شاهه لطيف جي سُر سهڻي ءَ ۾ پنھنجي وجود تي اختيار جو تصور ۽ موجوده سماجي رويا
(The study of the idea of self-determination and body autonomy of women through Sohni's character as portrayed in Shah Abdul Bhittai's poetry.)

حسين مسرت/ڊاڪٽر ريحانھ ملاح

Abstract
Shah Abdul Latif Bhittai's poetry has inspired many research efforts, spanning the cultural, socio- economic, political, religious and gender-specific narratives. His portrayal of women is unique in the sense that even though their lives may be ordinary but their behaviors are not. Their temperaments are quite different than a common woman. The famous seven sheroes (soormiyan) of his poetry exemplify this behaviour by tackling the challenges that life throws at them with courage, wit, steadfastness and a self-assured fortitude.
Our various interpretations of Shah's poetry are emblematic of our own biases and prevalent modes of thought that may limit the breadth of emotions his poetry conveys. Shah's portrayal of love is often seen more as spiritual instead of human love. This is central to the character of Sohni who defies the prevalent social norms and goes to great lengths to seek solace and love from her beloved. When Sohni is married against her will to Dum she rebels by swimming across the river every night to meet her one true love Mahiwal. This article discusses these human feelings of Sohni: her love and yearning for Mahiwal.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو اهو شاعر آهي جنھن جي ڪلام تي هر دؤر ۾ تحقيق ٿيندي رهي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ايتري ته گهڻ رخي ۽ گھرِي آهي، جو ان تي تحقيق جي تاس ختم ئي نه ٿي ٿئي. سياسي، سماجي، روحاني، فني، تاريخي ۽ جاگرافيائي پسمنظر تحت هر محقق پنھنجي پنھنجي انداز سان ڀٽائيءَ جي ڪلام تي تحقيق ڪئي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي تاريخي، جاگرافيائي، سماجي، سياسي لساني منظر نامي کي اجاگر ڪيو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ جڏهن به عورتن جي ڪردارن تي بحث ٿيندو آهي ته ستن سورمين جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ٻين عورت ڪردارن جو ذڪر به آهي، جيڪي سگهارا ڪردار آهن. ڀٽائيءَ جي شاعري علامتي شاعري آهي، ان جا ڪردار علامتون آهن، جِن مختلف سياسي ۽ سماجي حالتن ۾، جبر سان مھاڏو اٽڪايو آهي .جيستائين ستن سورمين جو ذڪر آهي ته اهي سڀ بھادر عورتون آهن، جن پنھنجن پنھنجن حالتن سان مقابلو ڪيو، ڏاڍ کي منھن ڏنو، صبر، برداشت، مزاحمت، محبت، ڏُک، پيڙائن جون علامتون بڻيون. اسان وٽ سماج ۾ ڪجهه مخصوص رسمون ۽ مروج سماجي اصول آهن، جنھن تحت اسين سڀ سوچيندا آهيون. پر ڏٺو وڃي ته اسان جي سوچن تي ڪجهه مخصوص پابنديون به لڳل آهن. اسين شعوري توڙي لاشعوري طور تي انهن جي پوئواري ڪندا آهيون. ساڳيءَ طرح اسين جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي شاعريءَ جي تشريح سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، تڏهن به انهن تي اصولن جي پوئواري ڪندا رهون ٿا.
ڀٽائي پنھنجي ڪلام ۾ جڏهن محبت ۽ عشق جو ذڪر ڪري ٿو، ته اڪثر محقق ان کي روحاني ۽ تصوف جي رنگ ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي محققن تاريخي لحاظ سان به تحقيق ڪئي آهي، پر جڏهن به عشق ۽ محبت جو ذڪر اچي ٿو ته، گهڻو ڪري ان کي روحانيت، تصوف ۽ مذهب جي عينڪ سان ڏسڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ڀٽائيءَ جيڪي داستان بيان ڪيا آهن، انهن جي حقيقي يا خيالي هجڻ جي ڳالهه الڳ آهي، پر اهميت ان خيال ۽ ان تصور جي آهي جيڪو انهن علامتي ڪردارن جي پس منظر ۾ موجود آهي. