جمال ابڙي جي ڪهاڻين ۾ سماجي حقيقتن جا عڪس
(REFELECTION OF SOCIAL REALITIES IN THE STORIES OF JAMAL ABRO)
ڊاڪٽر عائشه سريوال
Abstract:
Jamal Abro was born on May 02, 1924 and died on June 30, 2004. He published his seminal story collection "Pashoo Pasha," which is widely regarded as setting the standard for modern Sindhi short fiction literature. Jamal has authored a total of 17 works of fiction, which are regarded as trajectory due to his grasp of the language, composition, and literary prowess.
Jamal established a unique style of Sindhi storytelling, which influenced the new generation of Sindhi story writers. Following Jamal's undeniable spell on fiction writing, the entirety of Sindhi literary production has been transformed into stories that beautifully reflect the lives of Sindhi Society. None of Jamal's stories appear to be supernatural or magical; rather, each story depicts the true colour of human life. Jamal Abro's stories such as 'Peerani', 'Moonh Kari', 'Khamesy Jo Coat', 'Pashoo Pasha', 'Seendh', and 'Shah Jo Phar', among others, accurately depict the complexities of Sindhi society. Due to the contextual and linguistic richness of these stories, they can be considered seminal and exemplary works of Sindhi fiction literature. These stories epitomize many of our society's outmoded rituals as a result of Jamal's experience and observation of the unpleasant conditions in Sindhi society. His depictions of such circumstances draw readers into his fictional characters and instil a sense of emotion that would otherwise make Sindhi society's intricacies difficult to comprehend. It was his gift for presentation and artistic use of the language that brought even the deadest and least discussed characters to life. Although his stories are short, but they are densely packed with vivid meaning and provide a sense of society as a whole. Jamal's stories are based on our society's reality and present a revolutionary concept of social change. Jamal Abro weaves together all of his characteristics and details with realism, creatively presenting many of the society's bitter facts, tragedies, and complications.
Keywords: Sindhi short stories, characteristics, storytelling, etc.
زندگيءَ جي رواجي ۽ غير رواجي مسئلن کي نروار ڪرڻ ۾ ڪھاڻيڪار اهم ڪردار هوندو آهي ۽ جمال ابڙو سنڌ جو اهڙو ڪھاڻيڪار آهي، جنھن پنھنجي ڪھاڻين ۾ سماجي حقيقت جون سچايون ۽ کريون ڳالهيون بيان ڪيون آهن. جمال ابڙو 2 مئي 1924ع تي پيدا ٿيو ۽ 30 جون 2004ع تي لاڏاڻو ڪيائين. سندس ڪھاڻين جو ڪتاب ”پشو پاشا“ 1959 ۾ ڇپيو، جنھن کي جديد مختصر افساني جو بنياد يا پيڙهه سڏي سگهجي ٿو. جمال ڪل 17 افسانه لکيا آهن ۽ اهي پنھنجي ٻولي، اڻت ۽ پيشڪش سبب شاهڪار جو درجو رکن ٿا. سنڌ جو عوام اڪثر پنھنجي ئي پيدا ڪيل ريتن رسمن، وهمن وسوسن ۽ عقيدن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. سنڌ جو اڪثر عوام محرومي واري زندگي گذاري رهيو آهي. مالي تنگدستي جي ڪري، سنڌي سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جون خواهشون ۽ امنگون جنم وٺڻ کان اڳ ۾ ئي ختم ٿي وڃن ٿيون. جمال ابڙي جي ڪھاڻين ۾ اهڙا احساس، اهڙيون امنگون، خواهشون ۽ زندگيءَ جا اهڙا رنگ ۽ ڍنگ پيش ڪيل آهن. جمال ابڙي ڪھاڻيءَ کي حقيقت پسنديءَ جي لاڙي تحت اڀاريو ۽ افساني کي نئون روپ ڏنو. هو افساني کي رومانوي ۽ خيالي انداز کان ڪافي اڳتي وٺي آيو، جنھن تحت سماج جي ڏکين حقيقتن تان پردو پڻ کنيائين. شمس الدين عرساڻيءَ موجب:
”عبوري دور ۾ جمال ابڙو ٿوري ئي عرصي اندر هڪ وڏي ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ اڀريو. هن جي مختصر ڪھاڻين جو بنياد خيال آرائي بدران حقيقت نگاريءَ جي خشڪ ۽ پٿريلي زمين تي رکيل آهي. ڳوٺاڻي ۽ مقامي زندگيءَ جي مسئلن جو عڪس سندس ڪھاڻين جي مکيه خصوصيت آهي.“(1)
جمال ابڙي وٽ حقيقت نگاري پنھنجين سمورين خصوصيتن ۽ جزيات نگاريءَ سان ملي ٿي، جنھن ۾ سماج جي ڪيترين ئي تلخ حقيقتن، واقعن ۽ مسئلن کي تخليقي رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هو روسي ادب کان به بيحد متاثر آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس تحريرن ۾ گورڪي، ترگنيف، دوستو وسڪي ۽ ٽالسٽاءِ جي لکڻين وانگر حقيقت نگاريءَ جا بيحد وڻندڙ ۽ اثرائتا روپ شامل آهن. جمال سنڌي افساني ۾ فن ۽ موضوع جي حوالي سان نه صرف حقيقت نگاريءَ کي اوج ڏنو، پر هن پنھنجن ڪردارن ۽ موضوعن جي چونڊ وسيلي سنڌي ڪھاڻيءَ کي سماجي حقيقت نگاريءَ سان به ڳنڍڻ جو ڪم ڪيو. ان سلسلي ۾ سندس افسانو ”پشو پاشا“ ئي مثال طور ڪافي آهي، جنھن ۾ گورڪيءَ جي ناول ”ماءُ“ جو هڳاءُ محسوس ٿئي ٿو، پر جمال ان ۾ سنڌي سماج جا سمورا رنگ ڀريا آهن، ۽ ان جو اصل ڪمال ڪھاڻيءَ جي اڻت آهي.
