اخلاق انصاريءَ جي ڪهاڻي’بونسائي‘ جو تنقيدي جائزو
(The Critical Analysis of the “Bonsai” a short story by Akhlaq Ansari)
ڊاڪٽر شير مھراڻي
Abstract
Akhlaq Ansari is well known a Novelist and short story writer of Sindhi language. He is a postmodern writer of contemporary Sindhi literature. In his short stories we may witness the inner feelings of the person. His characters are more subjective. His most of work reflects the idea of existentialism. He portrays and presents the psycho analysis of the characters through his stories. Through his characters he symbolically focuses on the society. In his short story “Bonsai” Ansari puts light on the different dimensions of the main character as well as on the co-characters. I have tried to excavate the main theme of the story and presented the psychoanalysis of the characters. I also have included the result of this research paper, which highlights the presentation, language, dialogues and treatment of the story.
“Life is hard, the earth stubborn, science is a rich in knowledge but poor in practical results. . .” (1)
يعني زندگي ڏُکي آهي، زمين قابو آهي، سائنس وٽ ڄاڻ ته تمام گهڻي آهي، پر عملي طور ان وٽ ڪجهه ڪونهي.
اخلاق انصاري سينئر ڪھاڻيڪار آهي. سندس جي ڪھاڻين جا ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. جيڪي هن ريت آهن:
1. رڃ ۽ رابيل 2. مان ڪائنات آهيان 3. مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان.
’مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان‘ سندس نئون ڪتاب آهي. جيڪو تازو ئي ڪنول پبليڪيشن پاران شايع ٿيو آهي. جنھن ۾ ٻين ڪھاڻين سان گڏ ھڪ ڪھاڻي آھي “بونسائي”. ‘بونسائي’ جو لفظ سنڌي پڙهندڙن لاءِ نئون آهي. ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ جڏهن هيءَ ڪھاڻي سارنگا ۾ ڇپي هئي ته اخلاق صاحب ڪھاڻي سان گڏ لفظ بونسائي جي مختصر وضاحت پڻ ڏني هئي.
پر اهو اصطلاح دنيا جي ادب ۾ نئون ناهي. ’بونسائي‘ جي نالي سان انگريزي ۾ هڪ ناول ۽ لڳ ڀڳ ٻه درجن کن ٻيا ڪتاب ڇپيل آهن؛ جن ۾ بونسائي جي ٽيڪنيڪ تي بحث ٿيل آهي. بونسائي اصل ۾ هڪ جاپاني ٽيڪنيڪ آهي، جنھن تحت ڪنھن به وڏي وڻ جهڙوڪ بڙ، سرينھن، ٽاري/ٽالهي، نم وغيره جي وڻ جي چڪي ڪڍي ان جي وچين/مرڪزي پاڙ بنھه ڪٽي ڇڏبي آهي، ۽ ٻيون سنهيون پاڙون هلڪيون ڪٽي؛ وڻ کي ڪنهن ڪونڊيءَ ۾ لڳايو ويندو آهي، ۽ ان وڻ جون لامون به مخصوص طريقي سان ڪٽي؛ انهن کي سنهڙين تارن ۽ پٿرن سان ٻڌي وڻ جي جسامت ۽ قد ۽ قامت محدود ڪئي ويندي آهي. پوءِ اهو وڻ ڊرائنگ روم يا بيڊ روم ۾ به رکي سگهبو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي وڻ اس يا سج جي روشنيءَ جا هيراڪ هوندا آهن ان ڪري هو انهن ڪونڊين ۽ گهرن جي بند ڪمري ۾ وڏا ناهن ٿي سگهندا. پاڻي ۽ ٻي گهربل خوراڪ ملڻ سبب هو سڪڻ کان ته بچي ويندا آهن. پر سندن واڌ ويجهه رڪجي ويندي آهي.
