قمر شهباز جي ڊرامن ۾ موضوع، مڪالمن، ڪردارنگاريءَ ۽ منظرنگاريءَ جو تحقيقي جائزو
(An Analytical study of topics, Dialogues,Characterization and scene depiction, in the dramas of qamar shehbaz.)
ڊاڪٽر فريده ڏاهري
Abstract:
Sindh is home to an abundance of scholars, researchers, and writers. Qamar Shahbaz was one of them. He began writing at the age of 16 in 1954. Characterizations of the social figures in his dramas are written extremely beautifully. In addition, the dialogues in his dramas are bitter, sour, sweet, and profound. The topics of Qamar Shahbaz illuminate the social lives of upper- and lower-class Sindhi individuals. His dramas are a clear picture of the urban and rural life of Sindhi people. He was without a doubt a successful dramatist.
Keywords: Qamar Shahbaz, Sindhi Drama, Radio Drama, etc.
سنڌ ڌرتيءَ جي ڪُک مان ڪيترن ئي عالمن، دانشورن، مفڪرن، محققن، شاعرن، اديبن جنم ورتو آهي. جن پنھنجي قلم جي طاقت سان سنڌ ڌرتيءَ کي اهنجن مان ڪڍي ۽ آئيندي جي خوشحاليءَ لاءِ جدوجھد ڪئي. انهن چند ڏاهن ليکڪن ۾ قمر شھباز جو نالو پڻ وڏي اهميت رکي ٿو. سندس اصل نالو قمرالدين ٻگهيو ولد مقبول احمد ٻگهيو هو. قمر شھباز سندس ادبي نالو آهي. 30 اپريل 1938ع تي نواب شاهه ۾ پيدا ٿيو. عملي زندگيءَ ۾ هُو پھريان تعليم کاتي ۾ ليڪچرار رهيو، پوءِ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري وفاقي حڪومت جي مختلف شعبن ۾ نوڪري ڪيائين، جتان چيئرمين ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون جي اهم عھدي تان 1998ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.
قمر شھباز لکڻ جي شروعات 1954ع کان ڪئي ۽ هڪ ئي وقت ادب جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي، جنھن ۾ شاعري، ڪھاڻي، لکڻ سان گڏوگڏ هن ريڊيو تي ڊراما ۽ ڪالم نگاري جي شعبن ۾ پڻ پاڻ مڃايو، ادبي دنيا ۾ سندس سڃاڻپ ڊرامانگار، ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نويس طور سان آهي. سندس تخليقي پورهيو، ’چنڊ رهين ٿو دور‘ (شاعري)، ’بھارن کي چئجو‘ (شاعري)، ’چونڊ ڪھاڻيون‘ (1983ع)، ’ڄڃ پرائي‘ (ڪالم)، ’ڳڻواڻن جون ڳالهيون‘ (مضمون) ۽ ’واچوڙن ۾ لاٽ‘ (1987ع) ۾ شايع ٿيل آهن. قمر شھباز جي باري ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته:
”لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نواب شاهه جو کلمک ۽ سدابھار شاگرد، سنڌيءَ جو سٺو ناٽڪ نويس، شاعر ۽ افسانه نگار بڻيو. ناٽڪن ۽ ٽوٽڪن ۾ قمر هڪ مزاح نگار وانگر لڳي ٿو، پر زندگيءَ جي پيچرن تي هلندي هن جي سموري کِل گم ٿي وئي ۽ ادبي دنيا ۾هڪ سنجيده شخص ٿي اڀريو.“(1)
قمر شھباز ادب جي دنيا ۾ بطور ڊرامانگار جي حيثيت ۾ وڌيڪ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ ڊرامانگاريءَ جي فن کان به چڱيءَ ريت واقف آهي. ٽيليويزن تي ڊراما لکڻ جي شروعات 1974 ع کان ڪيائين، سندس پھريون ٽي وي ڊرامو ”پاڇا ۽ پڙلاءُ“ هو، جيڪو 27 مارچ 1974ع تي عبدالڪريم بلوچ جي پيشڪاري ۾ نشر ٿيو، قمر شھباز ٽي وي کان اڳ ريڊيو جي لاءِ پڻ ڊراما لکيا ۽ ريڊيو جي دنيا ۾ به پاڻ مڃايائين. قمر شھباز جي ڊرامن جي ڪردارن بابت خواجه امداد علي لکي ٿو ته:
”قمر جي قلم جي جڪڙ سدائين ماڻهن جي نبض تي رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ هن زندگيءَ جي ايڏو قريب تر ٿي ڊراما لکيا آهن، جو، انهن تي حقيقت جو گمان گذرندو آهي. قمر جي ڊرامن جا ڪردار ايڏا ته، اوريجنل ۽ جيئرا جاڳندا هوندا آهن جو، اهي مجسم اهي ئي ڪردار هوندا آهن، جيئن اُهي حقيقي زندگيءَ ۾ هوندا آهن.“(2)
قمر شھباز جي قلم، سنڌي سماج جي انهن پاسن کي وائکو ڪيو آهي، جيڪي سنڌي سماج کي اڏوهيءَ جيان کائي ناس ڪندا رهيا آهن، سندس ڊرامن ۾ حقيقي ۽ نج سنڌي سماج نظر اچي ٿو. سندس هر ڊرامو سنڌي سماج جو عڪاس آهي. ڪامورا شاهي، وڏيرا شاهي، نياڻين جي رضامندي کان سواءِ شادي، پيرن مرشدن تي يقين، ڪُڌين رسمن، تعويذن سڳن ٽوڻن ڦيڻن تي ويساهه ۽ انهيءَ قسم جي موضوعن تي هُن گهڻو لکيو آهي. قمر شھباز جي ڊرامن جي باري ۾ هدايت آخوند لکي ٿو ته:
”قمرشھباز، هند سنڌ ۾ مقبول آهي، هو ڊراما به پنھنجي ڪھاڻين جيان اثرائتا ۽ ڀرپور لکندو آهي. زهريلا ۽ تکا جملا استعمال ڪندو آهي. ڊرامي جو انت اهڙيءَ طرح آڻيندو آهي، جو بي اختيار واهه واهه نڪريو وڃي، ٽي.وي کي تمام سٺا ڊراما لکي ڏنا اٿس. تجربا پڻ ڪافي ڪيا اٿس.“(3)
قمر شھباز جو ڊرامو تحريري صورت ۾ پڙهجي يا ٽي وي تي ڏسجي يا کڻي وري ريڊيو تي ٻڌجي، سندس ڊرامن جو تاثر هر صورت ۾ ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن جي سوچ تي ڇانيل رهندو آهي. سندس ڊرامن جا ڪردار اسان کي پنھنجي ڀرپاسي ۽ پنھنجي پاڻ ۾، دوستن ۾، يا گهر ۾ موجود فردن ۾ نظر ايندا آهن ۽ ائين محسوس ٿين ٿا، ڄڻ اهي پيش ڪيل شيون اسين پنھنجي حقيقي زندگيءَ ۾ ڏسندا رهيا هجون، جن جو وجود ڪٿي نه ڪٿي محسوس ٿيندو رهي ٿو.
منظر نگاريءَ جي حوالي سان سندس ڊرامن ۾جيڪو ماحول پيش ڪيل آهي، اهو حقيقي ۽ چٽو نظر اچي ٿو، مثال ڪٿي ڪنھن ڳوٺ جو ماحول پيش ڪيو اٿس ته ان ۾ ڳوٺ جا دڳ رستا پيچرا ۽ گهٽيون، ڪکاوان گهر، زميندارن جا بنگلا، غريب ڪڙمين جا جهوپڙا، زمين تي محنت مزدوري ڪندڙ هاري وغيره جي بهترين منظر ڪشي ڪئي آهي.
سندس مڪالمن ۾ روانگي، ۽ تازگي آهي، جيڪي هر دؤر ۾ نوان ٿا لڳن. ڪٿي جذباتي ته ڪٿي نماڻا ۽ وري ڪٿي پيار ڀريا، جن ۾ نج سنڌي ٻولي شامل آهي.
قمر شھباز جي باري ۾ خواجه امداد علي لکي ٿو ته:
”قمر شھباز مڪمل سامري جادوگر آهي. جيڪڏهن هتي اهو چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته قمر جي ڊرامي ۾ سڀ کان اهم خوبي اها آهي ته، بس سندس مڪالمه بازي _ مڪالما به ڪھڙا _!؟ ڪٽ ٽو ڪٽ، ايڏا تز تڪيل توريل، خوبصورت ۽ پرڪشش، جو ٻڌندڙ جو ذهن ڊرامو ٻڌندي ريڊيو سيٽ کان هڪ انچ به پري نه وڃي سگهندو.“ (4)
قمر شھباز جي ڪھاڻي هجي يا ڊرامو، شاعري هجي يا مضمون يا وري ڪالم. پنھنجي فني سٽاءَ تي پورا لھن ٿا، کيس هر صنف تي عبور حاصل هو، سندس هر تحرير، هر لحاظ کان ، هر طرح سان، مڪمل ۽ ڪامياب رهي آهي. سنڌي ڊرامانگاري ۾ قمر شھباز پنھنجو مٽ پاڻ هو، سندس ٽي. وي ۽ ريڊيو تي ڪيترائي ڪامياب ڊراما نشر ڪيل آهن.
قمر شھباز جا ڊراما جيڪي پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان نشر ٿيا، انهن ڪاميابي ماڻي ۽ جيڪي ڪتابن ۾ آيا، تن ادبي زندگي ماڻي، جيڪي ريڊيو تي نشر ٿيا، انهن ماڻهن ۾ وندر ورونھن سان گڏ شعور پيدا ڪيو. سندس ڊراما سنڌي سماج مان نڪري سنڌي سماج ۾ ئي پڄاڻيءَ تي پھچن ٿا.
