گلگت بلتستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ قديم سنڌي قبيلن جا اھڃاڻ
(Sindhi Language and Sindhi Tribes in Gilgit Balistan)

ڊاڪٽر سجاد رئيسي ۽ ڊاڪٽر عنايت الله ڀٽي

Abstract:
This colossal research work scrutinizes the resemblance in Sindhi nation and people of Gilgit-Baltistan at different aspects such as culture, language and civilization. Moreover this research work shows the glimpses of the clan of people of Sindh and Gilgit-Baltistan are the same by seeing their similarities in language, culture, traditions and civilizations. Basically all these nations are the production of the great Indus Valley Civilization their origin is almost the same. Most of the civilizations of Pakistan that get distinct recognition in the present time they all emerged from the one that is Indus Civilizations. Such as Shena and Srikigot separate identity in the present time. If someone shed ample light on the geographical locations which have a lot of influence on the nation Gilgit-Baltistan is the last area of Northern part of Pakistan and Sindh is the last western part region of Pakistan. By keeping in view that most of the people there have the same culture which links the Sindh. It is said that the tribal people are aggressive, the people who are living in the lower part of Kashmir are peaceful and do not fight like the people of Sindh who are preachers of love and peace which kept the Sindhi civilization in Gilgit-Baltistan. There are certain other resemblances of words in different dialects between Sheena and Sindhi language which reflects that both languages could get born from the same languages. The resemblance of words further adds that Gilgit-Baltistan has also the relation of modern Sindh as well. This tremendous work will also open the doors of modern research to show the relations of modern Sindh and Gilgit-Baltistan.

تعارف: گلگت بلتستان ۾ مختلف قومون ۽ قبيلا آباد آھن، انهن ۾ ڪجهه سنڌي قبيلا پڻ ڪوٺجن ٿا. ڪن تاريخدانن ته انهن علائقن جي ماٿرين کي’سنڌ جون ماٿريون‘ قرار ڏنو آهي.
گلگت بلتستان ٻن ڊويزنن ۽ ڏهن ضلعن تي مشتمل هڪ آفت سٽيل علائقو آهي. جنھن کي ماضيءَ ۾ اترئين علائقي طور سڃاتو ويندو ھو. ھن وقت گلگت بلتستان ھن ملڪ جو اُتر اوڀرائون، پنجون صوبو ليکيو وڃي ٿو. پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سن 2009ع ۾ ھڪ صدارتي فرمان تحت،ھن علائقي جي عوام جي پراڻي مطالبي کي مڃيندي ان کي ’گلگت بلتستان‘ جو سرڪاري نالو ڏنو ويو.
گلگت صدين کان وٺي ھڪ قديم واپاري شھر رھيو آھي، ھي تمام قديم دور کان وٺي سنڌو-ريشم واپاري واٽ (شاهراه ريشم) تي موجود ھئڻ جي ڪري تمام اھميت جوڳو ماڳ رھيو آھي. بلتستان، لداخ جي ھڪ اُتاھين جابلو پوٺي تي موجود آھي، جتي ڪارن ڏونگرن سان گڏ قراقرم جي ڪي. ٽُو واري 8611 ميٽر اُوچي چوٽي ڪر کنيو بيٺي آھي. 1800 ميلن / 2897 ڪلو ميٽر ڊگهي سنڌو ندي اتر-اولھه کان لداخ ۽ بلتستان مان ڏاکڻي قراقرم جابلو سلسلي مان گلت ۾ داخل ٿيندي آھي، جتي ٽي نديون: شيوڪ، شيگار ۽ گلگت تمام گهڻي پاڻي جي اوت سان سنڌو نديءَ سان اچي ميڙاءُ ڪنديون آهن. سنڌو نديءَ جو ڪالاباغ کان سمنڊ تائين وارو سفر 950 ميل / 1529 ڪلو ميٽر ۽ موجوده سنڌ مان 300 ميل / 483 ڪلو ميٽر آهي. ان ريت سنڌو نديءَ جو جابلو پنڌ 850 ميل / 1368 ڪلوميٽر وڃي بيھندو. ھن اتھاسڪ نديءَ جتي ڪٿي سنڌو ماٿريون جوڙيون ۽ سنڌو سڀيتا جي وڏي پوک راھپ ڪئي.
گلت-بلتستان شاھراه ريشم سان لاڳاپيل علائقو آهي. هتان جي ماڻهن جو چين سان واپاري وهنوار وڌيڪ نظر اچي ٿو. شاهراههِ ريشم جھڙو بھترين رستو اچ وڃ لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. چين جي ’سست چوڪي‘ 14 ڪلاڪ جي مسافريءَ تي ۽ راولپنڊي هتان کان 18 ڪلاڪن جي مسافري تي آهي. هي هڪ قديم تجارتي رستو رهيو آهي. گلگت سنڌو نديءَ جي ڀارتو ندي آهي. گلگت بلتستان واري جُوءِ ۾ مختلف قبيلا آباد آهن، جن ۾ شين، يشڪن، بلتي، سيد، ڪشميري، پٺاڻ ۽ گجر ذڪر لائق آهن. ’شين ۽ يشڪن‘ گلگت بلتستان جون قديم قومون آهن. ان جي اصل نسل (Origen)بابت تاريخدانن ۾ وڏو اختلاف ڏٺو ويو آهي. پيشي جي لحاظ کان انهن قديم قبيلن کي چئن ذاتين ۾ ورهايو ويو آهي. عام طرح سان اهو مشھور آھي ته ’شين‘ سرپرستي ۽ رھنمائي ڪندڙ قبيلو ؛ ’يشڪن‘ حڪومت ۽ سياست ڪندڙ قبيلو؛ ’ڪشميري‘ نوڪري چاڪري جھڙي ڪرت سان لاڳاپيل؛ ۽ ’ڊوم‘ دھل وڄائيندڙ ۽ راند تماشو ڪندڙ ذات ليکجي ٿي. (’ڊوم‘تمام قديم نرت ڪلا سان واڳيل قبيلو رھيو آھي، سڄي ننڍي کنڊ ۾ اها جاتي موجود آھي. ھي شادين ۽ خوشيءَ جي ڪاڄن ۾ ڪرتب ڏيکاريندا ۽ نچندا ڳائيندا آھن)

تاريخ ۾ انهيءَ ورهاست جو ڪو به اعتبار جوڳو حوالو نٿو ملي. جيتوڻيڪ ائين محسوس ٿو ٿئي ڄڻ ته ماضيءَ ۾ گلگت بلتستان ۾ هندن جي حڪومت گهڻي رهي آهي ۽ هندن ۾ به چئن ذاتين جو ذاتين جو نظريو ملي ٿو. ائين ٿي سگهي ٿو ته هتان جي مسلمانن ان نظريي کي هندن کان مشابھت ۾ ورتو ھجي. ٻي صورت ۾ اونچ ۽ نيچ جو اھڙو ڪو معيار هتي نٿو ملي. گلگت بلتستان جي پراڻي تاريخ ۾ ھتان جي آڳاٽين قومن تي تحقيق ڪئي وڃي ته ان معاملي جو ڪو نتيجو ضرور ملي سگهندو.
شين لوڪ ۽ شور سيني ٻولي: هڪ پختو اندازو اهو آهي ته ’شين لوڪ‘ اهي آهن جيڪي ’شورسيني‘ ٻولي ڳالهائيندا هئا. اِها ٻولي سڄي سنڌو ماٿر جي هڪ وڏي ٻولي رهي آھي. اڄوڪي پنجاب، راجپوتانا، گجرات ۽ لاڙ جي ٻوليءَ ۾ ھن جو بڻ موجود آھي.