لفظ بونسائي ٻن لفظن جو مرڪب آهي ‘بون’ يعني ‘پاٽ’ يا ‘ننڍي ڪُونڊي’ ۽ ‘سائي’ يعني وڻڪاري. هيءَ ٽيڪنيڪ ستر واري ڏهاڪي کان جپان مان شروع ٿي ۽ هاڻي ڪيترن ئي ملڪن ۾ استعمال ڪري وڏن وڻن کي ‘بونسائي’ يعني بندرو ڪيو پيو وڃي. بونسائي جي ٽيڪنيڪ هڪ جديد بلڪه مابعد جديد ٽيڪنيڪ آهي، جنھن تحت وڏي وڻ کي هڪ خاص پراسيس مان گذاري تمام گهڻو ننڍڙو ڪيو ويندو آهي، هڪ خاص طريقه ڪار سان جهنگلن توڙي ٻيلن جي وڏن وڻن جي قدامت ۽ قامت کي محدود ڪري انهن کي مخصوص ۽ محدود قامت جو ڪري کين ڊرائينگ روم يا بيڊ روم ۾ رکيو ويندو آهي. ادب ۾ ان سموري طريقه ڪار کي غير فطري سڏيو ۽ سمجهيو ويو آهي. ناول نگارن يا ڪھاڻيڪارن اهڙي غير فطري عمل کي فرد جي نفسيات سان هم آهنگ ڪري ناول ۽ ڪھاڻيون لکيون آهن. حقيقت ۾ هيءَ هڪ غير فطري حرڪت ئي آهي. ڇاڪاڻ ته وڏن وڻ جي وڌڻ ويجهڻ جو هنڌ کليل فطري ميدان آهن، ۽ هتي انهن کي ڪونڊين ۽ ڪمرن ۾ بند ڪيو وڃي ٿو. ادب ۾ به ’بونسائي‘ جي تمثيل ڪنھن ڪردار کي هٿ وٺي محدود ڪرڻ واري معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿي.
بونسائي جي نالي سان اليجينڊرو زيمبرا جو اسپيني ٻولي ۾ 2006ع ڌاري هڪ ناول ڇپيو. ان ناول جو انگريزي ترجمو پڻ ٿيو آهي، ۽ ان جا به ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن، ۽ ان ناول کي چلي ۾ بھترين ناول جو انعام پڻ ڏنو ويو آهي. اهو ناول جوليو ۽ اميليا جي پيار ڪھاڻي تي ٻڌل آهي، جن ۾ اول ناراضگي ٿئي ٿي ۽ آخر هڪٻئي کان جدائي/علحدگي ٿي وڃي ٿي. ۽ اميليا مري وڃي ٿي. ناول جو هيءُ جملو ڪمال جو آهي ته،
“What is the purpose of being with someone if they don’t change your life.” (2)
يعني انهن سان زندگي گڏجي گذارڻ جو آخر ڪھڙو مقصد/فائدو؛ جيڪي توھان جي زندگيءَ ۾ ڪابه بھتري نٿا آڻي سگهن.
جڏهن ته اردو ۾ بونسائي جي نالي سان هندوستان جي مشھور ڪھاڻيڪاره تسليم ڪوثر جي ڪھاڻين جو ڪتاب نئين دهلي مان 1995ع ۾ ڇپيو. تسليم ڪوثر پنھنجي هن ڪتاب ۾ لکيو آهي ته:
”ڪھاڻيون لکڻ وارو ڏاڍو مجبور هوندو آهي هن کي اها خبر ناهي هوندي ته هو ڇا چوي ۽ ڪيئن چوي؟ ان جي اندر ۾ هڪ آنڌ مانڌ مچيل هوندي آهي، پر هو پنھنجي علم ۽ ادراڪ جي بنياد تي لفظن جو پيڪر آخر جوڙي ئي وٺندو آهي ، ۽ سندس تخيل مجسم ٿي ڪري ڪھاڻيءَ جي شڪل ۾ سامهون اچي ٿو.”(3)
هوءَ بونسائي جي نالي سان لکيل پنھنجي ڪھاڻي ۾ لکي ٿي:
”بونسائي جي ڏار ۾ پٿر اڃان ٻڌل هئا، جنھن جي ڪري انهيءَ جون لامون ڪوڙ جي مريض وانگر وڪوڙجي ويون هنيون.“ (4)
شھناز فاطمي پڻ اردوءَ جي ھڪ ٻي مشھور ۽ سينئر ڪھاڻيڪاره آهي، جنھن پڻ بونسائي جي نالي سان ھڪ ڪھاڻي لکي آھي، جنھن جي پڄاڻي هنن لفظن تي ٿئي ٿي ته:
”مون رسمي عليڪ سليڪ کان پوءِ شيلا سان گڏ هن کي به چانھه جي دعوت ڏني، ‘ٿيئنڪ يو مسز شمع مون کي ته پنھنجن ڪمن کان ئي واندڪائي نٿي ملي، رهي ڳالهه شيلا جي ته. . .ٽُه بي ويري فريئنڪ اسان جنھن سوسائٽي ۾ رهون ٿا يا اسان جنھن سوسائٽي جو حصو آهيون، ۽ شيلا جو به جن سان اٿڻ ويھڻ آهي اهي شايد هن جو ڪنھن عام جاءِ تي اچڻ وڃڻ پسند نه ڪن. ’ هن ڪجهه ٻيو به چيو پئي پر هاڻي آئون پوري ريت سمجهي چڪي هئس ته منھنجي لاءِ بڙ جھڙي ڇانو وانگر رهندڙ شيلا ڪيئن ۽ ڪھڙن ماڻهن جي ڪرشمن سبب هڪ خوبصورت ’بونسائي‘ بڻجي وئي هئي. شيلا کان اچڻ کان پوءِ ڪيترن ئي ڏينھن تائين منھنجي ذهن ۾ بونسائي سوار هو. سائنس جون ايجادون، ترقي ۽ نه ڄاڻ ته ڇاڇا؟“ (4)
’بونسائي‘ جي نالي سان هڪ ٻي ڪھاڻي آصف فرخي پڻ لکي آھي، جنھن ۾ به ھن فرد جي ڪيفيتن کي بونسائي جي وڻ سان تشبيھه ڏني آهي. هو لکي ٿو:
”مون ڄاڻي ورتو ۽ مون پنھنجا گوڏا ڪنھن ڀڪشو وانگر ڀڪوڙي انهيءَ جي ٻاهريان ٻانھن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو. مون کي گهٽ ۾ گهٽ جاءِ ۾ رهڻ گهرجي ۽ پنھنجي وجود جا غير ضروري حصا ڇانگي ڇڏڻ گهرجي. خبر ناهي ته ڪيترين صدين کان پوءِ اتي ٻيھر کڙڪو ٿيو، تون اڃان تائين اتي آهين؟ ايئن ويٺي تون ڇا ٿو ڪرين؟ منھنجي زال جي لھجي ۾ ڪاوڙ هئي . آئون هاڻي کانئس سچ لڪائي نه سگهيس. ‘بونسائي’ مون هن کي چئي ڇڏيو پر منھنجي سيزننگ پئي ٿئي منھنجو تارون نه کولجان. آئون اڃان پورو ناهيان ٿيو. مون هن کي وري چيو ۽ واپس ساڳي ريت ويھي رهيس. منھنجي لاءِ انهيءَ کان وڌڻ جو امڪان هاڻي پاڻ هرتو ختم ٿي ويو“ (5)
اخلاق انصاري جي ڪھاڻين جو مکيه موضوع فرد جي اندر جي آنڌ مانڌ ۽ ڀڃ ڊاهه آهي. بونسائي پڻ اهڙي ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ هڪ فرد جي خيالن، خوابن، سوچن، امنگن ۽ اميدن کي ٻاهرين ماحول جي دٻاؤ هيٺ سخت پريشان ڏيکاريو ويو آهي، توڙي جو هن ڪھاڻي ۾ سنئون سڌو “بونسائي” واري ٽيڪنيڪ سان ڪو به لاڳاپو ناھي ڏيکاريو ويو. پر فرد جون ڪيفيتون اھو ظاھر ڪن ٿيون ته ھو زال جي بيوفائي ۽ دوست جيڪو سندس باس به آهي جي ٻه اکيائي سبب پنھنجي ھو پنھنجي ذات ۾ ننڍڙو ۽ محدود ٿيندو پيو وڃي. حقيقت ۾ هي هڪ اهڙي سوسائٽي جو ڪرشمو آهي، جنھن ۾ مصنوعيت ڪاهي پئي آهي. پوسٽ ماڊرن ازم واري صورتحال ۾ جتي پئسي جي واهپي کي ٽيڪنيڪل/انٽينجيبل بڻايو ويو آهي، اتي ميڊيا کي به حقيقت بدران ناٽڪي ڪردار ڏيکارڻ لاءِ اڪسايو پيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ فرد هجوم ۾ اڪيلو بڻجي ويو آهي. هن جا خواب هاڻي خواب ناهن رهيا. بلڪه هن جي زندگي به هاڻي زندگي ناهي رهي. اهڙي ويڳاڻپ ئي اصل ۾ هن ڪھاڻي جو موضوع آهي.