ڪاري: هن ڊرامي ۾ سنڌي سماج جي ڀرپور عڪاسي پيش ڪيل آهي. ڊرامي ۾ ڳوٺ جو رئيس، جانو ۽ ان جي مڱ جنت، جا ڪردار اهم آهن، جنت هڪ ڳوٺاڻي سادي ڇوڪري آهي، جنھن تي رئيس جي حوس ڀري نگاهه پوي ٿي، رئيس هر طرح سان جنت کي قابو ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر سندس هر ڪوشش ناڪام ٿئي ٿي، آخرڪار رئيس سندس مڱيندي جانو کي ڪارو ڪري مارائي ٿو ڇڏي، جنھن کان پوءِ جنت جي زندگي عذاب بڻجي پوي ٿي ۽ رئيس جنت جي پيءُ کي چوي ٿو جنت ڪاري آهي، تون کيس پنھنجي هٿن سان مار يا کيس سام ڪري حويليءَ ۾ ڇڏ. انهيءَ صورتحال کي قمر شھباز هن طرح بيان ڪيو آهي:
”رئيس دانھن سان بيعزتيءَ جا داغ نه لھندا آهن.“
”جڙيل خان! تنھنجي ڌيءُ رات جي اونداهيءَ ۾ جانوءَ سان اڪيلي ڏٺي وئي! ڪارو ٿڏي تي مارجي ويو، پر ڪاري ڀڄي نڪتي، کيس مارڻ تنھنجو ڪم آهي.“(5)
سندس هن ڊرامي ۾ پختي ڪردارنگاري پيش ڪيل آهي، خاص طور جنت، جانوءَ ۽ رئيس جو ڪردار، جن جي گفتگو قمر شھباز هن طرح پيش ڪئي آهي. لکي ٿو ته:
جنت: ”وڏيرو ظالم آهي جانو.“
جانو: ”مان ظالم تي قھر بنجي ڪڙڪندس.“
جنت: ”هو وڏو مڪار آهي. “
جانو: ”مان مڪار جو موت ٿي ورندس. “
جنت: ”هو ڏاڍو آهي. “
جانو: ”مان ڏاڍي کي ڏاري ڇڏيندس. “
جنت: ”جانو. “
جانو: ”ها جنت! اسان ٻئي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪنداسين.“(6)
ڊرامي جي پڇاڙيءَ ۾ وڏيرو سازشون سِٽي جنت کي سام ڪري، پنھنجي حوس پوري ڪرڻ لاءِ حويليءَ ۾قيد ڪري ٿو، جتي جنت پنھنجي پاڪ دامنيءَ کي بچائڻ لاءِ وڏيري جا ظلم سھندي، آخرڪار خودڪشي ٿي ڪري ڇڏي.
قمر شھباز جو هي ڊرامو هڪ ڪامياب ڊرامو آهي، جنھن جي ٻوليءَ جو استعمال پھاڪن ۽ چوڻين جي خوبصورتيءَ سان سادن لفظن ۾ سجائي، سنڌ جي ڳوٺاڻي وڻندڙ لھجي کي ظاهر ڪيو آهي.
تنھنجون ڳالهيون سڄڻ: قمر شھباز جي هن ڊرامي جو موضوع به رشتن جي اهميت بابت آهي. هن ڊرامي ۾ رشتن ۾ قرباني ڏيڻ واري رخ کي ظاهر ڪيو آهي، هي ڊرامو مڪمل دک دائڪ ڊرامو آهي.
هن ڊرامي جي خاص ڪردارن ۾ ’سيما‘، ’سجاد‘، ۽ ’نثار‘ چوڪيدار ۽ مالهي آهن. ڊرامي جي ڪھاڻيءَ ۾ سيما ۽ سجاد هڪٻئي سان محبت ڪن ٿا. سيما جو وجود سنڌي سماج جي طئه ڪيل ريتن رسمن ۾ جڪڙيل آهي، سندس مڱڻو نثار سان ننڍي هوندي کان ٿيل آهي، سندس مڱيندو نثار بيمار رهي ٿو ۽ کيس سيما سان بي انتھا محبت آهي، نثار جي حالت تي رحم کائي سجاد، سيما کي نثار سان شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀري ٿو ۽ رشتن کي بچائڻ لاءِ کيس اها قرباني ڏيڻ تي مجبور ڪري ٿو. سيما ۽ سجاد جي گفتگو قمر شھباز هن طرح بيان ڪئي آهي، پاڻ لکي ٿو ته:
سيما: ”تنھنجي خاطر مان جوڳ وٺي روڳ پرائي سگهان ٿي. تون چئو ته سھي.“
سجاد: ”تون نثار سان شادي ڪري ڇڏ_ !“
سيما: ”سجاد.“
سجاد: ”ها سيما ! اڄ خبر پيم ته دل چيري پنھنجي ئي خون سان هٿ رڱڻ ڪيڏو نه اذيت ناڪ آهي، پر.......!“
سيما: ”هاڻي اهو ناممڪن آهي._!“
سجاد: ”هو بيمار آهي، هن کي تنھنجي ضرورت آهي سيما_!“
سيما: ”پر منھنجون خوشيون، منھنجي تمنا، منھنجي محبت......!“
