھايت مددگار ٿيندو.
هن مقالي جي روشني ۾ ٻين سڀني ڪافي گو شاعرن جي رڪارڊ کي سھيڙڻ ۾ بنيادي نموني طور مدد ملي سگهي ٿي.
هي مقالو موسيقيءَ کي نظر ۾ رکندي ترتيب ڏنو ويو آهي، جيڪو تحقيق جي شاگردن جي رهنمائي ڪندو.
مصري شاهه جو ڪلام سورهن سُرن تي مشتمل آهي، جيڪي هن ريت آهن: 1.سر ڪلياڻ، 2.سر آسا،3.سر ڌناسري، 4.سر ڀيروي، 5.سر ڀيروي-ٽوڙي، 6.سر ڀيروي-ٽوڙي-ڪسوري، 7.سر بلاول، 8.سر ڪوهياري، 9.سر ديسي، 10.سر ڪيڏارو، 11.سر تلنگ، 12.سر بروو، 13.سر بروو ۽ 14.تلنگ، 15.سر جهنگلو، 16. سر سورٺ، 17. سر سارنگ،
18.سر جوڳ، 19.سُر بھاگ، 20.سُر کنڀات هندي، 21.سر سھڻي، 22.سر مالڪونس، 23.سر بسنت، 24.سر رامڪلي، 25.سر پوريا، 26.سر ڪانرو، 27.سر گجري، 28.سر ڪاموڏ، 29.سر بڀاس، 30.سر ڪوھياري 31.ديسي.جڏهن ته ڪجهه سرن کي ٻين سرن سان ملائي به لکيو ويو آهي. سر ڀيروي-ٽوڙي، سر ڀيروي-ٽوڙي-ڪسوري، سر برو ۽ تلنگ شامل آهن.
مقالي لاءِ سيد مصري شاهه امام جو ڇپيل رسالو، مختصر ڪلام شاهه مصري امام، مصري شاهه ميموريل ڪميٽي 1983ع، سيد عاشق حسين شاهه واري رسالي جي مدد سان ڪافي نمبر ۽ صفحو نمبر ڄاڻايو ويو آهي.
هن رسالي ۾ 94 ڪافيون ڪل چار مصرعن تي مشتمل آهن. جڏهن ته آستائي ٿلهه ان کان علاوه آهن.
مقالي ۾ 148 هڪ سو اٺيتاليھه ڪافيون تحقيق هيٺ آنديون ويون آهن. جنھن مان صرف 34 ڪافيون اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڳايل ريڪارڊ تي آهن.
سيد مصري شاهه جون اهي ڪافيون جن فنڪارن ڳايون آهن انهن جا نالا هن ريت آهن:
محمد ابراهيم، ديبا سحر، استاد محمد جمن، سينگار علي سليم ، شفيع محمد فقير، استاد مٺو ڪڇي، استاد فدا حسين خان، بابو فقير، استاد نيازحسين، عابده پروين، صنم مارئي، غلام قادر ڪڇي، ڍول فقير، حسين بخش خادم، استاد منظور علي خان، استاد محمد يوسف، غلام قادر لنجواڻي، غلام شبير شاهاڻي، فوزيا سومرو، استاد فتح علي خان، استاد وحيد علي، امير بخش ڪلوئي، قاسم فاني، رجب علي، استاد حميد علي خان، سيد جمن شاهه بخاري، محمد شريف مگسي، اسحاق ڪارو مڱڻھار، ممتازلاشاري، فقير امير بخش ڪلوئي، ذوالفقارعلي، اميرعلي، فقير صدرعلي لغاري، تاج مستاني، صادق علي، محمد حسن ڪڇي، طيب سمون، فقيرعبدالغفور، چاڪر چانڊيو ، فقير خان محمد. شازيه ترنم، پانڌي فقير، حميرا سارنگ.
مصري شاهه جون اڪثر ڪافيون ريڊيو پاڪستان جي ريڪارڊنگ ۾ محفوظ آهن. انهيءَ ڪري هر ڪافيءَ جا 3 مصرع ريڪارڊ ڪيا ويا آهن. جنھن جو سبب ريڊيو جي لاءِ ڪنھن هڪ ڪافيءَ جو وقت 5 منٽ ٿي سگهي ٿو. پر ڪيسيٽن ۽ کلي محفل ۾ اها پابندي ناهي.
مصري شاهه جون 94 ڪافين ۾ ڪل 4 مصرع، 32 ڪافين جي 5 مصرع، 6 ڪافيون 5 مصرعن، هڪ ڪافي 7 مصرعن، هڪ ڪافي 8 مصرعن، هڪ ڪافي 9 مصرعن، هڪ ڪافي 11 يارنهن مصرعن تي مشتمل آهي.
مصري شاهه پنھنجي اڪثر ڪلامن ۾ مصري نالي جو مقطع ۾ استعمال ڪيو آهي، ٻن ڪلامن م مقطع ڪونه واپرايو ويو آهي.
سنڌ جي نامياري راڳي، اديب، پروڊيوسر بيدل مسرور پي.ٽي.وي جو پروگرام’محبتون ڪي سفير‘ريڪارڊ ڪيو ته ان ۾ راقم جي ڪمپوز ڪيل ۽ ڳايل هڪڙي ڪافي ’مرلي سي مجهي موهه ڪي جوڳي جان لي گئوري‘ ڳائڻ وقت ان ڳالهه جو عملي تجربو ٿيو. اها ساڳي ڪافي ملڪ جي مشھور ڳائڻي ترنم ناز به ڳائي هئي.