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ هر سُر جو مزاج الڳ آهي. ان ۾ موجود پيغام کي به محققن مختلف زاوين سان تحقيق جي دائرن ۾ آندو آهي. ڀٽائيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ عشق ۽ محبت جو جڏهن به ذڪر ڪيو آهي ته ان جو مختلف زاوين سان ذڪر ڪيو اٿس. عاشق جي ڪيفيت محبوب جي ڪيفيت وڇوڙو، وصال سِڪ تڙپ ڪنھن جاءِ تي مرد عاشق آهي عورت معشوق، ته ڪٿي وري عورت کي به عاشق جي روپ ۾ پيش ڪيو اٿس. گهڻو ڪري شاهه ڀٽائيءَ جي ڪردارن جي ڪيفت کي تصوف جي نظر سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. جنھن ۾ ڪٿي خدا کي محبوب ته ڪئي وري عاشق بڻائي پيش ڪيو ويو آهي ۽ ان جذبي کي تصوف جي سفر ۽ منزلن مطابق سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. ڏٺو وڃي ته اهي علامتي ڪردار پھرين ڏند ڪٿائون آهن، جن کي پوءِ علامتون بڻائي انهن جي ذريعي تصوف جي فلسفي کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. تصوف جي رمزن جي اهميت ۽ وسعت پنھنجي جاءِ تي مستحڪم آهي. پر ان ڳالهه جي به ضرورت محسوس ٿئي ته، انهن ڪردارن کي سماجي ماحول، ريتن رسمن، زميني حقيقتن جي حوالي سان به پرکي ڏسجي. ڏند ڪٿائي ڪردارن جي انساني نفسيات ۽ فطرت مطابق به تحقيق ڪجي. هن مقالي ۾ سھڻيءَ جي ڪردار کي انساني فطرت ۽ سنڌ جي سماجي پس منظر ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. جيڪي ڪردار شاهه ڀٽائي سورمين جي صورت ۾ پيش ڪيا آهن، انهن جي همت، حوصلي، جدوجھد مزاحمت جا مختلف روپ آهن. هن مقالي ۾ سھڻيءَ جي بغاوت ۽ مزاحمت کي، عورت جي نفسيات مطابق سمجهڻ ۽ ان تي تحقيق جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ سُر سھڻيءَ جي تعارف ۾ لکيل آهي ته:
”شاهه لطيف هن سُر ۾ سماجي قدرن کي بدلائڻ ۽ نون سماجي قدرن ۽ سجاڳيءَ جي ڳالهه ڪري ٿو. هن سُر ۾ درياهه محبوب سان ملڻ جو هڪ رستو آهي ۽ ان پس منظر ۾ شاهه عبداللطيف نه رڳو درياهه جي دهشت ڪنن جي ڪڙڪن، تک، تار جو منظر چٽيو آهي، پر درياهه جي جيوت ۽ خوفناڪ جاندارن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. هن سُر ۾ عشق جي آزمائش لاءِ ڪشالا ڪڍڻ، خوداري، ارادي جي پختگي سماجي ريتن ۽ رسمن کان بغاوت ڪرڻ، سِرَ تي سختيون برداشت ڪرڻ، عشق جي مستي، اندر جي اٿل، قول اقرار، طعنن، مھڻن ۽ ڏوراپن جي پرواهه نه ڪرڻ جو ذڪر ملي ٿو. شاهه صاحب سھڻيءَ کي جاگيرداري روايتن جي مخالف ۽ عشق جي شاگرد ڏيکاريو آهي. ’ساهڙ ڌاران سھڻي، نسوري ناپاڪ‘ (1)
سھڻيءَ جو ڪردار لوڪ ڪھاڻين ۾ منفرد ۽ نمايان آهي. سھڻي روايتي عورتن کان مخلتف آهي. سماج ۾ عورت لاءِ پنھنجي مرضي ۽ پنھنجي پسند جي اظھار واري آزادي حاصل ناهي، پر اسين ڏسون ٿا ته، صديون پھرين سھڻي انتھائي همت وارو قدم کنيو آهي. ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي مرتب ڪيل ’شاهه جي رسالي‘ ۾ پھرئين بيت ۾ درياهه جي وهڪري جو ذڪر آهي:
وَهه تِکَ واهڙ تِکَ، جِتِ نينھن تَکِ نرالي،
جن کي عشق عميق جو، خلوت خيالي.
وارئين سي والي! هينئڙو جن هٿ ڪيو (2)
شاهه ڀٽائي جذبن جو شاعر آهي، سھڻيءَ واري داستان ۾ ڀٽائي صاحب سندس ڪھاڻي بيان نه ڪئي آهي، پر ڪيفيتن ۽ جذبن کي چٽيو اٿس درياهه جي وهڪرن کي نينھن سان ڀيٽي، محبت، سِڪ، جي شدت ۽ گھرائيءَ کي بيان ٿو ڪري، سھڻيءَ جي ميھار سان محبت کي ڀيٽ درياهه جي وهڪرن سان ڏئي ٿو. وهڪرا ڪڏهن آهستي هلندا آهن، ته ڪڏهن انهن۾ به طوفاني شدت هوندي آهي. پاڻي طاقت آهي وهڪرن ۾ شدت اچي ته ان کي ڪير به روڪي نه سگهندو آهي، اهي وهڪرا پنھنجي سامهون ايندڙ هر شيءِ کي ٻوڙي ۽ لوڙهي سگهن ٿا. وهڪرن جي ور چڙهيل شيون پنھنجو پاڻ بچائي نه سگهنديون آهن، ان فطري عمل کي ڪابه طاقت روڪي يا موڙي نه ٿي سگهي. شاهه ڀٽائي پھرين هن بيت ذريعي سھڻيءَ جي محبت جي شدت کي وهڪرن سان ڀيٽي، واضح تصور ڏي ٿو جنھن ۾ انساني ذهن سھڻيءَ جي جذباتي ڪيفيت کي سمجهڻ لڳي ٿو. سھڻي پنھنجي جذبن جي شدت ۾ مست مگن آهي، هن جو وس پنھنجي پاڻ تي نه آهي، هوءَ پنھنجي محبت جي شدت جي اثر ۾ آهي، جنھن مان نڪرڻ ممڪن نه آهي. عشق جي انتها ۾ انسان پنھنجي وجود ۾ گم ٿو ٿئي جنھن مان نڪرڻ ممڪن نه هوندو آهي. هتي عشق جو جذبو هستيءَ تي حاوي آهي.ڪلاسيڪل شاعرن سھڻيءَ جي ڪردار کي تصوف جي رمزن کي سمجهائڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي.
ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون ساهڙ ساهڙ ڪن
ڪنين سانگو ساهه جو ڪي ’گهوريس‘ ڪري گهڙن
ساهڙُ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي! (3)
شاهه لطيف سھڻيءَ جي زباني بيان ڪري ٿو ته درياهه ڪناري بيھي، محبوب جو نالو وٺڻ ڪافي ناهي هوندو، جن کي محبوب من ۾ هوندو آهي، سي بنا ڪنھن ڊپ جي سِر جو سانگو لاهي محبوب تان صدقو ٿيڻ لاءِ درياهه ۾ گهڙي پون.
”سھڻيءَ جو ڪردار اهڙي عورت جو ڪردار آهي، جنھن اهو الزام غلط ثابت ڪري ڇڏيو ته عورت ڪمزور آهي، يا هن ۾ زناني ضعيفائي آهي يا هوءَ فطري طور هيڻي آهي...سھڻيءَ جي بي ڊپائيِ متاثر ڪندڙ آهي. لوڪ داستان ۾ سھڻيءَ جو جيڪو داستان بيان ٿيل آهي، ان مطابق، سھڻي گجرات جي هڪ ڪنڀار جي ڌيءَ هئي. عزت بيگ بخارا جو اميرزادو هو، جيڪو هندستان گهمڻ آيو. تلا ڪنڀار جي ٿانَون جي هاڪ ٻڌي اهي ڏسڻ آيو. سھڻيءَ کي ڏسي ان سان محبت ٿي ويس. سھڻيءَ جي شادي سندس پيءُ زبردستي ’ڏم‘ سان ڪري ڇڏي، اتان سھڻيءَ جي بغاوت شروع ٿي ٿئي.
شاهه صاحب هڪ سماجي دانشور هو. سماج ۾ موجوده غلط روايتن جي خلاف هو ۽ هن سماج ۾ واضح تبديلي پئَي گُهرِي، هن سُر سھڻي ۾ اها دعوى سچي ثابت ٿئي ٿي، هن داستان ۾ شاهه صاحب کي سھڻيءَ جي ڪردار ۾ هڪ عورت جي ڪردار ۾ انهيءَ تبديليءَ جو اهڃاڻ نظر آيو.) (4).
موجوده سماجي روايتن مطابق شادي عورت کي مرد جي مڪمل هٿ وس ڪندڙ رسم آهي، شاديءَ کي اهڙو ادارو ڪري پيش ڪيو ويو آهي، جنھن ۾ عورت مڪمل طور تي پنھنجي اصل سڃاڻپ وساري، شاديءَ کان پوءِ پنھنجي نالي، ۽ پنھنجي خانداني سڃاڻپ تان هٿ کڻي، جنھن سان شادي ٿئيس ٿي ،ان جي نالي ۽ ذات سان سڃاپجڻ لڳي ٿي. ان کان علاوه گهر ۽ خاندان به هن جي شخصيت تي حاوي ٿي ويندا آهن. جنھن خاندان ۾ شادي ٿيندي اٿس، انهيءَ خاندان جون ريتون رسمون به پوريون ڪرڻيون پونديون اٿس. سھڻيءَ جو ڪردار مروج روايتن کان انڪار ڪري ٿو. عام طور تي عورت لاءِ پنھنجي اظھار کان روڪيندڙ يا ڪو اهڙوڪم ڪرڻ جيڪو مروج سماجي ۽ مذهبي روايتن جي خلاف هجي. ڏکيو هوندو آهي. ڪوبه اهڙو قدم جيڪو سماج جي مروج قائدن قانونن کي ٽوڙبندڙ هجي اهو ڪرڻ ۾ مختلف رڪاوٽون
هونديون آهن. سماجي رويا ان عورت کي ڏوهارڻ بنائي پيش ڪندا آهن ۽ گهر، خاندان، سماجي رابطن ۾ موجود ماڻهو ان کي ذهني اذيت ڏيندا رهندا آهن. اھي مھڻا، طعنا، ٽوڪ وارا رويا عورتن کي مسلسل نفسياتي طرح ڪمزور ڪندا آهن ۽ سھڻيءَ انهن سڀني روين کي منھن ڏنو ۽ برداشت ڪيو. سھڻيءَ جو ڪردار سنڌ جي سماجي روين کان مختلف آهي.