ايم.ايڇ پنھور پنھنجي مقالي ’سنڌ جون ٻوليون‘ ۾ مختلف عالمن پاران سنڌي ٻوليءَ بابت هن ريت بيان ڪيو آهي:
”ٽرمپ (1872ع) ۽ ڀيرومل (1941ع) تائين جي عالمن جو خيال آھي ته سنڌي ٻولي ’وراچڊ‘ مان نڪتي آهي، جيڪا سنسڪرت، پراڪرت، پالي، شور سيني کان ٿيندي وراچڊ مان ڦري يارهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صورت ورتائين “ (1)
گلگت بلتستان ۾ جيتريون به قديم قومون آهن. انهن جي پوئين تاريخ بابت تاريخدانن ۾ اختلاف ملي ٿو. ڪجهه تاريخدانن کين آريائي نسل چيو ته ڪن منگوليائي، ايراني ، ترڪي ۽ ڪوهستاني نسل قرار ڏنو آهي. پر انهن دعوائن تي اعتبار جوڳا حوالا ڏيڻ کان سڀ قاصر نظر ٿا اچن. اهڙي طرح انهي معاملي ۾ ڪجهه تاريخدانن گلگت جي پراڻين قومن کي ’اقوام سنڌ‘ جو نالو به ڏين ٿا. نه فقط اهو پر گلگت بلتستان جي ڪجهه ماٿرين کي ’سنڌو وادي‘ جو نالو ڏنو ويو آهي.
ڪتاب ’سنڌوءَ جو سلطنتون ۾ ايلائيسر البينا لکي ٿي ته:
”اها ندي (سنڌو) ماٿرين ۽ تھذيبن کي جنم ڏيندي رهي آهي.“(2)
هن نديءَ جي جابلو لام ۽ ميداني علائقن جي لام ۾ مختلف تھذيبن ۽ ٻولين جا ورن چٽا نظر ايندا. ان ڪري هن نديءَ جا نالا تبت کان وٺي اصلوڪا ۽ رنگ ورنا آهن. انهيءَ رنگا رنگي هوندي به اها منڍ کان ’سنڌو‘، ’سنگاڪاباب‘ ۽ ’شينھڻ‘ ندي رهي آهي!
اوڻيھين صدي عيسويءَ ۾ گلگت جي رھواسين انگريزن سان ويڙهه ڪئي ته ڪن تاريخدانن انهي ويڙهه جي پسمنظر ۾ اترين علائقن جي ويڙهه جي بجاءِ سنڌو واديءَ جي ويڙھه سان تعبير ڪيو آهي.
ان کان علاوه سنڌ ۽ گلگت بلتستان جي ٻوليءَ ۽ رهڻي ڪھڻيءَ ۾ به گهڻيون ھڪجھڙايون نظر اچن ٿيون. انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي هي مقالو لکيو ويو آهي.
مالوند لوڪ: ’مال وند‘ يا ’ڌڻ وند‘ دور ۾ ماڻهو چراگاهن جي تلاش ۾ ڪٿي کان ڪٿي وڃي نڪتا آهن. ان بابت ڪتاب ‘The Races of Afghanistan’ ۾ بيلبو ايڇ.ڊيليو لکي ٿو ته:
”جت، ڪٺي ۽ سٺيا، اصل سنڌو ماٿر جا رهاڪو آهن، جيڪي پوءِ هندوڪش جبلن ڏانھن لڏي ويا هئا“ هو وڌيڪ لکي ته: ”جتن کي هتي گجر سڏيندا آهن“ (3)
گلگت بلتستان: هي هڪ مالوند لوڪن جي جُوءِ ۽ هڪ اهم واپاري رستي تي آهي. ان بابت ايم.ايڇ پنھور لکي ٿو ته:
’سنڪيانگ جو ڪوٽان‘ وارو ماڳ جتي پھرين صدي عيسويءَ ۾ ايران، يونان، چين ۽ ھندستان جون تھذيبن اچي ملن ٿيون. اتان ريشم جي پٽ جي تجارت ڪاشغر کان ڀنڀور تائين ٿيندي ھئي. ان ڪري ھن کي ’سنڌو ريشم رستو‘ سڏيو ويندو ھو.“ (4)
انگريزن سان مزاحمت: سنڌو ندي ۽ سنڌو سڀيتا جو مکيه گڻ مزاحمت رهيو آهي، سنڌو نديءَ جي ڪھاڻي منڍ کان وٺي پڙهبي ته هي هڪ جهونجهار نديءَ جي صورت ۾ جبلن سان سَسئيءَ وانگر جهيڙيندي، ڇيھون ڇيھون ۽ ڇاڙون ڇاڙون ٿي، وري ڪنھن ماڳ تي اچي هڪ وهڪري واري ايڪتا واري صورت اختيار ڪري وهندي رهي. اهو گڻ هن نديءَ جي پاڻيءَ جي ڪري هتي جي لوڪن ۾ اتم نموني موجود آهي.
”انگريزن پاران گلگت کي ايجنسيءَ جو درجو ڏيڻ، ھتان جي آزادي پسند قبيلن کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه هو. انهن کي پنھنجي معاملن ۽ علائقن ۾ ڪنھن به طرح جي مداخلت پسند نه ھئي. جڏھن ته برطانوي پاليسي اها هئي ته، انهن علائقن ۾ امن و امان قائم رکڻ سان گڏوگڏ هتان جي ماڻهن کي ماتحت ۽ قانون جو پابند بڻايو وڃي. اهوئي سبب هو جو 92-1891ع ۾ هنزه نگر ۾ ويڙهه ڇڙڻ کان علاوه 93-1892ع ۾ واديء سنڌ ۾ عام بغاوت بلند ٿي. جڏهن ته برطانوي فوجن انهن ٻنهي معرڪن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي“ (5)

سنڌو ماٿري ۾ عام بغاوت بلند ٿيڻ کان پوءِ چترال ۾ به عام حالتون خراب ٿي ويون.
سنڌو تھذيب، داردستان، بلورستان ۽ آريائي- درد قوم: بنيادي طور گلگت بلتستان جون اھي قومون ’سنڌو تھذيب‘ (Indus Civilization) جي پيداوار آھن. ڇاڪاڻ ته سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب دنيا جي قديم ترين تھذيبن مان ھڪ آھي. پاڪستان جون گهڻيون تھذيبون جيڪي هاڻي پنھنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکن ٿيون. انهن جي اصليت ۽ بنياد سنڌ ئي آھي. جنھن ۾ ذڪر لائق سرائيڪي ۽ شينا تھذيبون پڻ آھن. پر اڄ جي دور ۾ اھا ڳالهه عجيب لڳي ٿي ته ’گلگت‘ پاڪستان جي اتر جو آخري خطو ۽ موجوده ’سنڌ‘ پاڪستان جي اولھه وارو آخري خطو آهي،پر جيڪڏهن انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ تھذيبي ۽ لساني ھڪجھڙاين کي ڏٺو وڃي ته اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته هن علائقي جون قديم قومون اهي نه فقط سنڌي نسل جون آھن، پر هنن سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن کي به ڪنھن حد تائين انهن علائقن ۾ زنده رکيو آهي. هتان جي قومن کي اڪثر تاريخدانن ’دردستان‘ جو نالو به ڏنو آهي. مقامي ماڻهو انهيءَ نالي کان واقف نه آهن. جڏهن ته قديم تاريخدانن گلگت بلتستان کي قديم قومن جو تعلق انهيءَ نسل سان قرار ڏنو آهي. گلگت جو سڀ کان مشھور دانشور وزير محمد اشرف خان دردستان کي ’وجھ تسميھ‘ جو ڄاڻائيندي ھن نالي کي گلگت بلتستان قبولڻ کان انڪار ڪيو آھي، هو لکي ٿو:
”1866ع ۾ جي ڊبليو JW لٽنر انهن علائقن جي لاءِ ڀرپور خيال سان ’دردستان‘ نالو اختيار ڪيو. هن (لٽنر) جا ڏنل دليل ناقص هجڻ سبب ظاهر ٿي چڪو هو ته گلگت جي حدن ۾ اهڙا ڪي ماڻهو وسن ٿا، جيڪي پنھنجو پاڻ کي درد سڏائيندا ھجن. پر بدقسمتيءَ سان انهن جي مغالطا آميز نالن کي بعد جي ڪجهه تاريخدانن به اختيار ڪيو. انهيءَ هوندي به ڪجهه عرصو اڳ انهن غلطين جي نشاندهي اي.جي ڊيورنڊ ڪئي هئي.“ (6)
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ’داردي‘ قوم اُپکنڊ جي اتر-اولھه وارن جابلو سلسلي ۾ رهندي آئي آهي. اهڙو نالو قومي ۽ ٻوليائي حقيقت ڏانهن تاريخي نشاندهي ڪري ٿو. اوائلي انساني دور ۾ گذر معاش، خوف، فطري هاڃن يا سگهارن قبيلن جي ارهه زورائين سبب قبيلا ۽ قومون لڏ پلاڻ ڪنديون رهيون آهن. انهن جو ڪو دور متعين ۽ مقرر ڪرڻ هڪ ’ڀانئي‘ وسيلي ئي ممڪن آهي.