سجاد: ”تو ئي چيو هو سيما ته عورت عظيم آهي _! جيڪڏهن هوءَ لاٽ جلائي ته واٽ ڳولي لھي فرض تي محبت قربان ڪري ته فرشتا به رشڪ ڪن _! ياد ڪر، اهي تنھنجا ئي لفظ آهن نه!......“
سيما: ”بس ڪر سجاد ! جيڪڏهن محبت قربانيءَ جو ٻيو نالو آهي،ته پوءِ ائين ئي ٿيندو_!“ (7)
قمر شھباز هن ڊرامي ۾ بھترين منظرنگاري سان گڏ سولي سنڌي ٻولي جي لفظن کي مڪالمن جي شڪل ڏئي، ڪردارن جي واتان دل جي گھرائيءَ ۽ درد سان ڀريل لفظ چَوِرايا آهن. لکي ٿو ته:
”يادون، بي چين روح جيان اونداهي راتين ۾ مون کي ڏنگڻ لڳنديون آهن. دکي من ۽ گهائل دل کڻي لڙڪ لڪائي، گمنام گهمندو رهيو آهيان.“ (8)
قمر شھباز جي هن ڊرامي ۾ ڪردار نگاري ڏسڻ وٽان آهي، سيما جي ڪردار ۾ سنڌي سماج جي ان ناريءَ جو عڪس ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪا سدائين پنھنجي زندگي، رشتن کي بچائڻ لاءِ پاڻ قربان ڪري ڇڏيندي آهي ۽ پنھنجي خوابن، خيالن ۽ خواهشن کي پنھنجي هٿن سان چيڀاٽي ڇڏيندي آهي. ڊرامي ۾ سجاد هڪ مخلص ۽ نفيس ماڻهو جو ڪردار آهي، جيڪو رشتن جو قدرڪري، پنھنجي محبت جي قرباني ڏئي ٿو.
راهون جـُدا جـُدا: هن ڊرامي جو موضوع همدرديءَ جي جذبي بابت آهي، جنھن ۾ سنڌ جو شھري سماج ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ڊرامي جي ڪھاڻيءَ ۾ پاشا جي ڪار سان سلمى جو ايڪسيڊنٽ ٿئي ٿو، جنھن سبب سلمى اپاهج ٿي وڃي ٿي، هن جو ڀري دنيا ۾ ڪير نه هوندو آهي، سلمى تي رحم کائي پاشا ساڻس شادي ڪري ٿو. پاشا شاهده سان محبت ڪندو آهي ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ آخرڪار پاشا تي سلمى کي ٻوجهه سمجهي ٿو. انهيءَ صورتحال کي پنھنجي ڊرامي ۾ قمر شھباز هن طرح بيان ڪيو آهي:
سلمى: ”ڪجهه به سھي، زندگي ڏني اٿو ته جيئڻ جو ڍنگ به ٻڌايو-! ڄاڻان ٿي ته منھنجو وجود اوهان لاءِ بار ٿيندو ٿو وڃي ! توهان نوجوان آهيو، خوبصورت آهيو، اوهان کي منھنجي معذورين ۽ پنھنجي مجبورين جو احساس ته ضرور ٿيندو هوندو.“
پاشا: ”ان مجبوريءَ کي مون فرض جو فرضي نالو ڏيئي، پنھنجي محرومي بنائي ڇڏيو آهي.“(9)
ڊرامي جي پڇاريءَ ۾ پاشا ۽ شاهده کي پنھنجي غلطين جو احساس ٿئي ٿو ته انهيءَ حالت کي قمر شھباز هن طرح لکي ٿو ته:
شاهده: ”اڄ مان اهي ڏک سھڻ لاءِ اڪيلي رڻ جي سفر تي نڪتي آهيان. موڪلائيندس نه _ ؟“
پاشا: ”مون اهو به چيو هو شاهده ته انسان سڄي دنيا کي جيتي سگهي ٿو، پر پنھنجي پاڻ کان کٽڻ ناممڪن آهي!“
شاهده: ”تو سچ چيو هو پاشا! تنھنجون ڳالهيون منھنجي روح جو پڙاڏو ٿي رهنديون.“
پاشا: ”شاهده!“
شاهده: ”شاهده کي وساري ڇڏجانءِ پاشا، شاهده تنھنجي لاءِ مري چڪي آهي! خدا حافظ_! منھنجي نئين زندگي منھنجي راهه واجهائي رهي آهي.“ (10)
هن ڊرامي ۾ هڪ سماجي واقعو پيش ڪيل آهي. ڊرامي جا ڪردار سماجي ڪردار آهن. پاشا جو جذباتي ڪيل فيصلو ۽ ڪجهه ئي وقت گذرڻ کانپوءِ غلط لڳي ٿو، پر وقت ۽ حالتون کيس سلمى جو بنائي ڇڏين ٿا، سلمى جو ڪردار انتھائي ڏک ۽ درد جي پيڙاءَ ۾ مبتلا ناريءَ جو آهي، جيڪا صبر جو دامن نٿي ڇڏي ۽ ان صبر جي ڪري ئي کيس پاشا واپس ملي ٿو. ڊرامي جا مڪالما عام رواجي روزمرهه جي زندگيءَ ۾ ڳالهائجندڙ ٻوليءَ ۾ لکيل آهن، پر لفظن ۾ گھرائي ۽ سنجيدگي وڌيڪ شامل آهي، جي دل کي ڇھندڙ محسوس ٿين ٿا.