اخلاق صاحب هن ڪھاڻيءَ ۾ لکي ٿو،
”چوٿين جي چنڊ ۽ ستارن جي روشني، گئلري جي دريءِ مان ٽپي ڪمري کي هلڪو روشن ڪري ڇڏيو. هن آئيني آڏو بيھي، پنھنجي چھري کي غور سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ڌنڌلو. . .ھن جي پٺيان ٽيبل تي رکيل بونساءِ در جي ويجهو هجڻ ڪري چٽو هو، ۽ هن آئيني ۾ ڏٺو وڏو وڻ ننڍي ڪونڊيءَ ۾ قيد ٿيل. ننڍڙو ننڍڙو وڻ... اڳ ماڻهن جا قيد خانا، پکين جا پڃرا ۽ هاڻ وڻ کي به ڪٽي سٽي ننڍو ڪري قيد ڪيو ٿو وڃي.“ (6)
هنن جملن مان ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار اصل ۾ پنھنجي اندر جي آنڌ مانڌ ۽ هورا کورا کي چٽڻ کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اصل ۾ هو پاڻ پريشان آهي، ۽ هو پنھنجي ذات جي چوڌاري نه نظر ايندڙ هڪ قيد ۾ بند آهي، ۽ هو ٻوٽي/ بونسائي کي پنھنجي قيد ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪري ٿو ۽ پنھنجي اندر جي ڪرب کي وڻ جي ڪرب ۾ لڪائي ٿو. جڏهن هو پنھنجي ڪرب کي مڪمل طرح نٿو لڪائي سگهي ته هو چوي ٿو.
”منھنجي زندگيءَ جو ڪارج؟؟؟. . .ڪوبه نه. . . ڪجهه آهي. . .خدا آهي. . . خدا هجي؟“ (7)
هتي اهو ساڳيو ڪردار هڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجي لاءِ هڪ آٿٿ تلاش ڪري ٿو. “جنھن جو ڪوبه ناهي ان جو خدا آهي” اها اسان جي ثقافتي تمثيل آهي. ڪردار ان تمثيل ۾ پناهه وٺي ٿو. پر کيس اندر جو اڀريل شڪ سڪون ڪرڻ نٿو ڏئي. هو سوچي ٿو، وري بيچين ٿي وڃي ٿو.
”نه ٻار ستن مھينن جو نه آ. . . ٻار پڪو آ. . . پر ڪيئن؟ منھنجي شادي کي ته ست مھينا ۽ ٻار نون مھينن جو؟ ڄائو؟ ڪيئن ڄائو؟ ڪنھن مان؟ ٻار پڪو آ. . .“ (8)
شڪ، ڳڻتي، ڳاراڻو، ويڳاڻپ، گمان، انومان ۽ نه ڄاڻ ته ڇا ڇا سندس وجود ۾ زهر بڻجي داخل ٿي وڃن ٿا. هو هڪ عجيب ڪيفيت ۾ هليو وڃي ٿو. سندس زندگي جنھن هميشه محبتون ڏنيون آهن، موٽ ۾ مليل دغا تي بيزار ٿي وڃي ٿو.