ڪتابيات /ببليوگرافي

1. آغا، سليم، 2010، ’رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي‘، منظوم اردو ترجمو، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه.
2. ابڙو، شاڪر (1987) ’ڪافي جو بادشاهه مصري شاهه‘- ماهوار نئين زندگي- انفارميشن ڊپارٽمينٽ حيدرآباد.
3. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان ( 1978) ’سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ‘، ڀٽ شاهه، ثقافت کاتو، ڪراچي، سنڌ
4. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، 1990، ’ڪافيون‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ، پاڪستان.
5. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، (فيبروري 1952) ’شاهه عنات رضوي ۽ شاهه عبداللطيف‘- ماهوار نئين زندگي- انفارميشن ڊپارٽمينٽ حيدرآباد.
6. بي بو خان، (1945)(ريڪارڊنگ)دادا سنگيت، واڍن جو پِڙ حيدرآباد، سنڌ، پاڪستان.
7. ٻرڙو، ڪوثر (2007) ’فن ۽ فنڪار‘- ماهوار نئين زندگي- انفارميشن ڊپارٽمينٽ حيدرآباد.
8. ڀٽي، مقبول احمد (1961) ’ڪليات مصري شاهه‘، نصرپور سنڌ.
9. تنيو، گل محمد )2008( ’مصري شاهه جو ڪلام‘، روشني ڪنڊيارو .
10. پانڌياڻي، غلام دستگير (مارچ 1951) ’مصري شاهه‘- ماهوار نئين زندگي- انفارميشن ڊپارٽمينٽ حيدرآباد.
11. جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر (2003) ’ڪافيان‘، بزم ثقافت ملتان.
12. جوش، شيخ عبدالحليم ( مارچ 1953) ’سنڌ جي موزون شاعري‘، ماهوار نئين زندگي- انفارميشن ڊپارٽمينٽ حيدرآباد.
13. ’راز‘، شيخ عبدالرزاق (1963) ’مصري شاهه جي شاعري‘- ماهوار نئين زندگي- انفارميشن ڊپارٽمينٽ حيدرآباد.
14. راشدي، سيد عبدالغفور (1954) ’ڪافيءَ تي تحقيق ۽ تبصرو‘- ماهوار نئين زندگي- انفارميشن ڊپارٽمينٽ حيدرآباد.
15. رضوي، سيد عاشق حسين شاهه (1983)’مختصر ڪلام شاهه مصري امام‘- مصري شاهه ميموريل، ڪميٽي، نصرپور.
16. سيد، لطف علي (جون،1953) ’ڪافي تحقيق جي روشني ۾‘- ماهوار نئين زندگي- انفارميشن ڊپارٽمينٽ حيدرآباد.
17. شيخ، محمد اسماعيل (مارچ، 1969) ’سنڌي ڪافيءَ جو بادشاهه مصري شاهه،‘ نئين زندگي.
18. طالب الموليٰ (1900) ڪچڪول ’بزم سروري سنڌي‘، سروري اسلاميه ڪاليج هالا، سنڌ.
19. گل نصرپوري (ڊسمبر 1964) ’وائي ۽ ڪافي جا گهاڙيٽا‘، حصو پهريون ۽ ٻيو. نئين زندگي.
20. مخدوم، امير احمد ’تحفة الڪرام‘ (مترجم) ، 1970، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
21. مرزا، نصير (2014) ’ريڊيو حيدرآباد ڪئٽلاگ‘، امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد.
22. مغل، پير بخش مير محمد (1955) ’راڳ ساگر‘، بانڪارام روڊ نواب شاهه.
23. ميمڻ، محمد ياسين (1996) ’مصري شاهه ڪافين جو بادشاه‘، نئين زندگي.
24. هالائي، سوز (2017) ’ساز ۽ آواز‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو،.

535 ڀيرا پڙهيو ويو