ميين شاهه عنات جي ڪلام ۾ فطرت نگاري
(Naturalism in poetry of Miyun Shah Inayat)
محمد علي ابڙو
Abstract:
Miyun Shah Inayat is an important Sufi Poet of Classical period, who introduced many novelties, trends, metaphors and allegories in classical Sindhi poetry. His poetry has interesting qualities, new ideas and vast topics. Certain topics such as reformative points, depths of love, pantheism and naturalism are beautifully expressed in his poetry.
Shah Inayat on many occasions has portrayed alluring and fascinating picturization of nature. He has depicted all forms of Nature such as personification of nature, analogy of nature and its reflections. He has depicted society through Naturalism. He has composed poetry referring to Moon and Clouds and has personified the Mood as the beloved. Using the local tradition and pure language of Thar, he has composed multiple “Baits” (couplets) on Thar. His “Surood Marie” (Melody of Marie) contains Natural sceneries and description of Thar.
Keywords: Sufi Poetry, Naturalism, couplets, etc.
ميون شاھ عنات رضوي اعليٰ پايي جو ڪلاسيڪل صوفي شاعر هو. سندن اولاد مان فرزند سيد محمد شريف شاھ، ان جو فرزند بلال شاهه ۽ ان جو پٽ قطب شاهه پڻ بھترين شاعر هئا. ميين شاھ عنات جي ڪلام (ڪتاب) ۾ سيد شريف شاهه ۽ قطب شاهه جو ڪلام پڻ شامل ٿي ويو آهي. ميين شاھ عنات وائيءَ جو خلقيندڙ ۽ وائيءَ کي عروج بخشيندڙ آهي. وائيءَ سان گڏ بيتن، دوهن، سورٺن ۽ مولودن کي پڻ هُن بلنديءَ تي پهچايو آهي. شاهه عنات رضويءَ ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ پھريون ڀيرو نئين روايتن، موضوعن، سُرن، قصن وغيره کي شامل ڪيو، ڊاڪٽر اسحاق سميجو لکي ٿو ته:
”ميين عنات اهي تاريخي داستان ئي نه، ٻيا ڪئين موضوع ۽ ڪردار به سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ڪيا. هن هڪ ئي موضوع تي بيشمار بيت ۽ وايون لکي، سُر لکڻ جي روايت قائم ڪئي. مٿان ان کي سُر يا سرود سڏي، شاعريءَ کي موسيقيءَ جي قريب آندو. هن سنڌي شعر کي هڪ نئون اسلوب ۽ معياري لب لهجو عطا ڪيو. ٻولي ايتري ته اصلوڪي، زندگيءَ سان ڀرپور، رسيلي ۽ پُر اثر استعمال ڪيائين، جو بعد ۾ ان کي ئي شاهه لطيف جي شعر جي ٻولي بڻجڻ جو به شرف حاصل ٿيو. ميين عنات سنڌي سماج جي عوامي زندگيءَ جون نسل در نسل جذباتي ۽ ذهني ضرورتون پوريون ڪندڙ لغت ۽ لفظيات کي شعر لاءِ ڪتب آندو، ۽ انهن جي روح ۾ موجود ترنم ۽ تجنيسي قوتن کي ڪتب آندو. هن شاهه ڪريم جي جماليات کي به ڪمال اوج بخشيو.“ (1)
ڀلي ڪِي ڀئونرن، جي واس وٺڻ آئيا.
تنين کي ڪؤنرن، ڏنا هنڌ هِنيين ۾.
”ميين عنات سنڌي قديم شاعريءَ کي لوڪ، رزميه، قصي گو روايت مان ڪڍي، فني ۽ فڪري سطح تي هڪ نئين ۽ ڪلاسيڪل روايت جي درجي تي پهچايو، ان روايت جا خد و خال واضح ڪيا ۽ ان کي صحيح معنيٰ ۾ رنگ ۽ روپ، عطا ڪندڙ پھريون شاعر آهي.“(2)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ”سنڌي سينگار شاعري“ ۾ شاهه عنات کي سينگار شاعريءَ جو به پھريون شاعر سڏيو آهي. جنھن ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ سڀ کان پھرين سينگار شاعريءَ کي شامل ڪيو. هو لکي ٿو ته:
”صوفي شاعرن مان ميون شاهه عنات غالبا َََ َََََََ پھريون شاعر هو، جو سنڌي سينگار شاعريءَ جي مضمون کان متاثر ٿيو ۽ انهيءَ ۾ بيت چيائين. هيٺين بيت ۾ ميين شاهه عنات ساڳئي جلال (لوڪ شاعر) واري فطري ماحول جا اهڃاڻ ڏيندي چيو آهي ته:
لارَ لَـــئــيـنـدي وڇـــڙا، چـيــهـي پـيــر رَتـاس،
کُڙيون کُنبهي ورنيون، مــوتـي منھن ڳُــتـاس،
پسو! مينگهه، ميون چوي، جوهر جال جَـڙياس،
جـهُـومُـڪ بَـئـنـسريـاس، وَسي مينھن پُسائيا.