”...گلگت بلتستان جا ليکڪ هن نالي کي گلگت بلتستان جي عوام سان منسوب ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. جڏهن ته ڪي اُن بجاءِ هڪ ٻيو نالو ”بلورستان“ ڪثرت سان استعمال ڪندا آهن. وچ ۾ هڪ اهڙو به وقت گذريو، جنھن ۾ بلتستان ۽ گلگت ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن کي گڏي ’بلورستان‘ به چيو ويو ھو." (7)
موجوده دور ۾ گلگت بلتستان جون ڪجهه قومپرست پارٽيون، گلگت بلتستان کي ’بلورستان‘ قرار ڏينديون آهن ۽ انهيءَ نالي سان هڪ تحريڪ ’بلورستان نيشنل فرنٽ‘ به هلي رھي آھي. پنھنجي لکڻين/رچنائن ذريعي به هن نالي کي ترويج ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڪرنل واثق احمد خان ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد شوڪت خان جي نگرانيءَ ۾ ٽه ماهي رسالو ’بلورستان‘ به نڪرندو رهيو آهي. گلگت بلتستان جا تاريخدان ۽ محقق هن نالي کي پنهنجي لاءِ منسوب ڪرڻ کان انڪاري آهن. پر ٻئي پاسي اڪثر تاريخدانن هن نالي کي گلگت بلتستان جي عوام سان منسوب ڪندي لکيو آهي. جڏهن ته ان جي اصل نسل بابت مختلف خيال موجود آهن. هتي بحث هيٺ آيل ۽ ڀانيو ڪيل ڪليدي لفظ ’سنڌو ماٿري‘، ’دردستان‘، ’بلورستان‘،
’گلگت- بلتستان‘، آريائي بڻ رکندڙ درد قوم آهي. دردستان، جي نالي بابت جيترا سبب بيان ڪيا ويا آهن، انهن ۾ هڪ دليل عام آهي ته پريشاني ۽ مشڪلات سان گڏ گذر بسر ڪرڻ وارا پھاڙي علائقن جي ماڻهن کي ’درد‘ ۽ ان علائقي کي ’دردستان‘ چيو ويندو آهي. انڪري اهو به ممڪن آهي ته قديم زماني ۾ غربت جي ڪري سنڌو نديءَ جي ڪناري دربدر ٿي اچڻ وارا هتي آباد ٿيا آھن. بھرحال ’دردستان‘ جي اصليت ڪھڙي آھي، انهي سلسلي ۾ تاريخدانن مختلف وضاحتون پيش ڪيون آهن. گلگت بلتستان جي تاريخ تي مشھور انگريز تاريخدان جان بڊلف ‘Tribes of the Hindu Kush’ ۾ ’درد‘ قوم بابت ھڪ باب لکيو آھي پر ھو به ’دردستان‘ جي اصل نسل بابت حتمي ۽ يقيني راء ڏيڻ کان قاصر آهي.
ان ڏس ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪتاب ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ ۾ داردي قومن ۽ ٻولين بابت لکي ٿو ته:
”هندستان جي اُتر، اولھه وارن پھاڙي لڪن مان به اُتي جي داردي قومن جو ڪشمير کان ملتان تائين رهندڙ ماڻهن سان، اصل- آريائي قرابت توڙي مسلسل هجرت ۽ آمد و رفت سببان تعلق رهيو. (8)
داروي ٻولين ۽ لوڪن جي ڪري داردستان يا ’دُردستان‘ نالو هڪ اندازي طور آيو. داردي لوڪ آڳاٽا شين لوڪ آھن، جيڪي سنڌ ماٿر واسين جا شايد ابا ڏاڏا ھئا. ھنن جو ڪئپراٽيون جتن، جاٽن ۽ موھن جي دڙي مان لڌل لاشن جي ڪئپراٽين سان ملن ٿيون.
انهيءَ ڏس ۾ ڪالڊو ويل جو خيال ھو ته:
”دراوڙ ماڻهن جو واسطو غير آريائي سٿ سان هو ۽ اهي سٿين ڪھول منجهان هئا“ (9)
ٽالمي موجب: ”سنڌ سٿين دور ۾ سنڌ ملتان تائين، ’انڊوسٿيا‘ ليکجڻ ۾ آئي“
پروفيسر محرم خان وگهامل’سنڌو سٿيا‘ جون حدون ٻڌائيندي لکي ٿو ته:
”سٿين ڪشمير، ڪموج ۽ ڪافرستان تائين ڇائنجي ويا، سوات کان سمنڊ تائين سڄو ملڪ ’سنڌو سٿيا (Induseylhie) سڏجڻ لڳو.“ (10)
ڊاڪٽر امر سنگهه چوهاڻ پنھنجي ڪتاب ‘The Gilgat Agency’ ۾ دردستان بابت لکي ٿو ته:
”محقق جو خيال آهي ته سنڌو ماٿريءَ ۾ رهڻ وارن مڙني جابلو ماڻهن کي عام طرح سان اهو ئي نالو (دارد) ڏنو ويو آهي. جيڪي گهٽ ويڙهاڪ هئڻ سان گڏوگڏ ميداني ۽ ڪشمير جي هيٺين حصن ۾ رهن ٿا. ان ڳالهه جو اندازو ئي ڪري سگهجي ٿو.
...هي قبيلا پنھنجي موجوده علائقن ۾ مالوند دور ۾ سائي جي سانگي، واپار لاءِ يا اھڙي ڪنھن آپڌا سبب جيئندان وٺڻ لاءِ آيا ھئا. جڏھن ته ان بابت چٽيون حقيقتون نامعلوم ئي رهنديون. هي واقعا ڪھڙي طرح ظاھر ٿيا انهن جو فقط اندازو ئي ڪري سگهجي ٿو. پر ان جي صحيح ۽ سلسليوار ۽ لاڳيتو ڄاڻڪاري تاريخي واقعن جي دستيابيءَ تي آڌاريل رهندي.“ (11)
اھڙيءَ طرح گلگت بلتستان جي تاريخ جي حوالي سان مشھور ڪتاب ”آئينه ديامر“ انهن مڙني نظرين کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو آهي، پر ڪو به هڪ نتيجو هن ڪتاب ۾ به نه ڏنو ويو آھي ته هي اصطلاح گلگت جي رهواسين لاءِ ڪڏهن کان استعمال هئڻ شروع ٿيو. ڊاڪٽر امر سنگهه چوهاڻ مطابق:
"ھي در اصل مشھور عالم يوناني تاريخدان ھيروڊوٽس (Herodotus) جو متعارف ڪيل نالو آھي. جنھن کي انگريزن به استعمال ڪيو." (12)
سبب ڪھڙا به هجن پر تاريخدانن جي اڪثريت ان ڳالهه تي متفق آهي ته گلگت ۾ رهڻ وارين قومن جو تعلق ’درد‘ قوم سان آھي. پر سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته درد قوم کي پنھنجي تاريخ ڪھڙي آھي ۽ اھا قوم ڪڏھن ۽ ڪٿان کان ھن علائقي ۾ اچي آباد ٿي آھي. جيتوڻيڪ گهڻو ڪري تاريخدانن درد قوم کي ’آريا‘ ڪري ڄاڻايو آھي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ ۾ داردي قومن ۽ آرين جي لھه وچڙ بابت لکي ٿو ته:
”هندستان جي اتر اولھه وارن پھاڙي لڪن مان اتي جي داردي قومن جو ڪشمير کان ملتان تائين رهندڙ ماڻهن مان، اصل آريائي قرابت توڙي مسلسل هجرت ۽ آمد رفت سبب تعلق رهيو، جنھنڪري هن سڄي اُتر-اولھه خطي تي داردي ٻولين جو پڻ اثر پيو. انهيءَ ڪري ڪشميري، ملتاني ۽ سنڌي ٻولين جو رنگ ڍنگ ٻين ’هند-آريائي‘ ٻولين کان نرالو ٿيو ۽ ٽنهي ٻولين ۾ هڪ بنيادي نسبت پيدا ٿي.“ (13)
ڊاڪٽر امر سنگهه لکي ٿو:
”جتي (گلگت ۾) ھڪ ئي نسل جي مختلف آريائي گروهه وسن ٿا. هن علائقي ۾ گلگت کان سواءِ استور، بونجي، هنزه، نگر، پنيال، ياسين ۽ سنڌو ماٿريءَ جي آزاد جمهوريتن کان سواءِ گور، داريل، نگر ۽ هندوڪش جي ڏکڻ ۾ واقع علائقو به شامل آهي. گلگت جو قديم نالو ”ساگن“ هو. هتي ڪنھن زماني ۾ ھندو راجا حڪومت ڪندا ھئا. بعد ۾ ھي نالو ”گليت“ جي نالي سان سڃاتو پئي ويو. تنھن کان پوءِ سکن ۽ ڊوگرن انهيءَ کي بگاڙي گلگت چوڻ لڳا“ (14)
گولا لفظ سنسڪرت جي لفظ ’گلا‘ (کير) جو مخفف آھي. ’گولا‘ لفظ سنسڪرت جي لفظ ’گلا‘ (کير) جو مخفف آھي، ’گولو‘ راڄپوت آھن ۽ چوپائي مال تي گذارن ڪندا آھن.
