انگريز دور جون سنڌي صوفي شاعرائون
(SUFI WOMAN POETS OF SINDH DURING BRITISH RULE)
ڊاڪٽر غلام فاطمه ٻٻر
Abstract:
Ghulam Fatima Lal, Nimano Faqir (Alias) Ruqi Bai, Bibi Hawa Bai, Rama Bai, and Maee Begum Faqir were some of the prominent women poetesses who lived in Sindh during the British rule over subcontinent. These women poetesses adhere to the Sufi school of thoughts since mysticism was dominated in Sindh during the British colonial period. During this period, numerous Muheshwari and Aamil women were prominent in the field of poetry. They primarily wrote about the joys and sorrows of love. Historical records recognize these Maheshwari and Aamil poetesses who were expressive and used their agency to voice their existence. Their poetry encompasses the message of both hardship and happiness.
Keywords: Sindh, British colonial period, sufi woman poetesses, etc
انگريزن جي دور ۾ سنڌي ادب، ’نثر‘ ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط جوڙي ويئي ۽ سنڌي زبان کي دفتري زبان جو درجو ڏنو ويو. نثر جا ڪيترائي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيا، ڪي طبع زاد به لکيا ويا. شاعريءَ ۾ به ڪنھن قدر ترقي ٿي.ان ۾ مردن سان گڏ سنڌي شاعرائن جو به ڪردار شامل رهيو. اُن دور جي شاعرائن تي اڪثر صوفياڻو رنگ ڇانيل نظر اچي ٿو، ڇو ته ان دور ۾ صوفياڻي سنڌي شاعريءَ جو گهڻو اثر موجود هو.
ان دور جو تحقيقي جائزو وٺڻ سان اسان کي پھرين سنڌي صوفي شاعره غلام فاطمه ’لال‘ جي شاعري؛ بيبي حوا ٻائيءَ جون ’ڪافيون‘؛ ساران جکريءَ جا ’مورا‘، جيڪي هن پنھنجي مڙس الڪي شودي جي اوچتي موت تي آلاپيا هئا؛ نوران ماڇياڻيءَ جي ’لولي‘ (جيڪا هن پنھنجي مڙس جي مارجي وڃڻ تي درد ۾ ڳائي هئي)؛ نماڻي فقير (رُڪي ٻائيءَ) جي صوفياڻي رنگ ۾ رچيل شاعري پڻ ملي ٿي، اُنهن سان گڏ راما ٻائي ڀڳواني ”داسي“، مس ڪملا ڪيسواڻي، گوپي هنڱوراڻي، مس سندري ٽھلراماڻيءَ جي شاعري به ملي آهي، جن جي شاعريءَ ۾ پرينءَ جي وڇوڙي جو درد به شامل آهي ته، خوشي ۽ مزاح وارا موضوع به آندل آهن.
هن تحقيقي مقالي ۾ سنڌي صوفي شاعرائن جو اڀياس پيش ڪيو ويو آهي.
مائي غلام فاطمه ’لال‘:
’مائي غلام فاطمه لال‘ سنڌ جي صوفي شاعره ٿي گذري آهي. هيءَ شاعره تعلقي پني عاقل جي قديم شھر سانگيءَ کان ڏکڻ طرف دُبر روڊ تي واقع ڳوٺ ’ڪٽا‘ جي رهندڙ هئي. سندس جنم ساڳئي ڳوٺ ۾ اٽڪل 1860ع ڌاري ٿيو. هن جي والد جو نالو ’لعل فقير‘ هو، ذات موچي هئس. مائي فاطمه لال جي شادي حامد فقير سان ٿي، جنھن مان کيس هڪ پٽ گل فقير جي نالي سان ٿيو. پاڻ نھايت حسين عورت هئي ۽ جوانيءَ ۾ بيواهه ٿي وئي. مڙس جي وڇوڙي کيس گهڻو ڏک ڏنو هو، ان ڪري هوءَ سوز و گداز سان ڳائيندي هئي ۽ شاعري به ڪندي هئي. هن شاعريءَ ۾ تخلص ’لال‘ استعمال ڪيو آهي، جيڪو سندس والد جو نالو هو.
سنڌي ادب جي هاڪاري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’لوڪ ادب‘ جي ڪتاب ’ڪافيون‘ جلد-2 ۾ مائي غلام فاطمه جي نالي سان ڇھه ڪافيون ڏنيون آهن، شاعره جي باري ۾ هو لکي ٿو ته:
”مائي فاطمه، ڌيءَ لال موچي پنھنجا ڪلام ۽ بيت جوڙيائين (1960ع) ۾ پنجويھه سال اڳ سٺ ورهين جي ڄمار ۾ گذاريائين.“(1)
ٻوليءَ ۽ اظھار جي حوالي سان مائي غلام فاطمه، شاهه لطيف جي ڪلام کان گهڻو متاثر نظر اچي ٿي. پنھنجي وقت ۾ هيءَ اڪيلي شاعره شاهه لطيف جي ڪلاسيڪي شعري سلسلي جي وارث آهي ۽ هن پنھنجي شاعريءَ جو بنياد شاهه لطيف جي تمثيلي رنگ ۽ ڍنگ کي بڻايو آهي.
