ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي جي چوٿين جُلد جي ڳولا
(Finding the fourth volume of ‘shah jo risalo’ compiled by: Dr. Gurbakshani)

مختيار احمد ملاح

Abstract:

Dr. Hotchand Molchand Gurbakhshani was an educationist and scholar who is well known for his annotated translation of the Sufi poetic compendium Shah Jo Risalo. For this cause, he earned so much respect.above all, he spent so much money as well. He tried that His project (Shah jo Risalo) should be published by government, but he did not get any response. Sindh’s Commissioner allowed him to publish his compiles on his own from commissioner’s office press. The first volume published in 1923 contains five Surs of Shah jo Risalo, the second volume published in 1924 and third volume in 1931. Due to some financial reasons he could not publish the fourth Volume of Shah jo Risalo. Dr Gurbakhshani died on 11th feb 1947 at the age of 64. Through this paper it is a kind trial to find the missing 4th Volume.

Keywords: Dr. Hotchand Molchand Gurbakhshani, Shah jo Risalo, etc.

 

ڊاڪٽرهوتچند مولچند گربخشاڻيءَ ’ شاهه جي رسالي‘ جي ترتيب جي رٿا 1920ع ڌاري شروع ڪئي هئي، جنھن جي پويان سندس ورهين جي محنت شامل هئي. ان رٿا جي جوڙجڪ هن لکت ۾ انگريزي توڙي سنڌيءَ ۾ ڪئي هئي. سندس خواهش هئي ته سندس چارئي جلد سرڪاري خرچ تي شايع ٿين، جنھن لاءِ هُن ياداشت نامي سان گڏ ڪمشنر سنڌ کي خط لکيو، جنھن جي ڪاپي ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ۽ تعليم کاتي جي انسپيڪٽر کي به موڪليل هئي. ان خط ۾ هُن لکيو ته:

 ”توهان اڳ ۾ به شاهه جا رسالا سرڪاري خرچ تي شايع ڪرايا آهن، جڏهن ته سندس هيءُ ڪم اڳين ڪمن کان بھتر ۽ منفرد آهي، ان ڪري ان کي سرڪاري اعزاز سان شايع ڪرايو وڃي. هن جي اسڪيم موجب، هر جلد 500 صفحن تي مبني هوندو. هن چئني جلدن جي پوري خرچ ۽ اعزازيي سميت پوري اسڪيم تيار ڪئي، پر افسوس سرڪار وٽان ڇپائيءَ جي موٽ نه ملي. البته سنڌ جي ڪمشنر سندس رسالن کي ڪمشنر آفيس پريس مان ذاتي خرچ سان ڇپڻ جي اجازت ڏني.“ (1)    

سرڪاري خرچ سان ڇپائيءَ تي ڪن دوستن کيس اها به صلاح ڏني ته هو چئني جلدن کي پاڻ شايع ڪرائي. کيس يقين هو ته شاهه سائين جي محبت ۽ سندس محنت سان ڪيل ڪم کي سنڌي عالم ۽ پڙهندڙ قدر دانيءَ سان ڏسندا. هن هر جُلد جي قيمت پنج رپيا مقرر ڪئي هئي. رسالي جا ٽي جلد هڪ ٻئي جي پٺيان ترتيبوار پھريون جلد 1923ع ۾، ٻيو جلد  1924ع ۾ ۽ ٽيون جلد 1931ع ۾ ڪمشنرس پريس ۾ عمدي ڪاغذ تي شايع ٿيا هئا، هن سنڌ جي ڪمشنر کي خط لکي ڪمشنر پريس مان ڇپجڻ جي ڪري ٿورا پڻ مڃيا. ڪتابن جي ڇپائي تي سندس سوچ کان به گهڻو خرچ ٿي ويو هو. رسالي جو چوٿون جلد پڻ تيار ڪيو هئائين، پر اهو جُلد ڪن اڻٽر سببن جي ڪري شايع ڪرائي نه سگهيو. 11 فيبروري 1947ع تي سندس ديھانت ٿي ويو ۽ چوٿون جلد خبر ناهي ڪيئن گم ٿي ويو.

تحقيقي سوال:

هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو چوٿون جلد ڪيڏانھن ويو؟ ان سلسلي ۾ اسان چار سوال اٿاري، انهن کي جانچڻ جي ڪوشش ڪنداسين:

  1. ڇا ڊاڪٽر گربخشاڻي چوٿون جلد تيار ڪيو به هو يا نه؟
  2. ڇا چوٿون جلد مالي مسئلن ۽ نجي پريشانين جي ڪري شايع ڪرائي نه سگهيو؟
  3. ڇا چوٿون جلد ڪنھن سازش تحت گم ڪيو ويو؟
  4. آخر چوٿون جلد ڪيڏانھن ويو؟

مفروضو (Hypothesis):

ڊاڪٽر گربخشاڻي وڏي پايي جو عالم هو. سندس وڏو ڪارنامو ’شاهه جو رسالو‘ آهي، جنھن لاءِ هن تمام گهڻي محنت ڪئي هئي، خرچ ڪيا هئا، اشاعت کان پوءِ  هُن ڪي  تُھمتون به  سَٺيون. سندس تيار ڪيل شاهه جي رسالي جي چوٿين جلد جو گم ٿيڻ، ڪنھن سانحي کان گهٽ نه آهي. الميو اهو به رهيو  ته گم ٿيل رسالي جي سنجيدگيءَ سان ڳولا به نه ڪئي وئي. گمان آهي ته اهو مسودو اڄ به ڪنھن هنڌ محفوظ هٿن ۾ سانڍيل آهي، اگر هينئر به ڪوشش ڪجي ته رسالي جي مسودي کي ڳولي سگهجي ٿو. سندس چوٿين جلد جي اشاعت سان شاهه جي رسالي جو مڪمل ۽ هڪ بھترين اڀياس حاصل ٿي سگهي ٿو ۽ رسالي جي مالڪيءَ جي حوالي سان به اڀريل افواهه هميشه ختم ٿي ويندا.

