ايڪو فيمنزم ۽ ڪتاب ’ تون جو پاڇو چنڊ جو‘ ۾ فطرت نگاري
(ECOFEMINISM AND EXPRESSION OF NATURE IN TH E BOOK “ TU JO PAACHO CHAND JO”)

ڊاڪٽر شھناز شورو / ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري

Abstract:

Ecofeminism derives from the understanding of ecology with connection to feminism. The study of ecology began a few decades ago and has since expanded to encompass other disciplines and fields. Literature is among these. In current literary studies, the feminist perspective of the eco-system has been accorded enormous importance. This paper explores the idea of ecofeminism, its dynamics and the nuances in the poetry of Rukhsana Preet: “Toon Jo Pacho Chandd Jo”. As a female poetess and feminist author, Rukhsana Preet combines various ecological and natural aspects and phenomena, such as fertility, happiness, and a range of moods and beauty, into her poetry. The interplay of nature and female existence are expressions of various sceneries that need to be understood and accepted. Thus, if someone wants to experience the essence of beauty in ecosystem, one needs to immerse into physical and metaphysical world. To love a human or beloved is analogous to love a natural world and its ecosystem.

Keywords: Ecofeminism, Feminism, eco-system, poetry, Ecocriticism etc.

تعارف

عورتازاد تحريڪ (Feminism) انساني ارتقا ۾ جنسي برابريءَ لاءِ اهم تحريڪ ٿي اڀري آهي، ايلينر برڪيٽ موجب:

”فيمينزم، جنس جي سماجي، معاشي ۽ سياسي برابريءَ ۾ يقين جو نالو آهي. انهيءَ تحريڪ جا بنياد، وڏي پئماني تي اولهه ۾ پيدا ٿيندڙ آهن، پر تنهن هوندي به فيمينزم سڄي دنيا ۾ پکڙي ۽ قبولي وئي آهي ۽ مختلف ادارن پاران ان جي نمائندگي ڪئي وئي آھي. اهي ادارا عورتن جي حقن ۽ مفادن جي حوالي سان سرگرميون ڪندا آھن.“ (1)

سماج ۾ عورتن کي اڪثر گهٽ اهميت ڏيندي انهن کي ڪمزور تصور ڪيو وڃي ٿو، جيڪو سماجي جوڙجڪ جو نتيجو آهي. ان حوالي سان عورتازاد يعني فيمينزم هڪ ڊگهي تسلسل واري تصور يا نظريي جو نالو آهي، جنهن جون ٽي لھرون Three Waves مشهور آهن. ان جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، جنهن مان گذري فيمينزم، ماحولياتي فيمنزم (Ecofeminism) وٽ پهتي آهي. جيڪا ماحولياتي تنقيدنگاري Ecocriticism جي هڪ شاخ آهي، جنهن جو مقصد فطري ماحول ۽ عورتن ۾ هڪجھڙائي آهي. هن مقالي ۾ ان جا ڪجهه بنياد بحث هيٺ آندا ويا آهن.

ايڪوفيميزم جا بنياد ۽ ارتقائي تاريخ:

ھيءَ دنيا ڪثرتي وحدت جو ھڪ نمونو آھي، جنھن ۾ ڪيتريون ئي شيون وجود رکن ٿيون ۽ ھر شيءِ جي وجود جي پنھنجي پنھنجي اھميت ۽ خاصيت آھي. عام رواجي وصف مطابق ڪي جاندار شيون ۽ ڪي بي جان شيون آھن، البته سڀ شيون وجود رکن ٿيون ۽ سڀني جي حيثيت ھڪ جھڙي آھي. جيڪي شيون بي جان چيون وڃن ٿيون، اھي شيون به جاندار آھن. اھو تصور ’انسان مرڪزيت‘ واري تصور سان بيشڪ ٽڪراءَ ۾ ھجي، پر موجوده جديديت پڄاڻان واري دور ۾ ’انسان مرڪزيت‘ Anthropocentric جو تصور رد ٿيندو پيو وڃي. جنھن جو مک تصور اھو آھي ته انسان ذات کي سمورين شين تي فوقيت حاصل آھي. جھڙوڪ وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، جانور، ماحوليات، درياهه، سمنڊ، پاڻي، آبشار، پھاڙ وغيره جھڙيون سموريون شيون انسان جي استعمال لاءِ آھن- اھو تصور عيسائيت ۽ انجيل ۾ به موجود آھي ته يھودين وٽ به ڊومينين جي حيثيت ۾ موجود آھي. (2) ان جي ڪري انسان کي مختلف تصورن سان ڀيٽيو وڃي ٿو جھڙوڪ humanocentrism، human supremacy or human exceptionalism جھڙن تصورن کي هٿي ملي ٿي. اھي تصور فقط مذھبي ماڻهن وٽ نه پر، فلسفين وٽ به ملن ٿا. جھڙوڪ ارسطو ۽ ڪانٽ به انهيءَ انساني مرڪزيت واري ڳالهه ڪن ٿا. (3)

