سنڌي دوهي جي اوسر ۽ ارتقا جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس
(Evolution of Sindhi Couplet/ Doha: A Critical Analysis)

پروفيسر عبدالله ملاح

Abstract
Doha is one of the oldest genres of Hindi and Sاindhi poetry. Doha is a couplet consisting of two self-contained lines based on 24 instants (Matras). Kabir, Mirabai, Tulsidas and some other Hindi poets lay its foundation and through them this genre entered the realm of Sindh poetry in the end of the fourteenth century. Among classical poets of Sindh poetry Qazi Qadan, Shah Karim, Lutifullah Qadri, Shah Abdul Latif, have preeminently contributed in the genre of Doha. From the modern Sindhi poets, Shaikh Ayaz and Narayan Shayam have significantly contributed to this genre. This research article analyzes the definition and history of Doha in the light of previous research works, history and views of various scholars of Sindhi language. It has been found that Doha has entered in Sindhi poetry through Hindi poets and it has great thematic and ideological similarities and equalities of techniques.

سنڌي شاعريءَ جي مقبول عوامي صنفن: ڳاهه، دوهي، وائي، بيت ۽ ڏور توڙي لوڪ شاعري جي ارتقا ۽ اوسر جي تاريخ تي ڪيترن محققن ڪم ڪيو آهي، پر اهي صنفون جيتريون پنھنجي جوھر ۾ عوامي تجربن جو خزانوآهن، يا جيترو پنھنجي دور جي، سياسي، سماجي ۽ معاشي تاريخ بيان ڪن ٿيون، ۽ همعصر دور جي زندگيءَ جي جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪن ٿيون، اوترو انهن صنفن تي تحقيقي ڪم نه ٿي سگهيوآهي. سنڌ ۾ ڇاڪاڻ ته عربي ۽ فارسي حڪمرانن جي درٻاري ٻولي طور استعمال ۾ رهي، انڪري عربي ٻوليءَ جي شاعراڻي صنفن کي ته عالمن موزون شاعري قرار ڏنو، پر سنڌي ٻوليءَ جي اڪثر شعري صنفن کي ماضيءَ ۾ جهنگلي ۽ ناموزون تُڪ بندي، يا واندڪائيءَ جي وندر قرار ڏئي وڌيڪ گهڻ رخي تحقيق نه ڪئي وئي. سنڌي ادب جي ڪجهه تاريخدانن به انهن عوامي صنفن تي ڪا جامع تحقيق نه ڪئي يا انهن صنفن تي لکڻ ضروري نه سمجهيو ويو. ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل به لکيو ته:
”اهو ٻڌائڻ ته سنڌي شعر ڪڏهن ۽ ڪيئن شروع ٿيو، پڻ مشڪل کان خالي ڪونهي، هر قوم جو آڳاٽو شعر اڻ سڌريل ۽ جهنگلي قسم جو هوندو هو“. (1)
مرزا قليچ بيگ، سنڌ جي علمي ادبي تاريخ تي تمام گهڻو ڪم ڪيو، سندس تحقيقي تاريخي، تخليقي ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن سنڌ جي علمي ادبي دنيا کي ته روشن ڪيو، پر مٿس ان عام راءِ جو اثر به گهڻو رهيو، ته سنڌي ٻولي جي شاعريءَ جون صنفون ناموزون آهن، اهي اهڙيون ناهن، جو ويھي تحقيق ڪري، انهن تي وقت وڃائجي! اڳتي هلي جن محققن شاهه ڪريم بلڙيءَ واري کي سنڌي ٻوليءَ جي شاعري جو چاسر ۽ وهائُو تارو قرار ڏنو، يا جنهن جي شاعريءَ کي سنڌ جي سموري شاعريءَ جي بنيادي سرزمين قرار ڏنو ويو، ان سنڌ جي اساسي ۽ ڪلاسيڪل شاعر جي شاعريءَ لاءِ ’رسالا ڪريمي‘ ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب لکيو ته
”شاهه ڪريم جي شاعري اهڙي ناهي جو کيس سنڌ جو شاعر چئي سگهجي!“ (2)
سنڌي ٻوليءَ جي ٻين عوامي صنفن سان گڏ سنڌ ۽ هند جي ٻولين جي قديم ترين ۽ صدين کان رائج عوامي شاعراڻي صنف ’دوهي‘ سان به گذريل وقت ۾ ڊگهي عرصي تائين وڏي قلمي بي مُروتي ٿي آهي. سنڌ جي ادبي تاريخ جي ماخذن ۾ انهيءَ صنف بابت تمام ٿورڙو ۽ غير واضح انداز ۾ نالي ماتر ٻه چار سٽون لکيل آهن. جڏهن ته سنڌ جي سموري ’ٻه سٽي‘ شاعريءَ جي بنيادي سرزمين ’ڳاهه‘ ۽ ’دوهو‘ آهي. ڪيترن زمانن کان مقبول هن صنف توڙي بيت ۾ به دوهي جي قافيي کي اڳيان پويان وچ ۾ رکي جوڙيا ويا آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ته اهو به چوڻ آهي ته:
”بيت اڌ دوهو، سورٺو دوهو، سورٺو سنڌ جي محققن جا ’خود ساخته ‘مصنوعي نالا رکيل آهن، اصل ۾ سمورا بيت هندي شاعريءَ جي صنف آهن. جيئن بڙو دوهو، کرو دوهو، تڻويري دوهو وغيره آهن(3)
جن محققن سنڌي شاعريءَ جي صنف ’دوهي‘ کي جهنگلي ۽ ناموزون تُڪ بندي تي ٻڌل رڳو سگهڙن جو بي جان هنر قرار ڏنو آهي، انهن شايد صحيح معنى ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم، لطف الله قادريءَ، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ شاهه عنات رضويءَ کي نه پڙهيو آهي! ڇاڪاڻ ته ان شاعريءَ کي فني اعتبار کان هو ’موزون‘ شاعري مڃڻ لاءِ تيار نه هئا، باقي سنڌ جي انهن شخصيتن سان سندن محبتون هيون. شاهه ڪريم جي زندگيءَ تي مرزا قليچ بيگ ’رسالا ڪريمي‘ ڪتاب لکيو. هُن شاهه لطيف جي شاعريءَ جا ترجما به ڪيا، سندس سوانح تي به لکيو، پر پاڻ هن عوامي صنف کي ’موزون صنف‘ مڃڻ لاءِ تيار نه هو! سندن علم موجب شاعري جو وزني نظام فقط عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جو ’علم عروض‘ آهي. جڏهن ته ڇندوديا به شاعريءَ جو سگهارو وزني نظام آهي، جنھن نظام جي آڌار تي هندستان ۾ سنڌ ۾ سوين سالن کان ’ٻه سٽي‘ شاعري سرجندي رهي آهي. ان طرف شايد ورهاڱي کان اڳ يا ٿورو پوءِ جي محققن جو ڌيان نه هو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي مطابق:
” جن عالمن سنڌ جي ’ٻه سٽي‘ شاعريءَ کي ناموزن ۽ جهنگلي قرار ڏنو آهي انهن کي ڇندوديا جي وزني نظام جي خبر نه هئي “(4)
تحقيق جو سلسلو اڻ کٽ هوندو آهي، زندگيءَ ۽ سماج جا سڀ رُخ هڪ ئي وقت زماني ۾ ظاهر نه ٿيندا آهن، وقت بوقت تحقيق سان نوان پھلو سامهون ايندا آهن. جيئن اڳ ۾ ٻوليءَ يا ان جي ڪارج بابت جيڪي دنيا ۾ نظريا هئا، ٻوليءَ جي نون ڪارجن ۽ قدرن جي دريافت کان پوءِ اهي هاڻ نظريا پراڻا ٿي ميسارجي چڪا آهن. زندگيءَ ۽ سماج بابت اڳ ۾ جيڪي نظريا روسو، افلاطون ۽ ارسطو ڏنا هئا، اهي ڪارل مارڪس جي ڏنل نظرين سان بدلجي چُڪا آهن. زندگيءَ جي تخليق، وجود ۽ ارتقا بابت چارلس ڊارون جي ارتقا واري نظريي کان پوءِ گهڻا آڳاٽا نظريا پنھنجي اهميت وڃائي چڪا آهن.