جيمس ٽاڊ ’تاريخ راجسٿان‘ ۾ لکي ٿو ته:
”يورپ جا گال (Gauls) ۽ ڪيلٽ (Kelts) به سندن شاخون آھن.“ (15)
اڄ به هنديءَ ۾ کير واري کي ’گوالا‘ ڪوٺيو ويندو آهي، جنھن جو مطلب ’مال وند‘ به آھي. ’گلگت‘ تي ھڪ نظر وجهندا ته سائي ۽ سُرهي سيمن سان ڀرپور مالوند لوڪن جي هڪ فطري چراگاهه نظر ايندي. هيٺ مٿاهين، ڏنن ۽ نوڻين مرد ۽ عورتون، ٻڍا ۽ ٻار، ڳئون، رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ چاريندي پيا نظر ايندا. ان ريت ’گلگت‘ جي تز معنيٰ مالوند لوڪن جي جوءِ آهي، جنهن کي ’گال گوٺ‘ يا ’گال گت‘ ۽ ’گليت‘ وارو لفظ ان جي صحيح مفھوم کي ادا ڪري ٿو.
ڪجهه قديم تاريخدانن ’درد‘ قوم کي غير آريائي قرار ڏنو آهي. پر هي آرين نسل نه آهي ته پوءِ انهن جو منڍ ڪھڙو آھي؟ ان تي تحقيق ڪئي وڃي ته اھا ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته ھي غير آريا نسل ڏکڻ سنڌ کان آيل قوم آھي.
”ڏکڻ سنڌ جي مشھور علائقي لاڙ ۾ جهيل يا جهٻير قبيلي جا ھزارين ماڻهو موجود آهن. بھاول پور ۽ پنجاب ۾ به هن قبيلي جا ماڻهو ملن ٿا. انهن جو پيشو گهڻو ڪري مڇي مارڻ تي هوندو آهي. هي ظالم ۽ بي رحم ماڻهو آهن. جيڪي دردستان کان آيا جن ۾ ڪشمير، گلگت ۽ چترال جا علائقا آهن. دردستان جا ماڻهو غير آريائي آهن“. ( 16)
تنھنڪري ھن قوم کي آريائي نسل تسليم به نٿو ڪيو وڃي ته پوءِ اها ڳالهه به واضح آهي ته ان جو اصل منڍ ۽ بنياد ڏکڻ سنڌ آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ’سُر ڪاموڏ‘ داستان ٻئي جو ٻيو بيت ’جهٻير‘
ذات جي ماڻهن جو ذڪري ڪري ٿو.
سَمُيِون ڪَري سينگارُ، راءِ ريجهائڻ آئيون،
ڄامَ هٿن ۾ ڄارُ، جهلي جهٻيرنِ وچ ۾. (17)
تحقيق انهيءَ ڳالهه جي آهي ته ’دردستان‘ جي رهواسين جو تعلق آريا نسل سان آهي يا ناهي. انهيءَ هوندي به تحقيق طلب ڳالهه اها آهي ته اها ’درد‘ قوم ڪٿان کان اچي گلگت ۾ آباد ٿي، اسان جي تحقيق جو بنيادي نُڪتو به اهو آهي. هن سلسلي ۾ تاريخدانن قياس آرائيءَ جي بنياد تي مختلف رايا قائم ڪيا آهن پر ڪنھن ھڪ راءِ تي حتمي ۽ يقيني دليل ڏيڻ کان قاصر آھن.
هڪ ڀانئي/ اندازي طور ھڪ راءِ اهڙي به جڙي آھي، جنھن تي ھن مھل تائين تاريخدانن گهڻو ڌيان نه ڏنو آهي. جيئن چيو ويو ته قديم تحريري مواد ۾ دردستان جي اصليت تي جتي گهڻا نظريا موجود آهن اتي ايترو ضرور ڄاڻايل آهي ته دردستان جا قبيلا به سنڌو ماٿري سان تعلق رکندا آهن. جيڪڏهن قديم مواد ۾ جائزو ورتو وڃي ته اها ڳالهه ظاهر پئي ٿئي ته گلگت جا قديم قبيلا هندستان جي ڏکڻ کان اتر طرف منتقل ٿيا آهن.
اِهو هڪ چراگاهي دور ھو، جنھن ۾ چھچ سائي سيمن جي ڳولا ۾ سدائين مالوند لوڪ رھندا ھئا. انهيءَ دور ۾ واڌو زرعي اُپت ۽ پسوئن (چوپايو مال) جي ججهائي ڏيتي ليتيءَ واري واپار کي جنم ڏنو. اهي ماڻهو نه رڳو ڏکڻ کان اُتر پر اوچتي ٿڌ واري دور (Ice Age) سبب اُتر کان ڏکڻ، ويندي اولھه کان اوڀر ڏانهن به لڏپلاڻ ڪئي اٿن.
”اھو عمل اسلام جي ھندستان ۾ نافذ ٿيڻ کان ڪٿي گهڻو اڳ ۾ ٿيو. اها ڳالهه به غور لائق آهي ته اتر کان منتقليءَ جي تحريڪ ان ۾ مختلف حالتن جي پيش نظر ٿي ۽ منتقليءَ جي اها تحريڪ ان جي هم جنس قبيلن جو ٻين ماٿرين ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ پيدا ٿي هئي. هي ان جي ٻڌمت مذهب جي بجاءِ هندومت جي هڪ شڪل هو.“
”...پنھنجن گهرن کي ڇڏي ھو سنڌو ماٿريءَ جي مٿين حصن ڏانھن وڌيا ۽ رستي ۾ پنھنجيون ننڍيون ننڍيون حڪومتون قائم ڪندا ويا. جن ۾ سڀ کان اھم گلگت ۽ بلتستان جو رياستون ھيون.“ (18)
ان کان اڳ ۾ سنڌومت جي جوڳين، جين مذهب ۽ ٻڌمت وارن به انهن پرانھَن ڏيھن ۾ سانت ۽ ايڪانت، چلن ۽ تپسيا لاءِ اھڙا ماڳ چونڊيا ھئا. اھو ساڳيو طريقو ٻڌمت وارن به اختيار ڪيو، ايلائيسر البينا ڪتاب ’سنڌوءَ جون سلطنتون‘ ۾ لکي ٿي ته:
”ٻڌ ڌرم ۾ جبلن سان محبت ڪئي وڃي ٿي، هر هڪ ’لاما‘ لاءِ ضروري آھي ته ھو زندگيءَ جو ڪجهه حصو عام ماڻهن کان پري جبلن ۾ گذاري.“ (19)
ٻڌمت سنڌو ريشم واٽ کان چين تائين پھتو ۽ اتي پکڙيو، سنڌ ۽ سنڌو نديءَ جي ماٿرين ۾ ھڪ ھزار سال ٻڌمت موجود رھيو.