 ساڳئي وقت پنجين صدي قبل مسيح جي يوناني فلسفي پروٽاگورس Protagoras موجب: Man is the measure of all thing” “ يعني انسان ئي ھر شيءِ جي ڪسوٽي آھي(4) پر موجوده دور ۾ ھڪ نئين تنقيدي نظريي يا لاڙي جھڙوڪ: ماحولياتي تنقيد Ecocriticism)) ان کي رد ڪيو آھي. چيرل گلوٽفيلٽي (Cheryll Glotfelty) ۽ ھيرولڊ فرام (Harold Fromm)  ان مطالعي جا وڏا نقاد آهن. هيرولڊ ماحولياتي تنقيدي مجموعي The Ecocriticism Reader: Landmarks in Literary Ecology (University of Georgia Press, 1996) جو شريڪ ايڊيٽر آھي. اڳتي ھلي گلوٽفيلٽي 1992 ۾ ھڪ تنظيم جو بنياد رکيو، جنھن جو نالو ASLE: the Association for the Study of Literature and Environment آھي. انهيءَ تنقيدي نڪته نظر موجب ماحوليات به ايتري ئي اھم آھي، جيترو انسان ذات جو وجود. انهن نقادن جو چوڻ آھي ته جيڪڏھن ھن ڪائنات ۾ موجود سڀني شين کي اھا اھميت نه ڏني وئي، جيڪا انسان ذات کي آھي ته ھن ڪائنات جو توازن بگڙجي ويندو ۽ انسان ئي ان تباھيءَ جو ذميوار ھوندو (5).

 ماحولياتي تنقيدنگاري سمورين شين کي توازن ۾ آڻڻ تي زور ڏئي ٿي ، جيئن اسين پنھنجي مادري ٻولين کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھيون، ايئن ماحوليات ۾ موجود جاندار توڙي غير جاندار شيون ڪثرتي دنيا جون ضامن آھن، انهن جي چوڻ موجب جيئن دنيا جون 60 سيڪڙو مادري ٻوليون مري ويون آھن يا مري رھيون آهن، ايئن انسان ذات جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ايئن ٿيو آھي ته، اصلي يعني بنيادي فطرتي ماحول دنيا جي گولي تان ميسارجي ويو آھي ۽ ھر ھنڌ انسان ذات حاوي ٿي وئي آھي.

بنيادي طور تي اهو عورتازاد تحريڪ جو حصو آھي، پر ھتي عورتازاد جو فڪري سرچشمو ڪو ٻيو نه پر فطرتي نظام ۽ فطرتي نظام جي عورت سان ھڪجھڙائي آھي. ان اصطلاح جي پھرين مفڪر فرانس ڄائي فرانڪوز ڊي اوبون  (Françoise’d Eaubonne)آھي، جيڪا  1920۾ ڄائي ۽ 2005ع ۾ وفات ڪري وئي. جنھن جو مشھور ڪم “Françoised´ Eaubonne's Le Féminisme ou la Mort”  آھي، جنھن جو مطلب آھي فيمينزم يا موت، عورت جي فطرت ۾ گهڻ رنگائي آھي. اھا گهڻ رنگائي ڪنھن کي نقصان ڏيڻ لاءِ نه پر خوبصورتي جي لاءِ آھي. ان ڪري فطرت ۽ عورت کي اھا ھڪجھڙائي ڏني وڃي، جيڪا ھڪجھڙائي تخليقي قوتن ۾ آھي. ڪٿي به حاڪميت يا فوقيت وارو ماحول نه ھجڻ گهرجي، ايئن ڪرڻ سان اختلاف اڀرندا ۽ شيون توازن وڃائي ويھنديون. (6)

ايڪوفيمنزم ۾ ڪيترائي لاڙا آيا، جيڪي فرانس کان ويندي سموري يورپ ۽ آمريڪا ۾ به ڦھلجي ويا ۽ اڄ اھو تنقيدي لاڙو سموري اولاھين معاشري جو اھم حصو آھي. تازو ايلف شفق جو ڪتاب وِڃايل وڻن جو ٻيٽ The Island of Missing Trees  به ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آھي ۽ ساڳئي وقت سنڌي ادب ۾ ماحوليات جي موضوع تي ڪجهه ناول پڻ ڇپيا آھن، پر ماحولياتي عورتازاد (Eco Feminisim) تي اڃا به  گهڻو لکڻ جي ضرورت آهي. ماحولياتي عورتازاد جا بنيادي جُز ھيٺ ڏجن ٿا، جيڪي امريڪي نقادن جھڙوڪ روسميري ردر، ڪيرولين مرچنٽ،گارڊ ۽ گيرين Rosemary Ruether and Carolyn Merchant, Gaard and Gruen   ٻڌايا آھن ته:

  • ڪائنات جو مشيني ماديت جو نمونو جيڪو سائنسي ترقيءَ جي ڪري اڀريو، جنھن ڪائنات ۾ موجود سمورين شين جي حيثيت کي گهٽائي، صرف ذريعن طور ڏٺو يعني ھر شيءِ کي مئل مادي جي صورت ۾ ڏسي استعمال ۾ آندو ۽ انهيءَ ڪرت کي اڳتي وڌايو.
  • پدرشاھي مذھبن جو اڀار ۽ انهن جي قائم ڪيل صنفي درجي بنديءَ سان گڏ انهن جي حقيقي مقدس پڻي کان انڪار ڪرڻ.
  • (مرد پاران) پاڻ ۽ ٻئي جي دوئيت، ان ۾ موروثي طاقت ۽ قبضو قائم رکڻ ۽ ان اخلاقيات کي هٿي ڏيڻ.
  • سرمائيداري ۽ دولت پيدا ڪرڻ جي دعويٰ جي تقويت

جنھن مقصد لاءِ جانورن، زمين ۽ انسان جو استحصال، تباھي ۽ اوزارن کي استعمال ڪرڻ جھڙا نُڪتا شامل آھن. جن جو مقصد آھي ته انسان فطرت ۾ موجود شين کي پنھنجي ضرورت يا دولت خاطر استعمال ڪري ٿو ڪري ۽ مرد عورتن کي به فطرت جي موجود بي جان شين جيان استعمال ڪري ٿو. انهن ٻنهي تصورن ۾ جيڪا ھڪجھڙائي آھي، اھا ھيءَ آھي ته ھيءُ نظام فطرت ۽ عورت کي برابر سمجهڻ بجاءِ پنھنجي حاڪميت يا طاقت جي بنياد تي جنس يا ’وکر‘ سمجهي ٿو. جڏھن ته فطرت ۽ عورت ھڪٻئي سان بلڪل مشابھت رکندڙ جز آھن، جن کي سمجهڻ ۽ قبول ڪرڻ جي ضرورت آھي، نه ڪي ان حاڪميت يا طاقت جي بنياد تي دٻائجي. ڪيرين وارن مطابق:

“Ecofeminists believe there are interconnectionsbetween the oppression of women (sexism), the oppression of other human Others (racism, classism, ageism, colonialism, etc.) and the domination of nature” (7) ايڪوفيمنسٽس سمجهن ٿيون ته عورتن تي ظلم (جنسيت)، ٻين انسانن جو انسانن سان ٻيائي تي ٻڌل رويو جھڙوڪ نسل پرستي، طبقاتي نظام، عمر پرستي، بيٺڪيت، فطرت پسندي جي وچ ۾ گھرو لاڳاپو آھي. انهن تصورن جا ڪجهه مثال جيڪي مختلف مطالعن مان کنيا ويا آھن، ھيٺ ڏجن ٿا:

  • Water pollution in Uzbekistan has led to an increase in birth defects and complications in pregnancy.
  • Pesticide exposures in Central Sudan are linked to 22 percent of hospital stillbirths.
  • Air pollution in the Ukraine has been linked to 21 percent of all illnesses affecting women and children.
  • One in three women in the U.S. will be diagnosed with cancer sometime during their lives.
  • Nuclear contamination in Chelyabinsk, Russia has led to a 21 percent increase in cancer and a 25 percent increase in birth defects. Half the population of child bearing age is sterile.
  • In Guatemala, pesticide residues in breast milk are reported to be 250 times the amounts allowed in cow's milk.
  • Most children in China take in DDT from breast milk at levels 10 times higher than internationally accepted maximums(8)
  • Women farmers grow at least 59 of the worlds food, perhaps as much as 80. Women in Africa produce more than 70 of Africas food.(9)

مٿي ڏنل ڪجهه مثالن موجب اھو سمورو لقاءُ پدر شاھي يا مردن پاران عورت ۽ فطرت تي فوقيت جي ڪري آھي. ماحولياتي عورتازاد نظريي جي تصورن موجب پدر شاھي ھڪ تصوراتي نظام آھي، جيڪو ارتقائي تسلسل کي رد ڪري ٿو ۽ ٻٽو نظام اختيار ڪري ٿو، جنھن ۾ ھڪڙو فوقيت رکندڙ ۽  ٻيو هيٺاهون آھي. جھڙوڪ:

  • اسين بمقابل اُھي!
  • ثقافت بمقابل فطرت !
  • عقل بمقابل جذباتيت !
  • مرد بمقابل عورت، وغيره.