جمال، سنڌيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ جو نمائنده ڪھاڻيڪار آهي. هن جي حقيقت نگاري سماج جي خارجي رُخن ۽ حقيقتن تي ٻڌل آهي. جمال وٽ سنگين ۽ تلخ حقيقتون ۽ واقعا به آهن، ۽ انهن کي واقعن کي ڀوڳيندڙ ڪردارن جون خالي خالي زندگيون به آهن، جن کي هو پنھنجي لکڻين جو خاص موضوع بڻائي ٿو. ورهاڱي کان اڳ به اسان وٽ سماجي حقيقت نگاريءَ جو لاڙو ڪھاڻين ۾ موجود ملي ٿو، خاص طور ”سرد آهون“ (گوبند) ۽ ”پرهه ڦٽي“ (گڏيل مجموعو) وغيره جون ڪھاڻيون ان جو سگهارو مثال آهن، پر ورهاڱي کان پوءِ جمال پھريون فنڪار آهي، جنھن وٽ اهو رنگ وڌيڪ کُلي سامھون آيو.
جمال سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ مقامي رنگ جي روايت قائم ڪئي، جنھن اڳتي هلي سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ هڪ خاص رجحان جي شڪل پڻ ورتي. جمال کان پوءِ مڪمل نج سنڌي ماحول ڪھاڻين جو بنياد بڻيو آهي، جنھن ۾ سنڌ جي زندگين جي عڪاسي سھڻي انداز ۾ ملي ٿي. جمال جي ڪا به ڪھاڻي جادوئي نه لڳندي. هر ڪھاڻيءَ تي انساني زندگيءَ جو حقيقي رنگ چڙهيل آهي. جمال ابڙي جي ڪھاڻي ’پيراڻي‘، ’منھن ڪارو‘، ’خميسي جو ڪوٽ‘، ’پشو پاشا‘، ’سِينڌ‘، ’شاهه جو ڦر‘ وغيره سنڌي سماج جي عڪاسيءَ لاءِ مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿيون، ۽ اهي ڪھاڻيون ڪافي مشھور ۽ مقبول ڪھاڻيون آهن. انهن ڪھاڻين ۾ هُن سماج جي ڪيترن ئي فضول رسمن کي ننديو آهي. هن سنڌي سماج جا بدصورت ڏيک ڏٺا آهن، جن کي اندر جي گهرائيءَ تائين محسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ پڙهندڙن کي محسوس ڪرائي ٿو. هن انهن ڪردارن کي پنھنجي فڪر جو ويس پارائي، اڳيان آندو آهي. هيڻائي جو شڪار ڪردار هن وٽ اچي، نئين زندگي ماڻن ٿا. جيئن ’پيراڻي‘ ڪھاڻيءَ ۾ پيراڻيءَ جي پيءُ جو ڪردار آهي. ان ڪھاڻيءَ ۾ غربت سبب هڪ ٻارڙيءَ جي جانورن وانگي ٻولي لڳائي ٿي وڃي. عورت جي حقن جو سوال جنھن تخليقي انداز ۾ پيراڻيءَ ۾ اٿاريو ويو آهي، ورلي ڪنھن ڪھاڻيءَ ۾ هوندو. عورت تي ظلم ڪيئن ٿو ٿئي، غربت جي سزا نياڻين کي ڪيئن ٿي ڪاٽڻي پئي، ۽ هڪ عورت ڪنھن ڍور برابر ڪيئن ٿي سمجهي وڃي، ان موضوع کي جمال ابڙي نھايت غيررواجي انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
جمال جي ڪھاڻين جي خاص خوبي اها آهي ته ڪھاڻيءَ جي شروعات ۾ ئي ڪردارن کي نمايان ڪري ٿو، ۽ ڪھاڻيءَ جو سمورو پسمنظر ڪردارن جي صورت ۽ سيرت وسيلي ئي بيان ڪري ٿو. پيراڻي ڪھاڻي جي شروعات پڻ ڪردارنگاريءَ ذريعي ٿئي ٿي. هيءُ هڪ دردناڪ الميي جو بيان آهي. جڏهن ته ان ۾ ڪردارنگاريءَ جو ڪمال ڪاريگريءَ سان ٿيل آهي. جمال جڏهن به ڪنھن ڪردار کي پيش ڪري ٿو ته، ان کي اهڙو ته فطري معصوم ڪري ٿو پيش ڪري، جو پڙهندڙن کي به ان ڪردار سان همدردي ٿيو وڃي. “پيراڻيءَ” جو هي پئراگراف ڏسو:
”پيراڻيءَ جو پيءُ ڀر واري ڳوٺ ۾ آيو، ۽ ”سلاماليڪ“ ڪيائين. ”ادو ڪو سنڱ کپي؟” پيءُ جو مطلب ڌيءُ کي وڪڻڻ جو هو. سنڌ ۾ سَڱَنِ جي اڻاٺ. ڪيترن جا پَڙ باسيل هئا.... پيراڻي پٺي اگهاڙي، ڄُنڊا کليل. ڀڄي وڃي ماءُ جي چولي کي جهليائين. لالو جي پيءُ کيس هٿ لائي ڏٺو. پيراڻيءَ جي پيءُ پڪائي ڪندي چيو، ”ڊٻرو (ڊٻري) ناهي.“ ڳوٺ جي ٻاهران سٺ روپين تي فيصلو ٿيو. اڄ بروهين پنھنجا تڏا پٽيا. مڏي ويڙهجي سيڙهجي ڏاندن تي پئجي ويئي.“(2)