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي مختصر سوانح  ۽ سندس چند اهم ادبي ڪارناما:

”ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ (1884_1947ع) جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. 1905ع ۾ ڊي جي ڪاليج مان بي. اي، 1907ع ۾ ولسن ڪاليج بمبئي مان ايم. اي پاس ڪيائين. 1928ع ۾ انگلينڊ مان پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري وٺي آيو. ڊي جي ڪاليج ۾ فارسي ۽ انگريزيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. ان ئي ڪاليج ۾ 1927ع ۾ وائيس پرنسپال، 1940ع ۾ ڪاليج جي آرٽس فئڪلٽي جو ڊين ۽ 1943ع کان 1944ع تائين ڪاليج جي پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏنائين. هو محقق، مترجم، ناول نگار ۽ شاهه جو شارح هو.“ (2)

ڊاڪٽر بدر اڄڻ لکيو آهي ته:

”ڊاڪٽر گربخشاڻي کي جيڪڏهن ”جديد سنڌي تنقيد“ جي پايي وجهندڙن مان هڪ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هن لاکيڻي لطيف جو سوانح، فن ۽ فڪر تي جيڪو تنقيدي ڪم ڪيو، ان کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي. هيئن به چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته ”لطيفيات“ جي موضوع تي سنڌي ۾ علمي تنقيد جو پھريون ڪتاب ڊاڪٽر گربخشاڻي لکيو. اهو ڪتاب ”مقدمه لطيفي“ هو، جيڪو دراصل شاهه جي رسالي جو مقدمو هو.“ (3)

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ شاهه جي رسالي کي نئين سر ترتيب ڏنو. ڊاڪٽر گربخشاڻي جو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان دلي لڳاءُ هو، هن شاهه جي شاعريءَ کي جديد نموني سھيڙڻ ۽ شرح لکڻ جو ڪم شروع ڪيو. پھرئين جلد ۾ ڪل پنج سُر: سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر کنڀات، سر سريراڳ، سر سامونڊي شامل آهن ؛ ٻئي جلد ۾ ڇھه سُر: سر سهڻي، سر سسئي آبري، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوهياري، سر حسيني ۽ ٽئين جلد ۾ ست سر: سر ليلان چنيسر، سر مومل راڻو، سر مارئي، سر ڪاموڏ، سر گھاتو، سر سورٺ، سر ڪيڏارو ڏنل آهن. سندس ترتيب ڏنل ٽنهي جلدن ۾ ڪل 18 سُر مڪمل ٿين ٿا، باقي چوٿين جلد ۾ جھڙوڪر 12 سُر ضرور هوندا. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جو عالماڻو مقدمو، معنيٰ ۽ شرح سان چئن جلدن ۾ لکڻ سندس تاريخي ۽ تحقيقي ڪارنامو آهي، جن مان ٽي جلد پاڻ پنھنجن هٿن سان ڇپائي پڌرا ڪري سگهيو. گربخشاڻي، شاهه جي ڪلام جا ان وقت تائين ڇپيل ۽ ٻيا قلمي نسخا هٿ ڪري باقاعده ڀيٽ ڪئي ۽ ڪيترائي بيت پنھنجي رسالي مان خارج ڪري ڇڏيا، جنھن جي ڪري مٿس وڏي تنقيد پڻ ٿي. بيتن جي شرح ۽ سمجهاڻين لاءِ باقاعده لسانيات جي سکيا ورتائين. ڪتاب جي تياري جي سلسلي ۾ قرآن، حديث ۽ تصوف بابت مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪيائين. شاهه صاحب ڇاڪاڻ ته وچولي ۽ لاڙ جو لهجو ڪتب آندو هو، ان ڪري ان کي ئي قائم رکي، ان لحاظ کان سندس ٻوليءَ جو اڀياس ڪيائين. مقدمي ۾ موجود بابن ۾ شاهه جي حياتيءَ جو احوال، شاهه جو مذهب، ويدانت ۽ تصوف، شعر ۽ شاعري، مضمون ۽ عبارت، شاهه جي سنڌي ۽ ان جون نحوي بناوتون تمام تفصيل سان ڏنائين.“ (4)

سندس لکيل’مقدمه لطيفي‘  به شاهه جي فن ۽ حياتيءَ تي هڪ شاهڪار آهي. هي مقدمو ڪتابي صورت ۾ پڻ  1936ع ۾ ڇپيو هو. هُن هڪ ناول پڻ ”نورجهان“(1915)  جي نالي سان لکيو.  سندس ٻيو ڪتاب ’لنواري جا لعل’ (سوانح، تاريخ 1934) به شايع ٿيل آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي ڪيترن ئي ڪتابن جا پيش لفظ پڻ لکيا، جن ۾ ليلارام ڦيرواڻي جو ڪتاب ’هڪڙي رات‘، رام پنجواڻيءَ جي ناٽڪ ’مومل راڻو‘، ڪشن چند بيوس جي شعري مجموعي ’شيرين شعر‘، چيتن ماڙيوالا جي تاريخي مضمونن جي ڪتاب’تاريخي مضمون‘ ۽ عبدالرزاق عبدالسلام جي ڪتاب ’گئٽي هڪ جرمن شاعر ۽ ڊراما نويس‘ قابل ذڪر آهن. هُن ڪجهه اخبارن ۾ مضمون به لکيا.

ڊاڪٽر گربخشاڻي انگريزي ادب جو استاد هو. صوفي ازم سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هو. هن انگريزي شاعريءَ ۾ صوفي ازم کي ڳولڻ لاءِ 1928ع ۾ لنڊن مان پي ايڇ ڊي ڪئي، جيڪا ٿيسز شايع ٿيل آهي ۽ ان جو عنوان آهي:

“Mysticism in the early Ninetieth Century Poetry of England”

سندس پي.ايڇ. ڊي ڪيترن ئي ورهين کانپوء1984ع ۾ هندستان مان شايع ٿي، جنھن کي2018ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد پاران پھريون دفعو سنڌ ۾ ڇپايو ويو. ان ڪتاب جي مھورتي تقريب ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي نياڻي گُل ڇڳاڻي به سنڌ آئي هئي. سنڌي ٻوليءَ کي بي.اي جي ڪورس ۾ رکرائڻ جو سهرو به ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ڏانھن وڃي ٿو. هن 14 نومبر 1921ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ڏانھن هڪ رپورٽ A Brief Survey of published Sindhi Literature موڪلي، جنھن جي آڌار تي بي.اي جي ڪورس ۾ بمبئيءَ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو مضمون شامل ڪيو ويو هو. پاڻ ميٽرڪ جي شاگردن لاءِ ڪيترائي ڪتاب فارسيءَ مان انگريزي ۾ ترجمو ڪيائين جن ۾ ڪي هي آهن:

  1. Al-Badaye of Saadi Odes (Published in 1913)
  2. Taiyyibat (1-75) (Union Steam Press, Karachi. 1918
  3. The Shah Nama, Union Steam Press, Karachi, 1912.
  4. Diwan i Hafiz, (Gay Arthur) 1913
  5. Anwar-I-Suhaili
  6. Masnavi Rumi
  7. Yusuf and Zulaikha: A Poem by Jami
  8. Rubayyat -i -Umar Khaiyam

پاڻ ڪيترين ئي ادبي تنظيمن جو ميمبر ۽ سربراهه پڻ رهيو، جن ۾ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي اهم آهي، جنھن جو پاڻ بنياد وجهندڙ ۽ پھريون صدر به هو.