اڻڄاڻائي ڪو ڏوهه ناهي، ان لحاظ کان سنڌي شاعريءَ جي صنفن: بيت، ڳاهه ۽ دوهو موزون شاعري آهي، اها شاعري ڇند وديا جي قاعدن تي آڌاريل آهي، جيڪا ڄاڻ اسان جي محققن کي اڳ ۾ نه هئي، انهن تعصب يا ڪنھن ٻي لالچ سبب سنڌ جي شاعريءَ کي جهنگلي ۽ ناموزون شاعري چئي رد نه ڪيو هو، بلڪه انهن کي سنڌي شاعريءَ جو وزني نظام يا قاعدو سمجهه ۾ نه آيو. پر اڳتي هلي سنڌ ۽ هند جي محققن، عالمن، دانشورن، ۽ تاريخدانن تحقيق ڪري ثابت ڪيو ته هند توڙي سنڌ جي سمورن آڳاٽن شاعرن جي شاعريءَ ۾ ’دوهو‘ اهم ۽ مشھور صنف رهي آهي. هند ۽ سنڌ جي سموري ’ٻه سٽي‘ ۽ ٻه تُڪي شاعري، هند ۽ سنڌ جي مقبول نظام ’ڇند وديا‘ تي آڌاريل آهي، جيڪو شاعريءَ جو نامور سگهارو، قابل قبول وزني نظام آهي، ان نظام تحت سنسڪرت، ديوناگري، اپڀرنش پراڪرت، هندي ۽ سنڌي ٻولين ۾ صدين کان، انيڪ شاعرن مختلف موضوعن تي ۽ پنھنجي دور ۽ زماني جي انسان دوست سماجي قدرن جي سلامتي ۽ بقا لاءِ لازوال شاعري سرجي آهي.
هاڻ دوهن توڙي سموري ٻه سٽي شاعريءَ لاءِ ’ڇند وديا‘ نظام قبول ڪيو ويو آهي ۽ ان نظام تحت ڪيل سموري شاعريءَ کي موزون شاعري قرار ڏنو ويو آهي.
دوهي جو فني تعارف:
دوهو هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لفظي معنى ٿيندي ٻيڻو. دوهي جي اوسر، ارتقا ۽ فني سٽاءَ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته دوهو هندي ۽ سنڌي ڪلاسيڪل اساسي شاعريءَ جو، هند- سنڌ جي قديم ٻولين جو، صدين کان موجود ۽ مقبول مختلف سماجي مذهبي ڪارج پورا ڪندڙ، زندگيءَ جي جذبن، احساسن، داخلي، خارجي ڪيفيتن جو ترجمان ۽ مختلف سماجي، مذهبي ۽ زندگي جي سماجي قدرن کي نپائيندڙ ۽ سانڍيندڙ، رڌم ڀريو، مختصر فني سٽاءَ واري ’ڇندوديا‘ جي وزني نظام تي آڌاريل اهو شعر آهي، جنھن جي تمام مختصر فني سٽاءَ جي قطري ۾ تمام وڏن خيالن جذبن، احساسن، سماجي قدرن ۽ اخلاقي قدرن جي تصورن جا سمنڊ سمايا پيا آهن. دوهو قديم ٻولين جي مختلف خيالن، تصورن، نظرين، مذهبن کان ٿيندو وڏو، ڊگهو ارتقائي سفر ڪري هن منزل تي پهتو آهي.
دوهو چئن پدن ۽ ٻن مصرعن تي ٻڌل اهو شعر آهي، جنھن جو وزني نظام ’ماترڪ ڇند‘ تي بيٺل آهي. ڊگهي ۽ متحرڪ لفظ جي اُچار لاءِ ٻه گرو ماترائون؛ ڇوٽي ۽ ساڪن اُچار لاءِ هڪ لگهو ماترا؛ ساربي، دوهي جي پھرين ۽ ٽيئن پد ۾ 13، 13 گرو ۽ لگهو ماترائون هونديون آهن؛ ٻئي ۽ چوٿين پد ۾ 11، 11 گرو ۽ لگهو ماترائون ٿينديون آهن. دوهي جي ٻنهي مصرعن ۾ ڪُل 48 گُرو ۽ لگهو ماترائون هونديون آهن، هر مصرع جنھن کي دل به چئبو آهي، اها 24 گرو ۽ لگهو ماترائون تي بيٺل هوندي آهي. دوهي جو سٽاءُ هن ريت آهي:
مصرع/ دل 1: پھريون پد / ڀاڱون / قدم ساھي ٻيو پد / قدم / ڀاڱو قافيو
13 ماترائون 11 ماترائون 24 ماترائون
مصرع / دل 2: ٽيون پد / قدم / ڀاڱو ساھي چوٿون پد / قدم / ڀاڱو قافيو
13 ماترائون 11 ماترائون 24 ماترائون
ٻن مصرعن چئن پدن ۾ ڪُل 48 گُرو ۽ لگهو ماترائون ٿينديون.
الياس عشقي صاحب پنھنجي شعري مجموعي ’دوها هزاري‘ ۾ دوهي جي فني سٽاءَ بابت منظوم سمجهاڻي هن ريت ڏني آهي.
دو دل چرن چار ہوں تک آخر میں آئے
کل چوبیس ہوں ماترے تو دوھا کہلائے
یاد رکھے کوئی اگر اتنی بات سلیس
چاروئوں چرنون میں رہیں ماترے اڑتالیس

تیرا گیارہ ماترے دونوں دلوں میں جان
یہی دوھا چھند کی پنگل میں پہچان

گرو لگھو مل جائیں تو ٹھیک ہو دوھا چال
یتی رہے اپنی جگہ تو دوھا بنے کمال

الياس عشقيءَ دوهي جي فني سٽاءَ سمجهائڻ لاءِ چار دوها چيا آهن، جن ۾ قافيا: آئے، کھلائے، سلیس، اڑتالیس، جان، پہچان، چال، کمال آهن.
دوهي جي مصرع کي دل چئبو آهي، چُرن معنى قدم يا ڀاڱو يا حصو. تُڪ، قافيي کي چيو ويندو آهي. ڳڻپ لاءِ ماترا، محرڪ ۽ ساڪن اکر کي چئبو آهي. چار چُرن معنى چار پد يا ڀاڱا يا حصا ٻن مصرعن جا ٿيندا آهن، انهن ۾ اٺيتاليھه ماترائون ٿينديون. 13، 11 هڪڙي مصرع يا دل ۾، 13، ٻي مصرع ۾11. پنگل ڇند يا ڇندوديا ساڳي ڳالهه آهي، ’ڇند‘ معنى شاعري جي لباس يا ويس، پنگل، هڪ مھا رشي هو، جنھن ’ڇند وديا‘ بابت حضرت عيسى جي ڄمڻ کان ٻه سئو سال اڳي ڪتاب لکيو هو۔ (5)
ان ڪري هندي شاعريءَ جي ان ماترڪ وزني نظام کي ’ڇند وديا‘ سان گڏ ’پنگل دويا‘ به چوندا آهن مٿي ذڪر ڪيل آهي ته ڇندوديا وزني نظام ۾ گُرو ۽ لگهو ماترائون برابر هئن گهرجن، يتي مان مراد ساهي يا وقفو هوندو آهي، جيڪو ٻن پدن جي برابر وچ ۾ ايندو آهي، اهو مٿي سمجهايو ويو آهي.
دوهي جو بڻ بنياد:
دوهو بنيادي طور تي هندي ٻوليءَ جي قديم ترين صنف آهي. هن صنف ۾ 12 صدي عيسويءَ کان اڳ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي ويندي هئي.
”ڀڳتي تحريڪ، يوگ ۽ پنتي تحريڪ کان پوءِ سڀ کان پھرين هندي ٻوليءَ جي شاعري هن صنف ۾ ڪئي وئي، پر ڪجهه محققن جو خيال آهي ته ”دوهو سنڌي ٻوليءَ جي قديم ترين صنف آهي، دودي چنيسر جو داستان به دوهي جي صنف ۾ چيل آهي، سنڌي ٻوليءَ جي قديم ۽ تاريخي شاعري جي صنف ڳاهه هيئت ۽ موضوع جي اعتبار کان اوائلي دوهو آهي، ڳاهه ۾ ٻه مصراعون ٿينديون آهن ۽ قافيو ٻن مصرعن جي آخري ۾ ايندو آهي.“ (6)
ڪجهه محققن کان علاوه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو به اهو خيال آهي ته:
” دوهو هندي ٻوليءَ جي قديم صنف آهي، اسان کي هڪ اڌ بيت جي فقط هيئت جي بنياد تي هن صنف کي زبردستي سنڌي ٻوليءَ جي صنف نه قرار ڏيڻ گهرجي. دوهو هندي ٻوليءَ جي قديم ترين صنف آهي، هن صنف ۾ سڀ کان پھرين موضوع توڙي سٽاءَ ، فن ۽ فڪر جي لحاظ سان هندي ٻوليءَ ۾ شاعري ٿي آهي... قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي ٻه تُڪن جي سٽاءَ ۽ سلوڪ جو سرچشمو ڪبير ڀڳت جا عارفانه هندي دوها هئا، جيڪي ان وقت يقيني طور عام مروج هئا.“ (7)
بلوچ صاحب، سنڌي ۽ هندي جي شاعريءَ جي لاڳاپي ۾ به ان تصور جو طرفدار آهي ته دوهو هندي شاعريءَ جي صنف آهي، جيڪا سنڌ ۾ مقبول ۽ مروج هئي.قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي زماني کان سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿي. بلوچ صاحب پنھنجي ٻئي ڪتاب ’ڳاهن سان ڳالهيون‘ ۾ به اهو لکيو آهي ته:
”دوهي ۽ ڳاهه ۾ هيئتي اعتبار کان هڪجھڙائي آهي، پر ’ڳاهه‘ دوهو ناهي. دوهو هندي شاعريءَ جي صنف آهي.“ (8)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ’سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘ ۾ وڌيڪ چٽائيءَ سان لکيو آهي ته:
”هندي دوهي جي اثر هيٺ سنڌي بيت اُسريو. پر جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته سنڌي بيت دوهي کان قديم يا دوهو بنيادي طور تي سنڌ ۾ اُسريو ته هن امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي، پر اها ڳالهه ثابت ڪرڻ لاءِ ثبوت کپن.“ (9)
جوڻيجو صاحب مڪمل طور ان ڳالهه کي رد نٿو ڪري ته ان قسم جي ڪنھن به تحقيقي نتيجي جو امڪان ناهي، پر دوهي جي اُسرڻ جي سرزمين سنڌ ثابت ڪرڻ لاءِ تاريخي ثبوت هن وقت ناهن مليا.