نامور اديب اختر درگاهيءَ لکيو آهي ته:
”ڪافين جي وائيءَ جھڙي گهاڙيٽي کان وٺي، شاهه لطيف جيان سسئيءَ ۽ سھڻيءَ جي تمثيلي روپ ۾ مائي غلام فاطمه لال جون ٻه ڪافيون:
- ”ويندس يار مري، تنھنجي درد فراق ۾.“ (هن ڪافيءَ بابت ڪن محققن جو انومان آهي ته ان جو شاعر متان ڪو ٻيو هجي، پر غلام فاطمه جي تر جي محقق سرور سيف موجب ته مائي غلام فاطمه جي پڙ پوٽي لال فقير وٽ موجود آڳاٽي بياض ۾ اها ڪافي موجود آهي.)
- 2. ”لائي ته نماڻيءَ سان نينھن، دوست ايئن نه منهن مٽجي.“
عوام توڙي ميڊيا تي شاهه لطيف جي ڪلام طور ڳايون وڃن ٿيون، جڏهن ته اتر سنڌ ۾ اُهي ٻيئي ڪافيون ٿوريءَ ڦيرگهير سان مائي غلام فاطمه لال جي ڪافين طور مشھور آهن ۽ مون پاڻ پنھنجي ڏاڏيءَ بيگم فقيرياڻيءَ کان ٻڌيون آهن.“ (2)
ڪافيون ڪتاب ۾ ’لال‘ شاعر جي نالي سان ٽي ڪافيون ڏنل آهن ۽ شاعر جي باري ۾ بلڪل به احوال لکيل نه آهي. تجزيي ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته اُهي ڪافيون به غلام فاطمه لال جون چيل آهن، جنھن جو ذڪر اختر درگاهيءَ هن ريت ڪيو آهي:
”ڊاڪٽر بلوچ صاحب ساڳئي ڪتاب ۾ ڪنھن ٻئي هنڌ مائي غلام فاطمه جون ٽي ٻيون ڪافيون به ڏنيون آهن، پر بلوچ صاحب اُهي ڪافيون ’لال‘ نالي ڪنھن مرد شاعر ڏانهن منسوب ڪيون آهن، اُن شاعر جو ڪو خاص احوال به ڪونه ڏنو آهي.“(3)
محقق ۽ ڪھاڻيڪار سرور سيف لکي ٿو ته:
”مائي فاطمه ’لال‘ جو مرشد نور محمد لاڙڪ صاحب هو، جيڪو ڳوٺ ’لاڙڪ وڏا‘، تعلقي ڪنگري، ضلعي خيرپور جو رهندڙ هو. مائي فاطمه ’لال‘ پنھنجي مرشد جي شان ۾ ڪيئي ڪافيون چيون آهن. مائي فاطمه ’لال‘ جون ڪيئي ڪافيون تر ۾ مشھور آهن. پاڻ نماڻي غمزده ۽ رند فقيرياڻي هئي، کيس سنڌ جي مشھور لوڪ فنڪاره بيگم فقيرياڻيءَ (1915-1987ع) سوز سان تمام گهڻو ڳايو آهي. مائي فاطمه لال جي شاعريءَ جا موضوع درد، فراق، وڇوڙو ۽ وصل آهن. سندس ڪافين ۾ پيڙا ئي پيڙا سمايل آهي ۽ تصوف جا باريڪ نڪتا سمايل آهن.“ (4)
مائي فاطمه جي ڪافين ۾ تصوف جو فڪر سمايل آهي. پاڻ سنڌ جي صوفي شاعرن، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست کان گهڻو متاثرآهي. سندس ڪافين تي صوفي شاعرن جو اثر نمايان آهي.
(1)
آيو ساهه سيبايو، من محرم سو محب آيو.
1. 1هُو الاول هُو الاخر، واحد وچ وڃايو.
1.2 ’لمن الملڪ‘ جو اڄ اسان وٽ، وارو وِرهه وڄايو.
3. 1سڀ ڪنھن صورت سونھي سھڻو سائين سڀ ۾ سمايو.
4. 1هم غم وهم سڀيئي وَيڙا، پريم پاڻ پسايو.
’لال‘ کي لائق لطيفئون، پنھنجي هادي حق سمجهايو.
(2)
ساهڙ سان ساهيڙيون منھنجي جيءَ جي جڙي روز ازل کان!
1. ڪنڊي يار قريب جي، اندر منجهه اڙي.
2. ٻُڏان ٻن پيو جندڙو، گهٽجي شل نه گهڙي.
3. وَرَ ريءَ ڪيئن ويهي رهان، خيال ڪيس کڙي.