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي گم ٿيل چوٿين جلد تي اٿاريل سوال:

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي چوٿين جلد جي ترتيب جي باري ۾ مختلف رايا آهن. ڪن جو خيال آهي، ته هن چوٿون جلد تيار ئي نه ڪيو هو، پر جيڪي عالم، اديب ۽ شاگرد ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سان ويجهو هئا، تن جو چوڻ آهي ته رسالي جو چوٿون جلد پڻ تيار ڪيو هئائين، جيڪو ڪن اڻٽر سببن جي ڪري شايع ڪرائي نه سگهيو. 11 فيبروريءَ1947ع تي سندس ديھانت ٿيو ۽ چوٿون جلد هميشه لاءِ گم ٿي ويو. هن ڏس ۾ اسان مٿي ذڪر ڪيل سوالن جي جاچ ڪنداسين:

  1. 1. ڇا واقعي ڊاڪٽر گربخشاڻي چوٿون جلد تيار ڪيو به هو يا نه؟

هن سوال جا ٻه ٽي مقصد ٿي سگهن ٿا. هڪڙو ته ڊاڪٽر گربخشاڻي، چوٿون جلد تيار ئي نه ڪيو هو ۽ ٻيو حصو آهي ته تيار ڪيو هو، پر پورو ڪري نه سگهيو يا وري اشاعت لاءِ موڪلي نه سگهيو؟ ان سلسلي ۾ سڀ کان پھرين دعويٰ ڊاڪٽر عمر بن محمد  دائود پوٽي ڪئي  ۽ سندس حمايت ۾ ڊاڪٽر خليل شيخ ۽ لطف الله بدويءَ جي اها راءِ سامهون آئي، ته’ سندس ٽنهي جلدن جي سھيڙ ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جو اهم ڪردار هو، پر اڳتي هلي اختلافن جي ڪري ڊاڪٽر دائود پوٽي سندس مدد نه ڪئي، ان ڪري هو چوٿون جلد تيار ڪري نه سگهيو !‘ پر انهن جي رد ۾ پروفيسر لالسنگهه اجواڻيءَ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي حق ۾ مضمون لکيا ۽ سندن دعويٰ سان اختلاف ڪيو.

ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو پيارو شاگرد هو. کيس ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ فارسيءَ جي ليڪچرر رکرائڻ ۾ به ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو هٿ هو. شاهه جي رسالي جي سھيڙ ۾ خاص طور تي عربي ۽ قرآني آيتن جي سمجهاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي، گربخشاڻيءَ صاحب جي ڀرپور مدد ڪئي هئي، پر 1953ع ۾ شايع ٿيل هڪ مضمون ۾ ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي هڪ نئين دعويٰ ڪئي ته 1923ع ۾ آنجھاني پروفيسر گربخشاڻيءَ، شاهه جي رسالي جي تصحيح ۽ تشريح جو ڪم پاڻ تي کنيو، ۽ هن بنده جي حمايت سان سال 1931ع تائين رسالي جا ٽي جلد ڇپائي پڌرا ڪيائين. تنھن کان پوءِ منھنجي حمايت کان سواءِ استاد گربخشاڻي چوٿون جلد تيار ڪري نه سگهيو.“ (5)

سنڌ جي ٻن نالي وارن محققن ۽ نقادن ڊاڪٽر خليل شيخ ۽ لطف الله بدويءَ جي پنھنجن الڳ الڳ مضمونن ۾ دعويٰ کي دهرائيندي چيو ته ”جيئن ته ڊاڪٽر دائودپوٽي ۽ گربخشاڻي صاحب جا مختلف مسئلن جھڙوڪ سر ڪيڏاري جي وجود تي، رسالي ۾ گڏيل نالي ڏيڻ تي ۽ ٻين مسئلن تي اختلاف ٿي پيا، جنھن ڪري، سندس ساٿ کان سواءِ، ڊاڪٽر گربخشاڻي چوٿون جلد تيار ڪري نه سگهيو.“ جنهن جو وڌيڪ تفصيل رسالي ’ ڪينجهر‘جي خاص نمبر 2005ع ۾ آهي.

اهڙن دعوائن جي جواب ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي حامين جو چوڻ آهي ته ”ڊاڪٽر گربخشاڻي، دائودپوٽي صاحب کان مدد ضرور ورتي هئي، پر ان جو اهو مطلب نه آهي ته ڪو رسالي جي سھيڙ ۾ ڪو دائودپوٽي صاحب جو انفرادي هٿ هو. سندن اهو به چوڻ آهي ته اگر دائودپوٽي صاحب جو ئي ڪم هو ته پوءِ هن پنھنجو الڳ رسالو ڇو نه آندو، جڏهن ته هن کي وڌيڪ عھدا ۽ موقعا ميسر هئا. جڏهن ته گربخشاڻي 1947ع ۾ گذاري ويو ۽ دائودپوٽو صاحب  1958ع ۾.“ اهڙو وڌيڪ تفصيل پروفيسر لالسنگهه اجواڻي، تاراچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽليءَ جي مضمونن ۾ پڙهي سگهجي ٿو، جيڪي 2005ع جي ’ڪينجهر‘ رسالي جي خاص نمبر”سنڌ جو بي مثل عالم ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي “ ۾ ڇپيل آهن.  ان سلسلي ۾ اسان سڀ کان اول ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي مقدمن ۾ آيل دائودپوٽي صاحب جي لاءِ آيل شڪرگذاري کي ڏسنداسين. پھرئين جلد ۾ لکي ٿو ته:

 ”آءٌ پنھنجي اڳوڻي شاگرد ۽ هاڻ همڪار پروفيسر مسٽر عمرالدين دائودپوٽي، ايم. اي جو تھه دل شڪر گذار آهيان، جنھن هن جلد جي نسخي تيار ڪرڻ، شرح لکڻ، ڇاپي جي درستين ڪرڻ وغيره ۾، مون سان دل و جان سان شراڪت ڪئي آهي. هي صاحب جيڪڏهن اهڙو اتساهه نه ڏيکاري ها ته شايد هي ڪم هن منزل تي اهڙو جلد نه رسي ها.“ (6)) ٻئي جلد ۾ لکيو اٿائين ته ”مسٽر عمرالدين دائودپوٽي، ايم.اي جو، هن جلد جي تياري ۾ ساڳي اڳ جھڙي مدد ڪئي آهي، جنھن لاءِ آءٌ سندس شڪرگذار آهيان.“ (7) اهڙيءَ طرح، ٽئين جلد ۾ به سندس ٿورا مڃيندي لکيو اٿائين ته ”پياري دوست عمرالدين محمد خان دائودپوٽي جو تھه دل شڪرگذار آهيان، جنھن نسخن کي ڀيٽڻ ۽ ڪن سرن جي شرح لکڻ ۾ منھنجي خاطر خواهه مدد ڪئي آهي.“ (8)

اڪثر عالمن جو خيال آهي ته ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب ڪڏهن به اهڙي دعويٰ نه ڪئي هوندي، صرف ڪجهه ماڻهن اهڙا اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، ٻنهي جا پاڻ ۾ مثالي تعلقات هئا. ان سلسلي ۾ غلام محمد گراميءَ جا هي لفظ سندن سٺي تعلق جي گواهي ڏين ٿا:

 ”استاد ۽ شاگرد جي گڏيل ڪاوشن جي ورڇ ۽ فرق ڪرڻ، تعداد ۽ تفصيل جاچڻ، منھنجيءَ نظر ۾، ڪا علمي خدمت ڪا نه چئبي.تنھنڪري، نھايت احترام سان انهن جي علمي خدمت کي ياد ڪرڻ گهرجي، خاص طور ھينئر جڏھن ٻيئي عالم، استاد ۽ شاگرد، ھن عالم فانيءَ مان انتقال ڪري عالم جاودانيءَ ڏانھن ويا آھن، ٻنهي کي محبت ۽ دعا سان ياد ڪرڻ جڳائي. جيئن سندن زندگيءَ ۾ ڪا تلخي ۽ ڪشيدگي ڪا نه پيدا ٿي ھئي، تيئن ھاڻي به ان جو ڪنھن خفيف کان خفيف صورت ۾ بيان ڪرڻ به ٻنهي نيڪ روحن لاءِ رنج جو باعث ٿيندو. بھرحال، ”حوالت باخدا کرديم رفتيم“ چوڻ مناسب آھي.“ (9)

اهڙي غلط فھميءَ کي ختم ڪندي، سنڌ جي مشھور عالم ۽ ڀٽائي جي شارح غلام محمد شاهواڻيءَ، ڊاڪٽر دائودپوٽي جي حوالي سان لکيو آهي ته:

 ”ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب، جنھن ساڻس ڪلهوڪلهي ۾ ڏئي ڪم ڪيو ھو، تنھن مون کي ٻڌايو ته ”مون، چوٿون جلد، گربخشاڻي جي آنجھاني ٿيڻ بعد، سندس پٽ کان گهريو ھو، پر ھو نٽائي ويو. مون چوٿون جلد ڪونه ڏٺو ھو ۽ نڪي ان جي تيار ڪرڻ ۾ ڪو منھنجو حصو ھو. منھنجي خيال موجب سر ڪيڏارو شاھ جو ڪلام نه آھي. ڊاڪٽر اھو ٽئين جلد ۾ درج ڪيو، تنھن ڪري منھنجو ھن سان اختلاف ٿيو ھو ۽ آءُ پو ءِ ساڻس شريڪ ڪار نه رھيس.“ (10)

ان بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته گربخشاڻي صاحب چوٿون جلد تيار ڪيو هو. ان سلسلي ۾ تاراچند منگهن مل گربخشاڻي، جيڪو ڊاڪٽر گربخشاڻي جو شاگرد ۽ ڀائٽيو هو، اهو لکي ٿو ته ”مان پنھنجي ڄاڻ مان چوان ٿو ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وٽ چوٿين ڀاڱي جو مواد تيار هو. يعني اکرن جو اصل نسل ۽ لغتي بدل سان. هن جي وفات کان پوءِ سڄو گهر، مال سامان ڊاڪٽر جي لئبريري سميت جنھن ۾ ڪيترا ناياب ڪتاب ۽ قيمتي دستخط به موجود هئا، ڊاڪٽر دائودپوٽي جي حوالي ڪيا ويا. گربخشاڻيءَ جي سرڳواس ٿيڻ کان ڪيترا سال پوءِ سندس شاگرد مير غلام علي بخش ٽالپر اها لائبريري معمولي قيمت تي خريد ڪئي، پر چيائين ته مون لائبريري انهن ناياب ڪتابن ۽ قيمتي نسخن جي ڪري خريد ڪئي، پر انهن مان مون کي هڪ به ڪو نه مليو.“ (11)

 2018ع ۾ سنڌي لئگئيج اٿارٽي پاران  منعقد ڪيل ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي پي.ايڇ. ڊي ٿيسز جي مھورتي پروگرام ۾ تقرير ڪندي  ڊاڪٽر گربخشاڻي جي نياڻيءَ گل ڇڳاڻيءَ به چوٿين جلد جي هجڻ جي تصديق ڪئي ۽ پنھنجا ڪي خدشا به ظاهر ڪيا هئا.

  1. 2. ڇا گربخشاڻي صاحب چوٿون جلد مالي ۽ ذاتي مسئلن جي ڪري شايع ڪرائي نه سگهيو؟

اهو ثابت ٿيڻ کان پوءِ ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ چوٿون جلد بلڪل تيار ڪيو هو، پر ڪن مشڪلاتن ۽ سندس اوچتو ديھانت سبب شايع نه ٿي سگهيو. ان ڏس ۾ اسان کي وڏو ثبوت سندس هٿ سان لکيل هڪ خط آهي، جيڪو هن پنھنجي شاگرد ۽ نامياري اديب جهامنداس ڀاٽيا کي 17 جولاءِ  1935ع تي لکيو هو. ان خط ۾ جهامنداس ڀاٽيا کي وڌيڪ محنت ۽ مطالعي جي صلاح ڏيندي کيس لکي ٿو ته ”رسالي جو چوٿون جلد اڃا شايع نه ٿيو آهي، اهو پريس ۾ وڃڻو آهي. جيئن ڪتاب ڇپجي ايندو ته توهان کي ڪاپي ڏياري موڪيندس.“ (خط جي ڪاپي جهامنداس جي ڪٽنب وٽ اڄ به موجود آهي ۽ فيس بوڪ تي به رکيل آهي)