غلام محمد گرامي نه رڳو دوهي، بلڪه سموري سنڌ جي شاعريءَ تي هندي ۽ فارسي شاعريءَ جي اثر کي قبول ٿو ڪري ۽ سموري سنڌي شاعري کي هندي ۽ فارسي شاعريءَ جو سنگم ٿو سڏي پاڻ لکي ٿو ته :
”سنڌي شاعري فني حيثيت سان هندي ۽ فارسي شاعريءَ جو سنگم آهي. سنڌي شاعريءَ جي ابتدا بيتن ۽ ڏوهيڙن سان ٿي، انهن جي هيئت ۽ اسلوب ڇند وديا تي مبني آهي.“ (10)
سيد مظھر جميل پنھنجي ڪتاب ’جديد سنڌي ادب‘ ۾ دوھي کي هندي شاعريءَ جي صنف ڪوٺي ٿو. پاڻ لکي ٿو ته:
”دوهو هندي شاعريءَ جي صنف آهي، جيڪا سنڌي زبان ۾ آڳاٽي زمانن کان لکي پئي وڃي، شاهه ڪريم ۽ قاضي قادن جي شاعري ۾ دوها ملن ٿا، دوهن جو وزن هندي ڇند وديا تي ٻڌل آهي، اسان جي زماني ۾ شيخ اياز، نياز همايوني،تنوير عباسي ۽ امداد حسيني دوها لکيا آهن.“(11)
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ به دوهي بابت اهو خيال پيش ڪيل آهي ته:
”دوهو هندي ۽ سنڌي نج ڪلاسيڪل شاعري جي هڪ اهم صنف آهي دوهو پراڪرت ۽ اپڀرنش ٻولين جي دور جي مقبول صنف آهي جنھن دور ۾ مقامي زبانون ۽ شاعري هڪ ارتقائي دور مان گذري رهيون هيون، دوهو هندي ڇند يا پنگل جي ماترائن تي لکيو ويندو آهي، پنگل يا هندي ڇند قديم هندي شاعري جو وزني نظام آهي.“ (12)
ڊاڪٽر غلام علي الانا پنھنجي تحقيقي’گنان شناسي‘ ۾ به اها ڳالهه ڪئي آهي ته:
” ڀڳتي دور ۾ ڀڳتي ۽ ويدانتي شاعري، سڄي ننڍي کنڊ جي هر خطي جي هر ٻوليءَ تي پنھنجا گھرا اثر ڇڏيا، هن زماني ۾ سنڌو ماٿر جي ملڪن سنڌ، پنجاب ۽ سرائڪي واري خطي ان کان سواءِ راجستان، ڪڇ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ، توڙي ڪشمير ۾ بابا فريد گنج شڪر، پير شمس، پير صدر الدين، ماڌولال، شاھ حسين، سلطان باهو، بلي شاهه، گرونانڪ، ڪبير ڀڳت، ميران ٻائي، دادو ديال ۽ مھمان متي پراڻ ناٿ ۽ گورک ناٿ جا دوها، بيت، سورٺا، گنان، قافيون، وايون ۽ واڻيون، انهن خطن جي شھر شھر ۽ گهٽي گهٽي ۾ تصوف، ويدانت، ڀڳتي مت ۽ ناٿ پنت جي پيغام طور پھچي چڪيون هيون.“ (13)
ڊاڪٽر فياض لطيف پنھنجي ڪتاب ’شيخ اياز جا دوھا‘ ۾ ڪنول ظھير جي مقالي جي حوالي سان لکي ٿو ته: ” دوهو هندوستاني اوائلي شعري صنف آهي.“ (16)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ’ڇند وديا‘ دوهن جي قسمن ۽ بيت جي سٽاءَ ۽ اوسر ۾ دوهي کي هندي شاعريءَ جي صنف ڪوٺيو آهي، هو لکي ٿو ته:
”سنڌي شاعرن دوهي جو سٽاءُ اختيار ڪيو، دوهي جا 23 قسم جيڪي عام جام آهن، اهي سڀ هندي شاعري جي وزني نظام ڇند وديا تي آڌاريل آهن، قديم شاعري دوها ڇند موجب آهي.“(15)
دوهو پنھنجي هيئت موضوع ۽ خيال جي گھرائي، سادگي، مزاج، عام اسلوب جي سونھن سبب صدين کان هندي شاعريءَ جي مشھور صنف رهي آهي. جڏهن کان ٻارهين صديءَ ڌاري ناٿ پنتي ۽ رام ڀڳتي تحريڪون هليون ته انهن تحريڪن دوران دوهي لاءِ سنسڪرت ٻوليءَ بجاءِ شاعرن هندي ٻولي استعمال ڪئي. هندي ٻوليءَ ۾ چيل دوهي ۾ وڌيڪ وسعت، وڌيڪ گھرائي ۽ وڌيڪ سادگيءَ سبب هن صنف کي هند، سنڌ ۾ بلندي ۽ جوڀن نصيب ٿيو. ڪبير ڀڳت، ميران ٻائي، تلسي داس، سورداس،
’دوهي‘ کي سموري هندستان ۾ لازوال حسن ۽ بلندي عطا ڪئي. سمن عبدالرحيم خان خانه، امير خسرو، سھجو ٻائيءَ به دوها چيا.
هندي شاعريءَ جو هندو مذهب يا مسلمان مذهب يا ٻُڌمت سان ڪوبه تعلق ناهي، هيءَ ٻولي هندستان ۾ رهندڙ سڀئي ماڻهو ڳالهائيندا هئا، انڪري هندي ٻوليءَ جي هن صنف جا سڀ کان وڏا شاعر هندن کان وڌيڪ مسلمان هئا، جيئن ڪبير ڀڳت، امير خسرو، عبدالرحيم خان خانه وغيره.
هندي شاعريءَ مان سنڌيءَ ۾ دوهو ڪيئن ۽ ڪڏهن مروج ٿيو ان کان اڳ هندي ٻوليءَ جي اساسي شاعرن جي شاعريءَ جو به ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
ڀڳت ڪبير (1398-1494) :
ڀڳتي تحريڪ جو سرواڻ ڪبير ڀڳت، سرزمين هندستان جو نامور شاعر ٿي گذريو آهي، سنڌ ۾ هندي ٻوليءَ جي ٻين دوهي جي شاعرن جي ڀيٽ ۾، ڪبير جا دوها وڌيڪ پڙهيا ۽ پسند ڪيا ويا آهن. شاهه ڪريم ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سماع وارين محفلن ۾ به ڪبير جا دوها چيا ويندا هئا. چون ٿا ته ڪبير ٺٽي ۾ به آيو هو، ان ڳالهه جو ذڪر اڳتي بيان ڪيو ويندو. ڪبير بنيادي طور تي مسلمان هو، سندس دوهن کي هندستان ۾ مسلم توڙي هندو ساڳي اهميت ۽ مڃتا ڏيندا رهيا آهن. سندس دوها مندرن توڙي مزارن ۾ هڪ ئي وقت ڳايا ويندا هئا. ڪبير جا ڪجهه دوها هتي ڏجن ٿا:
من متھرا دل دوراکا کایا کاسی جان
دس دوارے کا دیہراتا میں جوتی پہچان
(منھنجو من مٿرا آهي، دل دوراڪا ۽ جسم ڪاشي سمجهان ٿو، سڀ مقدس عبادتگاهون منھنجي اندر ۾ آهن منھنجي وجود جي مندر جا ڏهه در آهن ان ۾ خدا جي تجلي تلاش ٿو ڪريان.)