انهيءَ تصوراتي جوڙجڪ مطابق جيڪي خاصيتون مرد سان منسوب ٿيل آھن، اھي عورتن جي خاصيتن سان مقابلي ۾ آھن. جيئن مذڪر _مونث، مرد_عورت جنھن ۾ مرد عقل جي اوسر ڪندڙ تصور ڪيل آھي، مرد مقابلو ڪندڙ توڙي سھڪاري، جڏھن ته عورت جذبات سان سرشار تصور ڪيل آهي، مرد فيصله ساز سوچ رکندڙ ۽ عورت فيصلي جي سگهه کان وانجهيل سمجهڻ آهي، وغيره. ماحولياتي عورتازاد تنقيد جو مطلب ته عورت کي فطرت جي پس منظر ۾ ڏسڻ گهرجي جھڙوڪ: چنڊ جو ڦيرو ۽ عورت جي ماھواريءَ جا ڏينھن، زمين جي پيداواري قوتن جو عڪس، عورت جي ٻار ڄڻڻ جي صورت ۾، فطرت جي سنڀار ۽ پرورش ڪرڻ، عورت پاران ٻار جي پالنا ڪرڻ، جھڙين خوبين ۾ هڪجھڙائي آهي. اھڙا تمام گهڻا ۽ ڊگها مثال ۽ تصور موجود آھن، جيڪي ڏسي ۽ پڙھي سگهجن ٿا. ماحولياتي عورتازاد تنقيد جو زاويو ٻڌائي ٿو ته، عورت جون اھي خاصيتون جيڪي فطرت يا ڌرتيءَ سان ھم آھنگ آھن، ادب ۾ انهن خيالن ۽ فڪرن کي جانچڻ گهرجي.

ڪتاب ۾ ”تون جو پاڇو چنڊ جو“ ايڪوفيمينزم جون نشانيون ۽ تصور:

سنڌي شاعره رخسانھ پريت جي شعري مجموعي ’تون جو پاڇو چنڊ جو‘ جو نالو ئي انهيءَ ماحولياتي عورتازاد جي صورت ۾ موجود آھي. چنڊ جو عورت ذات سان گھرو فطرتي تعلق آھي، جنھن جو اظھار  ان ڪتاب ۾ انيڪ جاين تي ملي ٿو. عورت جي انهيءَ پاسي جو ذڪر خود شاعره پنھنجي پاران ۽ مھاڳ لکندڙ ريحانھ چنڙ به تفصيل سان ڪيو آھي. عورت ۽ فطرت جو خوبصورت اظھار ھن شعر ۾ ڏسو:

ٻانهن جي ٻيڪڙ مان نڪتيس،

ايئن لڳو ڄڻ جڙ مان نڪتيس. (10)

 

ھي شعر نه صرف ماحولياتي عورتازاد جو اظھار آھي، پر پوري دنيا ۾ ٻيلن جي تباھيءَ جو عڪاس به آھي. پاڪستان ۾ جنرل ضياءَ جي دور ۾ ڊي فاريسٽيشن Deforestation  ذريعي تباھي آندي وئي، ان عمل  زمين کي سڪائي ٺوٺ ڪري ڇڏيو. ايئن عورت جي ڪُک به، سوڪھڙو محسوس ڪري ٿي. جيئن فطرت جا وڻ ۽ ٻيلا پاليا۽  تاتيا ويندا آھن، ساڳيءَ ريت عورت به پيار گهرندي آھي، ايئن عورتن جي پيار، انگل آرن، خوبصورتين ۽ ڪثرتي فطرت کي قبول ڪرڻ جو تصور موجود آھي. تنھنڪري شاعره اھو اظھار ڪري ٿي ته، محبتن کان انسان جو نڪرڻ ايئن آھي، جيئن ڪو سَلو، ٻوٽو يا وڻ پنھنجي جڙن يا پاڙن مان پٽجي نڪري. عورت جي ڪثرتي فطرت جو اظھار ھن شعر ۾ ڏسو:

مرڪب وجود منھنجي ۾ تون ڀي جڙيل پرين،

ٻانھون نه ڪڍ ڳچيءَ مان، ھي نه ھار ڌار ڪر(11)

مرڪب وجودن جو مثال نباتاتي نظام جو اھم جز آھي. مٿيون شعر ڀلي ڪو رومانوي انداز ۾ سمجهي يا تشريح ڪري، پر فطرتي ۽ ماحولياتي تنقيد جو اھم بنياد به اھڙا شعر يا تخليقي اظھار آھن. جيئن اڄ فطرت، اوزون تھه جي تباھي ۽ ڪارخانيداري نظام جي ڪري، گرمي پد انسان کان بدلو ٿو وٺي، ان جو مکيه ڪارڻ انسان جي ماحوليات تي هڪ هٽي آھي. جيڪڏھن ماحوليات کي تباھ ڪندئو ته، توھان به تباھ ٿي ويندئو ۽ توھان به ماحوليات سان جڙيل آھيو. ان مرڪب وانگر، جيڪو ڪائنات جو حسن آھي.