پيراڻي ڪھاڻيءَ ۾ ڪردارن سان گڏ منظرنگاريءَ جي اپٽار به خوبصورت نموني ٿيل آهي. هر منظر اکين آڏو چرندو چرندو نظر اچي ٿو. جمال جي ٻولي ماحول مطابق منظرن سان ڀرپور ۽ ٺھڪندڙ هوندي آهي. سموري ڪھاڻيءَ ۾ ايتري ته ڪشش ملندي جو شروع کان وٺي پڄاڻي تائين پڙهندڙ ان کان پاند آجو ڪرائي ناهي سگهندو. جمال جي منظر نگاريءَ کي پيراڻيءَ جي هن ٽڪري مان محسوس ڪري سگهجي ٿو:
”ٽڪر تان بروهين جي لڏ ٿي لٿي. سياري جي شروعات هئي. جابلو پٽن تان خشڪ هوا سنھڙيون پٿريون گِهليون ٿي وئي. ٻه ٽي ڏاند هئا، جن تي سامان لڏيل هو. هڪ اٺ جنھن تي بانس جون لٺيون ۽ ڏنڊا سنڌ ۾ وڪري لاءِ کنيل هئا. پٺيان ٻه ڪتا پڇ لوڏيندا ڀڳا ٿي آيا. مردن جا پير اگهاڙا، سٿڻيون ڦاٽل ۽ لنڊيون، مٿن ۾ عاليشان ٽڪڙن وارا ڀرت ڀريل ميرا ۽ گندا ٽوپ، وڏا وار خشڪ، اڻڀا ۽ چيڙهه پيل، زائفن کي سھڻي کٿل ڀرت سان ڊگها گگھا. ڏاندن تي وڏا ٻورا رکيل،جن ۾ ڏاس جا وٽيل رَسا پيل. ننڍڙا ٻار ڏاندن تي چڙهيل. مائٽن کي سنھا لڪڻ هٿ ۾ جن سان ڏاندن کي هڪليندا پئي آيا ۽ سُريلو ”هِي هُون“ جو آواز پئي ڪيائون. شڪلين جا سھڻا ۽ شاندار، بدن جي بيھڪ ٺاهوڪي.“(3)
جمال ابڙي جي ڪھاڻي ”سِينڌ“ ۾ سماج جو اهو رخ ڏيکاريل آهي، جتي غيرت جي ڪري انساني جانيون ڪُٺيون وينديون آهن. جتي ڪارو ڪاريءَ جي نالي ۾ ڪيترين ئي بي گناهه ۽ معصوم عورتن جون سسيون ڪھاڙين جي ور چاڙهيون وينديون آهن. ڪيترين ئي معصوم نياڻين جا لاش بي لباس رستن تي اڇليا ويندا آهن. ڪيترن ئي بي گناهه مردن کي ان انسان دشمن رسم جي نالي ۾ چيڀاٽيو ويندو آهي. پيار ۽ محبت جي نالي کي پسند نه ڪندڙ ماڻهو دولت جي پوڄاري، زمينن مٿان معصوم ماڻهو قربان ڪندڙ، ڪنھن ظالم انسان کان گهٽ نه هوندا آهن. سماجي حقيقت نگار سماج جي مڪروهه شڪلين کي ان ڪري به پيش ڪندا آهن، ته جيئن پڙهندڙ جي دل ۾ مظلوم بابت احساس جاڳائي سگهن ۽ ظالم خلاف نفرت اڀاري سگهن. ”سينڌ“ جو هيءُ منظر دردناڪ ته آهي، پر جمال ان ڪردار سان پڙهندڙ جي همدردي اڀارڻ لاءِ جيڪا ڪاريگري ۽ منظرنگاري ڪتب آندي آهي، تنھن جو مثال ناهي:
”گهر ٻاهران مٽي ۽ ڌڌڙ ۾ ڪارا ڳُنڌيل وار، چوٽي سِينڌ سميت ڌوڙ ۽ جَهڪ ۾ پئي لٿڙيا. اندر ڀنگي ۽ ڊاڪٽر، مکين جي ڀون ڀون. ننگو لاش، اگهاڙي ڇاتي. سنڌ جي ڄائي، ڪنھن جي لڄ، سڀ جو ننگ، ست ڌارين آڏو ننگي پئي هئي. هٿ رونڊڙا، پير ڦٽيل، اکيون حيرت، حسرت ۽ هيبت کان ڦاٽل، سٻاجهي سدوري، سگهڙ، ڪونئرو ڪسڻي، پيار جي راهه ۾ هڪ ٻي قرباني. ڪسڻ قبول ڪيائين، سينڌ جي پت نه وڃايائين. ٽھڪڙا ڏئي چار آڱريون سينڌ تي رکي انجام ٻَڌائين. پر ٽھڪڙا ڪھاڙين جي ڪڙڪن ۾ بدلجي آيا. آڱريون ڪپجي ويون، سينڌ ڪُوڙجي وئي.“(4)
اسان جي سماج ۾ عورت عزت آهي، دولت سمجهي ان جي حفاظت ڪئي ويندي آهي، پر کي ڪڏهن به محبت جي لائق نه سمجهيو ويو آهي. ان جي خواهش يا خوشيءَ جو ڪنھن کي خيال نه آهي. ڌيءُ يا ڀيڻ ڀاءُ يا پيءُ لاءِ دعائون گهرندي آهي، انهن جا ڳيچ ڳائيندي آهي، پر اهي ئي رشتا سماجي دٻاءَ ۾ اچي، پنھنجي ان نياڻيءَ کي غيرت جي بيڪار تصور تحت ڪھاڙين سان ڳڀا ڳڀا ڪري ٿا ڇڏين. بلڪل ائين جمال ابڙي هن ڪھاڻيءَ ۾ ڀيڻ ڀاءُ جي رشتي وچ ۾ موجود ان المناڪ واقعي کي چٽيو آهي. جنھن ۾ ڀاءُ کي ڀيڻ سان محبت نه پر پنھنجي عزت جي لڳل آهي. غيرت مند ڀاءُ، پنھنجي عزت جو پاند ڀيڻ جي رت سان ٿو ڌوئي. جمال ابڙي ان نُڪتي کي به ڪھڙي نه نزاڪت سان چٽيو آهي:
”هو ابي ڄائو، امڙ جي رت مان ٺهيل ۽ کير تي تاتيل، جنھن لاءِ ننڍي هوندي کان الله ڏيندو ادل کي... ڳايو هئائين... بي غيرت ڀاءُ جنھن غيرت مان ڀيڻ ماري هئي، هٿ ڪڙيون هوندي ايئن ڳاٽ جهليو بيٺو هو، ڄڻ ڪوٽ کٽيو هئائين.“(5)
جمال جي ڪھاڻي، حقيقت نگاريءَ ۽ سماجي حقيقت نگاريءَ جون سرحدون ملائي ٿي ڇڏي. هو سماج جي تصويرڪشي ڪندي ڪندي، اوچتو هڪ اهڙي صورتحال، ردعمل يا نفرت تي ٻڌل جذبو اڀاري ٿو وجهي، جو پڙهندڙ بغاوت تي لهي ٿو اچي. مٿان وري هو سڌيءَ ريت سماج جي پيڙهيل طبقن جو ڀرجهلو ٿي ٿو بيهي. عورت اسان وٽ سڀ کان وڌيڪ ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيندڙ ڪردار آهي، جمال ان کي هيرو طور کڻي ٿو اچي. پيراڻي هجي يا سينڌ، ٻنهي ڪھاڻين ۾ فقط سندس بيان جو انداز خوبصورت آهي، پر ٻنهي ڪھاڻين ۾ عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين جو بيان به سھڻي نموني ڏنل آهي. سماج ۾ عورتن تي ڏاڍ ڪيئن ٿو ٿئي، عورتون روين جا تير ڪيئن ٿيون سهن، ڪٽنبي زندگيءَ ۾ انهن کي گهٽ درجي تي ڪيئن ٿو ڏٺو وڃي، لاچاريءَ ۽ بيوسيءَ جا سمورا منظر جمال نھايت عورت دوست فڪر رکندڙ فنڪار طور پيش ڪيا آهن. جمال جون ڪھاڻيون فڪر سان گڏ فني لحاظ کان به لاجواب آهن. سينڌ ۾ منظر نگاري سان گڏ خوبصورت استعارن ۽ تشبيهن جي پڻ گهڻائي ملي ٿي:
”ٿڪل ٿڪل پيلي زندگي ائين ٿي ويئي جيئن آرهڙ جون ٻُٽون. هر صبح ۾ سانجهيءَ جي گهُٽ هئي ۽ هر سانجهيءَ ۾ صبح جو سُور هو. نار جي لوٽي هئي، ڳچيءَ ۾ رسو، کوهه ۾ گهوتا ۽ رات جو رينگٽ.“(6)
ان کان پوءِ جمال ابڙو جي ڪھاڻي ”شاهه جو ڦر“ هڪ معصوم نينگر وسيلي سماجي اڻ برابري يا ٺهيل ٺڪيل سماجي ننڍ وڏائين جي معيارن کي للڪاري ٿي. بظاهر هيءَ ڪھاڻي بيحد سادي لڳندي، پر ان جي گهرائيءَ ۾ وڃبو ته اها بيحد فڪر انگيز، ڀيد ڀاوَ ۽ ننڍوڏائيءَ جي فرق کي هٿي وٺائيندڙ ڪردارن لاءِ لوڻي واري لپاٽ آهي. سنڌي سماج ۾ صدين کان وٺي، سيد کي بيحد عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. سادات هجڻ سبب فقط ذات جي ڪري، ماڻهو کين بيحد عزت ڏيندا آهن. پر ڪم، ڪردار، محنت ۽ پورهيي بجاءِ فقط ذات جي بنياد تي ملندڙ عزت جيئن ته مفت ۾ ملندڙ عزت آهي، تنھن ڪري اڪثر ماڻهن لاءِ اها نهٺائي بجاءِ تڪبر ۽ وڏماڻهپائيءَ جو سبب بڻجيو وڃي. اهو تڪبر ڪڏهن ڪڏهن ان درجي کي ڇهڻ لڳندو آهي، جو اهي باقي ماڻهن کي گهٽ ذات سمجهي يا درجي ۾ پاڻ کان ڪمتر تصور ڪري، سندن تذليل کي پنھنجو حق سمجهندا آهن. ڪھاڻي ”شاهه جو ڦر“ ان ئي پسمنظر کي اعليٰ ۽ ڇھندڙ انداز ۾ بيان ڪري ٿي. ٻن ڪردارن جي تضاد سان، هيءَ ڪھاڻي اعليٰ ۽ ادنيٰ جي هلندڙ سطحي سماجي تصور تي هڪ ڀرپور چوٽ آهي. هڪ متڪبر سيد غريب ماڻهن کي ڪيئن ٿو پير جي مٽي سمجهي ۽ انهن ئي پيرن سان کين لتاڙڻ لڳي، هيءَ ڪھاڻي ان کي بيان ٿي ڪري. هن ڪھاڻيءَ ۾ پيرل شاهه، هڪ معصوم ۽ ڪم ذات سمجهي ويندڙ ممڙي سان جيئن پيش اچي ٿو، تنھن بعد ممڙي اعليٰ ذات ۽ پيرل شاهه ڪم ذات لڳڻ ٿو لڳي. جمال غيرمحسوس طريقي سان ڪردارن جا مقام بدلايو ڇڏي، ۽ وحشت ۽ درندگيءَ جا منظر ان طرح بيان ڪريو ڇڏي، ڄڻ هو ڪجهه ٻيو ڏيکارڻ چاهيندو هجي- يعني طبقاتي تفاوت.