”ذهن جي ولوڙ هن جي زندگي زهر ڪري ڇڏي. وايون بتال. هن کي ماڻهن جا چھرا، مرڪون، ٽوڪون ٿي لڳيون. شڪ ڦري گري اچي پنھنجي باس تي ٿي ڪيائين“ (9)
ڪھاڻي جو هڪ هڪ جملو ڪنھن ڀالي کان گهٽ ناهي. پڙهندڙ ان ساڳي ويڳاڻپ ۾ وڃي ٿو جنھن مان ڪھاڻيءَ جو اهو مرڪزي ڪردار گذري ٿو. هونئن به پڙهندڙ جڏهن به ڪا ڪھاڻي يا ناول پڙهندو آهي ته هو ڪنھن نه ڪنھن ڪردار سان جھڙوڪر دوستيءَ جي تعلق ۾ ٻڌجي ويندو آهي. هن ڪردار جي معصوميت به پڙهندڙ کي جلد ان جو دوست بڻائي وٺي ٿي. ۽ سندس ڏک پنھنجو ڏک محسوس ٿيڻ لڳي ٿو. ۽ مڪروهه سماج جي ڪڌن ڪردارن لاءِ زهريلي نفرت جنم وٺي ٿي.
”هو آئيني کان هٽي گئلري ۾ بيھي ٿو. سوچي ٿو، رات ڪڏهن ختم ٿيندي؟“ (10)
فرد جي اڪيلائي ۽ درد کي ليکڪ جھڙي ڪاريگريءَ سان بيان ڪيو آهي، ان جو جواب ئي ناهي. اهو ان جو ئي نتيجو آهي ته ان ڪردار جي اڪيلائي پنھنجي اڪيلائي ۽ ان ڪردار جو درد پنھنجو درد لڳي ٿو .
”هن ڏٺو آسمان جي چمڪندڙ ستارن جي وچ مان جھاز بتيون ٻاري اجهامي ٻاري بنان آواز جي گذري رهيو هو...جھاز ۾ ويٺلن کي ڪھڙي خبر ته ڪو اڪيلو ماڻهو کين ڏسي ٿو. اڪيلائپ؟ عذاب آهي.“
هن جملي سان ڪھاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار ڪيڏي نه گھري چوٽ هنئي آهي. هو اعلانيه ٻڌائي ٿو ته اسان پنھنجي ويجهي رهندڙ واقفڪارن توڙي اڻواقفن کان بيگانه ۽ لاتعلق ٿي چڪا آهن. لاتعلقي ئي ته هن دؤر جو وڏي ۾ وڏو الميو آهي. جيڪڏهن ڪو تعلق آهي به ته وقتي ۽ مقصد جو. سوچن، خيالن، خوابن، اميدن، امنگن ۽ احساسن جي هم آهنگي جو تعلق ڇڊو ٿي رهيو آهي. ليکڪ پنهنجي اندر ۾ ان گهرگهلي ٿيندڙ تعلق جي ڏور جو درد محسوس ڪيو آهي، ۽ ’بونسائي‘جھڙو شھڪار لکيو آهي.
”هو گئلري مان اندر اچي بيڊ تي آهليو. بيڊ تي آهلڻ سان اک لڳي ويس. ڏٺائين ته ڪو ماڻهو آهي، جيڪو ٽوٿ پِڪس سان ڏند ٿو کوٽي ته ڏندن مان رت وهي ٿو نڪريس. رت آهستي آهستي وڌندو ٿو رهي. رت وڌي هڪ رستو ٺاهيندو. روڊن تي پکڙجڻ ٿو لڳي ته ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو. نه نه نه ڪجهه به نه. . .“ (11)
هو خواب ۾ رت ڏسي ٿو. خوابن جي نفسيات ۾ رت بنيادي طور تي ذات جي ڀور ڀور ٿيڻ جي معنا ۾ ورتو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته رت انسان جي جسم کان ٻاهر اچي ان جي ذات کي ٽوڙيندو آهي. هتي خواب ۾ رت وهڻ ۽ رت جو روڊن ۽ رستن تي اچڻ؛ بنيادي طور تي فرد جي ڪرب ۽ تڪليف جو سر راهه تماشو آهي. هو پنھنجي ذات جا پرزا ٿيندي ڏسي ٿو. فرد تيسيتائين مڪمل آهي، جيسيتائين هو محبت يا پيار سان گڏ ڪنھن ٻئي ڪانٽريڪٽ ۾ موجود آهي. جڏهن سندس ڪانٽريڪٽ ٽٽن ٿا ته هو ويڳاڻو ٿي وڃي ٿو. نفسياتي طور تي هو پرزا پرزا ٿي وڃي ٿو.