اگن آنچ سہنا، سُگم سُگم کھڑک کی دھار
نہیں نبھاون ایک رس مہا کٹھن بیوپار
(باهي جي تپش تلوار جي ڌار جو ڌڪ سھڻ سولو آهي، پر مستقل مزاج سان محبت ڪرڻ ان کان به ڏکيون آهن.)
پریم نہ باڑی اوپجے پریم نہ ہاٹ بکائی
راجا پرجا سب رچے سیس دے لے جائے
(محبتون واڙين ۾ نه ٿينديون آهن ۽ نه وري هٽن تي وڪامنديون آهن، نسب ناموس جي ڳالهه ناهي، شاهه هجي يا گداگر سِر کڻي اچي محبتون خريد ڪري وڃي.)
سووں تو سپنے ملوں جاگوں تو من ماہے
لوچن رات سبھ گھڑی، بسرت کبہو ناہے
(سمهان ٿو ته خوابن ۾ ٿو اچي، جاڳان ٿو ته دل ۾ ويٺو آهي، ڪنھن مبارڪ گهڙي ۾ هُن لاءِ اکيون ڀنيون هيون ته هُن اسان کي وساريو ڪڏهن به ناهي).
ڀڳت ڪبير کان علاوه ٻين به گهڻن هندي شاعرن دوها چيا، پر جن هندي شاعرن جا دوها، موضوع، هيئت، تخيل، ٻولي، اسلوب جي سونھن سدابھاريءَ سبب دنيا ۾ مقبول ٿيا ۽ سنڌ هند ۾ ڳايا وڄايا ويا، انهن ۾ ميران ٻائي، سورداس، تلسي، امير خسرو، عبدالرحيم خان خانه، سھجو ٻائي وڏا شاعر هئا.
1. ميران ٻائي (1504-1558):
رہان نہ بھاوے، نیند نہ آئے برھ ستاوے موئے
گھائل سی گھومت پھروں، میرا درد نہ جانے کوئے
(نه ويھڻ ٿو وڻي نه ننڊ ٿي اچي، هن برهه ستايو آهي، زخمي بدن سان پيا زندگي گذاريون اسان جي درد کي ڪير سمجهي نه سگهيو.).
کاڈھ کلیجو میں دھروں کوا تو لیجا
ساجن میرا دیس بست وہ دکھت تو کھا
(اچ ڪانگ هينئون ڪڍي توکي هٿن سان ڏيان، وڃي ان ديس ۾ کاءُ جتي منھنجو محبوب وسي ٿو. تون کاءُ هو ڏسي.)
2. سورداس (1487-1563ع):
پریم پریم تیں ہوئے، پریم تے پر ہے جیسے،
پریم سرھو سنسار، پریم پر مارتھ ہے۔ (18)
3. امير خسرو:
گوری سووے سیج پر، مکھ پر ڈاری کیس،
چل خسرو گھر آپٹی، رئن پئی اھ دیس۔ (19)
(عاشق پنھنجي مري ويل محبوب جي قبر تي بيھي چوي پيو ته محبوب پنھنجي منھن کي زُلفن سان ڍڪيو ستو پيو آهي، خسرو ! هل ته ھلون پنھنجي گهر هن ديس ۾ هاڻي اونداهي ٿي وئي.)
پاڪستان ۾ اردو ٻوليءَ جي شاعرن به دوها چيا آهن، جنھن ۾ خاص طور تي خواجه دل محمد قتيل شفائي، الطاف پرواز، قدرت نقوي، صبا اختر، تاج سعيد، ڪشور ناهيد، جميل الدين، الياس عشقي ۽ طاهر سعيد هارون، قابل ذڪر آهن، سندن دوهن جا مجموعا ڇپيل آهن.
شاعري ءَ جي ٻين صنفن جيان دوهي ۾ به قافيي کي تبديل ڪرڻ سان ۽ لگهو گرو ماترائن جي تعداد گهٽائڻ، وڌائڻ سان، مصرعن کي وڌائڻ سان دوهي جا تمام گهڻا قسم وجود ۾ اچيو وڃن. هندي شاعرن دوهي جا 23 قسم ڄاڻايا آهن، انهن مان گهڻا دوها اڪثر، گرو ۽ لگهو 48 ماترائن تي ٻڌل هوندا آهن، باقي ايترو ضرور آهي ته ماترائن جو تعداد مصرعن ۽ پدن ۾ گهٽ وڌ هوندو آهي. ’دوها ڇند‘ صنف ٻن مصرعن ۽ چئن پدن تي ٻڌل هوندي آهي، پھرين ۽ ٽئين پد ۾ 13، 13 ماترائون، ٻئي ۽ چوٿين پد ۾ 11، 11 ماترائون هونديون آهن، هر مصرع يا دل ۾ 24 ماترائون ٿينديون آهن ۽ ٻنهي مصرعن ۾ 48 ماترائون ٿينديون آهن. ٿلهي ليکي ٽن قسمن جا دوها، هندي توڙي سنڌي شاعريءَ ۾ عام آهن. جيڪي فقط قافيي ۽ پدن جي تبديلي سان وجود ۾ آيا آهن، هوتچند مولچند گربخشاڻي لکي ٿو ته:
”دوهي جي ڪُل 48 ماترائن مان گهٽ ۾ گهٽ چار ضرور ڇوٽيون هئڻ گهرجن، باقي 44 ماترائون ڇوٽيون هجن يا ڊگهيون، ان سان ڪوبه فرق نٿو پئي، ماترائن جي جدا جدا تقسيم موجب دوهن جا ڪيترا قسم ٺهي سگهن ٿا.“ (20)
تيرٿ داس هوتچند لکي ٿو ته:
” دوهن جا مختلف قسم آهن. سورٺو دوهو جيڪو ترتيب بدلائڻ سان وجود ۾ اچي ٿو، هر سٽ جو پھريون اڌ، ٻئي اڌ سان ملائڻ سان دوھي جا قسم بدلجن ٿا.“ (21)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد پنھنجي ڪتاب ’بيت: سٽاءُ ۽ اوسر‘ ۾ 23 دوها ڄاڻايا آهن هو لکي ٿو ته:
”ماترائن جي گهٽ وڌ ٿيڻ سان ۽ پدن جي تبديلي سان ۽ قافيي جي تبديلي سان دوهن جا ڪيترائي قسم وجود ۾ اچن ٿا، جن مان 23 قسمن جا دوها هندي شاعرن عام جام چيا آهن. ان کان علاوه ڪجهه ٻيا دوهن جا قسم به آهن جن ۾ دوهي ڇند، هري پد دوهو، للت پد دوهو، بي جوڙ يا غير مساوي دوهو، مسلسل دوها، سورٺا ڇند، دوها سورٺا ميل شامل آهن .“ (22)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب پنھنجي ادبي تاريخن جي مختلف تحقيقي ڪتابن سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، سنڌي ادب جو مطالعو، ڪٺمال ۽ شاهه جي رسالي جي مطالعي ۾ دوهي جي سٽاءَ هيئت ۽ اوسر بابت لکيو آهي. (23) جوڻيجي صاحب پنھنجي ڪتاب ’شاهه جي رسالي جو مطالعو‘ ۾ پاڻ دوهي جي مختلف قسمن، سورٺا، بڙو دوهو، تنويري دوهن جو ذڪر ڪيو آهي. (24)
نوجوان محقق مشتاق گبول به پنھنجي ڪتاب ’شاعريءَ جون صنفون‘ ۾ هندي دوهي جي 23 قسمن کان علاوه به قافيي ۽ ماترائن جي تبديلي سان مختلف قسمن جي دوهن جو ذڪر ڪري ٿو هو لکي ٿو ته:
”فني حوالي سان لگهو ۽ گرو ماترائن جي نظام تحت دوهي جا 23 قسم آهن، اهي 23 قسمن جا دوها، دوهاڇند وزني نظام هيٺ لکيا وڃن ٿا. انهن جي پھرين چُرن ۽ ٽي چُرن ۾ 13، 13 ماترائون هونديون آهن ٻي ۽ چوٿين چُرن ۾ 11، 11 ماترائون هونديون آهن هر هڪ دوهي ۾ ڪُل 48 ماترائون ٿينديون آهن.“ (25)
دوهن جا 23 قسم هيٺيان آهن جن مان 8 دوها ڀرمر، سڀرا مر، شرڀ، سڀرامر، منڊوڪ، مرڪٽ ۽ ڪرڀ اهي دوها آهن جن دوهن جا نمونا جديد شاعرن جي دوهن ۾ ملن ٿا. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ءَ دوهي جا هيٺيان 23 قسم ڄاڻايا آهن، جيڪي هندي شاعريءَ ۾ موجود آهن:
1. ڀرمر =
2. سڀرامر =