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي يقين هو ته سندس مرتب ٿيل رسالو تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪندو. رسالي تمام گهڻي مقبوليت ته حاصل ڪئي، پر ان کي خريد ڪرڻ وارو ڪو نه ٿي مليو. پڙهيل لکيل ماڻهو به کائنس اعزازي ڪاپي جي گهر ڪري رهيا هئا. ان سلسلي ۾ پير علي محمد راشديءَ لکيو آهي ته :

”هونئن ڀٽائي گهوٽ جي شھرت عام هئي. شاهه جي رسالي جي منظر عام تي اچڻ کان پوءِ ڪلام ڳايو ضرور ويندو هو. پر ڪلام جي ڳوڙهائي ۽ شرح جي پروڙ ڪن ٿورن ماڻهن کي هئي. فارسي اڃا تائين علمي زبان سمجهي ويندي هئي. چٺي چپاٺي فارسيءَ ۾ لکي ويندي هئي. شاهه صاحب جي ڪلام جي مقبوليت ۽ سندس اعليٰ شخصيت جي ناقدريءَ جو هيءُ حال هو، جو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو رسالو شايع ٿيو ته، ان کي خريد ڪرڻ وارو ڪو نه ٿي مليو. ڊاڪٽر صاحب ڪتابن جي تياري ۽ ڇپائيءَ تي پنھنجي هڙان گهڻو خرچ ڪري چڪو هو. نفعو ته ٺھيو،پر اهو خرچ به ڳچيءَ ۾ پئجي ويو هئس. مجبور ٿي هن صاحب پنھنجن ڪتابن جا نسخا، ذاتي دوستن ۽ اڳوڻن شاگردن ڏانھن، جيڪي هينئر سرڪاري عهدن تي چڙهيل هئا، موڪليا ته هو زور زبردستيءَ ڪري سنڌ جي زميندارن مٿان مڙهين ۽ کانئن قيمت وصول ڪن. قيمت به ايڏي وڏي ڪا نه هئي، پر خوشيءَ سان وٺڻ وارو ڪو نه ٿي مليو. مختيارڪارن ۽ ڊپٽي ڪليڪٽرن جي زور بار پوڻ ڪري، ڪيترن وڏيرن ڪتاب خريد ڪيا، پر گهر پھچڻ کان پوءِ ڪنڊ پاسي اڇلائي پئي ڇڏيا .“ (12)

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو آخري ڪتاب ”مقدمه لطيفي“ 1936ع ۾ شايع ٿيو هو. ان کانپوءِ هن ڪو به ڪتاب شايع نه ڪرايو. ان جا ڪيترائي سبب هئا، هڪ ته رسالي جي ٽن جلدن جي اشاعت مان کيس مالي طور تي تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو هو ۽ ٻيو ته رسالن جي اشاعت ٿيندي ئي هُن تي تنقيد جو هڪ طوفان لھي پيو. ڌارين سان گڏ سندس پنھنجا به، ذاتي تنقيد ۽ مذهبي بغض تي لھي آيا، جنھن کيس تمام گهڻو مايوس ڪري وڌو. ڄيٺمل پرسرام مٿس سخت تنقيد ڪئي، هن دعويٰ ڪئي ته گربخشاڻيءَ رسالي جو خون ڪري ڇڏيو آهي! ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، جيڪو سندس عزيز به هو، پر سندس تنقيد ٻين جي ڀيٽ ۾ مناسب/ وچٿري هئي، جنھن ۾ خوبيون توڙي خاميون گڏيل بيان ٿيل هيون. هن پنھنجي اهڙن تنقيدي مضمونن جو ڪتاب به شايع ڪرايو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي تي ٿيل تنقيد کي اگر گڏ ڪجي ته ٻه ٽي ڪتاب جڙي پوندا. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ڊاڪٽر گربخشاڻي پنھنجي خلاف ٿيل تنقيد جو ڪڏهن به لکت ۾ جواب نه ڏنو. ان کان علاوه هو ڊي. جي سنڌ ڪاليج جي ڊين ۽ پوءِ پرنسپال ٿيڻ جي ڪري ڪاليج جي انتظامي مصروفيتن ۾ اچي ويو. هو ڊي. جي سنڌ ڪاليج جو واحد پروفيسر هو، جنھن کي رٽائرمينٽ کان پوءِ به ٻه دفعا ملازمت ۾ واڌ ملي. ڪيترن ئي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جو ميمبربه  هو. گهڻي ڪم ۽ مصروفيت جي ڪري سندس طبيعت به خراب رهڻ لڳي هئي. خاص طور تي کيس چمڙيءَ جي بيماري ٿي پئي هئي، جنھن ڪري کيس پوري جسم تي هر وقت خارش رهندي هئي. انهن سببن ڪري هو چوٿون جلد ساڳئي جوش سان پريس ۾ موڪلي نه سگهيو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي جو شاگرد مير سعيد حسن، جيڪو بدين ضلعي جي لنواري شريف جو هو، تنھن پنھنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي ته:

  ”شاهه جي رسالي جو چوٿون مسودو مون وٽس ڏٺو هو، مگر پڙهيو ڪو نه هوم. اڍائي ٽي انچ ٿلهو فل اسڪئپ سائيز جو فائيل هو. فقط هڪ طرف ورق لکيل هئا ۽ سٽن جي وچ ۾ حاشين تي ڳاڙهي مس سان ترميمون ۽ واڌار ٿيل ڪيل هئا. ڊاڪٽر صاحب جيڪڏهن مغرب ۾ پيدا ٿئي ها ته سندس پيڙهيون دولتمند ٿي وڃن ها، مگر قدرت هن کي اهڙن وٽ پيدا ڪيو، جيڪي سندس قدر سڃاڻي نه سگهيا. ’شاهه جو رسالو‘ ڇپائڻ سبب مالي پريشانين کي منھن ڏيڻو پيس. آءٌ سمجهان ٿو ته انهيءَ تلخ تجربي سبب ئي چوٿين جلد ڇپائڻ لاءِ هو ڪو به قطعي فيصلو ڪري نه سگهيو ۽ ڪم ملتوي پئي ڪيائين.“ (13)