واريءَ سندو ڪوٽ: قمر شھباز جو هي ڊرامو 1976ع ۾، پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تان ذوالفقار نقوي پيش ڪيو، هي ڊرامو سنڌي سماج جي اهڙي رسم ۽ رواج جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي، جيڪو سنڌي سماج جي ترقيءَ ۾ رنڊڪ جو اهم سبب آهي، جن رسمن رواجن جي وَر چڙهيل نوجوان نسل، ذهني طور مايوس ٿي، پنھنجي زندگيءَ ۾ برباديءَ کان سواءِ ڪجهه حاصل نٿو ڪري سگهي.
قمر شھباز هن ڊرامي ۾ اهو واضح ڪيو آهي ته ڏي وٺ جي شادي ۽ نابرابريءَ جا رشتا ڪڏهن به ڪامياب نٿا وڃن، پاڻ هن ڊرامي ذريعي سنڌي سماج جي اهڙي رسم کي وائکو ڪيو آهي، جيڪا سنڌي سماج کي ناسور بنجي چنبڙي پئي آهي، هن ڊرامي ۾ قمر شھباز جي قلم سنڌي سماج جي انهن ڪردارن کي ظاهر ڪيو آهي، جيڪي پنھنجي خود غرضيءَ ۽ انا پرستيءَ سبب نوجوان نسل جي زندگين کي تباهه ڪن ٿا. هن ڊرامي ۾ ’نعيم ۽ فريده‘ جيڪي پڙهيل لکيل ڀاءُ ۽ ڀيڻ آهن ۽ سڄي زندگي شھري ماحول ۾ گذارين ٿا، جيڪي ڳوٺ جي ماحول کان بلڪل اڻ واقف آهن، هنن ٻنهي جو رشتو ڳوٺ ۾ پنھنجن سوٽن سان ڏي وٺ عيوض ٿئي ٿو.
فريده ۽ نعيم جي گفتگو قمرشھباز هن طرح بيان ڪئي آهي،
فريده: ”اسان جي چاهڻ نه چاهڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟ اسان جي قسمت جا مالڪ اسان جا والدين ئي آهن.“
نعيم: ”اسان پڙهيل لکيل آهيون فريده !“
فريده: ”اهائي ته اسان جي بدقسمتي آهي ادا!“
نعيم: ”دل نه لاهه فري! مان هر صورتحال سان مقابلو ڪندس. اسان پاڻ کي قربان ٿيڻ نه ڏينداسين.“ (11)
ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:
حاڪم: ”تعليم جو مقصد اِهو هرگز نه آهي ته ماڻهو پنھنجيون ريتون، رسم و رواج وساري ويھي، ماضيءَ کان منھن موڙِ ي ڇڏي ۽ غيرت جو سودو ڪري ڇڏي.“(12)
ڊرامي ۾فريده جي شادي ڳوٺ ۾ ٿئي ٿي، ۽ نعيم جي شادي ڳوٺ مان ڪرائي ٿي وڃي، ان صورتحال کي هن طرح قمر شھباز لکي ٿو ته،
شيرل: ”ڊڄي وئينءَ؟ ٻڌو هوم ته تو شاديءَ کان انڪار ڪيو هو _ ؟ چئه_چئه_چئه_ ويچاري شھري گُڏي! ۽ مان _؟ هڪڙو جاهل جنگلي ڄٽ ايئن نه _ ؟ هاڻ ٻڌاءِ ، دماغ جاءِ تي اچي ويو مئڊم جو؟.“(13)
ڏي وٺ جي شادي آخرڪار تباهي ۾ تبديل ٿئي ٿي، قمر شھباز انهيءَ بابت هن طرح لکي ٿو ته:
شيرين: ”منھنجي ڌيءَ پئي انهن ڄٽن جي گهر ۾ ٻيلھپو ڪري ۽ هيءَ هتي مڙس جي دادلي پئي مزا ماڻي.!“(14)
فريده جي سس جي گفتگو پاڻ هن طرح بيان ڪئي آهي:
ڀاڳل: اڙي او جوءِ جا مڄو! ڇا ٿي ڳالهائي پئي اسان کي تنھنجي زال ! ويٺو ٿو ٻڌين _ ؟ هڻيس نٿو منھن وارو ڌڪ؟.“(15)
ڊرامي جي پڇاريءَ ۾ فريده کي پٽ ٿو ڄمي، جيڪو معصوم انهن مسئلن وَرِ چڙهي مري ٿو وڃي ۽ فريده زندگيءَ جي تنگ نظرين کي منھن ڏيندي ڏيندي آخرڪار چري ٿي وڃي ٿي. قمر شھباز جو هي به سنجيده سماجي ڊرامو آهي، جنھن ۾ سنڌ جي وڏيرڪي ڍانچي، پراڻين پيڙهين کان نئين پيڙهين تائين منتقل ڪيل سوچ ۽ ڏي وٺ جي شادين بابت ڄاڻ ڏنل آهي، فريده جي ڪردار ۾ سنڌ جي اها نياڻي پيش ڪئي آهي، جيڪا پڙهيل لکيل هوندي به ماءُ پيءُ جي عزت ۽ مانُ رکڻ لاءِ پنھنجي زندگيءَ کي شيرل جھڙن بيوقوف ماڻهن اڳيان مذاق بنايو ڇڏي، هن ڊرامي ۾ ڪردارنگاري به ساراهه جوڳي آهي. ڊرامي ۾ نج ٻھراڙيءَ جي ٻوليءَ ۽ چوڻين جو استعمال ڪري ڊرامي جي مڪالمن کي وزن دار بنائي پيش ڪيو آهي.