”سھڻيءَ ميھار جو عشقيه داستان سنڌ ۽ پنجاب ۾ شاهه لطيف کان اڳ لوڪ ڪھاڻيءَ جو درجو وٺي چڪو هو ۽ عام مقبول هو. اها ڪھاڻي ڪنھن به ريت سھڻيءَ ۽ ميھار کي ’ڪارو ڪاري‘ قرار ڪونه ٿي ڏئي پر ان منظر ۾ رڳو ’ڏم‘ ۽ سندس ڀيڻ جو ڪردار ئي نندا جوڳو سمجهيو ٿي ويو“ (5)
تاريخ ۾ سھڻيءَ کان اڳ ميران ٻائيءَ جو ذڪر ملي ٿو جنھن روايتي شاديءَ جي ٻنڌڻ کان انڪار ڪندي، ڪرشن سان پنھنجي عشق جو اظھار ڪيو هو. ميران ٻائيءَ جو تعلق شاهي خاندان سان هو، پر هن سڀ ڪجهه تياڳي جهنگ وڃي وسايو. محقق بدر ابڙي، پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جو شاهه‘ ۾ ميران ٻائي ۽ سھڻيءَ جي ڪردار کي تاريخي شاهدين سان ڀيٽيو آهي.
”ميران ٻائيءَ پنھنجي نڪاح ٻَڌي مڙس کي پنھنجو مڙس قبول نه ڪيو هو. سھڻيءَ پنھنجي نڪاح ٻَڌي مڙس ’ڏم‘ کي مڙس قبول نه ڪيو. سھڻيء َکي درياهه پار ڪرڻو ٿي پيو. ميران جو عشق تخيل جي ڪئنواس تي ’عشق حقيقي‘ جي دعويٰ سان هو، پر سھڻيءَ جو عشق ’مجازي‘ صورت ۾ هو، جيستائين ميران ٻائيءَ يا شاهه عبداللطيف جي شاديءَ جو دائرو يا موضوع ساڳيو آهي، پر ٻيئي واقعا مفھوم جي اعتبار کان ’عشق حقيقي‘ تصوف ،ويدانيت يا ڀڳتيءَ جي چوڌاري ڦرن ٿا“ (6)
ميران پنھنجي عشق کي، عشق حقيقي سان ڳنڍي ڇڏيو يا ائين به چئي سگهجي ٿو ته، ميران پنھنجي شاديءَ جي ٻنڌڻ کان انڪار ڪري پنھنجو پاڻُ، پنھنجي سماجي پتيءَ /مڙس کي ارپڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ ان انڪار تي قائم رهڻ لاءِ هن محلن کي ڇڏيو يا مذهبي اڳواڻن کي محل ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو. آخرڪار ميران جا ’ڀڄن‘ جهرجهنگ ڳائجڻ لڳا ۽ هن کي ’آدرشي ڀڳتياڻي‘ طور سماج قبول ڪيو. ميران جي ابتڙ سھڻيءَ پاڻ پنھنجي عشق کي ڪوبه سماجي عنوان يا تصوف جو پردو نه ڏنو پر هُن پنھنجي شاديءَ کي نه مڃندي پنھنجي عشق جو اظھار ڪيو ۽ سماجي ظاهري مڙس جي ساٿ کان انڪار ڪيائين. شاعرن ان کي ڪھڙي طرح پيش ڪيو آهي، اها الڳ ڳالهه آهي. سھڻي جي عشق کي مختلف پھلوئن کان بيان ڪري، تمثيلي طور تي تصوف جي گھرائي ۽ حقيقي عشق جي تڪليفن مشڪلاتن ۽ آزمائشن کي ان سان ڳنڍيو ويو آهي.
سھڻيءَ ميھار جي ڪردارن کي مثبت نموني پيش ڪيو ويو آهي. اهي سھڻي ميھار جي داستان جا صرف ٻه ڪردار نه آهن ان ۾ عام انساني ڪردارن سان گڏوگڏ درياهه جو ڪردار به آهي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سھڻيءَ جو مقابلو درياهه سان ڏيکاريو آهي. درياهه کي موجوده دور جي سماج سان به ڀيٽي سگهجي ٿو. ڇو ته شاهه جي شاعري علامتي شاعري آهي، ان ڪري اهي علامتون ڪنھن به دور ۾ پراڻيون ناهن ٿينديون. سھڻي جو مقابلو يا اختلاف سندس گهر واري ’ڏم‘ سان به آهي، سندس نڻان سان به آهي. شاهه عبداللطيف سماجي جوڙ جڪ واري ماحو ل کي ۽ سماجي روايتن کي چٽيندي، سھڻيءَ کي انهن جو انڪاري ڏيکاريو آهي. ۽ عورت جي نفسياتي ۽ جذباتي رجحانن کي پڌرو ڪيو آهي.