”وڏن جا خواب ڀڳل هوندا آهن. ننڍن ٻارن جا خواب بند هوندا آهن. توهان ٽٽل خوابن مان جڏهن ڪرندا آهيو ته مان توهان کي پنھنجي خوابن ۾ بند ڪندو آهيان.“ (12)
”بند خواب، ٽٽل خواب عذاب آهن. . .جي انهن خوابن ۾ مان بند ٿي وڃان ته پوءِ ڪيئن نڪربو؟” (13)
هو پنھنجا خواب ميڙي ٿو. نفسياتي طور تي هو پاڻ کي ڀرڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهو اُهو ’ڊفينس مڪينزم‘ آهي، جنھن کي فرد لاشعوري طور تي استعمال ڪندو آهي. ڊفينس مڪينزم فطري طور تي فرد کي مليل هڪ سگهه آهي. جنھن کي هو لاشعوري طور تي استعمال ڪندو آهي. هيءُ فرد جي اندر ۾ ويٺل هڪ محتسب به آهي. جيڪو وقت به وقت کانئس پڇاڻو ڪري ٿو.
”هن کي لڳندو آهي ته هن زندگيءَ ۾ ڪجهه حاصل نه ڪيو آهي. ايئن نه هو ته هن کي زندگيءَ ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ گهربل سگهه نه هئي. سڀ ڪجهه هيس پر هي اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري نه سگهيو يا حاصل ٿي نه سگهيس.“ (14)
هتي پھچي ڪردار پنھنجي ناڪامي قبول ڪري ٿو. پر ان ناڪامي جو سبب پڻ ڳولهي ٿو. هو پنھنجي ناڪامي جو سبب زندگيءَ جي بيرحم رويي کي سمجهي ٿو. پنھنجي ناڪاميءَ کي جسٽيفاءِ ڪرڻ ۽ انهن جو معقول سبب تلاش ڪرڻ به ڊفينس مڪينزم آهي، ۽ اهڙي رويي سبب فرد پنھنجي پاڻ کي بچائي ٿو.
”زندگي ته هن سان Sea Saw کيڏي. هن ايئن ڏٺو سدائين ڏک سک، پر اڪثر ڪري زندگي ۾ ڏکن هن کي هوا ۾ ئي لٽڪائي رکيو.“ (15)
...هن کي محسوس ٿيو ته دماغ ٺڪاءَ سان ڦاٽي نه پوي. ڪنڌ کي ڌوڻيائين، ياد آيس پارڪ ۾ سيمينٽ جي بئنچ تي چيڙهه پيل وڏن وارن واري همراهه ڪنڌ پئي ڌوڻيو. . .فقير ڇا ٿيو اٿئي؟ فقير خير ته آهي؟ ڪجهه به نه منهنجو مٿو گم ٿي ويو آهي، پيرن سان ڳولهيان پيو.“ (16)
مٿي جو گم ٿيڻ ۽ ان کي پيرن سان ڳولڻ هڪ تمام وڏي تمثيل آهي، جيڪا ڪھاڻيڪار ھن ڪھاڻيءَ ۾ متعارف ڪرائي آهي. اهڙيون ڪيئي تمثيلون اسان کي ڪافڪا وٽ به ملن ٿيون پر انهن جو استعمال الڳ آهي.