  1. 3. ڇا چوٿون جلد ڪنھن سازش تحت گم ڪيو ويو؟

مٿي ذڪر ڪيل سمورن حوالن ۽ شاهدين مان چٽو ٿي چڪو آهي ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ چوٿون جلد تيار ڪيو هو، پر مالي مسئلن توڙي مڃتا نه ملڻ سبب شايع ڪرائي نه سگهيو. پر پوءِ اهو مسودو ويو ڪيڏانھن؟ ڇا ڪنھن سازش تحت چوٿين جلد کي ضايع يا گم ڪيو ويو؟ ان سلسلي ۾ حوالن مان متضاد خبرون ملن ٿيون. انهن مان پھرين خبر موجب:

 ”وفات کان اڳ ڊاڪٽر صاحب ڪنھن شاگرد کي اهو فائيل پروف ريڊنگ يا ڪنھن ٻئي مقصد لاءِ ڏنو هيو، جنھن کان اهو گم ٿي ويو يا هن واپس نه ڪيو. ڪجهه حوالن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب جي وفات کان پوءِ ڪو سندس ويجهو دوست مسودو کڻي ويو، جنھن کان پوءِ ان اهو مسودو ڪڏهن به ظاهر ڪو نه ڪيو. ٽين خبر موجب اهو مواد ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب وٽ امانت رکيل هو، جنھن ان کي ڪنھن سرڪاري اداري ۾ رکرايو هيو. ان سلسلي ۾ اُن جي سُڌ نامياري اسڪالر علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي خط مان ملي ٿي. هن 16 فيبروري 1951ع ۾ لنڊن مان ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ لکيو هو ته ”ڇا حيدرآباد جا رستا ساڳيا آهن. خاص طرح ونٽري بندر. مھرباني ڪري جتوئيءَ کي چئو ته ڊاڪٽر دائودپوٽي تي زور ڀري ته اهو ويچاري ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو شاهه وارو چوٿون ۽ آخري ڀاڱو شايع ڪري، خدا ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ تي رحم ڪري، اسان منجهان ايتري به ڪا نه ٻري.“ (14)

 اهڙيءَ طرح ٻيا به مفروضا وقت به وقت پيش ڪيا ويا آهن.

  1. 4. نيٺ اهو چوٿون جلد ڪيڏانھن ويو؟

مٿي بحث هيٺ آندل مفروضن ۽  تحقيقي سوالن جي جوابن جي آڌار تي هي انومان جُڙن ٿا:

ڊاڪٽر گربخشاڻي جو ديھانت 11فيبروري 1947ع تي ٿيو. سندس چالاڻي کان پوءِ سندس گهر ۾ چار ڀاتي اهم آهن. هڪ سندس گهرواري ٺاڪري ٻائي؛ ٻيو سندس پٽ موهن هوتچند؛ ٽيون سندس ٻه نياڻيون رُڪي ۽ گِلري گربخشاڻي.

رُڪي گربخشاڻي انتھائي پڙهيل ڳڙهيل خاتون هئي، سندس شادي رامچند ٽيڪچند شِوداساڻي سان ٿيل هئي. رامچند شِوداساڻيءَ جو تعلق حيدرآباد سان هو. هن بمبئي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ۽ لنڊن يونيورسٽي جي اسڪول آف اڪنامڪس مان تعليم حاصل ڪئي. 25 آڪٽوبر 1923ع تي آءِ.سي.ايس آفيسر طور هندستان واپس آيو ۽ هندستان جي مختلف شھرن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. جڏهن ته گلِري گربخشاڻيءَ جي شادي ڪرپالاڻي ڪٽنب ۾ ٿيل هئي. ممڪن آهي ته ڪتاب جي مسودي جي ڪاپي سندس نياڻي رڪي شوداساڻيءَ وٽ رهجي وئي هجي يا ان جي پونئيرن وٽان گم ٿي وئي هجي.

ٻيو امڪان اهو به آهي ته جيئن ته ڊاڪٽر گربخشاڻي، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو صدر رهي چڪو هو، ان ڪري سندس ديھانت کانپوءِ ٽئين ڏينھن يعني13 فيبروري 1947ع تي سوسائٽيءَ جي صدر اين. ايم. بليموريا جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺي وئي، جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سوسائٽي تمام جلد ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڪٽنب سان ملندي ۽ سندس سوانح ۽ علمي ڪم جو تفصيل وٺندي ۽ سوسائٽيءَ پاران هڪ خاص شمارو جاري ڪيو ويندو. سوسائٽيءَ جا ميمبر سندس ڪٽنب سان مليا، جنھن ۾ سندس گهر واري ٺاڪري ٻائي به شامل هئي. ٿي سگهي ٿو ته رسالي جو چوٿون جلد سوسائٽي جي صدر اين. ايم. بليموريا حوالي ڪيو ويو هجي، شايد  ان جي اشاعت جو بار هُن کنيو هجي. بهرحال، سوسائٽي، مڪمل طور تي ڊاڪٽر گربخشاڻي نمبر جاري ڪري نه سگهي. ڪجهه ڏينھن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي گهرواري ٺاڪري ٻائي گذاري وئي ۽ 1948 ع ۾ اين. ايم بليموريا به گذاري ويو.

ٽيون امڪان اهو آهي ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو پٽ موهن، جنھن جي شادي ڀيرومل مھرچند جي نياڻي ستي ٻائيءَ سان ٿيل هئي، ان مسودي جي ڪاپي، ڀيرومل صاحب جي حوالي ڪري ڇڏي هجي ۽ 1947ع جي ورهاڱي سبب، جيڪا لڏ پلاڻ ٿي، ان ۾ ٿيل انتشار سبب شايد اهو مسودو نه کنيو ويو هجي ۽ هميشه لاءِ گم ٿي ويو هجي. مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته ڊاڪٽر دوائود پوٽي کانئس چوٿين جلد جي گهُر ڪئي هئي، جنهن لاءِ هن انڪار ڪري ڇڏيو هو.