”پيرل شاهه ڪو شھر جو چڱو مڙس ڪو نه هو، پر سڀ کيس سائين پيرل شاهه چوندا هئا. سيد جو سڏائيندو هو! ڳوٺ جي پَريي مڙس کي ته ڪو ليکيندو ئي ڪو نه هو. هو غريب پنھنجي مٿي کنھڻ ۾ پورو هو. پيرل شاهه کي ته ڄڻ سرڪار دوجھان وٽان سرٽيفڪيٽ مليل هو ته تون ڪو افضل ۽ اعليٰ آهين. بوکڙو مُلان به سندس هٿ چمندي ڏاڙهي پيا ڏڪائيندا هئا.“(7)
ڪھاڻيءَ ۾ ننڍڙي مريم، جنھن کي هر ڪوئي ”ممڙي“ جھڙي نالي سان سڏي ٿو،ڳوٺ جي هر ماڻهو کي ماما ماما چئي پئسو گهرندي ڏسجي ٿي. هڪ ڏينھن هن ڳوٺ جي هڪ معتبر ڪردار پيرل شاهه کي ”ماما“ چئي خيرات گهري. پيرل شاهه کي ممڙي جو ماما چوڻ سخت ناگوار لڳو. ڄڻ پيرل شاهه جي عزت گهٽ ٿي وئي هجي، ڄڻ هو سيد مان ڪم ذات ٿي ويو هجي. هن کي سخت بڇان لڳي. اها بڇان هن معصوم نياڻيءَ تي لتن ۽ مڪن سان ظاهر ڪرڻ شروع ڪئي. هو رڙيون ڪري، چوڻ لڳو ته: ’امتڻ ٿي اهلبيت کي مامو ڪري!’جمال جي پيش ڪش ڏسو:
”اڄ ممڙي ويچاريءَ کي پئسو ڪو نه مليو هو. پريان پيرل شاهه پئي آيو. پھريائين ته هيسجي وئي، پر پوءِ ٻانهن سڌي ڪري ننڍڙو هٿ وڌائي، ڪنڌ لاڙي، ايلاز سان چيائين: ”ماما پئسو ڏي!“ شاهه کي ڄڻ ته ٿاٻو اچي ويو! ٻانهون لوڏيائين. مٿو لوڏيائين، ڪنڌ اڃا به مٿڀرو ڪيائين، ’ماما!‘ شاهه جي گِڦ وهڻ لڳي...“
’امتڻ ٿي اهلبيت کي مامو ڪري!‘ هڪڙي ئي لت سان ممڙي ليٿڙيون پائيندي وئي. کانئس هڪ دانھن نڪتي ”شائين!“ شاهه سڄو ڪاوڙ ۾ پئي ڏڪيو. چئن ڄڻن ٿي جهليس پئي، ”اهلبيت کي مامو، اهلبيت کي...“(8)
جمال جي ڪھاڻي ”خميسي جو ڪوٽ“ پڻ ڳوٺ جي ماحول جي عڪاسي ڪندڙ هڪ زرعي سماج ۾ رهندڙ هيٺئين طبقي جي، غربت جي لڪير کان به هيٺ جيئندڙ ٻار جي ڪھاڻي آهي. هن ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار هڪ ننڍڙو غريب ڌراڙ آهي. غربت جي حد اها آهي جو نه تن مٿان اوڍڻ لاءِ ڪپڙي ٽڪر اٿس ۽ نه علاج لاءِ پئسو. هن جي والدين وٽ پنھنجي ٻار مٿان روئڻ ۽ ڀوڳڻ کان سواءِ ڪجهه ڪونهي. معصوم خميسو پيرين اگهاڙو مال چاريندو رهي ٿو ۽ ايندي ويندي سان مسخري پڻ ڪندو رهي ٿو. هن جي اها دلچسپ ۽ کل مک طبيعت، هن کان دنيا جون مشڪلاتون وساريو ڇڏي. پر جي هن کي ڪجهه ياد به هجي ها، تڏهن به وٽس نه گرميءَ جي بچاءَ جو ڪو بندوبست هو، نه سيءَ کان محفوظ رهڻ لاءِ ڪو گرم لٽو . سندس خاڪو جمال هن ريت پيش ڪيو آهي:
”ننڍڙو يارهن سالن جو خميسو اڳيئي مال وٺيو ٻُوڙن ۾ بيٺو هوندو هو. کيس خميص (قميص) ڪا نه هئي، پر هڪ ٿڳڙين نڪتل گرم ڪوٽ پيو هوس. ڪاري گوڏ ۽ مٿي تي ميرو ڪپھه جو ٽوپ ۽ مٽر به ماڪ سان ڇانيا پيا هوندا هئا. ٻئي هٿ ڪڇن ۾ وجهي، پيرن اگهاڙو پاڻ کان ڊگهي لٺ کنيو، سوڙهو ٿيو بيٺو هوندو هو. سندس کاڏي پئي کڙڪندي هئي. مون کي ڏسي دانھن ڪندو هو.. ها مُلان!“(9)