4. لائق ايندم ’لال‘ چئي، لھرين پاس لڙي. (5)
غلام فاطمه ’لال‘ جي شاعريءَ ۾ تصوف:
مائي فاطمه ’لال‘ جي شاعريءَ ۾ تصوف جا ڳُوڙها نُڪتا سمايل آهن. هڪ سالڪ صوفيءَ واري واٽ سندس شاعريءَ ۾ ڏسيل آهي. اختر درگاهي لکي ٿو ته:
”مائي غلام فاطمه ’لال‘ جون ڪافيون هڪ اهڙي عورت جي اندر جو اظھار آهن، جيڪا سخت پيڙائن مان گذري آهي، سندس شاعريءَ مان زندگيءَ جي عذاب ڏيندڙ ڪيفيتن جو چٽو عڪس نظر اچي ٿو. مائي غلام فاطمه اُن دور جي شاعره آهي، جنھن دور ۾ شاعريءَ جو اهم موضوع ’تصوف‘ رهيو آهي.“(6)
مائي غلام فاطمه ’لال‘ جي شاعريءَ ۾ جتي سندس وَر جي وڇوڙي جو درد، جوانيءَ ۾ بيواهه ٿيڻ واري تڪليف، هن کي صوفي سالڪن واري رستي تي آندو، جنھن جي نتيجي ۾ هن جي شخصيت تي حقيقي عشق جو گھرو اثر ٿيو، جيڪو سندس شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿو ۽ سندس شاعري ڏسون ٿا:
ڪافي:
محبت منجهه مري، آئي آ عشق جي اري.
1. انگ ته منھنجو آريءَ سان، پر لکيو ڪين ٽري.
2. ڪيڏا ڪشالا ڪاف جا، پئي ڪامڻ ڪوهه ڪري.
3. ڪاهي ويندي ڪيچ ڏي، جيڪا ماري ذوق ذري.
4. دعا ڪريو ڙي جيڏيون، منھنجو وارث وَر وري.
5. هئه هئه خان پنھل لاءِ، منھنجي ساعت ڪانه سري.
6. ڪڏهن اُجهامي ڪينڪي، جيڪا اندر ٿي پڄري.
’لال‘ چوي هن عشق جي، ٿي اندر آڳ ٻري.
ڪافي:
ويندس يار مري، تنھنجي درد فراق ۾.
اٺئي پھر اُٻاڻڪي، چارئي پھر چري.
ڏور وجهي وئين ڏک جي، ڍولڻ ڪر نه ڍري.
تنھنجي سري ويئي سھڻل سائين، منھنجي ڪانه سري.
’لال‘ موچي مسڪين تان لاهه نه ڀل ڀري. (7)
بيتابي ۽ بي قراريءَ جي ڪيفيت سندس شاعريءَ ۾ گهڻي ملي ٿي، جو پڙهڻ سان پڙهندڙ پاڻ کي اُن بي قراريءَ واري ڪيفيت ۾ محسوس ڪري ٿو. مائي غلام فاطمه ’لال‘ جي بيتن ۾ به تصوف آهي. شاعريءَ ۾ اندر جي اُڻ تُڻ واري ڪيفيت کي مختلف انداز ۾ اظھاريو آهي.
(1)
اُٺي بوند برهه جي، اندر سائر سَر،
من اندر موچي چوي، ڇوليون ڏي پئي ڇر،
اندر پيڙا، اندر ويڙها، اندر مھاڻا، ميربحر،
اندر جهنگل ٿاڻا ٻيلا، اندر شينھن سَڀر،
اندر ڪعبو، اندر قبلو، اندر خوب خبر،
هاڻي پاڪ ڌڻي پرور، تون لطف ڪجان ’لال‘ سان.
(2)
لطف ڪجانءِ ’لال‘ سان، تون ڪلمي ساڻ ڪُل،
مومن مسلمان ٿيا، جيئن گلابي گل،
ٻئي ڪنھن نه ڀُل، تون ڳولج يار اندر ۾.
(3)
ڳولج يار اندر ۾، تون اڇو ڪر ارواح،
دانا تنھنجي دل ۾ درست وهي درياهه،
ڪنھن لڌو ڪينڪي، اٽڪل ساڻ الله،
جڏهن شافعي ٿيو شاهه، تڏهن مطلب مڙني جا ٿيا.
(4)
سي مَرُ مرڪن مھاڻيون، ٽنڊيون منڊيون ڪاڻيون اگهاڻيون،
لس ڀريندي لال چوي، موتين سان ماڻيون،
پر آگي اُماڻيون، تن تان لٿا حق حساب جا (8)
هنن بيتن ۾ شاعره، مومن مسلمان کي گلاب جي گل سان تشبيھه ڏني آهي، شاعره چئي ٿي ته الله اٽڪل سان نه ملندو، پر اُن لاءِ پنھنجي اندر کي اُجاري، اُن مان ٻيائي ۽ بغض ڪڍي، صاف ڪر ته الله راضي ٿئي ۽ بنا حساب ڪتاب جي سڀ مرادون پوريون ٿين. محبوب پنھنجي اندر ۾ ڳول، روح، گناهن ۽ ٻيائيءَ کان پاڪ ڪري، غور ڪر ته الله توکي ملي ويندو ۽ جڏهن الله ملي ويو ته، مطلب سڀ تنھنجا توکي ملي ويا. اُهو ئي صوفياڻو فڪر آهي. شاعره چوي ٿي ته ’نوري مھاڻيءَ‘ تي مالڪ جي مھرباني هئي. نوريءَ جي نوڙت مالڪ کي موهي وڌو، جو مھاڻين جو مانُ وڌي ويو آهي. اُهي هاڻي موتين سان پيون رانديون ڪن، جو مالڪ اُنهن تي مھربان آهي. اُهي حساب ڪتاب کانسواءِ اَگهاڻيون آهن:
ڪافي:
منھنجو يار وڃي ٿو، دل لُٽيون لُٽيون، نيڻن واري ناز سان
1. جيئن بلبل کي باشو پڪڙي،
ريءَ ڪاتي سين ڪُٺيون ڪُٺيون،
برهه واري باز سان.