3. شرڀ =
4. سڀرامر =
5. منڊوڪ =
6. مرڪٽ =
7. ڪرڀ =
8. نر =
9. هنس =
10. بال =
11. پيوڌر =
12. چل / بل =
13. بانر =
14. ترڪل =
15. ڪُڇپ =
16. مڇ =
17. شاردول =
18. اهيو=
19. بيال=
20. بڊال =
21. شوان =
22. اُڌر =
23. سُرپ 22 گرو +
21 گرو +
20 گرو +
20 گرو +
19 گرو +
17 گرو +
16 گرو +
15 گرو +
14 گرو +
13 گرو +
12 گرو +
11 گرو +
10 گرو +
9 گرو +
8 گرو +
7 گرو +
6 گرو +
5 گرو +
4 گرو +
3 گرو +
2 گرو +
1 گرو +
0 گرو +
4 لگهو =
6 لگهو =
8 لگهو =
10 لگهو =
12 لگهو =
14 لگهو =
16 لگهو =
18 لگهو =
20 لگهو =
22 لگهو =
24 لگهو =
26 لگهو =
28 لگهو =
30 لگهو =
32 لگهو =
34 لگهو =
36 لگهو =
38 لگهو =
40 لگهو =
42 لگهو =
44 لگهو =
46 لگهو =
48 لگهو =
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون
48 ماترائون


”انهن 23 قسمن جي دوهن کان علاوه دوهرا ودها يا بدوها ، پنجاهه حرفي دوهو، دوهي، هري پَد، للت پد، غير مساوي، بي جوڙ دوهو، پچ کنيا دوهو ۽ مسلسل دوها به آهن.“ (26)
گبول صاحب به اهي دوها ڄاڻايا آهن، جيڪي ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ڄاڻايا آهن. اصل ڳالهه اها آهي ته اهي جيڪي به دوها آهن ۽ جيڪي به دوهن جا قسم آهن، اهي 12 صدي تائين سنسڪرت ٻولي ۾ قائم هئا پر 12 صدي کان پوءِ دوها سنسڪرت ٻولي جي جاءِ تي هندي ٻولي ۾ شاعرن چيا، خاص طور تي هندوستان ۾ يوگ پنتي ڀڳتي تحريڪ دوران ته انهن مان باقي ٿورا قسم وڃي رهيا، انهن مان گهاڙيٽي هيئت ۽ فن جي اعتبار کان ٽن قسمن جا دوها جيئن بڙا دوها جنھن جي فني ھيئت جي باري ۾ الياس عشقي صاحب خود پنھنجي دوهن ۾ ذڪر ڪيو آهي.
دوجا دوھا لائے پہلا دل ہو سورٹھا
ایسا چھند جڑے تو پھر دوھا بڑا کہلائے،
هن ۾ ’لائے‘ ۽ ’کہلائے‘ قافيا ٿيا.
’بڙا دوها‘ يا بڙي دوهي جي پھرئين ۽ چوٿين پد ۾ قافيو ايندو آهي، پھرئين ۽ چوٿين پد ۾ 11، ماترائون ٿينديون ٻيون ۽ ٽيون پد 13، 13 گرو لگهو ماترائن تي ٻڌل هوندو آهي. بڙي دوهي کي سنڌي ٻولي جي شاعري جي صنف ۾ اڌ سورٺو اڌ دوهو ڪوٺيو ويندو آهي. سنڌ جي اڪثر اساسي ۽ ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعري ۾ هي صنف موجود آهي.
تنويري / تونبيري دوها :
هي ٻن مصرعن وارو دوهو آهي، هن جي پھرين مصرع جي ٻي پد جي آخر ۾ قافيو ايندو آهي، هن دوهي کي اڌ دوهو اڌ سورٺو يا دوها سورٺا ميل سڏيندا آهن. هن دوهي جي ماترائن ۾ فرق نه هوندو آهي. پھرين مصرع 24 ماترائن ٻي مصرع 24 ماترائن جي مصرع، پورو دوهو 48 ماترائن تي ٿيندو آهي. هن دوهي جون مصرعون وڌائي شاهه ڪريم قاضي قادن، لطف الله قادري، شاهه عنايت، شاهه لطيف ۽ سچل گهڻين مصرعن وارا بيت چيا آهن.
کرا دوها / کڙا دوها:
هن دوهي جي صنف ۾ هندي ۽ سنڌي شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي. هن دوهي جي پھرين مصرع جي پھرين پد ۽ ٻي پد ۾ قافيو ٿيندو آهي، ٽي ۽ چوٿين پد ۾ به قافيو ايندو آهي. ٻنهي مصرعن ۾ چار قافيا هوندا آهن، ٻه قافيا وچ تي، ٻه قافيا آخر ۾. هن دوهي کي ٻٽو دوهو به چئبو آهي. الياس عشقي صاحب سندس دوهن جي ڪتاب ’دوها هزاري‘ ۾ هن دوهي جي فني سٽاءَ کي منظوم نموني سان بيان ڪيو آهي.
دوھے کا دوھا رہے، اور سورٹھا ہوئے،
اُسے کھڑا دوھا کہے، جانے پھید جو کوئے۔
ھن دوهي جي پھرئين چُرن، ٽئين چرن جا قافيا ’رہے ‘ ۽ ’ کہے‘ ٿيا، ٻئي ۽ چوٿين چُرن جا قافيا ’ہوئے‘۽’ کوئے‘ ٿيا، هن دوهي ۾ به ماترائون ساڳي ريت آهن، سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن توڙي جديد شاعرن جي شاعري ۾ هي دوهو ملي ٿو.
مسلسل دوها:
هن قسم جا دوها هندي شاعريءَ ۾ گهڻا چيا آهن، سنڌي شاعري ۾ سچل سرمست به ڪجهه دوها چيا آهن، جڏهن ته سنڌ جي باقي اساسي ۽ ڪلاسيڪل شاعرن لطف الله قادري، شاھ لطيف مسلسل دوهن ۾ پھرين پد جي وراڻي سان ۽ تڪرار سان مسلسل کي دوهي وراڻ ۽ تڪرار واري دوهي ۾ تبديل ڪيو. هي دوهن جو اهو قسم آهي جنھن ۾ قافيا بدلبا رهندا آهن. هن دوهن ۾ شاعرن هڪ کان وڌيڪ دوهن ۾ بار بار دوهي جي پھرئين يا ٻئي پد کي ورجائي، ان خيال ۽ تصور کي وڌيڪ چٽو ڪري ٿو يا وري ان تصور، ان ڪيفيت، ان سماجي قدر يا واقعي سان پنھنجي گھري دل لڳي ظاهر ڪري ٿو. يا وري ان خيال، ان تصور، ان واقعي ان قدر ان آرزو، تمنا ۽ ان جذبي جي اهميت کي وڌائي سگهارو بنائي ٿو.
سنڌ ۾ ان قسم جي وراڻ ۽ تڪرار واري دوهي جي شروعات، شاهه ڪريم ۽ شاھ لطيف جي وچ واري ڪڙي جي شاعر لطف الله قادريءَ ڪئي. سندس وراڻ ۽ تڪرار واري دوهي جي صنف ۾ اڳتي هلي شاھ صاحب ۽ ٻين شاعرن به شاعري ڪئي. ۽ ان هندي مسلسل دوهي ۾ تڪرار ۽ وراڻ واري فني سٽاءَ جي پيوند ڪاري ڪري، سنڌي دوهي ۾ نرالي، فني، فڪري، تازگي ۽ نواڻ پيدا ڪئي.
شاھ لطف الله قادري:
حسن حبيب جو پسين جي هيڪار،
ته تون کي سڀ ڄمار وڃي اڃ ورهن جي
حسن حبيب جو پسين جي پيھي،
ته توکي سڀئي ٻيون وڃن وسري
حسن حبيبن جي پئي جن اهار
تن وئي وجود سار نه ڪو حسب نه ڪو نسب ڪو
حسن حبيبن جي پئي جن توار
تن ويا وسري پار سي پسن ڪين پرين ري.
حسن حبيب جنين لڳو آر
تن نه ڪو اوراڙ نه پار سڀئي ٿئو سپرين
حسن حبيبن جو جنين ڏٺو ماءُ
تنين منجهان ڪا سُک نه سُتي ڪڏهن
حسن حبيبن جو جن رهيو من
ان اندر ڪٺو عاشقين پيا ڌڙ ڌٻن
حسن حبيب جي ڪوجو آهي پور
عاشقن اي سور ماءُ ماريندن ڪڏهين
حسن حبيب جي کائي خاڪ ڪيا،
ماڻهو ڀائين مئا تان او سونهن پريان جي جيا.