غربت، بيماري ۾ علاج لاءِ پريشان ۽ ماني ڳڀي لاءِ سرگردان ماڻهن جي زندگي ”خميسي جو ڪوٽ“ جو بنيادي موضوع آهي. غربت ماڻهو کي بي موت ماري ڇڏيندي آهي، ۽ بيماري بنا علاج جي مھينن جا مھينا پيڙهيندي رهندي آهي. معصوم خميسي جو ڪردار اها وارتا بيان ٿو ڪري. جمال جي لکڻين جي هڪ خاص خوبي ان ۾ موجود اثر انگيزي، ٻوليءَ ۽ بيان جي ڪشش آهي. هو ڪھاڻيءَ ۾ لفظن سان جيڪو تاثر پيدا ڪري ٿو، اهو ڪھاڻيءَ جي جان بڻجي پوي ٿو. پڙهڻ دوران اهي منظر ائين ٿا ڀانئجن جھڙو اکين آڏو اڀري بيٺا هجن يا پڙهندڙ اتي خود موجود هجي. خميسي جي ڪوٽ ۾ به منظر نگاريءَ سان سماج ۾ موجود غربت ۽ بدحاليءَ جي جيڪا تصوير ڇڪي اٿس، ڏسڻ وٽان آهي:
”مان خميسي جي گهر وٽان لنگهيس. ڇنل کٽ تي اُس ۾ پراڻي رلي هيٺان ويڙهيو سيڙهيو پيو هو. ماڻس ڇيڻا ڪڍندي چيو،”مال وٺي موٽيو آهي ته ٻيڻو ٿي ڪريو آهي. ٽُڪر به نه کاڌائين. مھيني کان ٽيئڙ ٿو اچيس. ملان نورل کان ٻَڌايو به هومانس. مون به رلي مٿي کڻي ڏٺو. انهي ڦاٽل ڪوٽ ۾ پيرين اگهاڙو خميسو پيو هو. سندس ڪارو رنگ اڃا به ڪاراٺجي ويو هو. اکيون ڳاڙهيون ۽ سندن مغز باهه. سندس کليل وات مان گجي ٿي وهي...“
”مون دانھن ڪئي. ماڻس ڀڄندي آئي... پڻس کي گهرايو ويو. اسپتال ڇھه ميل پري هئي. ڊاڪٽر خرچي به وٺندو هو. ڇوڪر گهڙين جو مھمان هو. مون پنھنجو ڪوٽ لاهي، مٿانئس وڌو.“(10)
خميسي کي جيئري ته پائڻ لاءِ ڪپڙو به ميسر نه هو، پر مرڻ کان پوءِ ان لاءِ ان ڪري ڪپڙن جي ضرورت پئي ته تڙ ڏيڻ واري کي اهي ڪپڙا لازمي ڏيڻا هوندا آهن. جيڪو دفنائي يا تڙ ڏئي، ان کي به پئسا ڏوڪڙ ڏنا ويندا آهن. اهو ڪم خاص ڪري ڳوٺ جي ملان جي حوالي هوندو آهي ۽ باقي ڪجهه غريب ماڻهو ان کي ڪفن دفن ڪري پنھنجو فرض نڀائيندا آهن. جمال جي انهن سڀني رسمن تي گھري نظر آهي.
”خميسي کي ملان وهنجاريو. ميرو ڪوٽ لاهي نئون ڪپڙو ويڙهيو. مون عطر به آندو. سندس ننڍڙا ڏند اڃا به ٿڌ جي شڪايت ڪري رهيا هئا. کيس سڌو سنئون کٽ تي سمھاريو ويو. سڀني قطار ٻڌي. ملان الله اڪبر چيو. مون وارو ڪوٽ ملان کنيو. ٻئي ڏينھن خميسي جو ننڍو ڀاءُ مھر ڏاند وٺيو بيٺو هو. کيس اهو ئي خميسي وارو ڪوٽ پيل هو.“(11)
مطلب ته غريب جي زندگي نسل در نسل ساڳي ئي رهندي اچي ٿي. بک ۽ بيماري هن جي مقدر جو حصو آهي. فقط ڪردار بدلجي وڃن ٿا، خميسي جي جاءِ ان جو ڀاءُ ٿو والاري. نه ته هن جو ڪو پٽ والاري ها. اها ئي ڪھاڻي آهي، جنھن طرف جمال تڪليف ۽ طنز سان ڌيان ڇڪائڻ چاهيو آهي. هڪ معصوم ٻار جو موت به سماج جي ريتن رسمن ۽ بي حسيءَ کي لوڏي نه سگهيو.