2. جيئن ڄار ڳنڍيون ٿي ڏنائون،
سي ڇوڙيان پر نه ڇٽيون ڇٽيون،
ڄڻ محمود ٻڌيون هيون اياز سان.
3. لال چوي ٿو عشق وارن تي،
بوندان برهه جون وٺُيون وٺُيون،
راڻل واري راز سان.
هن ڪافيءَ ۾ شاعره حقيقي عشق کي بيان ڪيو آهي. شاعره ذڪر ڪيو آهي، محمود نالي بادشاهه جو هڪ پيارو غلام ’اياز‘ هو، جيڪو هو ته غلام، پر بادشاهه کي تمام گهڻو پيارو هو ۽ بادشاهه اُن تي تمام گهڻو مھربان هو. هتي شاعره به حقيقي عشق جي ڳالهه ڪئي آهي ته، منھنجو مرشد مون تي مھربان آهي ۽ اُن مون سان اهڙو ئي ناتو رکيو آهي، جيئن محمود بادشاهه، اياز غلام سان رکيو هو.
ڪافي:
نڪري ٿيا نروار، عشق، عقل ٻئي چوغان ۾.
1. جڏهن جنگ لڳي ڏينھن خيبر جي،
ڪٽيائون ڪل ڪفار،
عرب عجم ۽ ايران ۾.
2. جنگ لڳي ته جلهه ٿي، اُٿيا سرواهين جا سٽڪار،
اُتي مرد کڙا هئا ميدان ۾.
3. اتي ڌرتي تي ته ڌڪاءُ ٿيو، ڀڳو سڀ بلخ بخار،
خبر رسي خراسان ۾.
4. جڏهن حڪم ٿيو حضرت شاهه جو، چئين قبيلن چوڌار،
ملڪ خلق ٿيا فرمان ۾.
5. جڏهن عشق ڀڄايو عقل کي، جنگ ته کٽي ويو جهونجهار،
’لال‘ چوي لامڪان ۾. (10)
هن ڪافيءَ ۾ شاعره، عقل کي هارايل ۽ عشق کي کٽيل چيو آهي. حضرت علي عه جو عشق، الله تعاليٰ ۽ اُن جي رسول حضرت محمد صه جن سان هو. شاعره جي تاريخ تي تمام گھري نظر هئي، جنھن جو اندازو سندس اُنهن ڪافين مان لڳائي سگهجي ٿو. بلخ، بخارا ۽ خراسان شھرن جو ذڪر ڪيو اٿس، جيڪي شھر ڪنھن وقت ۾ صوفين جا مرڪز ۽ ڳڙهه هئا. مطلب ته شاعره صوفين جي باري ۾ تاريخي ڄاڻ رکندي هئي.
ڪافي:
ڳولي ڏسجانءِ ڳالهه انهيءَ کي، ساڳيو آهين سو....
ڪاڪ انهيءَ تي ڪاهي، ڪامل ويڙَ مَ ڪو....
سوريءَ تي منصور چڙهائي، مُلن ليکي مئو....
’لال‘ چوي ٿي عشق وارن کي، رمز انهيءَ ۾ رهو.(11)
هن ڪافيءَ ۾ شاعره، صوفي حسين بن منصور حلاج جو ذڪر به ڪيو آهي. مُلن جي ليکي منصور مري ويو، پر اصل ۾ ته منصور عاشقن کي عشق جي رمز (راز) سمجهائي ويو. غلام فاطمه ’لال‘ جي شاعري تاريخي حوالن سان ۽ فڪري خوبين سان ڀرپور آهي. شاعريءَ جي فن سان سٺو نڀايو اٿس، تجنيس حرفيءَ سان گڏ لئه، رواني، موسيقيت هن جي شاعريءَ ۾ موجود آهي. پنھنجي ڳوٺ ’ڪٽا‘ جي ماڻهن سان گهڻو پيار اٿس، جو اُنهن لاءِ دعائيه شاعري به ڪئي اٿائين.