شڪست: قمر شھباز جي هن ڊرامي کي غلام حيدر صديقي 1975ع ۾، پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تان پيش ڪيو، شڪست ڊرامو سنڌي سماج جي اهڙي هٿ گهڙيل رواج جي پسمنظر ۾ لکيل آهي، جنھن جي ڪري سنڌي سماج تباهي ۽ برباديءَ جي ڪناري تي بيٺو آهي، وڏيرا شاهيءَ جو شڪار ٿيل غريب ماڻهو ۽ سندن ئي حويلين ۾ زندهه لاشن جي زندگي گذاريندڙ عورتون ئي هن ڊرامي جو موضوع آهن. ڊرامي جي خاص ڪردارن ۾، ’سگهڙ‘ ،’ نوران‘ ۽ رئيس آهن، هن ڊرامي ۾ قمر شھباز انهيءَ ڳالهه کي واضح ڪيو آهي ته ڪھڙيءَ ريت هن وڏيرڪي طبقي، دولت جي لالچ ۾ زندگيون تباهه ٿين ٿيون، قمر شھباز هن ڊرامي ۾ سنڌي سماج جواهڙو رُخ ظاهر ڪيو آهي، جيڪو نھايت ئي سماج لاءِ خطرناڪ آهي، سنڌ جا وڏيرا جيڪي پاڻ ته عياشيون ڪندا آهن ۽ کين پنھنجي حويلين ۾ قيد پنھنجي عورتن جي پرواهه بلڪل به نه هوندي آهي، سندن عشق به عجيب هوندا آهن، ڪڏهن هاريءَ جي ڀيڻ يا ڌيءُ سان ته، ڪڏهن ڪتن، ڪڪڙن ۽ گهوڙن سان، ته وري ڪڏهن ڪراچيءَ ۽ لاهور جي طوائفن سان، انهيءَ قسم جي عيشن تي پنھنجي سموري دولت لٽائي ڇڏيندا آهن، پر زمين جي ورهاست نه ٿئي، انهيءَ خوف کان پنھنجي حويلين ۾ موجود ڀيڻ يا پڦيءَ جي شادي نه ٿيڻ ڏيندا آهن. انهيءَ بابت تي قمر شھباز لکي ٿو ته :
جانل: ”خبر اٿئي، رات، سانئڻ ننڍيءَ کي وري دورو پيو هو.“
ايمڻا: ”جائي ٿي چوين _؟“
جانل: ”اَئون ٻيو ؟ ريھون ته پاڙي وارن به ٻڌيون هيون.“
ايمڻا: ”ائي ادي مون ته اڳي ئي ٿي چيو ته سانئڻ ننڍيءَ کي فقير آهي پر ڪنھن ٻڌي ئي ڪانه.“
جانل: ”فقير ٻقير وري ڦلھيار، ويٺل نياڻين جو اِجهو اِهو حال ٿيندو آهي. رئيس جي پُڦي ڪونه اڇي مٿي تائين ويٺي رهي. ويچاري مرهيات کي اچي جو دورو پوندو هو ته راڄ رڙيوٻڌندا هئا.“
ايمڻا: ”ائي نڀاڳي آهستي ڳالهاءِ ، رئيس ٻڌي ورتئي ته بُھه ڀرائي ڇڏيندءِ.“
جانل: ”هونهه ! رئيس کي شراب ڪباب کان ته مھلت ملي. ڪاري ماءُ پئي ڳالهه ڪئي ته هاڻي وري نوران جي پٺيان پيو آهي.“ (16)
ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:
جنان: ”ڇوري آهي الڙ، سمجهي ئي نٿي. گهڻيون ئي لاهيون چاڙهيون ڏنيون مانس. لالچ ، دڙڪو، دهمان، پيار، محبت، سڀ ڪجهه آزمايم پر تريءَ تيل ئي لائڻ نٿي ڏي. رئيس _ چئبو ته تو هن ڀيري آڻ مڃي.“(17)
اڳتي لکي ٿو ته:
تاجو: ”مھلون مڙسن تي اينديون آهن ڀوتار، تون مون کي اڳ به آزمائي چڪو آهين. منھنجو وار ڪڏهن به خطا نه ويندو آهي. منھنجي دوناليءَ مون کي ڪڏهن به دوکو نه ڏنو آهي.“
رئيس: ”ته پوءِ ٻڌ تاجو، اڄ رات نوران منھنجي اوطاق ۾ پھچڻ گهرجي.“(18)
هن ڊرامي ۾ تاجوءَ جو ڪردار آهي ته ڌاڙيل جو پر هيءُ رئيس جي ڀيڻ سگهڙ تي عاشق ٿي پوي ٿو، ان صورتحال تي قمر شھباز لکي ٿو ته:
سگهڙ: ”اڄ ڏاڍو انتظار ڪرايئي تاجو!“
تاجو: ”اڄ رئيس جي بيگر تي ويل هئس چري، ٻيھر دير نه ٿيندي!“(19)
ڊرامي جي پڄاڻيءَ تي تاجو، نوران کي کڻي رئيس وٽ پھچائي ٿو، نوران پنھنجي پاڪ دامن بچائڻ لاءِ، رئيس کان پستول ڦري فائر ڪري رئيس کي ماري ٿي ڇڏي ۽ پاڻ رڙيون ڪندي اوطاق کان ٻاهر ڀڃي وڃي ٿي.