چوٿين امڪان جي حوالي سان مير سعيد حسن جو حوالو اهم آهي. جنھن لکيو آهي ته ”سندس گذاري وڃڻ کان ستت پوءِ مرحوم غلام علي خان ٽالپر مون کي چيو ته استاد گربخشاڻي ته گذاري ويو، مگر رسالي جو چوٿون جلد ڇپائي ڪو نه سگهيو ۽ سندس اهو  شاهڪار اڻپورو رهجي ويو. منھنجو خيال آهي ته سندس پوين وٽان اهو خريد ڪري سندس نالي ڇپايان ۽ سچ جيترو به خرچ اچي، اوتري قيمت رکان جو مون کي ذاتي فائدي جو خيال ڪونهي. سنڌ جي سڀني تعليم سان تعلق رکندڙن ادارن کي آرڊر ڪندس ته هر هڪ پنج ڏهه ڪاپيون خريد ڪري، پر باقي جيڪي بچندا، اهي خاص ماڻهن ۾ هت ورهائي ڇڏيندس. مون کي ثواب ملندو ۽ ڊاڪٽر صاحب جو روح به راضي ٿيندو. مون چيس ته توهان جو خيال نيڪ آهي. وڌيڪ چيائين ته منھنجو ٻيو ارادو آهي ته سندس ڪتب خانو خريد ڪريان جيئن ڪتاب به سلامت رهن ۽ سندس پوين جو انهيءَ ۾ فائدو هوندو. پوءِ مير صاحب ڪن وچ وارن ماڻهن جي معرفت ڊاڪٽر صاحب جي پوين سان ڳالهايو ۽ انهن جيڪا رقم چئي، اها مير صاحب هنن کي بروقت موڪلي ڏني. جڏهن ڪتاب مير صاحب وٽ پھتا تڏهن وزارت سبب جيتوڻيڪ مير صاحب تمام گهڻو مصروف هو ته به پاڻ ويھي ڪتاب اٿلائين. مگر رسالي جو مسودي وارو فائيل ۽ ٻيو ڪو به ناياب ڪتاب انهن ۾ ڪو نه هو. مرحوم مير صاحب کي سخت صدمو پھتو، جو سندس نيڪ پروگرام برباد ٿي ويو. يقين سان چئي نه ٿو سگهجي ته اهو مسودي وارو فائيل منتقلي وقت رستي ۾ ئي غائب ٿي ويو يا رڳو ڪتابن سان گڏ موڪليو ئي نه ويو هو.“ (15)

پنجين امڪان موجب، جيئن ته ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊي. جي ڪاليج جو 1943ع کان1947ع وفات تائين پرنسپال رهيو. ممڪن آهي ته چوٿين جلد جو مواد ڪاليج جي آفيس يا لائبريريءَ ۾ رهجي ويو هجي ۽ هن وقت به ڪاليج جي لائبريريءَ جي ڍير ٿيل فائيلن ۽ ڪتابن ۾ موجود هجي. ياد رهي ته ڪاليج جي هڪ عاليشان لائبريري هئي، جنھن ۾ اڄ به ڪيئي ناياب ڪتاب پيل آهن، پر هاڻي انتظامي بي ڌيانيءَ سبب  اهي مٽيءَ ۾ خراب پيا  ٿين، صرف شاگردن جي ضرورت وارن ڪتابن جي صفائي ٿيندي آهي، باقي ڪتابن جي نه صفائي ٿيندي آهي ۽ نه وري انهن جي ڪا فھرست ٺهيل آهي. پراڻن ڪتابن کي هڪ ڪنڊ ۾ اڇلي ڍير ٺاهيو ويو آهي.

ڇھون امڪان غير مستند حوالن تي مبني آهي، پر اهم آهي. ان موجب، رسالي جو مسودو، ڊاڪٽر صاحب ڪنھن شاگرد کي پروف ريڊنگ يا ڪنھن ٻئي مقصد لاءِ ڏنو هيو، جنھن کان اهو گم ٿي ويو يا هن واپس نه ڪيو. اگر هن امڪان کي وڌيڪ ڏسجي ته اهو مسودو اڃا به ڪنھن ٻئي کي هٿ لڳو هجي، جنھن ان کي کپائي يا شايد لڪائي رکيو هجي. هن امڪان تي غور ڪرڻ سان اميد پيدا ٿئي ٿي ته رسالو ملي سگهي ٿو. ڪنھن وقت ۾ افواهه هليا هئا ته اهو مسودو عثمان علي انصاريءَ وٽ هو. هتي اهو به ٻڌائڻ اهم آهي ته ڪجهه سال اڳ نامياري عالم، ڪريم بخش خالد جي وفات کانپوءِ سندس ڪتاب ريگل چوڪ ڪراچيءَ تي وڪري لاءِ آيا. ان زماني ۾ هڪ دوست ٻڌايو هو ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته گربخشاڻي صاحب جو چوٿون جلد، ڪريم بخش خالد وٽ موجود هو. بھرحال، اها ڪا مستند ڳالهه چئي نه ٿي سگهجي. اهڙي طرح ويھه پنجويھه سال اڳ افواهه هُليا ته هندستان ۾ گربخشاڻيءَ جو تيار ڪيل رسالو تمام جلد شايع ٿي رهيو آهي، پر پوءِ اهڙي تصديق ڪا نه ٿي هئي. 12 سيپٽمبر 2021ع تي ليکڪ ڊاڪٽر محمد علي محمديءَ پنھنجي فيس بوڪ جي وال تي لکيو ته ”ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي جا رھيل 13 تيرھن سر ،جيڪي علامه دائودپوٽي سھيڙيا ھئا. ان باري ۾ اڌ صديءَ کان ٻڌندا پيا اچون.ھاڻي سائين امداد حسينيءَ انڪشاف ڪيو آھي ته علامه قاسمي صاحب اھي آرڪائيوز ۾ محفوظ ڪرايا ھئا. امداد حسيني ان جو ذريعو قاسمي صاحب جو فرزند پروفيسر نظير احمد قاسمي ٻڌايو آھي. ياد رهي ته علامه دائودپوٽي اھي سنڌي ادبي بورڊ کي ڇپڻ لاءِ ڏنا ھئا.....“ هن وڌيڪ لکيو آهي ته سائين علي مير شاهه، جيڪو اڃا زنده آهي، سندس عمر لڳ ڀڳ نوي سال آھي، ھو شاهه صاحب تي اٿارٽي آهي. ھن جي گويائي متاثر آهي.ان پاڻ ٻڌايو ته 1957ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي وٽ فائيل ھئا، ان ادبي بورڊ کي سھيڙي ۽ ايڊٽ ڪري ڏنا .جلد ئي سندس 1958ع ۾ سندس انتقال ٿي ويو .ان بعد سندس گهر واري خديجه خانم جيڪا ’اديون‘ رسالو ڪڍندي ھئي. ان ڪافي ڪوشش ڪئي، پر ان وقت ٽال مٽول ڪندا رھيا. آرڪائيوز ۾ سائين قاسمي صاحب مطابق اتي جمع ھيو. ھاڻي امداد حسينيءَ وٽان سندس رکيل پوسٽ مان ڦاٽ ڦاٽو آهي.مون سان مرحوم عمر الدين بيدار جيڪو مرحوم دائود پوٽي کي ويجهو ھو، ان به انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪئي ھئي.“ (16)