نماڻو فقير:نماڻو فقير عرف رُڪي (يا هاسي) ٻائيءَ جو جنم 1888ع ۾ هڪ سنڌي هندو ڏوڏا رام جي گهر ۾ شڪارپور شھر ۾ ٿيو. پاڻ نھايت سھڻي ۽ سليقي مند هئي. هڪ پير ۾ عيب هئس، سندس شادي سيٺ پوڪرداس سان ٿي، جيڪو رنڙ ۽ وڏي عمر جو هو. رُڪي ٻائيءَ کي ڪو اولاد نه ٿيو ۽ پاڻ ننڍيءَ عمر ۾ بيواهه ٿي ويئي ۽ اُن ڏک سندس روح کي بي چين ڪري ڇڏيو. پنھنجي روح کي سڪون بخشڻ لاءِ سچل سرمست جي مزار تي حاضري ڀريندي هئي. پاڻ سخي قبول محمد (ثانيءَ) جي مريدياڻي ٿي، جنھن مٿس نالو ’نماڻو فقير‘ رکيو هو. رُڪي ٻائي پوءِ سچل سرمست جي درگاهه تي رهڻ لڳي، جتي صوفين جي صحبت ۾ رهي، پاڻ به صوفياڻي فڪر ۾ شاعري ڪرڻ لڳي. سندس مرشد جو مٿس گهڻو اثر ٿيو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ اردو ٻوليءَ ۾ به شاعري ڪيائين.
”مرشد سخيءَ ئي هاسيءَ کي ’نماڻو فقير‘ ڪري سڏيو. کيس دين جي نياڻيءَ جو درجو ڏنائون. هاسي ٻائي/نماڻي فقير مرشد جي قدمن ۾ ڀار ڀريا پندرهن سال رهي. سھريجن (ساهورن) جي هڪ به نه ٻڌائين. ورهاڱو ٿيو ته ڪن ست سنگين سان گڏ ڀارت لڏي ويئي. 1960ع ۾ بڙودي ۾ ”سخي ڪٽيا“ نالي آشرم قائم ڪيائين. بيمار ٿي ته بمبئيءَ آئي 23 مارچ 1963ع تي اُتي ئي سندس چالاڻو ٿيو، اگني سنسڪار ٻئي ڏينھن ٿيو. درگاهه درازا جو نائون گادي نشين پير عبدالحق، سخي، ڪٽيا بڙودي وڃي، نماڻي فقير جون هاٺيون درازن کڻي آيو. نماڻي فقير جي تاليف ۽ ادبي ڪمن ۾ سندس پھريون اهم ادبي ڪم ”سچل جو ڪلام عرف عاشقي الھام“ آهي. هن ڪتاب ۾ سچل سرمست جو چونڊ ڪلام آهي. اُن سان گڏ هن ڪتاب ۾ تصوف، ويدانيت ۽ سچل سائينءَ جي حياتيءَ جو احوال به ڏنل آهي. آخر ۾ ڏکين لفظن ۽ صوفي اصطلاحن جي سمجهاڻي به آندل آهي.“(12)
نماڻي فقير (رُڪي ٻائيءَ) جي شاعري:
نماڻي فقير، عرف رڪي ٻائي يا هاسي ٻائي، سنڌي ٻوليءَ جي شاعرائن ۾ صوفي شاعره جي حيثيت سان سڃاتي وڃي ٿي. سندس ڪافيون صوفياڻي فڪر سان ڀريل آهن. سندس ڪافين ۾ مرشد لاءِ خاص عقيدت بيان ڪيل آهي.
ٿلهه: تنھنجي قدمن تان گهوري وڃان،
مٺا مھر ڪري تو، مون کي پنھنجو ڪيو.
1. عشق نه ڄاڻان آئون آهيان اياڻي،
هٿڙو ڌريو تو پنھنجو ننگ سڃاڻي،
او لک لک ٿورا، ٿورا هادي تنھنجا مڃان.
2. تنھنجي قربن جو ڪونهي ڪاٿو،
قول ڪري، تو پنھنجي سيني لاٿو،
او روز ڪرين پيو، ڀلايون اڃان.
3. هاديءَ جي دعا سان، اڳتي وک وڌايان،
’نماڻا‘ پوئتي شل پير نه هٽايان،
او جهنگل، جبل، ٽڪر هُجن توڙي وڃان (13)
هيءَ شاعره، سچل سرمست جي صوفياڻي فڪر کان گهڻو متاثر آهي، سندس شاعريءَ ۾ تصوف جا نُڪتا سمايل آهن ۽ ڪلام نصيحت سان ڀريل آهي.
اديون عشق نه اٿو آسان،
پرجھي پايو پير انهيءَ ميدان.
1. جيڪا سڪ سبق پڙ هندي،
دنيا کان سا منهن موڙيندي،
ڏاج ڏکن جو پلئه پائيندي،
طعنا تنڪا سر تي سھندي،
جک ماري ڀل سڄو جھان.
2. جيڪا عشق سان ناتو رکندي،
هوش عقل سا سڀ ڇڏيندي،
ٻيا لاهي سڀ وهم گمان.