گلگت بلتستان جي قديم قومن جو تعلق موجوده سنڌ سان هجڻ جو تحريري مواد موجود نه آهي. جڏهن ته موجوده مواد تي تحقيق سان ھي ڳالهه گهڻي حد تائين ظاھر ٿئي ٿي ته گلگت جي ڪجهه قومن ۽ قبيلن جو تعلق سنڌ سان ضرور رهيو آهي.
جڏھن جتي تاريخ ڪجهه نه ٻڌائيندي هجي، اتي ’علم بشر‘ (Anthropology)، قديم آثار ۽ لسانيات جي ارکڻن مان گهڻو ڪجهه تاريخ کان به وڌيڪ جامع نموني تحقيقي اڀياس جوڙي راس ڪري سگهجي ٿي.
”هندستان مان سڪندراعظم (326-325) جي وڃڻ کان پوءِ هندستان ۾ چندر گپتا موريا 324-298 ق.م ۾ قبل مسيح ننڍي کنڊ جي هڪ وڏي علائقي کي پنھنجي سلطنت جو حصو بڻايو. اشوڪا (272-232 ق.م) چندر گپتا جو پوٽو ھو، جنھن پنھنجن موريائي فرمان سلطنت جي ڏورانھن علائقن ۾ به پٿر جي ٿنڀن تي چٽسالي ڪرائي اُڪرايا. گلگت ۾ اين آئي ايل (N I L) مارڪيٽ جي اڀرندي گيٽ وٽ ڪنھن زماني ۾ اھڙو ئي نقش نظر ايندو ھو، ڪجهه عالم هن کي اشوڪا جي لٺ چوندا آهن. انهيءَ حوالي سان چيو وڃي ٿو ته گلگت بلتستان ڪڏهن موريا خاندان (سنڌ جي هڪ خاندان) جي اختيار هيٺ هو.“ (20)
چندر گپت موريا بابت ايم.ايڇ پنھور لکي ٿو ته:
”موريا خاندان بابت ھڪ وڏو امڪان آھي ته ھو جين مت جو پوئلڳ ھو. ھن پاران رائج ڪيل سرڪاري ٻولي پالي (عوامي پراڪرت) ھئي.“ (21)
اهو به ممڪن آهي ته هو قديم سنڌ جي مذهب ’سنڌومت‘ جو پوئلڳ هجي، جيڪو قديم زماني کان سنڌ کان ڪشمير، ڏکڻ ڀارت ويندي عراق ۾ به پکڙيو ۽ گهڻو پوءِ آريائي اثر هيٺ ’ٽمورتيءَ‘ ۾ شامل ٿي ويو.
ايم. ايڇ. پنھور چندر گپ موريا جي فتحن بابت لکيو آھي ته:
”چندرگپت موريا يوناني گادي سنڀالڻ شرط ڏکڻ ايشا جي سياسي دنگ يعني هندو ڪش جبل تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. موريا راڄ 321 ق.م. کان 184 ق.م تائين هليو.“ (22)
موريا حڪومت ۾ ’پالي‘ سرڪاري ٻولي هئي، اهائي ٻڌمت جي پوئلڳن جي مذهبي ٻولي ٿي.
پروفيسر محرم خان وگهامل پنھنجي ھڪ مقالي ’پراڪرتي‘ شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته:
”چندر گپت موريا جو پوٽو اشوڪ پنھنجي پيءُ بندو سارجي مرڻ وقت افغانستان جو وائيس راءِ ھو. اتان اچي ھن ڀائرن سان چار جنگيون ڪيون، پوءِ ’نگر وڌ ڀڪشو‘ جي چوڻ تي توبه تائب ٿيو ۽ ٻوڌ ڀڪشو ٿيو.“ (23)
مشھور ڪتاب ’آئينه ديامر‘ ۾ قديم قومن جي اصليت ۽ آباديءَ تي مختلف رايا قائم ٿيا، جن ۾ هڪڙي راءِ اسان جي راءِ سان گهڻي حد تائين قربت رکي ٿي.
”تاريخن جي اونهي مطالعي کان اها ڳالهه ثابتي تائين پھچي وئي آھي ته سڄي علائقي جي شين (گلگت جي ھڪ قديم قوم) جو تعلق قريش سان آھي. سنڌ جي زوال ۽ عربن جي ظلم ۽ ستم کان ڀڄي ڪري قبائلي علائقن ۾ رھائش اختيار ڪرڻ کانپوءِ ڪوھستاني علائقن جو رخ ڪيو ۽ سڀني اترين علائقن (گلگت بلتستان سميت) ۾ پکڙجي ويا.“ (24)
”گلگت جي پھاڙن ۾ اڄ به ھندن جي ديوتائن (شِوَ ديوتا) جا نقش چٽيل ملن ٿا. انهن تصويرن جي باري ۾ عام راءِ هي آهي ته ٻارهين صدي عيسوي جي شروعات ۾ ڪجهه وقت لاءِ هن علائقي ۾ هندن جي حڪومت قائم ٿي. انهيءَ زماني جون هي تصويرون سنگلاخ پهاڙن تي چٽيل آهن.“ (25)
پر اها ڳالهه انهي ڪري صحيح نه آهي ته ان زماني ۾ هندو آباد نه هئا. بلڪه مسلمان وسندا هئا. ان لاءِ گلگت جي گهڻن ضلعن ۾ گهڻائي سان انهن ديوتائن جي تصويرن جو هئڻ مقامي آبادي جو مسلمان ٿيڻ کان اڳ جو وجود ظاهر ڪري ٿو. جڏهن ته محقق ڪي مستند حوالا ڏيڻ کان قاصر آهن.
اهي اُڪيريل چٽ هزارين سال آڳاٽا آهن، جڏهن هندومت به اُتي موجود نه هو. ڪتاب ’سنڌوءَ جون سلطنتون‘ ۾ الائيسر البينا جن جبلن تي ديوتائن جا تراشيل عڪس ڏسي ٿي، اهي هر صورت ۾ شِوَ جا چٽ چٽيل آهن، انهن ۾ ’ارڌ ناري‘ صورت ڪشي ڪيل آهي. هوءَ لکي ٿي ته:
”اولهه لداخ ۽ چيلاس جي جبلن ۾ اهڙن ديوتائن جا پنجاهه چتر چٽيل آهن.“ (26)
البته قياس اهو آهي ته پھرين آريا ھتي آيا ته انھن جو تعلق هندومت سان ھو، ۽ ھي تصويرون انهيءَ دور جون ٺھيل آھن، جيڪڏھن ان ڳالهه کي تسليم ڪيو وڃي ته پوءِ اھا ڳالهه گهڻي حد تائين واضح ٿئي ٿي ته آريا قوم جو تعلق ميداني سنڌ (قديم سنڌ) سان هو. ان زماني ۾ قديم ’سپت سنڌو‘ وارن علائقن ۾ اڪثريت سان هندو وسندا هئا.
ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته:
”اڄ، سوڌو سنڌ ۽ هند جا گهڻا عالم ان راءِ جا آهن ته، آريا لوڪ اصل ’سپت سنڌو‘ جا رهاڪو هئا ۽ ڪٿان ٻاهران ڪو نه آيا پر پوءِ وڻج واپار ۽ ٻين سببن ڪري ايران، وچ ايشيا ۽ يورپ ڏي ويا.“ (27)
هڪ چيني سياح ’هيون تسانگ‘ ملتان تائين واري سنڌ جي عبادت گاهن خاص ڪري شِوَ جي شوالن بابت لکيو آهي ته:
”ملتان تائين واري عظيم سنڌ ۾ 642 مذهبي عبادت گاهن مان رڳو 273 هندو مت جا مندر آهن، جڏهن ته باقي 233 پسو پتي- شِوَ جا مندر آهن ۽ 39 مختلف مذهبن جون عبادت گاهون آهن. (28)
اسلام کان اڳ سنڌ ۾ ٻڌمت جو زور هو، جيڪو ساندهه هزار ورهيه هليو.
مشھور تاريخدان جان بڊلف ھاڻوڪي يا قديم سنڌ جي بجاءِ ’وادي سنڌ‘ لفظ استعمال ڪندي گلگت ۽ ان جي مختلف وادين ۾ وسندڙ قديم قومن جي آغاز کي گلگت جو ضلعو استور قرار ڏنو آھي.