پنھنجو ھٿ منھنجي ھن ٿڌي ھٿ تي،

جي  نه  رکندين  ته مان ھلي وينديس. (12) 

عورت جو پيار ايئن ھوندو آھي، جيڪڏھن فطرت جو ماحولياتي لحاظ کان خيال نه رکيو ويندو ته فطرت بدلجي ويندي، ڪنھن دور ۾ درياء ھوندا ھئا، آبشار ھوندا ھئا، پھاڙ ھئا، برفاني وسيلا ھئا، اڄ انسان ذات انهن وسيلن جي کوٽ جو شڪار آھي. اڄ انسان ذات وٽ پاڻي به ملهه سان پيو خريد ڪري، ٿڌي ھوا به پيسن سان پئي ملي، سمورو ماحولياتي توازن بگڙيل آھي. انهي فطرتي جبر جو اظھار رخسانه پريت ه سڌي طرح سان ڪري ٿي ته:

ٻڌين فطرت کي پيو وجهي واڍيون،

جو ڪري، سڀ گناھ، ڇا ته ڪندين. (13)      

جيئن فطرت کي واڍيون ڪري اُجاڙيون ٿا، ايئن انساني فطرت کي گناھن جي حوالي ڪري ڪيترو روڪيندا؟ انسان ۽ فطرت ھڪجھڙا آھن، انهن کي سمجهڻ جي ضرورت آھي. ماحولياتي عورتازاد تنقيد جو سٺو مثال ڪتاب جي پھرئين نظم ۾ موجود آھي، جنھن جو عنوان آھي ”محبت اوتبي آھي!“ انهي نظم ۾ ٻٽا مخالف خيال موجود آھن. جھڙوڪ اوھان وٽ انساني ڪلچر آھي، اهڙو ئي عورت وٽ به آهي، يعني ھتي فطرت آھي. فطرت ۾ شيون هڪٻئي ۾ جذب ٿي وينديون آھن، ميلاپ ھوندو آھي، پر ٻئي پاسي شيون ورڇبيون ۽ ورھائبيون آھن، ھتي مرد بمقابل عورت جو دوئي وارو نظريو، ثقافت ۽ فطرت وارو ٻٽو مخالف خيال ۽ عورتاڻي ارتقا جو نمونو آھي جھڙوڪ:

ٿئي تحليل ھڪٻئي ۾

رڳو ھڪ آھ ٿي وڃبو،

پتو ڪنھن کي ڏبو ناھي،

ڄڀن ۾ راز رھندا ھن،

جي خوش ٿي ماڻڪي مرڪي،

ڪري تنبيھه نيڻن کي،

ڇنڀي ڇپرن کي ڪيرائي،

مرڪ سا روڪبي آھي؟

محبت اوتبي آھي.

 

گهڻا ھن سانحا ٿيندا

جدايون فاصلا ٿيندا

ھٿين خالي آھي رھبو

رڳو ئي درد آ لڻبو،

۽ پيڙا پوکبي آھي

محبت اوتبي آھي

اوھان وارين دنيائن ۾

محبت ورڇبي ھوندي

اسان جي پار ڏي جاني!

محبت اوتبي آھي. (14)

ھن نظم ۾ صرف محبت جي ورڇ جو رومانوي تصور نه آھي، پر سموري ھٿرادو دنيا جي ورھاڱي جي تصوير آھي، پر فطرت ۽ محبت ورڇ سان ڳنڍيل ناھن- اھي ته اوتبا آھن ۽ فطرت جيئن ھوا، خوشبو، تازگي، زندگي ۽ ارتقا کي پاڻ ۾ سمائي ھلندي آھي، محبت به ايئن ھوندي آھي. انهيءَ نظم ۾ ٻن جھانن جي ترجيحن کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو ويو آھي، اھو صرف تخيلقي ذهن رکندڙ عورت جو ڪمال ئي آھي. جيئن فطرت ۽ فطرتي ماحول ۾ ھڪڙي خاموشي، رازداري، ارپنا جھڙا عنصر ملن ٿا، ايئن عورت جي محبت ۾ به ھڪ رازداري ۽ تجسس ڀري دنيا آھي. ماحولياتي درد کي رخسانھ پريت ھيئن به بيان ڪري ٿي:

ڇو ھيڊو چنڊ آ ٿي پيو،

۽ ويران سمنڊ آ ٿي پيو،

اسان جو موھ ھو سمجهيو،

سو من جو منڊ آ ٿي پيو،

درياھن اڃ آ پاتي،

ڏسي جن کي ڇڄي ڇاتي،

ڏسي ھر ڏيل کي ڏرندي،

ڪٿي ھر ديد ۾ دم آ،

پڇين ٿو ڪيترو غم آ. (15)