جمال جون ڪھاڻيون مختصر آهن، پر پاڻ ۾ پورو سماج سمائي رکن ٿيون. جمال ادب ۾ هڪ نئون موڙ پيدا ڪيو آهي. هن سماج جي مسئلن کي گھرائيءَ سان ڏيکارڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. هو سماج جو عڪس چٽيندر مصور هجڻ سان گڏ نئون سماجي ڍانچو جوڙيندڙآرٽسٽ به آهي. جمال جي خمير ۾ سماج جي صداقت شامل آهي. ان ڪري هو اها سچائي پيش ڪرڻ ۾ ڪيٻائي نه ٿو، پر ڏاهپ سان پيش ڪري ٿو. جمال جي ڪھاڻي حقيقت جو بيان آهي، پر اصلاحي نه آهي. ان ۾ انقلابي عنصر آهي. جمال جي ڪھاڻي ”هو حر هو“ انگريز دور جي هڪ مزاحمتي تحريڪ تي مبني آهي، جنھن ۾ حرن ِ۽ انگريزن جي جنگ جو قصو ڏيکاريو ويو آهي. هن حرن جي بھادريءَ کي مثال ڪري پيش ڪيو آهي. ڇو ته انگريزن خلاف سنڌ جي پنھنجي مقامي مزاحمت حر تحريڪ ئي هئي. پير پاڳاري کي گرفتار ڪري قيد ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ڦاسي ڏيئي شھيد ڪيو ويو. ان واقعي خلاف سڄي سنڌ ڀڙڪي اٿي. حر جيڪي پير پاڳاري جا مريد ته هئا، پر هن جي مزاحمتي تحريڪ جا انقلابي سپاهي به هئا، تن ان واقعي تي شديد ردعمل جو اظھار ڪيو. انگريزن حرن کي چِٿڻ لاءِ هر قسم جون ظالماڻيون ڪارروايون ڪيون. گهر ساڙيا ويا، مرد، عورتون، ٻار گرفتار ڪيا ويا. نياڻين جون عزتون به محفوظ نه رهيون. اهو سڀ ڪجهه سَھندي به حرن انگريزن سان پنھنجي نفرت ۽ ويڙهه جاري رکي. هن ڪھاڻيءَ ۾ اهو ئي قصو ڪجهه سڌو ته، ڪجهه علامتي طرح ڏيکاريو ويو آهي. هن ڪھاڻيءَ جو هيرو خيرو آهي. انگريزن وڏن وڏن بھادر ماڻهن کي ماري ڇڏيو هو، پر خيرو پنھنجي بھادريءَ ۽ حرفت سان وڙهندو رهيو ۽ بچي ويو. انگريز ملڪ ڇڏي ويا، پر خيري تان ڏوهه نه لٿا. خيري کي وڏا وڏا وڪيل، قانون قاعدي جا ماهر به ڪم نه آيا. بھرحال خيري تي حملو ٿيو. هو بھادريءَ سان وڙهيو، پر بم جو شڪار ٿي شھيد ٿي ويو. انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ خيري معافي تلافي لاءِ به ڪوشش ڪئي، پر کيس اها به نه ملي ۽ پاڻ کي پوليس حوالي هن به نه ڪيو. ايئن مقابلو ڪري شھيد ٿيو. جمال هن ڪھاڻيءَ ۾ خيري جي حق ۾ ڳالهائي ٿو:
”هن دلير مڙس ۾ وڏي تبديلي آئي. فرسٽ ڪلاس گاڏو رِزرو ٿيو. هڪ بارعب شخص ڪراچي ڏانھن سفر ڪندو نظر آيو. ڪير چوندو ته هو مشھور ڌاڙيل خيرو خاصخيلي هو. وڏن وڪيلن سان سندس ملاقات ٿي. ڇا پيش پوڻ سببان سندس ڏوهه معاف ٿي سگهيا ٿي؟ ”خوني ۽ معافي“؟پوڙهن قانوندانن پنھنجي ٿڪل منھن ۾ گهنج آڻي چيو. ”قانون ۾ اهڙي ڪابه گنجائش ڪانهي. قاعدو ڦري نه ٿو سگهي. خدا توبھه قبول ڪري سگهي ٿو، سرڪار نه.“(12)
جمال ابڙي جي ڪھاڻي ’پشو پاشا‘ پنھنجي دور جي منفرد ۽ انقلابي ڪھاڻي آهي. هيءَ صحيح معنيٰ ۾ سماجي حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل، سياسي شعور سان ڀرپور ڪھاڻي آهي. ’پشو پاشا‘ هڪ باغي ڪردار آهي، ۽ جيئن جمال پنھنجي هر ڪردار جو تعارف ضرور ڪرائيندو آهي، پشو جو تعارف به هنن لفظن ۾ ٿو ڪرائي:
”سندس اٿڻ ويھڻ، کائڻ پھرڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ سڀ کُھرو هو. جيڪي آيس، منھن تي وهائي ڏيندو. مڙڻ وارو مڙس ئي نه هو. هڪ دفعي هتو تتو رئيس گل خان جي اوطاق وٽان گّذريو. اڃ کان ساهه ٿي ويس. نه ڪيائين هَم نه تم، سڌو وڃي رئيس جو گلاس کنيائين. سڀن گهڻو ئي ’متان متان‘ ڪيس، پر هي يار ٻه ٽي گلاس چاڙهي ويو. اتي ئي گلاس اونڌو ڪري چيائين ته ”ادا ڇو ڪو چُھڙي جو گلاس هو ڇا؟“(13)