”استور جي آبادي سنڌو ماٿريءَ کان آيل قومن جي آمد کان پوءِ ٿي، پوءِ اھي قومون ھتان کان اسڪردو ۽ گلگت ۾ آباد ٿيون. ان لاءِ مشھور تاريخدان حشمت الله، گلگت بلتستان جي ماڻهن جي اڪثريت کي ’اقوام سنڌ‘ جو نالو ڏنو آهي“ (29)
محقق کي گذريل ٽن سالن کان سنڌ ۾ رهي ڪري مشاھدي دوران ڪجهه اهم ڳالهيون سامهون آيون. اهي مشاهداتي ڳالهيون ڪنھن حد تائين حقيقت تي مبني آھن. يعني ’دُارد ‘ ھڪ ئي قوم آھي، وسھڻ ۾ اچي ٿو ته دارد لوڪ سنڌو نديءَ جي جابلو لام جا رهواسي هئا، جيڪي پوءِ ڏکڻ پنجاب ۽ اتر سنڌ تائين پکڙيا، جنھن کي پيشي جي اعتماد کان چئن ذاتين ۾ ورھايو ويو آھي. اھا قوم حقيقت جي لحاظ کان سرزمين سنڌ سان تعلق رکي ٿي انهيءَ ’ڀانئي‘ جي پٺيان ڪجهه سبب آهن، جن جي بنياد تي اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته گلگت جي قديم قومن جو منڍ ۽ محور سنڌ ئي آهي.
1: دردستان جي قديم قوم شينا جون (’شينا‘ کي ’شنا‘ به لکيو ويو آهي) آهن. شينا کانپوءِ ئي شين ۽ يشڪن قبيلا ٿيا آهن.
محقق جڏهن شينا جو ماضي هاڻوڪي سنڌ ۾ تلاش ڪيو ته معلوم ٿيو ته هن دور ۾ به سنڌ ۾ هڪ قبيلي جو نالو شينا (ڪجهه جاين ۾ شينو) موجود آهي. اهو ممڪن آهي ته گلگت جي قديم قبيلن جيڪي سنڌ کان هجرت ڪري انهن علائقن ۾ هليا ويا آهن. انهن جو تعلق ان قوم سان هو. ڇاڪاڻ ته شينا جي باري ۾ جيترا به رايا موجود آهن اهي حتمي ۽ يقيني نه آهن. ڇاڪاڻ ته هاڻوڪن سنڌين ۽ گلگتين جي رهڻي ڪھڻيءَ ۾ تمام گهڻي ويجهڙائي ۽ ھڪجھڙائي ملي ٿي.
2: ھاڻوڪي سنڌ ۽ سنڌي قبيلن (قديم گلگتي قبيلا) ۾ تھذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان به گهڻيون هڪجھڙائيون رکن ٿا. هڪ مشاهدي ۾ آيو آهي ته هاڻوڪي سنڌ جي ٻھراڙين ۾ سياري جي مند ۾ ڪاٺيون گڏ ڪري آڙاهه ٻاري، سڄيون سڄيون راتيون ان جي چوڌاري ويٺلن کي سگهڙ ماڻهو سنڌي لوڪ ادب جون ڪھاڻيون، داستان (قصا) ۽ شعر و شاعري ٻڌائيندا آهن. اها روايت هوبھو گلگت جي ٻھراڙين ۾ اڄ به موجود آهي. سياري جي ڊگهين ٿڌين راتين ۾ لوڪ ادب جون محفلون ۽ ’مچ ڪچھريون‘ ڪيون وينديون آهن.
اهڙيءَ طرح سياري جي مند ۾ ديسي گيھه سان مٺائي، ڪارا مرچ وغيره ملائي ڪري هڪ خاص قسم جو طعام تيار ڪيو وڃي ٿو، جنھن کي شينا ۾ ’ھاوڪ‘ چيو وڃي ٿو. انھيءَ جھڙو طعام ھاڻوڪي سنڌ ۾ به آھي جنھن کي ’بُسري‘ چيو وڃي ٿو.
3: سنڌو ندي گلگت بلتستان ۽ هاڻوڪي سنڌ جي وچ ۾ سماجي تعلق، گڏيل تھذيب ۽ تمدن جو هڪ مکيه وسيلو آهي. سنڌو نديءَ کي سرزمين سنڌ سان منسوب ڪندي سنڌو درياهه چيو وڃي ٿو.
جڏهن ته هڪ راءِ گلگت بلتستان جي پس منظر ۾ سامهون اچي ٿي جنھن کي تاريخدانن اڃا تائين بيان ناهي ڪيو.
”سنڌو ندي پنھنجي پھرين مرحلي ۾ ڏکڻ تبت کان وهندي ايندي آهي. تبت ماٿريءَ کي ڇڏيندي ئي پنھنجي رواني کي برقرار رکندي، هي ضلعي لداخ کان لنگهي ٿي ائين هي ندي هن هنڌ کان بلتستان، گلگت جا انيڪ علائقا، ڪوھستان ۽ رياست سوات کان لنگهندي اٽڪ وٽ ان جي سڀ کان وڏي ڀارتو ندي ”ڪابل تائين وڃي رسندي آھي.“ (30)
گلگت بلتستان جي پھاڙن کان گليشيئرز جو پاڻي ننڍن ننڍن درياهن جي صورت ۾ وهندو آهي.
”انهن ندين ۾، شيوڪ ندي، خيل، شگر ۽ گلگت نديون شامل آهن ۽ اهي درياهه به ٻين ننڍن درياهن ۽ ندين جي ملڻ سان وهندا آهن. انهن جي وهڻ جي شروعات گليشيئرز آهن، جيڪي اونهاري جي مند ۾ وگهرجي ڪري سنڌو نديءَ ۾ ٻوڏ جو ڪارڻ ٿين ٿا. گليشيئرز جيڪي ٻين ندين جي وهڻ ۾ مددگار ٿين ٿا. انهن ۾ ديامر، بيافو، برالدو ۽ مستوج شامل آهن.“ (31)
سڄي سنڌو ماٿر جي ننڍين وڏين ماٿرين جي جياپي ۽ بقا جو دارو مدار مٿين جابلو ماٿرين تي آهي. جتان سنڌو ندي جهرڻن جيان ڪئلاش مان وهي نڪري ٿي ۽ پاڻ سان گڏ انيڪ الھڙ ندين کي ساڻ ڪري هڪ وشال نديءَ جو روپ ڌاري هلي ٿي. اتاهين سنڌو ماٿرين ۾ انيڪ گليشيئر- بارفا آهن، جيڪي جهجهي پاڻيءَ جي اوت سان هن کي ڀرپور ۽ ٻلوان بڻائن ٿا.
گلگت بلتستان جي ڏاهن ۽ وڏڙن جو اهو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سياري جي مند ۾ برفباري وقت کان اڳ ۾ ٿئي ته هتي برف نٿي پگهري پر اونهاري جي مند ۾ جڏهن گرمي پنهنجي اوج ۽ جوڀن تي ھوندي آھي ته اھا برف گليشيئرز سان گڏ پگهرجڻ شروع ٿيندي آھي، جنھن سان ٻوڏ جو خدشو وڌي وڃي ٿو. جنهن سال گلگت بلتستان ۾ وقت کان اڳ برف باري ٿي آهي ته ايندڙ سال جي اونهاري ۾ اتر سنڌ ۾ ٻوڏ جو خطرو وڌيڪ ٿي ويندو آهي.
بھرحال سنڌو ندي جنھن جو منڍ گلگت بلتستان ۾ آھي، ھن درياھه کي شينا ٻولي ۾ ’سن‘ چيو وڃي ٿو. شينا ۾ ’سن‘ جي معني وڏو درياهه آھي. تنھنڪري عين ممڪن آھي ته سنڌ جو نالو شينا ٻوليءَ ۾ ضم ٿي ويو ھجي يا وري لفظ ’سن‘ سنڌي ٻوليءَ مان نڪتو ھجي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سن‘ يا ’سين‘ جي معنيٰ ’شينھن‘ به آھي، ڪيلاش پربت مان سنڌوندي شينھن جي صورت واري جهرڻن جي شڪل ۾ ڪيلاش پربت کان وھي نڪري ٿي:
”سنڌ جي تاريخ ۾ مولوي نور محمد نظاماڻيءَ، راجا ڏاھر جي هڪ ڀاءُ جو نالو ’ڏھرسين‘ ڄاڻيو آهي.“ (32)
شاهه لطيف پنھنجي رسالي جي سُر ’شينھن ڪيڏاري‘ ۾ لفظ ’سينھ‘ ڪتب آندو آھي.