حسن حبيبن جي وار ۽ تڪرار وارا 62 مصرعن تي ٻڌل31 دوها ۽ سورٺا ميل دوها آهن (27)
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ دوها سورٺا ميل وراڻ ۽ تڪرار وارا مسلسل بيت تمام گهڻا آهن.
آئون نه گڏي پرين کي ٿورا ڏينھن ٿيا،
راتين روز ويا عبث آري ڄام ري.
آئون نه گڏي پرين کي سين سين سڄ ويا،
هلڻ وير هئا ديکي شال دم ڏيان.
آئون نه گڏي پرين کي پويون ٿيو پساھ،
سڪان تي سڪرات ۾ رويو پڇان راهه
شال مَ وڃيم ساهه ڌاران پسڻ پرين جي
آئون نه گڏي پرين کي تون ٿو لھي سڄ،
آئون جي ڏينھن سنھيا نئي پريان کي ڏج
وڃي ڪيچ چئج ته ويچاري واٽ مئي.
آئون نه گڏي پرين کي ٿورا ڏينھن ٿيا،
راتين روز ويا عبث آري ڄام ري
آئون نه گڏي پرين کي عمر تان ويئي،
وهي ڏينھن وڃائيا سرتيون سڀئي
پيري ۾ پيئي اکيون آري ڄام ڏي کڻي.
آئون نه گڏي پرين کي مٿان آيو موت،
واجهائيندي ورهه ٿيا هڏ نه گڏيم هوت
جيڪس ٿينديس فوت فنا هن فراق ۾.
(شاه جو رسالو ص 235)
ڪبير ڀڳت (1398-1494):
مو کو کہاں ڈھونڈے ہو، بندے میں تو تیرے پاس میں،
نا میں بکری نا میں بھیڑی نا میں چھیر ی گنڈاس میں،
نہیں کھال میں نہیں پونچھ میں نہ ہڈی نہ ماس میں
نا میں دیول، نا میں مسجد، نا کعبے کیلاس میں
نا تو کو نوکریا کرم میں، نہیں جوگ بیراگ میں
کہو جی ہووے ترتے ملھوں پل بھر کی تلاش میں
میں تو رہوں شہر کے باہر میری پوری مواس میں
کہے کبیر سنو بھائی سادھو سب سانسوں کی سانس میں۔
(ڀڳت ڪبير ص 218) (28)
ھي اٺن تي ٻڌل دوهو آهي. هن ۾ قافيا بدليل آهن، پر خيال هڪ آهي. مسلسل دوهي ۾ فني سٽاءَ بدلبي ويندي، پر موضوع هڪڙو رهندو. جيئن هن ۾ هڪ ئي موضوع آهي ته خدا انسان سان مخاطب ٿئي ٿو ته تون مون کي ڪٿي ٿو ڳولهين، آئون تو منجهه آهيان، تنهنجي ساهن ۾ آهيان. ان هڪ خيال، تصور ۽ موضوع کي ڪبير پيش ڪيو آهي.
سنڌ ۾ سچل سرمست به مسلسل دوها چيا آهن.
يا مھنديءَ گل تا آهيان، جنهن اندر لالائي،
يا آهيان گل گلاب جو، جنھن ۾ سر ۾ سرهائي.
يا تا چشمو آهيان، جو ابر ڀريو آب،
تنھن ۾ سايو سج جو، يا پاڇو ئي مھتاب
يا تا پاڇو ئي حق جو، آئون اصل ڪون آهيان،
جنھن ۾ ڳالهه ناهه تا، سو ڀي تا آهيان.
ڳالهه ’ سچو‘ تا سمجهي، ڪون هاديءَ اهائي،
تا غير خدا جو ناهين، آهين صاحب سدائي.
(سچل سرمست)

گمان آهي ته سنڌ ۾ دوهو ٻارهين عيسويءَ کانپوءِ پھتو هوندو، يا شاعرن دوهي کي پڙهيو سمجهيو ۽ ان صنف کي پنھنجو ڪيو هوندو، ڇاڪاڻ ته ٻارهين عيسوي کان اڳ اهو دوهو سنسڪرت ٻولي ۾ هو. انڪري نٿو چئي سگهجي ته سنسڪرت ٻولي جو دوهو سنڌ ۾ جاءِ والاري. 12هين صديءَ کان پوءِ جڏهن هندستان ۾ رام ڀڳتي تحريڪ زور ورتو ته دوهو سنسڪرت جي بجاءِ هندي ٻولي ۾ شاعرن چيو ۽ اهو دوهو سنڌ ۾ ڪبير، ميران، تلسي، امير خسرو جي شاعري ذريعي پھتو هو. سنڌ ۾ محفل سماع جو دور ته 1300ع کان شروع هو. پر شاهه ڪريم جي دور جي محفل سماع جو زمانو 15 ۽ 16 عيسوي صدي جي وچ وارو هو. ڪبير ڀڳت 1398ع ۾ ڄائو 1494 ۾ وفات ڪئي. سورداس 1450 کان 1563ع ميران ٻائي 1504 کان 1546ع تائين هئي. قاضي قادن ان دور ۾ بالغ ڄمار ۾ موجود هو. ڄام نظام الدين سمي جي بادشاهي جو دور هو، سمن جو آخري دور ۽ شاھ بيگ ارغون جي شروعاتي دور ۾ دوها سنڌ ۾ پھتا هوندا. ڇاڪاڻ ته ڪبير ڀڳت ۽ ميران لڳ ڀڳ ان دور جا شاعر هئا ۽ سنڌ ۾ ان دور ۾ قاضي قادن ۽ شاھ ڪريم وقت جي ٿوري گهڻي فاصلي سان سنڌ ۾ موجود هئا. قاضي قادن سيوهڻ ۽ ٺٽي ۾ رهيو پيو هو، شاھ ڪريم بلڙي کان ٺٽي ايندو ويندو هو، سيوهڻ ۽ ٺٽو سنڌ جي گادي جي هندن سان گڏوگڏ پنھنجي دور ۽ زماني جا وڏا علمي ادبي مرڪز هئا. ان ڪري آس پاس جي ملڪن جا اهل علم ماڻهو هنن شھرن ۾ ايندا ويندا ھئا. ڀڳت ڪبير ٺٽي ۾ آيو ھو ۽ سندس پٽ ڪمال ڀڳت جي قبر ٺٽي ۾ آھي. (29)
دوھي کي سنڌي شاعرن نه رڳو قبول ڪري هن صنف ۾ ڪمال جي طبع آزمائي ڪئي، پر ان صنف جي قافين جي سھڻي سٽاءَ ۽ بيھڪ سان مصرعون وڌائي نئين هيئتن کي جوڙيو ۽ گهڻن مصرعن وارا بيت ٺاهيا.
سومرن جي دور کان سنڌ ۾ درگاهن ۽ خانقاهن ۾ محفل سماع جو سلسلو شروع ٿيو جن محفل سماعن ۾ ديس پرديس جا ڳائيندڙ اچي ڳائيندا هئا، داستان ٻڌائيندا هئا، شاعري ٻڌائيندا هئا، ممڪن آهي ته انهن سماع جي محفلن ۾ ڳايل ۽ چيل بيت ۽ دوها سنڌي ٻوليءَ جا به هجن، ته ساڳئي وقت هندي ٻوليءَ جا به هجن. ڇاڪاڻ ته سمن ۽ سومرن جي وقت ۾ ڪڇ ڪاٺياواڙ، گجرات، راجستان طرف جا ماڻهو سنڌ ۾ عام جام ايندا ويندا هئا ۽ ان پاسي جا شاعر سگهڙ به هن پاسي ايندا ويندا رهندا هئا، ان اچ وڃ جي زماني يعني سومرن جي آخري ۽ سمن جي شروعاتي دور ۾ دوهو سنڌ ۾ پھتو هوندو، بلوچ نبي بخش صاحب پنھنجي ڪتاب ’هندي ۽ سنڌي شاعري جو لاڳاپو‘ ۾ لکي ٿو ته:
”هندي ڪلاسيڪل شاعري جي صنف دوهو ڪبير ۽ تلسي داس جي شاعري ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي شاعري ۾ داخل ٿيو. ڪبير ۽ تلسي جا دوها سنڌ ۾ قابل قبول ۽ مقبول عام هئا، شاهه ڪريم جي محفل سماع ۾ به پڙهيا ويندا هئا، شاهه ڪريم جي ملفوظات ۾ پڻ ڪبير جو دوهو مليو آهي، شاهه ڪريم ۽ قاضي قادن جي دوهن جي سٽاءَ ۽ سلوڪ جو سرچشمو ڪبير جا عارفانا دوها هئا. جيڪي ان وقت سنڌ ۾ عام هئا. (30)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنھنجي ساڳئي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته:
”هندي دوهن جي سنڌ ۾ ايتري مقبوليت هئي جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سماع ۾ ڳايل هندي دوها، سندس شاعري جي سُر بيراڳ ۾ شامل ٿي ويا. جن مان 8 دوها ڪبير جي نالي سان، 3 دوها گرونانڪ جي نالي سان ۽ ٻه دوها دادو ديال جي نالي سان آهن.“ (31)
سنڌي ادب جي تاريخدان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب سنڌ ۾ هند جي دوها صنف جي اچڻ جي سبب بابت لکيو آهي،
”سنڌ ۾ اهڙا هندي دوها عام ٿيا جن ۾ سنڌ وارن جي دل جي ڳالهه بيان ٿيل هئي ۽ سنڌ جي حالتن موجب هئا، انهن دوهن کي سنڌ ۾ خوب مقبوليت حاصل ٿئي اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ادبي حلقن ۾ هندي دوهي کي عزت جي نگاه سان ڏٺو ويو، ڪبير هندي شاعري جو اهڙو خوشبودار گُل هو جيڪو نه زمان ۽ مڪان جو پابند هو، نه ٻولي ۽ جاتي جي ڪري سنڌ وارن لاءِ ڌاريون هو، سندس دوها سنڌ ۾ پھتا. “
حدیں جائے ہر کو، بیحد نہ جائے کوئے،
بے حد میدان میں کھڑا کبیرا روئے“ (32)
محسوس ٿئي ٿو ته سنڌي شاعرن هندي شاعراڻي صنف دوهي جي زمين ۾ پنھنجي دلي جذبن ۽ سماجي قدرن جو ٻج ڇٽيو جنھن مان سنڌي دوهي، سورٺي، بيتن جا باغ ڦٽي پيا.