”هن هاڻ به ايئن ئي سوچيو ته، ماڻهو سڄي عمر جيئرو ئي رڳو انتقام لاءِ هوندو آهي.“ (18)
انتقام جو جذبو اندر ۾ موجود هجڻ مان مراد آهي، هو پنھنجي ناڪامي کي قبول نٿو ڪري، توڙي جو هو مڃي ٿو ته هو ڪجهه به ناهي ڪري سگهيو، پر هو اها خواهش ڏيکاري ٿو ته هو انتقام وٺندو. اهڙي خواهش جو اظھار ڪرائي ليکڪ هڪ ڀيرو ٻيھر ڪردار کي بچائي ٿو. پر
سڄي ڪھاڻيءَ جو منجهيل سٽ هن جملي ۾ کلي وڃي ٿو ته، ’هن کي باس ڳالهين ئي ڳالهين ۾ چيو هو، ‘هٿيار اهو سٺو جيڪو هٿ ۾ هجي، ۽ عورت اها سٺي جيڪا ڪڇ ۾ هجي.‘
ڪھاڻي اتي ٿڪجي پئي آهي، پر پنھنجن پيرن کي گھليندي اڳتي وڌي ٿي. هو پنھنجي گهرواريءَ کي آخري ڀيرو ڪچن ۾ ڪم ڪندي ڏسي ٿو ۽ بک تي آفيس هليو ٿو وڃي. واپسيءَ تي کيس هڪ چٺي ملي ٿي جنھن تي لکيل هو، ’مان پنھنجي گهر ٿي وڃان‘
هو سوچي ٿو ته ڇا مان به هيءُ گهر ڇڏي وڃان ۽ موڪل وٺڻ لاءِ باس کي درخواست لکي ٿو.
”هن ڀرسان پيل بونساءِ کي ڏٺو، منجهي پيو، ته هن جو قد. بونساءِ کان وڏو آهي يا ننڍو آهي.“ (19)
هتي پھچي ڪردار فرار ۽ جلاوطني جي ٻه واٽي تي پھتو آهي. هو ڪو فيصلو نٿو ڪري . هن جو فيصلو اصل ۾ پڙهندڙ تي ڇڏيل آهي. هڪ وڏي ڪھاڻيڪار جي اهائي نشاني آهي ته هو پنھنجن پڙهندڙ کي بي عقل ناهي سمجهندو ۽ ڪھاڻيءَ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي اڻلکائتا اشارا ڏئي ويندو آهي ۽ ڪھاڻيءَ ۾ ڪيئي خال ڇڏي ويندو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ موجود اشارا ۽ خال پڙهندڙ لاءِ ڇڏيل هوندا آهن. اهڙي طرح ڪھاڻيڪار پنھنجي پڙهندڙ جي فڪري اڏام اوچي ڪرڻ ٿو چاهي، بلڪه هو فڪري طور کيس آسمان کان اوچو ۽ سمونڊ جي تھن کان گھرو ڏسڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ تاج بلوچ لکيو هو،
”تخليقي سطحن تي جيڪا اندر جي جلاوطني آهي، اها هجرت جي درد کان وڌيڪ المناڪ آهي ۽ جڏهن فنڪار پنهنجي اندر ۾ جلاوطن ٿي ويندو آهي تڏهن ڌرتيءَ جي هيٺان ۽ آسمان جي مٿان جيڪي اونهايون ۽ جيڪي وسعتون آهن اهي سڀ فنڪار جي ادراڪ جو حصو بڻجي پونديون آهن، ۽ اخلاق انصاري انهيءَ ادراڪ ۽ وجدان جو تخليقڪار آهي.“ (20)
ڪھاڻيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي ساڳين لفظن/جملن جو ورجاءُ پڙهندڙ کي منجهائي ٿو. لفظن/جملن جي ورجاءُ جديد ڪھاڻيءَ جي ٽيڪنيڪ ۾ شامل هو ، پر ڇاڪاڻ ته اخلاق انصاري جي ڪھاڻي جديديت مان نڪري مابعد جديدت ۾ داخل ٿي چڪي آهي؛ انڪري لفظن/جملن جو اهڙو ورجاءُ مناسب نٿو لڳي. باقي اهو سچ آهي ته اخلاق انصاري پنھنجي ڪهاڻين خاص طور هن ڪھاڻي يعني بونساءِ ۾ فرد جي ڪرب، اڪيلاين، پيڙا، اندر جي ڀڇ ڊاهه ۽ اٿل پٿل کي جنھن سطح تي بيان ڪيو آهي، اهو سندس اهو فنڪاراڻو هنر آهي، جنھن کي پرجهڻ سولو ناهي. هو درد جي گھراين جو ڪھاڻيڪار آهي، هو فرد جي محسوسات جي جزيئات جو ڪھاڻيڪار آهي. اخلاق صاحب “بونساءِ” ۾ مرڪزي ڪردار کي نفسياتي طور درد جي پلصراط تان گذاريو آهي. ۽ هو درد جو آڙاهه جهاڳڻ کانپوءِ ان منطقي نتيجي تي پھتو آهي ته ڇا هو ’بونساءِ‘ کان وڏو آهي يا ننڍو؟ ليکڪ بنان ڪنھن فيصلي ٻڌائڻ جي ڪھاڻيءَ مان ايڏو “شارپنيس” سان نڪري ويو آهي، جنھن جي ٻڙڪ نه ته ڪردار کي پئي آهي نه ئي وري ڪھاڻيءَ جو ڪو پڙهندڙ ئي سندس پيرا ڏسي سگهي ٿو. اخلاق انصاري بيشڪ هن دور جو اهم ڪھاڻيڪار آھي، جنھن جي ڪھاڻين جي ڪٿ اڃا ٿيڻي آهي.