هن ڊرامي ۾ پيش ڪيل هر ڪردار ۾ سنڌي سماج جو عڪس شامل آهي، ڊرامي ۾ لکيل ٻولي به ڳوٺاڻي، وڻندڙ، چوڻين، پھاڪن ۽ اصطلاحن سان سجائي سنواري پيش ڪئي آهي، جنھن جي ڪري ڊرامي جا مڪالما جاندار ٿي پيا آهن.
قرض مرض فرض: هي ڊرامو سنڌ جي شھري سماج تي ٺٺول آهي، هن ڊرامي وسيلي اهڙي قسم جي ماڻهن جي ڪردار ڪشي ڪئي آهي، جيڪي شادي شده هوندي ٺڳيءَ ۽ چالاڪيءَ سان ٻين جي عورتن ۽ گهرن ڏانھن تڪيندا آهن.
هن ڊرامي جي ڪھاڻي هڪ بيواهه عورت (بيگم) جي گهر جي اندر ئي پيش ڪيل آهي، ٻيو ڪردار راجا جو آهي، جيڪو سندس مرحوم مڙس تي رهيل قرض وٺڻ لاءِ سندس گهر ۾ اچي ٿو ۽ چوي ٿو ته قرض وٺڻ کان سواءِ نه ويندس ۽ آخرڪار هو بيگم صاحبه جي گهر ۾ زبردستي رهي ٿو پوي، انهيءَ کان سواءَ ٻه ڪردار بيگم صاحبه جي نوڪرن آچر ۽ عيدو جا آهن. راجا جو ڪردار اهڙن ماڻهن بابت آهي، جيڪي واندا ۽ نڪما ٺڳ قسم جا هوندا آهن.
راجا جي ڪردار جي گفتگو قمر شھباز هن طرح پيش ڪئي آهي:
راجا: ”چوڻ اِهو آهي ته محترمه تنھنجي مڙس فاروق خان، مرڻ کان اڳ مون کان ٽي هزار روپيه قرض ورتو هو.“
بيگم: ”قرض ورتو هو. _ ؟“
راجا: ”جي ها ! ۽ قرض وڏو مرض آهي.“
عيدو: ”۽ قرض موٽائڻ فرض آهي.“
راجا: ”تون بس ڪر سياڻا.“
بيگم: ”پر منھنجي مڙس ايترا پيسه ورتا ڇا جي لاءِ _ ؟“
راجا: ”مون کان کنڌي تي گاهه کڻندو هو.“
بيگم: ”گاهه _ ! گاهه ڪنھن لاءِ وٺندو هو _ !“
راجا: ”پاڻ کائيندو هوندو، يا گهر آڻيندو هوندو ! يا وري گهوڙي کي کارائيندو هوندو.“(20)
پاڻ ٻئي هنڌ صفحي نمبر 95 تي لکي ٿو ته:
بيگم: ”اڙي چنڊا، سڄو ڏينھن ان بي سري مھمان وٽ ويٺا ڇڙا قصا ٿا ڪٽيو؟ مون کي ته اِهو ڏائڻ بنھه وڻي ئي نٿو _ ! خدا ماريس. هانءَ تي بار ٿي اچي ڪريو آهي. مان سڀاڻ ئي ٽي هزار روپيه منھن تي هڻي گهر مان ٿي ڪڍانس. ۽ هڪ ٺاهوڪي مار به ڏئي ڇڏيندي مانس.“(21)
قمر شھباز جي هن ڊرامي ۾ بيگم صاحبه جو ڪردار اهڙي عورت جو آهي، جيڪا تمام خود غرض ۽ مغرور آهي. آچر ۽ عيدو، بيگم صاحبه ۽ راجا جي وچم غلط فھمي پيدا ٿا ڪن. کين هڪٻئي جي تعريف ٻڌائي خوش ٿا ڪن. آخرڪار راجا ۽ بيگم صاحبه هڪٻئي کي پسند ڪرڻ لڳن ٿا ۽ ڊرامي جي پڇاريءَ ۾ راجا جي چوري پڪڙجي ٿي پوي ۽ سندس زال راڻي اچي ڳولي لھيس ٿي.