سنڌ ۾ قاضي قادن جي زماني کان سمن جي آخري ۽ ارغونن جي شروعاتي دور ۾ سنڌ ۾ فن ۽ فڪر جي سونھن ۽ سگهه سان سينگاريل دوهي جي شروعات ٿي.
شاھ ڪريم به دوها چيا، لطف الله قادريءَ جي رسالي ۾ به دوها ملن ٿا، شاهه جي رسالي ۾ پڻ ڄاڻايل مختلف قسمن جا دوها موجود آهن، ان کان پوءِ دور جديد ۾ نارايڻ شام، شيخ اياز، امداد حسينيءَ، نياز همايونيءَ، تنوير عباسي، مير محمد پيرزادي ۽ بردي سنڌيءَ جا دوها، هندي شاعري جي دوهن کان ماحول، مزاج، ميٺاس، خيال جي اونهائي، تخيل جي پرواز جي اعتبار کان وڌيڪ سگهارا لڳن ٿا. سنڌي دوهن جي خاص ڳالهه اها آهي ته هندي دوهن جي سٽاءَ ۾ فني ۽ فڪري اعتبار کان قابلِ قبول وڻندڙ قافي جي تبديلي سان ۽ مصرعن کي وڌائڻ سان مختلف قسمن جا دوها تخليق ڪيا، ٻي ڳالهه ته جڏهن هندي ٻولي جي شاعرن دوها صنف ۾ لکڻ ڇڏي غزل ۽ گيت جي صنفن ۾ شاعري جي شروعات ڪئي ته سنڌي ٻولي جي جديد شاعرن دوهي کي فن، سٽاءَ خيال ٻولي ۽ مٺاس جي سونھن سان سينگاري شاعري جا ويڙها واسي ڇڏيا. . هتي چونڊ ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعرن جا دوها نموني طور پيش ڪجن ٿا.
قاضي قادن (1463-1551):
لائي لام الف سان ڪاتب لکين جيئن،
مون هينئڙو پريان سان لڳو آهي تيئن (33)
*
ڪنز قدوري قافيا ڪي ڪين پڙهيام،
سو ڏيھوئي ڪو ٻيو جان ئي پرين لڌام (34)
*
جي سالورن سڌ لهي ڪنولان سندي ڪاءِ
ته پيو پاتال ۾ هوند نه مٽي کاءِ. (35)
شاهه ڪريم (1538ع کان 1623ع):
مُٺ ڀيڙيائي ڀلي جي اُپٽين ته واءُ،
جي پدر وڌئي ڳالهڙي ته ڇڏي وڃي ساءُ. (36)
*
نينھن نياپي نه ٿئي سڌين سيڻ نه هون
ڪارين راتين رت ڦڙا جان جان نيڻ نه رون (37)
*
هينون ڏجي حبيب کي لڳ گڏجن لوڪ،
کڏيون ۽ کروتون اي پڻ سڱر ٿوڪ.
*
هينون نه حاضر جن پرين نه اکڙين
ٺلها ڍانڍا سکڻا هونئين جاڙ جين (38)
لطف الله قادري (1611ع کان 1679ع):
حسن حبيب جي کائي خاڪ ڪيا،
ماڻهو ڀائين تان مئا اوء سونھن پريان جي جيئا. (39)
واجهائيندي وجهلندي لڳم گهڻا ڏينهن
ڪوهه ڄاڻان ڪوه ٿيو ماء منھنجي نينھن. (40)

سڪ تنھنجي سپرين من ۾ ٻاريو مچ،
اوء کامي تنھن خمار ۾ عاشق ٿيا سچ. (41)
نارايڻ شيام:
سارو ڏينھن ڪندا رھيا ٻار ندي ڀر راند،
سانجهي مھل ڇنڊي اٿيا واري ڀريل پلاند. (42)

پٿر ڪرندي ڍنڍ ۾ جيئن ٿيو آواز،
ڀر تي بيٺل وڻ منجهان پکي ڪيو پرواز. (43)
لاتيون لنونديون ڪوئلون، انب جهلندا ٻور،
چاهين نه چاهين سي مند ڪندن مجبور. (44)
شيخ اياز:
ڪوي ڏٺا آهن توکان پوءِ ڪيڏا اسان ڪلور،
سچ کي سوري تي چاڙهيو ويو ماٺ رهيا منصور. (45)
مرنداسين ته مٽيءَ مان پنھنجي، ڦٽندا سرخ گلاب،
کڙندا ٽڙندا جن ۾ پنھنجا بسنت رت جا خواب (46)
سار اوهانجي آئي، من تي وار ڪيا ويساک
اُڀري آيو سج اوڀر کان، بڙڇيون اڇليون باک (47)
امداد حسيني:
ها ڏسون ته ڪيئن نه ٿو لھي ذهن ذهن تان زنگ
اڄ وري امداد جي آهه چپن تي چنگ (48)
جاڳيل اوجاڳيل اکڙين ۾ هڪڙو رنگين خواب
تنھنجي ھٿ ۾ ڪتاب منھنجو ان ۾ سرخ گلاب (49)
هاءِ الائي ڪھڙي آهي هوا گهلي ڙي هيل،
مون کي ئي ڌاڙيل چون ٿا ڌرتي جا ڌاڙيل. (50)
تنوير عباسي:
سوچي سمجھي ڄاڻي واڻي بنجي ويس اڻڄاڻ
پاڇولن سان پيار ڪيو مون مان پاڇولو پاڻ
تو ۽ تنهنجي دنيا مون سان ڏاڍا ويل وھايا
موٽ ۾ ڏس مون تنهنجي جڳ کي مٺڙا گيت ٻڌايا (51)
نياز ھمايوني:
ڏينھن گذر ٿيوڏولاوَن ۾ رات وھاڻي اوجاڳن ۾
تنھنجي ورھ جي واٽ وَتيسين وندر وئي ويراڳن ۾ (52)
بردو سنڌي:
پکي به پاڻ۾ پريت ونڊن پيا رت مستاني لاتو رنگ
ھير سڌيرون ساھ کي ڏ ي ٿي وڻ ٽڻ واسي جهوميو جهنگ (53)
سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن شاعرن هندي دوهي جي صنف جي ماترائن جي گهٽ وڌائي ۽ قافيي جي تبديليءَ سان دوهي جي مختصر هيئت ۾ پنھنجي دور ۽ زماني جي وڏن خيالن انساني احساسن جذبن، خوابن ۽ تصورن جا دريا پلٽائي وڌا. دوهي جي پدن کي ابتو ڪري سورٺو جوڙيو.
ستو سڄي رات منھن ڍڪي مئن جيئن،
نه تون سنبل تات نه جهوري تو آهي ڪا.
هيءُ قاضي قادن دوهي جي پدن کي ابتو ڪرڻ سان سورٺو جوڙيو ويو آهي، ان سورٺي جي پدن کي وري اٿلائي واپس سڌو رکبو ته دوهو ٿي ويندو، جيڪو قافيو پھرين ۽ ٽئين پد ۾ آهي اهو ٻئي ۽ چوٿين پد ۾ اچي ويندو.