نتيجو:
مجموعي طور تي اخلاق انصاريءَ جي ڪھاڻي ’بونسائي‘جو تنقيدي جائزو وٺڻ کانپوءِ اسان هن نتيجي تي پھتا آهيون ته:
• ڪھاڻي ’بونسائي‘ موضوع توڙي پيشڪش ۾ ھڪ نرالي ڪھاڻي آھي.
• سنڌي ادب ۾ ’بونسائي‘ جي موضوع تي اڳ ڪابه ڪھاڻي ناهي لکي وئي.
• ڪھاڻي ’بونسائي‘ ۾ ليکڪ فرد جي داخلي ڀڃ ڊاهه کي نئين انداز سان بيان ڪيو آهي.
• ڪھاڻي جو مرڪزي ڪردار پاڻ کي مختلف نفسياتي دٻاءَ وارين ڪيفيتن مان ڪڍڻ لاءِ کيس “ڊفينس مڪينزمس” جو سھارو ڏئي ٿو.
• ڪھاڻي جو مرڪزي ڪردار پاڻ سان ٿيندڙ وارتائن، پلئه پيل اڪيلاين، سماج کان مليل ڀوڳنائن ۽ ويڳاڻ کي خودڪلامي وسيلي بيان ڪري ٿو. خود ڪلامي خود هڪ وڏو نفسياتي مونجهارو ته آهي ئي پر ان سان شخصيت ڀڃ ڊاهه کان بچي به سگهي ٿو.
• ڪھاڻي جو مرڪزي ڪردار سماجي ويساهه گهاتين سبب پريشان آهي پر هو مڪمل نا اميد ناهي ۽ هو پنھنجي وکريل ۽ وڃايل قوت کي سھيڙڻ لاءِ هٿ پير هڻي ٿو.
• هيءَ ڪھاڻي نااميدي کان اميد طرف سفر ڪري ٿي.
حوالا:
1. Kafka, Franz, Selected Short Stories, ModerLibrary, 1993, Page, 215
2. Alejandro Zambra, Bonsai, Anagrama Naratives, 2006, Page. 33
3. تسنيم ڪوثر، ’بونسائي‘، نيو دهلي، 1995ع، ص، 8
4. ساڳيو حوالو، ص، 17
5. https://urdu.culturebooklet.com/blog/bonsai
6. https://urdudigest.pk/bonsai/ sep, 2013
7. انصاري، اخلاق، ’مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان’، ڪنول پبليڪيشن، قمبر، 2020ع ص، 57
8. ساڳيو حوالو، ص، 52
9. ساڳيو حوالو، ص، 53
10. ساڳيو حوالو، ص، 53
11. ساڳيو حوالو، ص، 53
12. ساڳيو حوالو، ص، 54
13. ساڳيو حوالو، ص، 55
14. ساڳيو حوالو، ص، 55
15. ساڳيو حوالو، ص، 56
16. ساڳيو حوالو، ص، 56
17. ساڳيو حوالو، ص، 57
18. ساڳيو حوالو، ص، 57
19. ساڳيو حوالو، ص، 57
20. بلوچ، تاج ، ’جديد ادب جو تجزيو’، سوجهرو پبليڪيشن، ڪراچي، 2014ع ص، 74