”شاهه عبداللطيف ڀٽائي عورت کي عورت سمجهي ان جي جذبن ۽ احساسن، امنگن ۽ اڌمن جو عڪس پنھنجي شاعري ۾ اهڙي طرح پيش ڪيو آهي جو ڄڻ هو عورت جي نفسيات خاص طور، جنسي پھلوئن جو ماهر معلوم ٿئي ٿو. پنھنجي تيز نگاهه ۽ سڀاءَ جي ڳوڙهي ڄاڻ جي مدد سان شاهه صاحب عورت جي عملي ازدواجي زندگيءَ کي تمام گھرائيءَ سان پروڙيو آهي. (7)
عام طور تي شاديءَ کان پوءِ عورت کان اها توقع ڪئي ويندي آهي ته هوءَ، گهر جي ذميواري پاڻ ادا ڪري، ساهرن جا سڀ ڪم ڪار ڪري، سڀني جو خيال رکي، رڌ پچاءَ کان وٺي گهر جي صفائي تائين سڀ ڪم پاڻ ڪري، ڪنھن کي شڪايت جو موقعو نه ڏئي. سماج ۾ عورت جي جذبات ۽ جنسي لاڙن تي نه ڳالهايو ويندو آهي ۽ عورت پاران اهڙو اظھار به معيوب سمجهيو ويندو آهي. پر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سڀني انساني جبلتن، عادتن، اڌمن، احساسن سان گڏوگڏ عورت جي جنسي خواهش کي پڻ بيان ڪيو آهي، هو روح سان گڏوگڏ جسماني خواهشن کي نظرانداز نٿو ڪري.
”سنڌ جي سماجي ۽ ادبي تاريخ توڙي عمومي ماحول اهڙو ڪوبه قصو يا داستان نظر نٿو اچي جتي ڪنهن ڪنواريءَ ڇوڪريءَ ڪنهن ڇوڪري سان ائين عشق ڪيو هجي يا ڪنھن پرڻيل عورت پنھنجي مڙس کان سواءِ ڪنھن ٻئي مرد سان اهڙو نينھن لڳايو هجي ۽ وري اهڙي بيباڪيءَ سان ان جو اظھار ڪيو هجي. سنڌ جي سمورن مشھور عشقيه داستانن سُورمين گهڻو ڪري پرڻيل آهن ۽ انهن جا محبوب انهن جا پنھنجا مڙس ئي آهن.“ (8)
روايتن جي بنھه ابتڙ شاهه عبداللطيف، زندگيءَ جي سڀني زاوين کي نظر ۾ رکندي، سھڻيءَ جو ڪردار نرالي انداز سان تخليق ڪيو آهي. سھڻي روايتي سماجي ٻنڌڻن کان انڪار ڪندي، رسمي مڙس جي ساٿ کي رد ڪندي، ميھار سان ميلاپ کي پسند ڪري ٿي ۽ ان جي صحيح هجڻ جو اظھار به ڪري ٿي. سھڻي پاڻ کي ڏوهاري ڪري پيش نه ٿي ڪري. شاهه ان جي ڪردار کي ان جي جذبي کي سماجي مڃتا جي طور تي کڻي آيو آهي:
پليان پليو نـ رھي نرتون نينھن نبار
'گهڙان 'گهوريو جندڙو! اٿل مون اپار
'جنين من ميھار، ھلڻ تنين حق ٿيو (9)
سھڻي چوي تي ته سندس عشق روڪڻ سان نٿو روڪجي، ان جي اٿل اپار آھي، جنھن جي ڪا حد نـ آھي. عشق جي روحاني ۽ جسماني ڪشش ٻنهي جو ذڪر ڪيل آھي .
سُر سھڻيءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمائي ٿو ته :
گهڙو ڀڳو ته گهوريو، مَرُ چُور ٿئي چوڙو
طالب الموليٰ مُذڪر، اي ٻڏندن ٻوڙو
ڪوڙو هيو ڏم، ڪوڙو، مون ميھار من ۾ (10)
هن بيت ۾ سھڻي، ڏم کي ڪوڙو قرار ڏيندي، اهو اظھار ڪري ٿي ته سندس من ۾ ميھار آهي ۽ ڏم سان دنياوي تعلق کي ڪوڙو قرار ڏي ٿي.