حاصل مطلب:

سموري بحث کي سھيڙڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ رسالي جو چوٿون جلد تيار ڪيو هو، اسان جيڪو ڇھون امڪان جوڙيو آهي، ان مان ڪافي مدد ملي سگهي ٿي ۽ اهو ثابت ٿئي ٿو ته گربخشاڻيءَ جي رسالي جو چوٿون جلد سنڌ ۾ ڪنھن وٽ صحيح سلامت موجود آهي، جنھن کي ڪنھن مصلحت تحت گم ڪيو ويو آهي، پر ان مسودي جي صحيح نموني ڳولا  ٿي نه سگهي آهي. اگر ان زماني ۾ گربخشاڻي صاحب جا شاگرد، دوست، عالم، اديب ڪوشش ڪن ها يا سرڪار  ڪو انعام وغيره رکي ها ته، شايد مسودو آسانيءَ سان منظر عام تي اچي وڃي ها. هاڻي به سنجيده ڪوشش جي ضرورت آهي، ڇو ته تحقيق مان خبر پوي ٿي ته مسودو گم ٿيل آهي ۽ گم ٿيل شيءِ ڪڏهن به ملي سگهي ٿي. اگر سندس چوٿون جلد ملي وڃي ته اتھاس ۾ هڪ وڏو ڪارنامو ٿي پوندو. رسالو مڪمل ٿي پوندو، جنھن سان ادب جي دنيا ۾ اضافو ۽ خود گربخشاڻيءَ کي ڀيٽا پڻ ملندي.

چند اهم تجويزون ۽ صلاحون: جيتوڻيڪ وقت سان گڏ، رسالي جي چوٿين جلد جي ملڻ جي اميد گهڻي نه رهي آهي، پر سنجيده ڪوشش ڪري ڳولڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ هيٺيان قدم کڻي سگهجن ٿا:

  1. سنڌ جو ثقافت کاتو، اخبارن ۽ سوشل ميڊيا جي معرفت هڪ وڏي انعام جو اعلان ڪري، جنھن ۾اهو مسودو ڏيندڙ کي انعام، ايوارڊ ۽ رسالي ۾ نالو شامل ڪرڻ جو يقين ڏياريو وڃي.
  2. ڳولا جي سلسلي ۾ هڪ دفعو ٻيھر گربخشاڻي صاحب جي پوين ۽ سندس خاص ويجهن دوستن ۽ انهن جي پونئيرن سان به رابطو ڪرڻ گهرجي.
  3. ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جا، مختلف ماڻهن کي لکيل خط به جاچڻ گهرجن، جن مان به رسالي جي مسودي جي خبر پئجي سگهي ٿي.
  4. ڊي. جي سنڌ ڪاليج جي لائبريريءَ کي چڱي طرح جاچي ڏسجي، متان اتي موجود فائيلن جي ڍير مان ڪجهه نڪري اچي، ڇو ته اتي تمام وڏو علمي مواد بيقدريءَ سان وکريو پيو آهي.
  5. سنڌ آرڪائيوز ۽ انسٽيتيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ موجود آڳاٽا فائيل وغيره ڏسڻ گهرجن ۽ ان سلسلي ۾ پراڻن ملازمن جي پڻ مدد وٺڻ گهرجي. اگر ڪو اڳوڻو آفيسر اهڙي قسم جا فائيل کڻي ويو آهي ته ان جي به خبر پئجي ويندي، مطلب ته هڪ قسم جي انڪوائري ڪرڻ گهرجي.
  6. رسالي نه ملڻ جي صورت ۾، عالمن ۽ ڀٽائيءَ جي شارحن جي هڪ ٽيم جوڙي، ساڳين معيارن ۽ اصولن تي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو رهيل ڪم پورو ڪرايو وڃي.

حوالا

  1. ملاح، مختيار احمد: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“، نيو ڪاٺياواڙ بڪ اسٽور، ڪراچي، 2006ع، ص: 339.
  2. ساڳيو حوالو
  3. اڄڻ، بدر، ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب ۾ تنقيد نگاري“، سنڌي ريڊرس فورم، 1999ع، ص: 386.
  4. ملاح، مختيار احمد: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“، نيو ڪاٺياواڙ بڪ اسٽور، ڪراچي، 2006ع، ص: 339.
  5. نئين زندگي، نومبر 1963ع، ص: 6.
  6. گربخشاڻي ، هوتچند مولچند: ”شاهه جو رسالو“، (جلد پھريون)، ڇاپو ٻيو، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي،2018ع، ص ڀ.
  7. گربخشاڻي، هوتچند مولچند: ”شاهه جو رسالو“، (جلد ٻيو)، ڇاپو ٻيو، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي،2018ع، ص ب.
  8. گربخشاڻي، هوتچند مولچند: ”شاهه جو رسالو“ ، (جلد ٽيون)، ڇاپو ٻيو، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي،2018ع، ص ب.
  9. گرامي ،غلام محمد: ”ويا سي وينجهار“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1977ع ،ص: 59،60.
  10. شاهواڻي، غلام محمد شاهواڻي: ”شاهه جو رسالو“ ، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1993ع، ص: 87.
  11. گربخشاڻي، تاراچند: ”ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي“ (سنڌ جو بي مثل عالم ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي نمبر)، ايڊيٽر ناز سنائي، ڪينجهر، حيدرآباد، 2005ع، ص: 43،44.
  12. راشدي ، پير علي محمد: ”اهي ڏينھن اهي شينھن“ (جلد ٻيو)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1980ع، ص: 345.
  13. سنڌي، مدد علي جو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ”شاهه جو رسالو“ ، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2018ع تي لکيل مھاڳ، ص: 15،16.
  14. سنڌ آرڪائيوز لائيبريريءَ ۾ رکيل تعليم کاتي جا فائيل
  15. سعيد حسن، مير: ”يادگيريون“، (سنڌ جو بي مثل عالم ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي نمبر)، ايڊيٽر ناز سنائي، ڪينجهر، حيدرآباد، 2005ع، ص: 88.
  16. محمدي ، ڊاڪٽر محمد علي: ”ڊاڪٽر گربخشاڻي جي شاهه جو رسالو جا گم ٿيل تيرھن سر“، فيس بوڪ وال تان، 12 سيپٽمبر 2021ع.
288 ڀيرا پڙهيو ويو