3. سانگو لاهي جا سر سٽيندي،
’نماڻي‘ الله وٽ سُرخرو ٿيندي،
آپو وڃائي جهاتي اندر پائيندي،
هڪ ڏسندي ڀڳوان. (14)
هتي شاعره حقيقي عشق جي ڳالهه ڪئي آهي، شاعره چوي ٿي ته حقيقي عشق ڪا معمولي ڳالهه نه آهي، جيڪا حقيقي محبوب سان پيچ پائيندي، سا پاڻ (آپي) کي وساري ڇڏيندي. محبوب (الله) جي راضپي لاءِ هِن دنيا جي سکن کي قربان ڪندي، عام ماڻهن جي ڳالهين، طعنن کي نظرانداز ڪندي، تڏهن وڃي سچي محبوب جو ديدار پسندي.
”اي جيوَ پاڻ کي تون سڃاڻ،
هُت ڪنھن جي ڪانه سفارش هلندياءِ!
1. ڇڏ سستي، ڪر چستي،
او اي مورک وقت نه وڃاءِ.
2. رات ڏينھن ڪر توبھه زاري،
او ڪوڙ ڪچ نه ويھي ڪماءِ.
3. ڏيئي ٽُٻي لھه ٽول اندر مان،
او مانش! پنھنجو مان وڌاءِ.
- 4. ماري غوطا گم ٿي ’نماڻا!‘
او لعلڻ سان لنئون لڳاءِ
نماڻي فقير جو هي ناصحاڻو ڪلام آهي، جنھن ۾ شاعره حقيقي عشق ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي، آخرت جي باري ۾ نصيحت ڪئي آهي. نماڻي فقير سچ پچ ته صوفي سالڪن وانگر، پنھنجي اندر جي ڪٽ ڪوري، ان کي آرسيءَ وانگر اڇو اجرو ڪيو هو، هن جي دين ڌرم ۾ نه ڪي هندڪي رهي هئي، نه ڪي مسلمانڪي رهي هئي. هوءَ هر رنگ ۾ رتل هئي. درازن جي درگاهه جو تاثير چئجي يا سنڌ جي سرزمين جو معجزو چئجي، جنھن پنھنجي معمولي مٽيءَ مان اهڙيون غير معمولي هستيون پيدا ڪيون.“(15)
نماڻي فقير عرف رُڪي ٻائي يا هاسي ٻائيءَ جي شاعريءَ ۾ فڪر جي گھرائي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي اُها صوفي شاعره آهي، جنھن جي سنڌي ڪلام سان گڏ اسان کي اردو ٻوليءَ ۾ به شاعري ملي آهي.
”نماڻي فقير جو اردو ڪلام پڙهبو ته حيرت وٺي ويندي، لاشڪ هيءَ پھرين هڪ سنڌي عورت آهي، جنھن پنھنجي ڪلام ۾ پختگيءَ، پاڪائيءَ ۾ وسيع نظريءَ جا ويھي موتي پوئياآهن ۽ اردو زبان ۾ طبع آزمائي ڪري هڪڙو وڏو مثال قائم ڪيو آهي.“ (16)
نماڻي فقير جو اردو ڪلام ڏسون ٿا ته اهو به حقيقي عشق سان ٽمٽار آهي ۽ منجهس محبوب سان ملڻ لاءِ بي تابيءَ جو اظھار سمايل آهي. جيڪو سراسر پروردگار جي عشق ۾ ڇپيل آهي.
(1)
الا الا هو الله، الا الا هو الله،
الا الا هو الله، الا الا هو الله،
الا الا هو الله، الا الا هو الله۔
اس نو میں ہے تیرا نور الا ھو تیرا نور،
تیری گھور کیا ہے دل کو چور، دل کو چور۔
الا الا هو الله، الا الا هو الله،
الا الا هو الله، الا الا هو الله،
الا الا هو الله، الا الا هو الله۔
زبان پر ہی دم دم الا ہو تیرا ذکر، تیرا ذکر،
میرے من میں ہے الا ہو تیرا فکر تیرا فکر،
الا الا هو الله، الا الا هو الله،
الا الا هو الله، الا الا هو الله،
الا الا هو الله، الا الا هو الله۔
(2)
شب و روز ہے 'نمانا' منتظر منتظر،
کرتا پکار تیرے در پر در پر،
کرشن نے میرا من موہ لیئا،
سُدہ بدہ جگ کی سب بُھل لیئا
دل میرے کوچُلا کے گیا الا
اب بلارہی ہوں کنئیا او کنئیا
خوبصورت ہےشام سندر کی الا
چپ چپ چلا گیا، میرا چین، چين لیئا۔(17)
مائي بيگم فقيرياڻي:
سُر ۽ سوز رکندڙ مائي بيگم فقيرياڻي، 1915ع ۾ رضا ڳوٺ، تعلقي پني عاقل ۾ ڄائي. سندس والد هارون فقير ميربحر درگاهه انباهه شريف جو طالب هو. مائي بيگم فقيرياڻيءَ کي ڀٽ ڌڻيءَ جي فقيرياڻي يا لطيف جي فقيرياڻي به چيو ويندو آهي. لطيف سائينءَ جي درگاهه تي اڪثر ايندي رهندي هئي، کيس لطيف سائينءَ سان گهڻي عقيدت هُئي.