تَڙَ تَڪَڙ تار گهڙڻ، اي ڪاڻيارن ڪَم
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينھن ۾، ڏي ڏوراپا ڏم
عقل متِ شرم، سڀئي نينھن نھوڙيا (11)
هن بيت ۾ شاهه لطيف بيان ڪري ٿو ته تار پاڻيءَ ۾ گهڙڻ، هر ڪنھن جي وس ۾ نه هوندو آهي، پاڻيءَ ۾ گهڙڻ لاءِ حوصلو کپي ۽ جنھن جي اندر ۾ ڪو غرض هوندو يا ڪو مقصد هوندو، ڪا تمنا، ڪا خواهش هوندي اهوئي بي ڊپو ٿي تار پاڻيءَ ۾ گهڙڻ جي همٿ ڪندو. سھڻي جي اندر ۾ ميھار سان ملاقات جي تڙپ هئي، جنھن جي ڪري هن پاڻي جي دهشت جي به پرواهه نه ڪئي. هن بيت ۾ ڏم جي مهڻن جو به ذڪر آهي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته، ڏم سھڻيءَ جي عشق کان واقف هو. ۽ اها به خبر هيس ته سھڻي روز ميھار سان ملاقات لاءِ درياهه پار ڪري وڃي ٿي. سھڻيءَ جو مقابلو، درياهه جي دهشت سان به آهي طوفان سان، بارش سان، ڪاري رات، سخت سيءَ سان آهي. ان کان علاوه درياهه ۾ جيڪي جانور آهن، مڇيون، واڳون، سيسار، ڄرڪا، لوهڻيون، مڇ سڀ سھڻيءَ جي مقابلي ۾ آهن. سھڻي دريائي مخلوق جو کاڄ بڻجي ٿي وڃي پر ثابت قدمي نٿي ڇڏي.
شاهه، سھڻيءَ کي عاشق طور پيش ڪيو آهي ۽ عشق جي راه ۾ سھڻيءَ کي هر امتحان ۽ هر مشڪل ۾ اڏول بيٺل ڏيکاري ٿو. پنھنجي سوچ، پنھنجن جذبن ۽ پنھنجي مقصد کي سھڻي پاڻ صحيح ثابت ٿي ڪري. سھڻيءَ جي نظر ۾ دنياوي، روايتي رشتا سندس دل جي رشتي جي اڳيان ڪوڙا ۽ عارضي آهن.
سر سھڻيءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جيڪا منظر ڪشي ڪئي آهي، اها پڻ اهميت رکي ٿي،جنھن مھل سر سھڻيءَ ۾ ڪيل منظر ڪشيءَ تي غور ڪجي ٿو ته دل دهلجي ٿي وڃي ۽ ان منظر ڪشيءَ تي غور ڪرڻ کان سواءِ سھڻيءَ جي ڪردار ۽ ان جي جذبي ۽ همٿ کي سمجهي ۽ محسوس نٿو ڪري سگهجي .
”ته سياري جي رات آهي، اڀ ڪڪرن سان ڇانئجي ويو آهي،چوڌاري اوندهه انڌوڪار لڳي پئي آهي، سخت طوفان پيو گهوگهاٽ ڪري، درياهه مستن وانگر موج ۾ پيو جهولي ،ڪنن جو ڪڙڪو پيو پوي ، لھرون لوڏا پيون ڏين ،کنوڻ جا چمڪاٽ پيا پون ۽ مينھن به اوهيڙا ڪيو پيو وسي ،ڄڻ ته قدرت پنھنجي وس آهر سھڻيءَ کي سمجهائي رهي آهي ،ته اڄ درياهه ۾ گهڙڻ جو خيال دل تان لاهي ڇڏ ،پر سھڻي دهلجڻ جي نه هئي ۽ سنھن تي پوري هئي محبت ۾ محو ٿي ،ڪچي گهڙي جي ڪل نه رکي ،ڪنن۾ ڪاهي پئي ”(12)
جنھن وقت شاهه لطيف، سھڻيءَ جي ٻڏڻ جو منظر بيان ٿو ڪري ته اهو پڻ نھايت اثرائتو آهي. عام طور تي شاعريءَ ۾ عورت جي حسن جي اپٽار ڪيل هوندي آهي ۽ عورت کي نازڪ بڻائي پيش ڪيو ويندو آهي پر سھڻيءَ جو ڪردار انهن روايتي مثالن جي نفي ڪندي نظر اچي ٿو . هڪ عورت جيڪا عاشق آهي ۽ اها جڏهن پنھنجي زندگيءَ بابت پاڻ قدم کڻي ٿي ته بنھه ڊڄي نٿي، ان کي درياهه جون موجون ڊيڄارڻ ۾ ناڪام ٿي ٿيو ن وڃن، سھڻيءَ جو دردناڪ موت به ان کي ختم ناهي ڪري سگهيو.
سياري سھ راتِ ۾، جا گهڙي وَسَندي مينھن
هَلو ته پُڇُون سُوهَڻِي، جَا ڪَرَ ڄاڻي نِينھن
جنھن کي راتو ڏِينهن، مِيھارُ ئِي مَنَ ۾ (13)
سھڻيءَ جي ڪردار جا انيڪ پھلو آهن، جن تي بحث ڪري سگهجي ٿو، هاڻ هن بيت ۾ شاهه سھڻيءَ کي عشق جي انتھا تي وٺي پيو وڃي ۽ ان انتھا تي هُو ٻين کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته: ’هلو ته پڇون سھڻي، جا ڪري ڄاڻي نينهن‘
شاهه لطيف سھڻيءَ جي ڪردار جي تخليق ڪرڻ کان پوءِ پاڻ خود به ان کان متاثر محسوس ٿئي ٿو. هو عشق جون رمزون بار يڪيون، حساسيت ۽ وحدانيت واري فڪر کي سھڻيءَ کان سکڻ ۽ پڇڻ پيو گهري.