”يعني ته 1. مينھن جا ننڍڙا (لار) وڇڙا ٻڌندي (لئيندي)، پھرين وسڪاري تي موريل چيهي گاهه تي هلڻ سان ان گاهه جي رس سببان سندس پير ڳاڙها ٿي پيا آهن، 2. ۽ انهيءَ ڪري قدم کڻڻ وقت سندس کڙيون ڳاڙهيون کُنهبي ورنيون نظر اچن ٿيون، (مينھن جي ڦڙين) سندس حسين چهري تي ڄڻ موتي مڙهي ڇڏيا آهن، 3. ميون چوي ٿو ته، ڏسو ته سارنگ جي وس ڪيترا نه اهڙا جواهر سندس بدن توڙي ڳهن تي جَڙي ڇڏيا آهن، 4. مينھن جي بوند سندس جهومڪن ۽ نٿ کي پڻ آلوده ڪيو آهي.“(3)
شاهه عنات جو مٿيون بيت مقامي فطري ماحول جي عڪاسي ۽ خوبصورت منظرنگاريءَ کي ظاهر ڪري رهيو آهي. سندن سُرن ۾ وحدانيت، تصوف جا گھرا نُڪتا، لوڪ قصا (ڪجهه اڳ وارن شاعرن جي ڪلام ۾ موجود هئا، ٻين قصن کي خود شامل ڪيو)، راڳڻين، فطرت جي رنگين عڪسن ۽ نظارن، مقامي ماحول جي روايتن، تشبيھن، محاورن، استعارن ۽ علامتن وغيره کي شامل ڪيو آهي. ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ شاهه عبداللطيف ۽ شاهه عنات رضويءَ اعليٰ درجي جي فطرتي سونھن ۽ سندرتا کي بيان ڪيو آهي.
عالمي شاعر فطرت جي مظھرن جي ٽن رخَن ذريعي فطرت سان مخاطب ٿي، منظرڪشيون پيش ڪندا آهن. انهن رخن ۾ سڀ کان پھريائين ”فطرت جي ڪيفيت (Personification of Nature) ايندي آهي، جنھن ۾ شاعر فطرت سان مخاطب ٿيندي نظر ايندو آهي. فطرت سان ڳالهه ٻولهه ڪري روح کي تسڪين ۽ راحت بخشيندو آهي. هو ڪڏهن چنڊ سان ته ڪڏهن چانگي سان ته، ڪڏهن وري جُهڙَ سان رُڻ جهُڻ يا ڳالهه ٻولهه ڪندو آهي. شاھ عنات وٽ اعليٰ فطرتي منظرن سان گڏ فطرت جي ڪيفيت پڻ ملي ٿي. هو چنڊ سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته:
راتِيون باتِيون چَنڊ سين، مڃيان سکائُون،
پِــرهَه جـو پــانــڌِي پـڇان، اُڪَـنـڊي آئُـون،
سِــڄَ سونــهارا، سَيد چئي، خَـبَـرَ ڏجـاهُون:
هِت آهِين اُتاهُون، هُتِ ٿو پَسين پِرينَ کي.
(ميين شاهه عنات جو ڪلام،99ـ100)
چَــنـڊَ! تُــهـنجي بـاتِ، مــونـکي آهــي مَـــنَ ۾،
الله لــڳ، عِــنـاتُ چــئي، تــون اَڇو منجهه راتِ،
تَنَ جنهِين جي تاتِ، سي ڏسي تون ڏيکار مون.