چنڊ جي ھئڊاڻ کي ڏسي، جنھن جي ڇاتي ڇڄي پوي، اھا فطرت ۽ عورت ئي آھي، جيڪي انهي درد کي سمجهن ٿا. چنڊ جو ھئڊو ٿيڻ، سمنڊ جو ويران ٿيڻ ھڪ استعارو آھي، جيڪو فطرتي لقائن سان ڳنڍيل آھي، جتي درياهن به اڃ پاتي آھي، اھڙي ماحول ۾ انساني محبت جو تصور ڪيئن پايئھ تڪميل تي پھچندو. جيئن فطرتي لقائن جو پنھنجو داخلي رستو آھي، درياهه پنھنجا رستا ٺاھن ٿا، سمنڊن جو پنھنجو طريقو آھي، تيئن عورت جو اندر به آزاد ۽ وِشال آھي. جڏھن ته عورت جي محبت تي پابنديون يا زنجيرون خارجي آھن، انهيءَ لقاءُ جو اظھار رخسانھ وٽ ھيئن آھي:

 

خوف اڻ ڄاتو، ڪوئي مون ۾ رھي ٿو،

ڪنھن بڻايون ڇانوڻيون منھنجي اندر ۾ . (16)

ڇانوڻيون خارجي لقاءَ آھن، جيڪي اندر جي فطرتي اظھار کي قيد ڪرڻ لاءِ ھونديون آھن، اندر جو اظھار فطرتي آھي، ايئن محبت فطرتي ۽ جبلتي فطرت آھي، ان ڪري ان کي آزادي گهرجي، نڪي ڏانوڻيون ھجن،

جيتري پرواز ٿي اوچي گهُران مان،

 اوتريون ڏانوڻيون منھنجي اندر ۾ (17)         

جيئن سرحدن ۾ ھوائن، پکين، روشنين ۽ چنڊ کي قيد نٿو ڪري سگهجي، ايئن عورت جي فطرت کي به قيد نٿو ڪري سگهجي، ان کي اظھار جو رستو ڏيڻو پوندو. اولھه جي ملڪن جيستائين انساني فطرت ۽ جبلت کي قيد ٿي ڪيو، ڏانوڻيون ٿي وڌيون، ڇانوڻيون ٿي ٺاھيون، ايستائين اھي ترقي نه ڪري سگهيا. اسين اڄ جديديت پڄاڻان خريدار آھيون، جڏھن ته اولھه سمورين سائنسن ۽ تخليقن جو پيدا ڪندڙ آھي. ان ڪري عورت کي ۽ عورت جي پيداواري قوتن کي قيد نٿو ڪري سگهجي. رخسانھ پريت چواڻي:

ھر بغاوت جو ٻج ٿئي مون ۾،

منھنجو ھي وار وار مجرم آ.

 

ھڪ ڇڏيو ڇاڻي ٻئي جلايو آ،

خزان قاتل، بھار مجرم آ (18)    

مٿين شعرن ۾ محبت ۽ فطرت جي ڪيڏي هڪجھڙائي آھي. عورت ۾ بغاوت ھجڻ ۽ زمين ۾ ٻج جي ڇٽڻ جو استعارو ايترو سگهارو آھي، جو انسان ذات جي تاريخ ڏاڏي آدم ۽ ڏاڏي حوا جو جنت مان نڪرڻ يا ھيلن جي ڪري ٽراءِ واري جنگ ٿيڻ تائين، سموري تاريخ ۾ عورت جي محبت واري بغاوت موجود آھي ۽ ان ٻج جي پيداواري خاصيت اڄ تائين پئي ڦھلجي. ماحولياتي عورتازاد جو بھترين اظھار نظم ’درياھ جي دانھن‘ ۾ به موجود آھي، جنھن ۾ پيداواري خاصيت کي بھترين نموني سان اظھاريو ويو آھي. ان مان ڪجهه سٽون هتي پيش ڪجن ٿيون.

....وڏو آ حادثو ٻُڌجو

مان درياھ شاھ ھان بيشڪ

مگر مان بي زبان آھيان

جسم ۽ روح سان منھنجي

جبر جنھن جنھن ڪيو آھي

وڏو آ سو قصو ٻُڌجو....