ٻئي بيت ۾ چوي ٿو:
گهڙي گهڙو هَٿِ ڪَري، اِلاهِي تُھارَ
ڄَنگههَ ڄَرُڪي واتَ ۾، سِسِي کي سِيسارَ
چوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِهيَس وارَ
لکَين چَھٽِيَسِ لوهَڻِيُون، ٿيلهيُون ٿرِنئُون ڌارَ
مِڙئا مَچَ هَزارَ، ڀاڱا ٿيندِي سھڻي (14)
هن بيت ۾ درياهي جانورن جو ذڪر آهي، هاڻي جيڪڏهن سھڻيءَ کي صرف علامتي ڪردار ئي سمجهي ته پوءِ انهن جانورن کي ڪھڙي علامتن طور وضاحت ڪري سگهجي ٿو. اها ڳالهه پڻ تحقيق طلب آهي ته صرف سھڻيءَ کي جيڪڏهن علامتي ۽ روحاني نظر جي مطابق پرکڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته پوءَ ٻيون شيون پردي ۾ هليون ٿيون وڃن پر جنھن وقت اسان سھڻيءَ کي انساني ڪردار طور پرکڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته پوءِ اهو موضوع وڌيڪ وسعت ۽ پکيڙ رکندو محسوس ٿئي ٿو. هونئن به ڪلاسيڪل شاعري گهڻ رخي هوندي آهي. ان ڪري جنھن وقت اسان سھڻيءَ کي عاشق عورت جي روپ ۾ تسليم ڪندي انهن جي محبت جي گھرائي ۽ پنھنجي راءِ جي اظھار واري فلسفي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته پوءِ ان سان پيش ايندڙ مسئلا ۽ مشڪلاتون وڌيڪ چٽائي سان اسان جي نظرن جي اڳيان اچي ٿيون وڃن.
سھڻيءَ سان مقابلي ۾ ڪاري رات، سيارو، پاڻي جا ڪڙڪا، اونداهي ڪارا ڪُن، مستيءَ ۾ درياهه تار، طوفان، برسات، پاڻيءَ جو خوفناڪ آواز، پاڻيءَ جو زور، واسينگ نانگ، درندا، وڏا واڳو، سيسار، ڄرڪا، لوهڻيون، مڇيون، ٿيلهيون، مانگر مڇ، ان کان علاوه سماجي رشتا، مڙس ،نڻان،سس، انهن رشتن جا رويا سماجي قاعده قانون، رسمون رواج، اخلاقي روايتون بندشون، پاپنديون، موجود آهن ۽ ٻئي طرف سھڻي اڪيلي آهي. ان سان گڏ صرف ۽ صرف عشق آهي، محبوب سان ملڻ جي سِڪ آهي، هڪ مضبوط ڪيفيت آهي. سھڻي ڪٿي به انهن مشڪلاتن کان ڪيٻائي نه ٿي ۽ نه ئي وري گهٻرائي ٿي. ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر پنھنجي تحقيقي مقالي ۾ سھڻيءَ جي ڪردار تي سماجي ۽ مذھبي لحاظ کان تفصيلي بحث ڪيو آھي.
”ھيءَ ڳالهه وسارڻ جھڙي نـه آھي تـ سھڻي سراپا تصوف جي پانڌيئڙي ڪانـ هئي، معاشري ۾ سندس حيثيت ھڪ سماجي انصاف جي حصول واري فريادي جي به ھئي، جنھن کي جيڪڏھين ملامت جي انداز ۾ ڏسجي تـ پوء ان کي بلاجواز باغياڻه ڪردار بـ چئي سگھجي ٿو. اسان جي مفڪرن ۽ دانشورن خبر ناهي ته ڇو ان کي نظر انداز پئي ڪيو آھي ـ در حقيقت اسان جي اديبن ۽ شارحن سھڻيءَ جي فطري ۽ سماجي جذبن کي معرفت ۽ حقيقت ڏانھن منسوب ڪري تنقيد جي راھن کي بـ روڪي ڇڏيو . جنھن جي ڪري سر سھڻيءَ ۾ آيل مڙني ڪردارن جا اھي ڪارناما جيڪي سماجي رخ جا متقاضي ھئا، گھڻو ڪري اڄ تائين اوجهل رھيا آھن ۔“ (15)
ڪيفت شعوري هجي يا لاشعوري، پر خطرا ۽ مشڪلاتون ته حقيقت ۾ موجود هوندا آهن. سھڻيءَ پنھنجي وجود جي خواهشن کي اهميت ڏئي ٿي. اها ڳالهه ضروري آهي ته وقت گذرڻ سان گڏ شين جي موضوعن جي ڪردارن جي نظرياتي تحقيق ٿيڻ سان انهن جي مختلف پھلوئن جي وضاحت ٿئي ٿي. گهڻ پاسائين تحقيق ڪردارن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي پيدا ڪري. انساني ڪردارن جي ڇنڊڇاڻ انساني نفسيات مطابق ٿيڻ، ان کي حقيقت جي ويجهو ٿي آڻي ڇڏي. جڏهن ته شاعريءَ ۾ موجود ڪردارن کي يا سھڻيءَ جي ڪردار کي جنھن وقت صرف ۽ صرف مذهبي يا ڪنھن به مذهبي فرقي جي نڪته نظر کان پرکجي ٿو ته اهو الڳ معنيٰ رکي ٿو.