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي نانيءَ جو نامياري شاعره غلام فاطمه لال سان گهڻو اُنس هو ۽ اُها اڪثر غلام فاطمه لال ڏانهن ويندي رهندي هئي. بيگم فقيرياڻيءَ کي به سندس ناني غلام فاطمه لال ڏانهن وٺي ويندي هئي. مائي غلام فاطمه لال جي فيض هن کي سنڌي شاعريءَ ۽ صوفيانه راڳ سان نوازيو. مائي بيگم فقيرياڻي سڄي زندگي ڪارو لباس پھريو، ڪاري لباس کي لطيف سائينءَ جي سُوءَ چوندي هئي. بيگم فقيرياڻي 1944ع ۾ روهڙي شھر ۾ اچي ويٺي ۽ اُتي ئي 13 اپريل 1987ع تي وفات ڪري ويئي ۽ اُتي ئي سندس آخري آرامگاهه آهي.
مائي بيگم فقيرياڻي جي شاعري:
بيگم فقيرياڻيءَ جو ڪلام ’ڪافي‘ صنف ۾ چيل آهي. پاڻ هڪ سٺي شاعره هئي، پنھنجا صوفياڻا دردانگيز ڪلام پاڻ ڳائيندي هئي. مائي بيگم فقيرياڻيءَ جو سنڌي صوفياڻي راڳ ۾ تمام گهڻو مٿانهون مقام آهي. صوفياڻا ڪلام سوز و گداز سان ڳايا اٿس.
ڪافي
معاف ڪندين مولا، مون تان ملامت،
قائم ڪندين منھنجو، عشق سلامت.
جيڪي بديون ڏين ٿا مون تي!
تن کي چوان ٿي، تن جي نيت.
طعنا تنڪا ڏين ٿا، مون کي!
پاڻ ڏني آ، ’شير‘ امانت.
دشمن ٿيندا، ڪين وڌندا،
تن تي پيل آ، توڙ جي لعنت.
بيگم کي آ پڪ پنھل ۾،
ڪين ڇڏيندو ڇا ڪندي قيامت.
معاف ڪندين مولا، مون تان ملامت،
قائم ڪندين، منھنجو عشق سلامت.
(2)
ديد سدائين دلبر ۾ آ، خلق سڄي پئي کلي کلي،
ته به دل جو دلبر ملي ملي.
محبت تنھنجيءَ مست ڪيو آ، حسن ڪيو حيران،
سِر به توتئون صدقي ڪيان مان، دل به تنھنجي بلي بلي،
ته به دل جو دلبر ملي ملي.
عاشق آهون ڪندا وتن ٿا، معشوق بي پرواهه،
عاشقن کي عشق سدائين قيامت تائين پيو هلي هلي،
ته به دل جو دلبر ملي ملي.
”بيگم“ کي ڏنئه جام الستي، جانب تو جوڙي،
عشق اندر ۾ آتش لاتي، سور نه پئي ڪنھن سلي سلي،
ته به دل جو دلبر ملي ملي. (18)
مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي ڪلام تي صوفياڻو رنگ ڇانيل آهي. سندس ڪافين ۾ به ڏسون ٿا ته عام ماڻهن جي طعنن، تنڪن کي نظر انداز ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي اٿس ۽ پنھل (حقيقي محبوب) ۾ ايمان آندو اٿس ته ”منھنجو محبوب (الله تعاليٰ) مون کي ڪين ڇڏيندو، ماڻهو ڀلي پيا چون.“ ٻيءَ ڪافيءَ ۾ به شاعره چوي ٿي ته سڄي خلق ڀلي پئي کلي، پر منھنجو هر عمل منھنجي مالڪ جي محبت سان ڀريل آهي.
راما ٻائي: محققن کي راما ٻائي جي هڪ وائي ۽ هڪ غزل مليو آهي. سندس زندگيءَ جو ڪو احوال نه ملي سگهيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ پالڻھار لاءِ بيحد پيار ۽ عقيدت جو بيان موجود آهي.
”راما ٻائيءَ جي ڪلام ۾ اخلاقي مضمون گهڻو آهي. هوءَ ٻڌائي ٿي ته انسان ڇا آهي؟ انسان ۾ ڪھڙيون خوبيون هئڻ گهرجن. سچ ۽ ڪوڙ جي ڄاڻ، ڪنھن جي دل نه دکائڻ، هر ڪنھن سان همدردي ڪرڻ وغيره. اُنهن سڀني ڳالهين جا مثال سندس ڪلام ۾ موجود آهن. راما ٻائيءَ جي شاعري اصلاحي آهي.