مان فطرت جي حقيقت ھان

مان ڌرتيءَ جي دولت ھان

مگر ڪجهه ڏينھن سو ڪھڙي

ڪيون چڙھايون جو مون تي

منھنجي فطرت ڀُلائي وئي،

مون کي مورڳو وساريو ويو

اڃا ويتر رنجايو ويو

ھُو ھئا جي لوڀ لالچ ۾

ويا ڪوري پاسريون منھنجون

جسم منھنجي جي سڀ مٽي

کڻي ويا منھنجا رکوالا(19)

اهڙيءَ ريت رخسانھ پريت جا انيڪ نظمَ ماحولياتي عورتازاد کي پيش ڪن ٿا، جن ۾ محبت ته ڀريل آھي ئي آھي، پر فطرت جو پاسو به سرس آھي. سندن نظم ’اگهاڙپ جو سچ‘ ۽ ’آئون اڌ نه سڄي آھيان‘ ۾ انهي ماحولياتي عورتازاد جا چٽا نشان موجود آھن. فطرت ۽ عورت جي محبت سان ڀرپور ھيٺيون شعر پڙھو:

پيار وڻ ويڙِھِيءَ جان ڇڏي ويڙھي،

ايتري بس ڄمار ٿي چاھيان. (20)        

ھن شعر ۾ عورت جي محبت کي جذب ڪرڻ واري عنصر کي فطرت جي وڻ ويڙِھِيءَ سان ڀيٽڻ جو بھترين مثال آھي. وڻ ويڙِھِي وڻ کي ايئن وڪوڙي ڇڏيندي آھي جو وڻ کي ڪنھن ٻئي وجود جي سمائجڻ جي جاءِ به نه ڏيندي آھي ۽ ڪيترن مثالن ۾ ته وڻ ويڙھي وڻ کي سڪائي به ڇڏيندي آھي ۽ پاڻ به پيلي ٿي ويندي آھي ۽ ٻئي ھڪٻئي ۾ جذب ٿي ھڪٻئي ۾ سمائجي ويندا آھن. محبت ۾ ارپنا يا خود فنا جو اھو مثال اسان کي ايڪوفيمنزم ذريعي ئي سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو، پر جيڪڏھن ايئن پيار ۾ نه ھجي ته، پوءِ زندگي ڄڻ ڄار ۾ ڦاسجڻ مترادف ھوندي آھي، جيئن رخسانھ ھن شعر ۾ اظھاريو آھي ته:

وڻ ويڙھي ڀي ڪٿي ھئي ڪي ونگ ڀي ھئا ڪاٿي،

جت جيءُ منھنجو اٽڪيو، سي ڄار بنهه ٻيا  ھئا(21)

مٿئين شعر ۾ صرف ھڪ فرد جي محروميءَ جو احساس ئي نه پر شاعره جي اظھار جو نمونو به آھي ۽ شاعر سماج ۽ سماجي لقائن جي نمائندگي ڪندڙ ھوندا آھن. غير موزون جاءِ تي گل يا وڻ جو ڦٽڻ يا ڪنھن عورت جي وجود جو ڦاسڻ يا اسرڻ غير فطري ماحول ۾ ارتقا جيان ھوندا آھن، جيڪي پوءِ ڪنھن سزا وانگر اسرندا آھن. ان جو اظھار وري رخسانھ ھيٺئين شعر ۾ ڪيو آھي، جيڪو شاعراڻي اظھار سان گڏ ھڪ وجودي اظھار به آھي ته،عورت جي محبت ۽ فطرت جي لقاءُ کي نه سمجهڻ وارن لاءِ نشاني به آھي:

آئون مصلحت ۾ ڪجهه لڪايان ٿي،

ھو  ڀي  سمجهي  وڃن  ٿا  بھتر  آ (22)

محبت ۽ فطرت ۾ ڪا به شيءِ لڪائي نٿي سگهجي. ڊيريڊا چيو آھي ته ”سڀ ڪجهه متن ۾ آھي، متن کان ٻاھر ڪجهه به نه آھي.“ ايئن رخسانھ پريت پنھنجي شاعريءَ ۾ سڀ ڪجهه ٻُڌائي به ڇڏيو آھي، پر تنھن ھوندي به چئي ٿي ڪجهه مصلحتن ۾ لڪايو آھي.

نتيجو ۽ پڄاڻي:

ڄاڻايل ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ مزاحمت به آھي ته محبت به آھي، جديدت پڄاڻان آھي ته، وجوديت جو اظھار به آھي، پر ھن ڪتاب ۾ ماحولياتي عورتازاد جو تصور به جھلڪي ٿو. فطرت ۽ عورت جي موضوع کي بھتر نموني سان نڀايو ويو آھي. سنڌي شاعريءَ ۾ اھڙو اظھار، اسان جي فطرت ۽ عورت جي سجاڳيءَ جي ڏسَ ۾ مثالي آھي، جنھن کي سمجهڻ سان ئي اسان جا رستا نروار ٿيندا. ماحولياتي عورتازاد تنقيد جي حوالي سان اھم ڳالهه جيڪا ھن ڪتاب ۾ بلڪل نروار ٿي لکيل آھي. اھا عورتاڻو آواز (feminine voice) آھي، جيڪو علي الاعلان اظھار جو نمونو آھي، جنھن مان صرف عورت جو وجود، عورت جي محبت ئي نه، پر فطرت کي پوري طاقت سان اظھاريو ويو آھي ۽ ٻنهي کي خوبصورت انداز ۽ بيباڪيءَ سان نڀايو ويو آھي. جھڙوڪ:

  • عورت ۽ فطرت پيداوار جا بنيادي وسيلا آهن جن ذريعي انساني جنس، تاريخ، تھذيب ۽ تمدن جي ارتقا ٿي ۽ ٿيندي رهندي.
  • فطرت جيان عورت جون تمام گهڻيون صورتون ۽ شڪليون آهن، انهن کي سمجهڻ ڏکيو پر ضروري آهي.
  • عورت ۽ فطرت سان هٿ چراند يا ڪنهن ڏاڍ يا زبردستي وارو ماحول فطرتي يڪسانيت، هڪجھڙائي، سونھن ۽ جماليات سان هٿ چراند جي برابر آهي، تنھنڪري عورت ۽ فطرت کي سمجهڻ ۽ انهن جو قدر ۽ احترام ڪرڻ گهرجي.
  • جتي جتي فطرت ۽ ماحوليات سان هٿ چراند ڪري، ڪا مصنوعي دنيا اڏي وئي اتي فطرت بگڙي وئي ۽ فطرتي ردعمل، انساني تهذيب کان مختلف طريقن سان بدلو ورتو. ساڳئيءَ طرح عورت جي محڪومي به سماجي ترقي ۽ اوسر ۾ وڏي رڪاوٽ ٿي بيٺي آهي، جنهن انساني سماجن کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو.

رخسانه پريت جي ڪتاب ”تون جو پاڇو چنڊ جو“ ۾ اهي سمورا مٿيان لوازمات، علامتون، تشبيهون ۽ پيار وارا عنصر شامل آهن، جيڪي ايڪوفيمينزم جا بنياد آهن. مٿين بحث ۾ حوالي طور ڏنل شعرن کي بخوبي انهيءَ پس منظر ۾ ڏسي ۽ پروڙي سگهجي ٿو. رخسانه جي شاعري ڄڻ ته انسان کي ايڪو سسٽم ۽ فيمينزم جي بنيادي محرڪن کي واضح ڪري پيش ڪرڻ جو پيش خيمه آهي.

 

 

حوالا

  1. Burkett, E. (2014). Feminism sociology. https://www.britannica.com/topic/feminism/The-suffrage-movement
  2. Boslaugh, S. E. (2016, January 11). anthropocentrism. Encyclopedia Britannica. https://www.britannica.com/topic/anthropocentrism
  3. Britannica, T. Editors of Encyclopaedia (2022, January 31). Conradus Celtis. Encyclopedia Britannica. https://www.britannica.com/biography/Conradus-Celtis
  4. Kattsoff, L. O. (1953). Man is the Measure of all Things. Philosophy and Phenomenological Research, 13(4), 452–466.https://doi.org/10.2307/2103811
  5. Glotfelty, C. & Fromm, H. (1996). The Ecocriticism Reader: Landmarks in Literary Ecology . Thens, Georgia: University of Georgia Press
  6. Françoise d'Eaubonne (12 March 1920 – 3 August 2005) equality between men and women: insights The manifesto of 343. Retrieved from Gender and Environment, (07 April, 2022). GDRC research focus on Gender and the environment. Retrieved from https://www.gdrc.org/gender/gender-envi.html
  7. Warren, K. (September 2002). "Karen Warren's Ecofeminism". Ethics & the Environment. 7 (2): 12–26.
  8. Françoise d'Eaubonne ( 1974) Françoise d´Eaubonne's Le Féminisme ou la Mort https://www.environmentandsociety.org/tools/keywords/francoise-deaubonnes-le-feminisme-ou-la-mort
  9. Minneapolis Star Tribune, (March 6, 1991). A Publisher Extra Newspaper. Star Tribune from Minneapolis, Minnesota · Page 34 extracted from https://www.newspapers.com/newspage/
  10. پريت، رخسانه ” تون جو پاڇو چنڊ جو“: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد (2022ع).
  11. ساڳيو حوالو
  12. ساڳيو حوالو
  13. ساڳيو حوالو
  14. ساڳيو حوالو
  15. ساڳيو حوالو
  16. ساڳيو حوالو
  17. ساڳيو حوالو
  18. ساڳيو حوالو
  19. ساڳيو حوالو
  20. ساڳيو حوالو
  21. ساڳيو حوالو
  22. ساڳيو حوالو

248 ڀيرا پڙهيو ويو