نِيھه سيچاڻي سِينھَ، ٽنهين قَصَدُ ڪبَابَ سين (33)
اهڙيءَ ريت اٽڪ وٽ سنڌو درياهه کي ’آب سين‘ (اباسين) چيو ويندو آهي. جنهن جو مطلب ’شينھن درياهه‘ جو پاڻي آهي اِهو نالو تبت کان وٺي لاڳيتو پيو هلندو اچي.
4: دردستان جي قومن جي ٻولي شينا آهي. جيڪا هاڻوڪي دور ۾ گلگت بلتستان جي سڀ کان وڏي ٻولي آهي.
”دنيا جي مڙني ٻولين جا ڪل اٺ خاندان آهن. جن مان هڪ هند يورپي آهي جنهن جا اٺ خاندان ٻڌايا وڃن ٿا، جن مان هڪ هند ايراني آهي، جنهن کي هڪ شاخ پشاچه آهي. پشاجه کان مختلف ٻوليون وجود ۾ آيون آهن انهن مان هڪ شينا به آھي.“ (34)
سنڌي ٻوليءَ جو تعلق به لسانيات جي لحاظ کان انهي خاندان يعني هند ايراني سان آهي تنھنڪري هن خاندان جي مڙني خاندانن جو هڪٻئي سان هڪجھڙائپ ٿيڻ ھڪ يقيني ڳالهه آهي. شينا ٻولي هڪ قديم ۽ سنڌو ماٿريءَ جي اهم ٻولي آھي. جنھن جي ماءُ (امڙ) هڪ اندازي موجب ’پشاچه ‘آهي.
”سنڌي، لھندا ۽ داردي جي ٻولين جي مخصوص ماھيت انهيءَ ڳالهه جو اشارو ڪري ٿي ٿي ته ان جو بُڻ هن قديم آريائي ٻولين جي گڏيل نسل ۾ ڳولڻ کپي ته جيڪي ابتدائي آريائي نئين آبادين جي وقت ۾ سڄي سنڌ ۾ ڳالهايون وينديون هيون. اها ڳالهه اڳ ۾ ئي مڃي وئي آهي ته داردي ٻولين جي ماء پشاجي (پشاچي) هڪ قديم ٻولي هئي، اها هن طريقه اظهار جي ڌيءَ ناهي، جڏهن ته ڀيڻ جيڪا بالآخر ترقي يافته صورت اختيار ڪري ادبي سنسڪرت جي روپ ۾ جلوه افروز ٿي.“ (35)
حقيقت اِها آهي ته، پئشاچه ۽ ناگرڪ ڀاشائن جي سولي ۽ تھذيب واري معنيٰ ’ڳوٺاڻي ٻولي‘ ۽ ’شھري ٻولي‘ ٿيندي. سنڌو سڀيتا ھڪ شھري رٿابندي واري ننگر ۽ شھر جوڙيندڙ تھذيب ھئي. ھن جي شھرن جو ڳاڻيٽو ٻن ندين: ھاڪڙي ۽ سنڌوءَ کان سواءِ ٻين انيڪ ماڳن ۽ ندين تي 3000 کان مٿي رھيو ھو. ان ڪري ’پئشاچه‘ جي بڻ واري ڳالهه رڳو هڪ اندازو ئي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ٻوليءَ ۽’ناگر ڀاشا‘ جو بنيادي تعلق ٻڌائيندي لکي ٿو ته:
”سنڌي اُپڀرنش ۽ ’ناگر‘ جو رشتو ايترو آهي جو ٻئي هڪ بنياد مان اُسريون آهن.“ (31)
هو وڌيڪ لکي ٿو ته:
”موجوده سنڌي ٻولي سنئون سڌو سنسڪرت مان نڪتل ناهي، بلڪه سنسڪرت کان اڳ واري مقامي پراڪرت يا پراڪتن مان اُسري آهي. اُها ھند آريائي‘ آھي، ’لھندا‘ سرائڪي، بھاولپوري، ملتاني، ديري والي، ھندڪو، ’ڪشميري‘ ۽ اُترين سنڌو ماٿر جون ’داردي‘ ٻوليون ان جون ڀينرون آھن.“ (37)
’پراڪرت‘ جي معنيٰ ’پرجاڪرت‘ (عوامي ٻولي) سنسڪسرت معنى ’سمسڪرت‘
خاص ماڻهن جي ٻولي آهي. ساڳيءَ ريت ’پالي‘ جي معنيٰ به عوامي ٻولي آهي. ان ۾ سنڌو ماٿر جو ’شينا‘ سوڌو سموروين عوامي ٻوليون ان ساڳئي بُڻ وارين ٻولين ۾ اچي وڃن ٿيون.
سنڌي ٻوليءَ جي شينا ٻوليءَ سان ھڪجھڙائي، ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ تمام گهڻي دلچسپ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڏسجي ٿي. ان لاءِ اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته شينا ٻولي ۽ سنڌي ٻولي ۾ قديم زماني کان هڪ سماجي تعلق رهيو آهي. ’شينا ٻولي‘ ۽ ’سنڌي ٻولي‘ ۾ نه فقط لفظن جو وڏو تعداد گڏيل آهي، پر محقق جي اندازي مطابق چاليھه سيڪڙو کان وڌيڪ شينا ٻوليءَ جا لفظ سنڌي آهن. بلڪه پورا جملا ۽ مرڪبات شينا ۽ سنڌي ٻوليءَ جا هڪجھڙا آهن. ان حوالي سان زندگيءَ جي ڪجهه وڏن شعبن کان رابطي ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ هتي بيان ڪجن ٿا.
ڏينهن جي نالن ۾ هڪجھڙائپ
(نوٽ : مضمون ۾ ھِن جاءِ تي ٽيبل ڏنل آھي، جيڪا پي.ڊي.ايف ۾ ڏِسي سگهو ٿا [ادارو] )
نتيجو: مٿي ڄاڻايل لساني حوالن ۽ مشاھدن کانپوءِ اھا ڳالهه گهڻي حدتائين واضح ٿئي ٿي ته گلگت بلتستان جي ’شينا ‘ قوم جوتعلق هاڻوڪي سنڌ سان به ٿي سگهي ٿو.
آريائي ٻولين جا ٻه وڏا گروهه ٺاهيا ويا آهن، هڪ اتر اولھه ۽ ٻيو وچون سڏجي ٿو. پاڻيني، رگ ويد، ۽ رامائڻ کي جيڪڏهن اسان معتبر ذريعو يا حوالو (source) قرار ڏيون ته جي ان جي قدامت جو اندازو 1500-600 قبل مسيح ٿئي ٿو. هن ٽولي ۾ اٽڪل 13 ٻوليون ڳالهائيندڙ ٽولا شامل آهن.
ٻولين جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته شينا جي شروعات وچ ايشيا ۾ ڪاڪيشا جي ميدانن ۽ ماٿرين ۾ ٿي شينا ڳالهائيندڙ مختلف دورن ۾ لڏپلاڻ ڪندا رهيا آهن.
گلگت بلتستان جي شينا ٻولي ڳالهائيندڙ قوم جي مماثلت سنڌ جي اتر اولھه ۽ اتر ڏکڻ علائقن سان ھئڻ جا به ڪجهه دليل موجود آھن.
قديم گلگت بلتستان جي تاريخ جو لکت ۾ مواد نه هئڻ سبب گهڻو ڪري نظريا لساني ۽ بشرياتي هڪجھڙائين ۽ انهن جي آڌار تي جوڙيل مفروضن تي قائم آهن.
ان لاءِ هن مقالي ۾ مفروضن بدران، موجود مواد جو تجزيو ڪندي هاڻوڪين لساني ۽ سماجي ھڪجھڙاين وسيلن جي ذريعي تحقيق ڪئي وئي آهي.