نتيجو: سھڻيءَ جو ڪردار هڪ اهڙي عورت جو ڪردار آهي، جيڪا صديون اڳ پنھنجي حق لاءِ جهيڙو جوٽي ٿي. پنھنجي عقل ، هوش مرضي، اختيار کي پاڻ تسليم ڪندي، ان مطابق عمل ڪري ٿي. پنھنجي نفسياتي ذهني۽ جسماني خواهشن جي حقيقتن کي رد نٿي ڪري پر مڃائي ٿي. اهڙا مضبوط ۽ سگهارا ڪردار تمام گهٽ ٿا نظر اچن. صديون گذرڻ کان پوءِ به سھڻيءَ جي ڪردار جي تجزيي ۽ تحقيق ڪرڻ ۾ اسانکي سماجي ريتن، رسمن بابت سوچڻو پوندو آهي، ڇو ته اهڙي بھادر عورت جو اسان وٽ ڪو مثال موجود نه آهي. سماج ۾ هيڻي عورت مڃتا ماڻيل آهي. عورت جي ڪمزور، لاچار ۽ فرمانبردار تصور کي ايترو ته ذهنن تي مسلط ڪيو ويو آهي، جو انهن دائرن ۽ مخصوص تصورن کان ٻاهر جيڪا عورت نظر اچي ٿي. اها باغي تصور ڪئي ٿي وڃي. حالانڪه سھڻيءَ صرف اهو قدم کنيو آهي جو سماج پاران طئه ڪيل سڱ کي ٺڪرائيندي، پنھنجي خواهشن ۽ پسند مطابق پنھنجي محبوب سان رشتو جوڙي ٿي، ان سان ملڻ وڃي ٿي، صدين کان پوءِ به عورت جو اهڙو قدم جنھن کي اڄ جو سماج به مڃتا ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه آهي ۽ نه ئي ان عمل کي ساراهه جوڳو سمجهيو ٿو وڃي. جڏهن ته شاهه عبداللطيف ان جي ساراهه ڪري ٿو ۽ سھڻيءَ جي عمل کي فطرت جي عين مطابق سمجهندي ان تي لکي ٿو.
حوالا
1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، ’جلد ڏهون‘ سنڌي لئنگج اٿارٽي، حيدرآباد 2016ع ص 95.
2. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاھ جو رسالو‘ سر سھڻي داستان پھريون بيت 01 ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ ص 180
3. ساڳيو ص 181
4. ميمڻ، فهميده حسين، ’شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘، پي ايڇ ڊي ٿيسز، شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي، ،1993 ”ص – 318
5. ابڙو بدر ’سنڌ جو شاهه‘، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 2000ع، ”ص 278“
6. ساڳيو، ”ص 280“.
7. ڀٽو سليم، ’لات جا لطيف جي‘، ( ڀٽائي ايجوڪيشنل اينڊ سوشل ويلفيئر سوسائيٽي، 1996ع.ص 01
8. ميمڻ فهميده حسين، ’شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘ - پي ايڇ ڊي ٿيسزسال 1993 ”ص 319
9. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاھ جو رسالو‘ سر سھڻي داستان چوٿون بيت 06 ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ص 200
10. ساڳيو ص 182
11. صديق محمد مسافر ;سر سھڻي آر ايڇ ايم اينڊ برادرس پبلشرس اينڊ بڪ سيلرز اسٽيشنرز اينڊ مرچنٽس 1964 ـ داستان ٽيون بيت01 ص 42
12. ساڳيو.ص17
13. آڏواڻي، ڪلياڻ، ’شاھ جو رسالو‘ سر سھڻي داستان ٽيون بيت 11 ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ص 193
14. ساڳيو ص 182
15. سوڍر، شاھنواز ڊاڪٽر ’سھڻيءَ جو سماجي ڪردار‘ ـ سنڌي ادب 'انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي يونيورسٽي آف سنڌ جامشورو 1989/ص 162
1500 ڀيرا پڙهيو ويو