انهيءَ صورتحال کي قمر شھباز هن طرح بيان ڪري ٿو:
راجا: ”مري ويو راجا .... اڦٽ مري ويو.“
راڻي: ”مرندين ته تون گهر هلي، هت ته رڳو مغز ڦاڙيندي مانءِ ، گهران آيو هئين قرض وٺڻ ، ۽ هتي هن ڏائڻ سان ويٺو ٿو ڪچھريون ڪرين.“
بيگم: ”پر هن چيو ته هن جي زال مري وئي آهي.“
راڻي: ”هاءِ هاءِ ، مون کي جيئري ئي ماري ڇڏيو اٿائين، بيھه ته نڀاڳا تنھنجي خبر وٺان.........“
راجا: ”اڙي ترس ! نه هڻجانءِ! _ متان _ اڙي گهوڙا ڙي!.“
راڻي: ”توکي ڇڏي ڏيندس مئا!............“
راجا: ”اڙي مون توبھه ڪئي! معافي ڏي! راڻي، مون کي معافي ڏي _! وري اهڙو ڪم نه ڪندس!“
راڻي: ”کڻ ٽپڙ رک مٿي تي، سڌو سڌو گهر هل،اُٿي......“
راجا: (ڪنجهندي) ”هلان ٿو، هلان ٿو، مار ته نه، هلان ٿو..... “
راڻي: (ٽوڪ مان) ”خدا حافظ، اسان وڃون ٿا، قرض جا پئسه توکي معاف آهن.“ (22)
هن ڊرامي ۾ سنڌي سماج جو هڪ دلچسپ منظر مزاحيه انداز ۾ پيش ڪيل آهي، راجا ۽ بيگم صاحبه جي بھترين ڪردار نگاري ۽ تکا مـٺا مڪالمه تمام دلچسپ نموني ۾ پيش ڪيل آهن، ڊرامي جي پڄاڻي انتھائي مزاح سان ڀريل آهي، سادي ۽ سنھنجي ٻولي جو استعمال ڪيل آهي.
نتيجو:
انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته قمر شھباز سنڌي ڊرامانگارن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. سماج تي سندس نظر تکي مٺي رهي آهي، سندس مقصد سنڌي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ هو، قمر شھباز جي ڊرامن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، سندس سماجي مطالعو به وسيع هو، پاڻ سنڌي سماج جي هر پھلوءَ جي عڪاسي ڊرامن ۾ پيش ڪئي آهي، سنڌ جي اهم مسئلن جي نشاندهي سندس ڊرامن جو محور رهيو آهي، سندس ڊراما اڪثر ڪري سنڌ جي ڪلچر بابت آهن؟ مثال طور، ڪارو ڪاري، وڏيرا شاهي، حويلين جو حراس، حويلين ۾ قيد ٿيل خوبصورت وجود جيڪي پنھنجي زندگي رڙين ۽ چريائپ جي دورن ۾ گذارين ٿيون وغيره. سندس ڊرامن ۾ بھترين منظرنگاري سان گڏ ڪردارن جي نفسياتي ۽ خيالي منظرنگاري به پيش ڪيل آهي. انهيءَ کان سواءِ سندس ڊرامن ۾ پيش ڪيل ڪردارنگاري ۾ سنڌي سماج جو عڪس سمايل آهي، انهن ڪردارن لاءِ قمرشھباز جا لکيل مڪالما ڄڻ ته سون تي سھاڳو ۽ منڊيءَ تي ٽِڪ آهن.
حوالا
- جوڻيجو، ڊاڪٽر عبدالجبار، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘، جلد ٽيون، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع، ص93،94.
- قمر شهباز، ’واچوڙن ۾ لاٽ‘ ڇاپو پھريون، سنگم پبليڪيشن، 1987ع، ص: 10.
- آخوند، هدايت، سنڌيءَ ۾ ٽي.وي ڊراما 1970ع کان 1980ع تائين، ڇماهي سنڌي ادب، جلد 15، نمبر1، نومبر،1981ع، ص: 10.
- ساڳيو، ص : 22.
- قمر شهباز ، ’واچوڙن ۾ لاٽ‘ ، ڇاپو پھريون، سنگم پبليڪيشن،1987ع، ص: 240،241.
- ساڳيو، ص. 10، 11.
- ساڳيو، ص
- ساڳيو، ص. 64، 65.
- ساڳيو، ص. 154، 155.
- ساڳيو، ص. 156.
- ساڳيو، ص. 198.
- ساڳيو، ص. 212.
- ساڳيو، ص. 223.
- ساڳيو، ص. 227.
- ساڳيو، ص. 235.
- ساڳيو، ص. 238.
- ساڳيو، ص. 243.
- ساڳيو، ص. 263.
- ساڳيو، ص. 272.
- ساڳيو، ص. 284.
- ساڳيو، ص. 287.
- ساڳيو، ص. 89.
- سبينا شھباز ، مرتب:’قمر شهباز جا ڊراما‘، پبلشر: سنڌ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2017ع.