پشو پاشا جي پھرين بغاوت اها ئي هئي. رئيس جي گلاس ۾ پاڻي پيئڻ ۽ پوءِ ان تي اهڙو خطرناڪ جملو چوڻ- ظاهر آهي ته اهڙي ڪردار کي سئو تڪليفن کي منھن ڏيڻو پوندو آهي، ۽ سنڌ جي طاقتور وڏيراشاهي، پشو پاشا جو جھڙيءَ ريت گهيرو سوڙهو ڪندي ڏيکاريل آهي، سو جمال جو ئي ڪمال آهي. پشو پاشا هارين، ڌراڙن، غريب ڳوٺاڻن ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ جي ڪوشش ڪندڙ هڪ خودرو انقلابي آهي. هو ڪو ايترو گهڻو پڙهيل نه آهي، پر منجهس ظلم کي ۽ ظالم کي سمجهڻ جي مڪمل صلاحيت آهي. ان ڪري هو سماج ۾ تبديلي ۽ نئون نظام آڻڻ لاءِ ماڻهن کي جاڳائڻ جو جهنڊو بلند ڪري ٿو. پھرين اهو ڪردار ظلم خلاف قانون جو سھارو وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پھچ وارن جي مدد گهري ٿو، پر جلد سمجهي وڃي ٿو ته، اهي بااثر ماڻهو ۽ وڏيرا شاهي هڪ ئي نظام جا ٻه نالا آهن. ان ڪري هاڻ ان وٽ وڏو هٿيار عام ماڻهو ئي هئا، جن کي پنھنجي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهڻ لاءِ تيار ڪري ۽ ڪامورن جي غلامي مان نڪري اچڻ جي تحريڪ هلائي. ان مقصد لاءِ هو هم خيال ساٿين جو جٿو ٿو تيار ڪري ۽ ظلم خلاف آواز اٿارڻ لاءِ هڪ پشو مان ڪيترائي پشو تيار ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. پشو هڪ انوکو انقلابي ڪردار آهي، جنھن ۾ جمال پنھنجي تخيل جو انقلابي داخل ڪيو آهي. هن ٻڌايو آهي ته هيڻا ماڻهو به سجاڳ ٿين ۽ متحد ٿين ته طاقتور بڻجي سگهن ٿا. هيءُ ڪردار ”ماءُ“ ناول جي هيرو پاويل جون سڪون ٿو لاهي. پشو پاشا مڪمل طور تي سماجي حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ ڪردار ظلم خلاف بغاوت ڪن ٿا ۽ ليکڪ کين فڪر جي طاقت سان توانائي بخشي آهي. جيتوڻيڪ سياسي تحريڪن ۾ اهڙا ڪيئي ڪردار ملي ويندا، جن ۾ پشو پاشا جون جهلڪيون ڏسي سگهجن ٿيون، پر جنھن زماني ۾ هيءَ ڪھاڻي لکي وئي، ان زماني جي پس منظر کي ڏسجي ٿو ته جھڙوڪ هيءُ هڪ خيالي ڪردار محسوس ٿيندو.
جمال ابڙي جون ڪھاڻيون فني حوالي سان تمام گهڻيون اثرائتيون آهن. ان جا پلاٽ سادا ۽ ٻولي، منظرنگاريءَ سان ڀرپور ملندي. هو مختصر مڪالما ڪم آڻي ٿو. جملا ننڍڙا پر دل ڇھندڙ آهن. واقعا ۽ ڪردار هڪ ٻئي سان گھري نموني جڙيل ملندا. هو ڳالهين ۽ واقعن کي منجهائڻ بجاءِ سڌيءَ ريت اظھاري ٿو. هن جي هر ڪھاڻي ڪنھن ڪردار وسيلي کُلي ٿي. سندس پيشڪش ڪرداري ڪھاڻين واري آهي، جنھن ۾ بنيادي اهميت ڪردار کي حاصل هوندي آهي.
جمال جا اڪثر ڪردار تمام جذباتي آهن. طبيعت ۾ به تکا ۽ تيز ڏيکاري ٿو، اهڙين ڪرداري ڪھاڻين ۾ شاهه جو ڦر، خميسي جو ڪوٽ، منھن ڪارو وغيره اهميت رکن ٿيون. جمال جي ڪھاڻي پشو پاشا ته نج سماجي حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ ڪردار سماج کي بدلائڻ جو خواب ڏسي ٿو ۽ هر قسم جي ننڍ وڏائيءَ جي خلاف آهي. البته ڪردار جي طبيعت جي کھرائي، پشو پاشا ۾ به قائم آهي.
نتيجو: جمال ابڙو انسان پرستيءَ سان گڏ انسان شناس ليکڪ هو. جنھن انسانيت جي روح کي پنھنجي مشاهدي جي آڌار تي پرکيو ۽ سڃاتو آهي. وڏيري ۽ ظالم سماج سان ڀرپور نفرت ڪندڙ فرد هو. هن ڏتڙيل عوام کي جڏهن به ڪنھن ڏکئي وقت، مصيبت ۽ ظلمن هيٺ ڏٺو آهي ته، ان جي عڪاسي پنھنجي تحريرن ۾ ڪئي آهي. اها پيڙا هن قلم ذريعي بيان ڪئي . سندس ڪھاڻين جي روشن خيال فڪر جو رُخ اهو آهي ته، هو موجوده سماج جي مُدي خارج فڪر کي قبول نه ٿو ڪري، جتي انسانيت جي عزت ئي نه رهي آهي .ان سماج کي قبول نه ٿو ڪري پر ان کي مئل سماج ٿو سمجهي. جمال ابڙو ان دور جو ليکڪ آهي، جنھن دور ۾ ادب پنھنجو پاند داخلي موضوعن مان ڇڏائي، سماج جي خارجي پھلوئن جي عڪاسي ڪرڻ کي پنھنجو مقصد ڪري کنيو .
حوالا
- عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر، ”آزادي کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، 1982ع، ص: 226.
- ابڙو، جمال، ”پشو پاشا“، ورسٽي پبليڪيشن، ڪراچي، 2015ع، ص: 36.
- ابڙو، جمال، ڪھاڻيون” شخصيت، مضمون“، ڪراچي، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، 1992ع، ص: 35.
- ابڙو، جمال، ”پشو پاشا“، ورسٽي پبليڪيشن، ڪراچي، 2015ع، ص: 97.
- ساڳيو، ص: 98.
- ساڳيو، ص: 96.
- ابڙو، جمال، ”ڪهاڻيون شخصيت، مضمون“، ڪراچي، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، 1992ع، ص: 39.
- ساڳيو، ص: 39.
- ساڳيو، ص: 70.
- ساڳيو، ص: 71.
- ساڳيو، ص: 71.
- ساڳيو، ص: 55.
- ساڳيو، ص: 77.