ڇڏيو نه داسي وساري ديالو،
سگهڙي لـھجو سنڀار، منھنجي سگهڙي لـھجو سنڀار
عيب اوڻايون مون ۾ اپار، ڄاڻو ٿا ڄاڻڻھار،
سگهڙي لـھجو سنڀار، منھنجي سگهڙي لـھجو سنڀار
مھر ڪريو مسڪين سوامي، مالڪ مون منٺار،
سگهڙي لـھجو سنڀار، منھنجي سگهڙي لـھجو سنڀار
پنڌ ڪرڻ جي پھچت ناهي، پريم جي ٻڌجو پڪار،
سگهڙي لـھجو سنڀار، منھنجي سگهڙي لـھجو سنڀار
وار وار ڪري وينتي ’راما‘ ڪجو نه چرنن کان ڌار،
سگهڙي لـھجو سنڀار، منھنجي سگهڙي لـھجو سنڀار (19)
هن شاعره جي شاعريءَ ۾ صوفياڻو فڪر موجود آهي. پالڻھار کي وينتي ڪرڻ، اُن کان دعا گهرڻ ته ”سگهڙي لـھجو سنڀار، منھنجي سگهڙي لـھجو سنڀار.“ پنھنجي نوڙت ۽ نيازمنديءَ سان منٿون ڪرڻ صوفياڻي صفت آهي.
دنيا جو درجو پائي ڪامل ٿيو ته ٿيو ڇا؟
انصاف نه آهي جنھن وٽ، ڪامل ٿيو ته ٿيو ڇا؟
همدردي نه جنھن کي مانش متر سو ناهي
ٻئي جو ڀلو نه چاهي، سَمجهو ٿيو ته ٿيو ڇا؟
سچ ڪوڙ جي سڃاڻ ناهي، عاقل اُهو نه آهي،
وقت وشنين ۾ وڃائي، داناءُ ٿيو ته ٿيو ڇا؟
جو ٻئي جي دل دکائي، اُهو شانتي سک نه پائي،
ڌن ڌرم ۾ نه لائي، ڌني ٿيو ته ٿيو ڇا؟
جو بڻي پرڀوءَ جو پيارو، سو ’راما‘ رهي سُکارو
ڪڍي ٻيائي نه ٻارو، گياني ٿيو ته ٿيو ڇا؟(20)
راما ٻائيءَ، هن غزل ۾ هڪ صوفي صفت انسان جي خوبين کي بيان ڪيو آهي، جنھن انسان دنيا ۾ نالو ڪمايو، پر انصاف نه ڪري سگهي ته، اُن جي ڪاميابيءَ جو ڪو فائدو نه آهي، جو انسان ٻئي ڪنھن جو همدرد ناهي، پئسو پنھنجي دين ڌرم تي خرچ نه ٿو ڪري ته، اُن جو پئسو به ڪنھن ڪم جو ناهي. ”جو بڻي پرڀوءَ جو پيارو، سو ’راما‘ رهي سکارو“ هن سٽ ۾ پرڀوءَ (ڌڻي تعاليٰ) جو جيڪو پيارو آهي، اُهو ئي سکارو، يعني سک ۽ سڪون وارو آهي. راما ٻائيءَ صوفي صفتن کي سھڻي نموني اظھاريو آهي.
حوالا
- بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ڪافيون (جلد ٻيو)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو/ حيدرآباد، سنڌ،1987ع، ص: 1003.
- درگاهي، اختر، ’مائي غلام فاطمه لال‘، مھراڻ-4، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ، 1996ع، ص: 192.
- ايضاً، ص: 190.
- سيف، سرور، مائي فاطمه لال (سنڌ جي پھرين صوفي شاعره)، مھراڻ نمبر 1 ۽ 2، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ،2008ع، ص: 183.
- بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ڪافيون (جلد ٻيو)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو/ حيدرآباد، سنڌ، 1987ع، ص: 708،709.
- درگاهي، اختر، ’مائي غلام فاطمه لال‘، مھراڻ-4، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ، 1996ع، ص: 191.
- سيف، سرور، مائي فاطمه لال (سنڌ جي پھرين صوفي شاعره)، مھراڻ نمبر 1۽ 2، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ، 2008ع، ص:186-187.
- ساڳيو.
- بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (ڪافيون (جلد ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو/ حيدرآباد، سنڌ، 1987ع، ص: 1005.
- ساڳيو.
- سيف، سرور، مائي فاطمه لال، (سنڌ جي پھرين صوفي شاعره)، مھراڻ نمبر 1 ۽ 2، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2008ع سنڌ، ص: 188.
- جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، سنڌي ادب جي تاريخ، (جلد پھريون)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ، 2004ع، ص: 309.
- شيخ رشيده، ع. ق (آڪٽوبر)، سنڌي شاعري ۾ عورتن جو حصو، ”ماهنامو اديون“، انٽرنيشنل پريس ڪراچي، 1947ع، ص: 23.
- شيخ رشيده، (ڊسمبر)، سنڌي شعر و شاعريءَ ۾ سنڌي عورتن جو حصو، نئين زندگي، اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ، 1945ع، ص: 24.
- ساڳيو، ص: 24.
- ساڳيو، ص: 24.
- ساڳيو، ص: 27، 28.
- بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (ڪافيون (جلد ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو/ حيدرآباد، سنڌ، 1990ع، ص: 418.
- شيخ رشيده (مارچ)، ماڪ ڀنا رابيل، پاڪستان پبليڪيشن، ڪراچي، ص:418.
- ساڳيو، 1945ع، ص: 158، 159.