منھن ڍڪي مئن جيئن، ستو سڄي رات،
نه جهوري آهي ڪا، نه تون سنبل تات.
شاهه ڪريم 1538-1622 جي وچ واري دور ۾ سورٺا ۽ دوها چيا آهن، دوها سورٺا ميل بيت چيا، جنھن مان سنڌي بيت وجود ماڻيو.
نينھن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون
ڪاري راتين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رون.
هيءُ شاهه ڪريم جو دوهو آهي، جنھن جي پدن کي ابتو ڪري ھڪ ٻئي جي هنڌ تي رکبو ته سورٺو ٿي پوندو.
سڌين سيڻ نه هون، نينھن نياپي نه ٿئي،
جان جان نيڻ نه رون، ڪاري راتين رت ڦڙا.
۽ ساڳئي وقت سورٺي جي پدن کي بدلائبو ته سورٺي جا قافيا جيڪي پھرين ۽ ٽئين پد ۾ آهن اهي بدلجي ٻئي ۽ چوٿين پد ۾ اچي ويندا ۽ سورٺو دوهي ۾ بدلجي ويندو ۽ جيڪڏهن دوهي ۾ پھرين سٽ دوهي جي رکبي ٻي مصرع سورٺي جي ته دوهو سورٺو ٿي پوندو.
نينھن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون،
جان جان نيڻ نه رون، ڪاري راتين رت ڦڙا.
جيڪڏهن پھرين مصرع سورٺي جي رکبي، ٻي مصرع دوهي جي رکبي ته اهو سورٺو دوهو ٿي پوندو.
سڌين سيڻ نه هون، نينھن نياپي نه ٿئي،
جان جان نيڻ نه رون، ڪاري راتين رت ڦڙا.
سنڌ جي شاعرن دوهي جي مصرعن کي وڌائي ۽ پدن کي بدلائي ۽ قافيي جي تبديليءَ سان هڪ پد جي مسلسل ورجاء ۽ وراڻ سان مسلسل دوهي ۾ تجنيس حرفي ۽ ردم پيدا ڪيو. قاضي قادن کان وٺي شاهه لطيف تائين، شاھ لطيف کان وٺي شيخ اياز تائين سنڌ جي شاعرن دوهي کي فن ۽ فڪر جون بلنديون عطا ڪيون، دوهي ۾ هاڻ جدت اچي رهي آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ به دوهي جا وڏا شاعر اڀري آيا آهن، جن ۾ سعيد ميمڻ جا دوها، نارايڻ شيام جي دوهن جون سڪون پيا لاهين. ان کان علاوه سروپ چندر شاد، اياز گُل، ادل سومرو، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، آسي زميني، امر کھاوڙ، علي آڪاش، مقصود گُل، قاضي منظر حيات، روبينا ابڙو، مشتاق گبول ۽ ٻيا به دوهي جا بھترين شاعر آهن.


حـــوالا

(1) ابراهيم خليل، ڊاڪٽر، ’رهنمائي شاعري‘ ڀاڱو ٽيون ،جمعيت الشعرا سنڌ 1948 ص124
(2) مرزا قليچ بيگ ’رسالا ڪريمي ‘مرزا قليچ بيگ چيئر، آرٽ فيڪلٽي سنڌ يونيورسٽي 2011، ص 37
(3) جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر’ڪٺمال ‘انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي يونيورسٽي 2002 ص 79
(4) ميمڻ عبدالمجيد ڊاڪٽر ’بيت: سٽاءُ ۽ اوسر‘ مھراڻ اڪيڊمي، 2002 ص 57
(5) ساڳيو ص 82
(6) پير حسام الدين راشدي’ سنڌي ادب‘ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد 220 ص 30
(7) بلوچ، نبي بخش خان ڊاڪٽر’سنڌي ۽ هندي شاعري جو لاڳاپو‘ مرتب: ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو 2014 ص 30
(8) بلوچ، نبي بخش خان ڊاڪٽر، مقدمو’ڳاهن سان ڳالهيون‘سنڌ ادبي بورڊ 2014
(9) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ’سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘ زيب ادبي مرڪز 1983 ص35
(10) گرامي، غلام محمد، ’مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات‘ سنڌي ادبي بورڊ 1992 ص148
(11) سيد مظہر جميل، ” جديد سندھی ادب اکیڈمی “ بازيافت لاہور 2004 ص 715
(12) ميمڻ فھميده حسين، ايڊيٽر: ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي 2002 ص 2006
(13) الانا، غلام علي ڊاڪٽر ’گنان شناسي‘ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد 2016 ص 236
(14) فياض لطيف، ڊاڪٽر، ’شيخ اياز جا دوها‘، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد 2018 ص 16
(15) ميمڻ عبدالمجيد ڊاڪٽر ’بيت: سٽاءُ ۽ اوسر‘ مھراڻ اڪيڊمي، 2002 ص 47
(16) سرسوتيی سرن کيف مترجم ’بھگت کبیر‘ تاليف ہری اودھ فکشن ہاؤس لاہور 2009 ص 119 کان 150 تائين
(17) ڪٺمال ڊاڪٽر جوڻيجو عبدالجبار سنڌالاجي 2002 ص 100
(18) فياض لطيف، ڊاڪٽر، ’شيخ اياز جا دوها‘، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد 2018 ص 24
(19) جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر’ڪٺمال ‘انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي يونيورسٽي 2002 ص 100
(20) گربخشاڻي هوتچند مولچند ’شاهه جو رسالو‘ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ 2012 ص 74
(21) تيرٿ داس هوتچند ’سنڌي موسيقي جا تار‘ ، مترجم شيخ خليل الرحمٰن، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2011 ص 87-88
(22) ميمڻ عبدالمجيد ڊاڪٽر ’بيت: سٽاءُ ۽ اوسر‘ مھراڻ اڪيڊمي، 2002 ص 50-51
(23) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر’شاهه جي رسالي جو مطالعو‘مھراڻ اڪيڊمي 2005 ص 47
(24) گبول، مشتاق ’شاعري جون صنفون‘ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2017 ص 64، 68
(25) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش شاه لطف الله قادر جو ڪلام، ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2010 ص 91-95
(26) انصاري عثمان علي ’شاهه جو رسالو‘ ، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ ڇاپو ٻيو 2013 ص239
(27) بھگت کبير، هری اودھ فکشن لاهور 2009 ص 2018
(28) آڏواڻي ڀيرو مل مھرچند ’سنڌ جو سيلاني‘،ڀاڱو پھريون، گلشن پبليڪيشن 2004 ص40
(29) بلوچ، نبي بخش خان ڊاڪٽر’سنڌي ۽ هندي شاعري جو لاڳاپو‘ مرتب: ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو 2014 ص 44
(30) ساڳيو ص 47
(31) جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر’ڪٺمال ‘انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي يونيورسٽي 2002 ص 101
(32) هيرو ٺڪر ’قاضي قادن جو ڪلام‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1996 ص 64
(33) ساڳيو ص 40
(34) ساڳيو ص 84
(35) سيد عبدالڪريم شاهه ’بيان العارفين تنبيھ الغافلين‘، ، مصنف محمد رضا بن عبدالواسع، تحقيق ترجمو ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، سنڌي ادبي بورڊ 2007 ص 79
(36) ساڳيو ص 102
(37) ساڳيو ص 205
(38) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش ’شاه لطف الله قادري جو ڪلام‘، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2010 ص 95
(39) ساڳيو ص 95
(40) ساڳيو ص 98
(41) ميمڻ محمد سليم پروفيسر ’ڪلاچي ‘، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي 2017 ص 95
(42) ساڳيو ص 97
(43) ساڳيو ص 97
(44) شيخ نفيس احمد ناشاد ايڊيٽر ’مھراڻ ‘ شيخ اياز نمبر- سنڌي ادبي بورڊ 2005 ص 22
(45) ساڳيو ص 23
(46) ساڳيو ص 22
(47) عباسي، ظفر، ڊاڪٽر’سنڌي شاعري جون صنفون ۽ صنعتون‘سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، ص 97
(48) ساڳيو ص 97
(49) ساڳيو ص 97
(50) مرزا قليچ بيگ’ رسالا ڪريمي‘ مرزا قليچ بيگ چيئر يونيورسٽي آف سنڌ 2011 ص61
(51) ميمڻ عبدالمجيد ڊاڪٽر ’بيت: سٽاءُ ۽ اوسر‘ مھراڻ اڪيڊمي، 2002 ص -557
(52) ساڳيو، ص 558
(53) Sindhipeoplesblogspot.com06/07/2021


1157 ڀيرا پڙهيو ويو