هي مقالو گلگت بلتستان جي عالمن کان وسري ويل ۽ نظرانداز ڪيل قديم قومن جي اصل نسل ۽ بڻ بنياد جي پروڙڻ ۾ معاون ۽ مددگار ثابت ٿيندو.
گلگت بلتستان جي لوڪن ۽ ٻولين جو تعلق هاڻوڪي سنڌ سان هجڻ يا نه هجڻ بابت هڪ نئنن تحقيق جو باب کلي ويندو. جنھن تي مستقبل ۾ محقق پنھنجا پنھنجا علمي ۽ تحقيقي رايا پيش ڪندا.


حوالا
1. پنھور، ايم.ايڇ. سنڌيڪار: ٻرڙو محبت، (2010ع)، ’آڳاٺي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي‘، مرتب: رياضت ٻرڙو: ’سنڌ جو ٻوليون‘ 105-60، قنبر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، ص 60-61.
2. البينيا، ايلائيسر، سنڌيڪار: بخاري مظفر، (2013ع)، ’سنڌوءَ جو سلطنتون‘، ڪراچي: نيرون بڪس، صفحو: 11.
3. Bellew H.W (1979) the Reos of Afghanistan Lahore: Sang-e-Meel Publication Page No: 2
4. پنھور، ايم.ايڇ. سنڌيڪار: ڀنڀرو، عطا محمد، (2004ع)، ’سنڌ جي تجارتي تاريخ‘، مرتب: ڀنڀرو، عطا محمد، ’ڀنڀور بندر وسيلي سنڌ جي بين الاقوامي تجارت، 80-110ڪنڊيار، روشني پبليڪيشن.
5. ڊاڪٽر امر سنگهه چوهان جي ڪتاب The Gilgit Agency جو ترجمو ”تاريخ گلگت“ مترجم: ڊاڪٽر عظمي سليم/شير باز علي خان برچه، سن (نامعلوم)، لاهور، جمهوري پبليڪيشنز، (صفحو 167).
6. وزير محمد اشرف جي ڪتاب، ‘The Hinter Land of Asia’، جو ترجمو ”دور افتاده“ نالي مترجم: بشيرالله خان مصطفوي، (صفحو 25) سن 2015ع نارٿ بڪس مدينه سپر مارڪيٽ گلگت. محمد شفيع استوري جي ڪتاب ”نانگا پربت ڪي گمنام واديان“ (صفحو 31) سن (نامعلوم) هماليه پبليشرز شمالي علاقه جات گلگت
7. ڪرنل واثق احمد خان، ’بلورستان‘، مترجم منظوم علي ليڪچرار شعبو جغرافيه، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گلگت.
8. بلوچ، نبي بخش خان، 1999ع، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ ڄامشورو: پاڪستان اسٽڊي سينٽر يونيورسٽي آف سنڌ، ص 4
9. پنھور، ايم،ايڇ، سنڌيڪار: ٻرڙو، محبت (ڊاڪٽر)، (2010ع)، ’آڳاٺي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي‘، مرتب: ٻرڙو، رياضت، ’سنڌ جون ٻوليون-آمريءَ کان منصوره جي ميسارجڻ تائين‘، 60-105، قنبر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، صفحو: 64
10. خان، محرم (2007ع)، ’سنڌ- سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري (آڳاٽو دور)‘، مرتب: جويو، محمد ابراهيم، ’پراڪراتي شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ‘، 87-168، ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ:108
11. ڊاڪٽر امر سنگهه چوهان جي ڪتاب The Gilgit Agency (صفحو 11،12)
12. ڊاڪٽر امر سنگه چوهان جي ڪتاب The Gilgit Agency (صفحو 12)
13. بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر) (1999ع)، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ڄامشورو: پاڪستان اسٽئڊي سينٽر، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو، ص: 4
14. ڊاڪٽر، امر سنگهه چوهاڻ جو ڪتاب ‘The Gilget Agency’، ص: 12
15. Tod, James, (1829), ‘The Annals and Antiquities of Rajhistan’, (Vol: I & II), London: Published by: Smith Elder and Co. 65 and Cornhill Catkin and Budd Book Sellers to this Majesty Pall-Mall. (Page 30)
16. محمد شفيع استوري جي ڪتاب ”نانگا پربت ڪي گمنام واديان“ (صفحو 32)
17. بلوچ، نبي بخش خان (2009ع)، ’شاهه جو رسالو‘ (شاهه جي سوانح ۽ فڪر سميت پنجاهه قلمي جملي رسالن سان ڀيٽيل متن سان سڄو صحيح رسالو)، ڪراچي: ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، صفحو: 279
18. سرتاج خان جي ڪتاب، آئينه ديامر، سرتاج خان نيوز ايجنٽ اينڊ جنرل آرڊر سپلائزر، هربن داس چلاس (صفحو 36)
19. البينيا، الائيسر، (2013ع)، ’سنڌوءَ جو سلطنتون‘، ڪراچي: نيرون بڪس، صفحو: 188
20. وزير محمد اشرف جي ڪتاب The Hinter Land of Asia (صفحو 135)
21. خان، ۾هرم (پروفيسر)، (2007ع)، ’سنڌ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري‘ (آڳاٽو دور): مرتب: جويو، محمد ابراهيم، ’پراڪرتي شاعريءَ شروعات ۽ قديم سنڌ‘، 87-168، ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، صفحو: 82
22. Panhwer M.H (October 2011) Sixthousnd Years of History of Irrigation in Sind, Karachi: Published by Department of Culture, Government of Sindh, Page No. 83-117.
23. خان، ۾هرم (پروفيسر)، (2007ع)، ’سنڌ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري‘ (آڳاٽو دور): مرتب: جويو، محمد ابراهيم، ’پراڪرتي شاعريءَ شروعات ۽ قديم سنڌ‘، 87-168، ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، صفحو: 99
24. سرتاج خان جي ڪتاب ”آئينه ديامر“ (صفحو 144)
25. پاڪستان ڪا ثقافتي انسائڪلو پيڊيا، شمائلي علاقه جات، ايڊيٽر: سيد محمد علي، اسلام آباد لوڪ ورثه، (صفحو 9)
26. البينيا، الائيسر، (2013ع)، ’سنڌوءَ جو سلطنتون‘، ڪراچي: نيرون بڪس، صفحو: 294-296
27. آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند، (2008ع)، ’قديم سنڌ‘، ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، صفحو: 10
28. Boivin, Michel, (2008), ‘Sindh Through History and Representations’ (French Contributions to Sindhi Studies), Oxford, Page: 23
29. جان بڊلف جي ڪتاب Tribes of the Hindukash، جو ترجمو ”هندوڪش ڪي قبائل“ سن 2012ع (صفحو 209،210) مترجم: ظفر حيات پال، نارٿ پبليڪيشنز مدينه مارڪيٽ گلگت.
30. وزير محمد اشرف جي ڪتاب ”The Hinter Land of Asia“ (صفحو 55)
31. وزير محمد اشرف جي ڪتاب ”The Hinter Land of Asia“ صفحو (نمبر 56)
32. نظاماڻي، نور محمد (مولوي)، (1988ع)، ’تاريخ سنڌ (ڀاڱو پهريون) (ڇاپو ٽيون)، ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، صفحو: 91
33. بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، (2009ع)، ’شاهه جو رسالو‘ (شاهه جي سوانح ۽ فڪر سميت پنجاهن قلمي ۽ جملي ڇاپي رسالن سان ڀيٽيل متن ۽ معنيٰ وارو زيرن زبرن سان سڄو صحيح رسالو)، ڪراچي: ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، صفحو: 432
34. سيد محي الدين قادري جي ڪتاب جو صفحو 42، ڇپجڻ جو سال 1992، عزيز پبلشرز لاهور.
35. سرتاج خان جي ڪتاب ”آئينه ديامر“ جو صفحو 37.
36. بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، (1999ع)، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ ڄامشورو: پاڪستان اسٽئڊي سينٽر، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو، صفحو: 32
37. بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، (1999ع)، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ ڄامشورو: پاڪستان اسٽئڊي سينٽر، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو، صفحو: 33
38. http://www.saskenshina.com/scl/node/33114 (19-10-2018)

718 ڀيرا پڙهيو ويو