(ميين شاهه عنات جو ڪلام، (3) 101)
شاهه عنات چنڊ سان ڳالهيون ڪندي، سُکُ ۽ سڪون حاصل ڪري ٿو. هو انهيءَ تان فراخ دلي محسوس ڪري چوي ٿو ته، چنڊ پرين کي پَسي ٿو ۽ مان چنڊ کي پَسان ٿو. انهيءَ سان گڏوگڏ چنڊ کي خبرگيرُ ۽ قاصد طور ڄاڻي ٿو. تنهن جي ڪري ئي ان سان سڪ ۽ طلب جون ڳالهيون ڪندي چوي ٿو ته، چنڊ! رات منجهه اڇائيءَ (چانڊوڪيءَ) ذريعي، دل گهريا سڄڻ ڏسي پوءِ ڏيکار مون. هتي فطرت جي ڪيفيت جو لاجواب مثال چنڊ آهي. جنھن سان مخاطب ٿي حال احوال ڪري رهيو آهي. انهيءَ کانپوءِ سُرود سارنگ ۾ بادل سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته:
بـــادل! وســـئــو وَسُ، ڪــر ڀــيـرو ان ڀُــون،
ڌَڻ ڄَــڻ مِـرن مـاڙهـئـيـن، اڃ لاهـيندڙ تون،
واحد ڪر وَسُون، ته اَهُکي لھيِِ عناتُ چئي.
(ميين شاهه عنات جو ڪلام، 275ـ276)
اسان وٽ ڪجهه علائقن ۾ جَرُ جال وهندو آهي. اتي انسان ۽ جاندار سُکي، ستابي زندگي گذاريندا آهن. ڪجهه علائقن (ٿرَ وغيره) ۾ صرف پَلَرَ جي پاڻيءَ تي گذارو ڪندا آهن. پر انهن علائقن جي انسانن ۽ جاندارن جي زندگي اوکي ۽ سخت مشڪل ۾ گذرندي آهي. انهن کي سدائين مينھن جي پاڻيءَ جي ڳڻتي کائيندي رهندي آهي. اهڙي فطري گهرج کي محسوس ڪندي، شاهه عنات بادل سان مخاطب ٿيو آهي. بادل کي تلقين ڪندي چئي ٿو ته، تون وسڪارو نه گهٽاءِ، جيترو تنھنجو وس آهي، وسُ پيو، پر خاص ڪري ان ڀُونِ (زمين) تي جتي تنھنجي وسڻ سان جاندارن جي اڃ لھي ٿي. پر ايترو وسُ جو انهن جي اهُک يعني ڏکيائي دور ٿي وڃي.
بـــادلَ! وَسِــئـو وَسُ، تــو وُٺــي وَسَ ٿــئـي،
اُڃئا جي، عِناتُ چئي، رات تني کي رَسُ،
وَڇ نه سِڪي گاهه کي، رَڇَ نه لڳي ڪَسُ،
نــيـڻَ ٽــمـندا پَــسُ، وَسُ ته وَرنِ سُــپـريـن.
(ميين شاهه عنات جو ڪلام، 280)
هن بيت ۾ به ساڳئي طرز تي فطرت جي ڪيفيت ذريعي، بادل کي چئي ٿو ته، وسڻ جي لاءِ وسنئون نه گهٽاءِ، جيڪي اڃايل آهن، انهن کي راتو رات وڃي پهچ! انهن جي مٿان ايترو ته وسڪارو ڪر جو، سِڪايل مال جي لاءِ چئني پاسن کان گاهه ئي گاهه نڪري اچي ۽ ملاحن جا رڇَ تلائن ۾ ڪسُ نه کائن، يعني رجيڪ رڇ (مڇي پڪڙڻ جا ڄارَ) گهٽ پاڻي هئڻ ڪري، مٽيءَ سان گهلبا هلندا آهن، اهي ججهي پاڻيءَ سبب آسانيءَ سان گهِلي سگهبا. هي جيڪي نيڻ ٽمن ٿا، انهن کي ڏسي وسُ ته جيئن سُپرين واپس ورنِ. شاهه عنات هي بيت ٿر جي پسمنظر ۾ چيا آهن. جڏهن ٿر جي پاسي ڪڪر گڏ ٿيندا آهن ته، ٿر جا ڏورانھين هنڌن تي ويل ماڻهو واپس ورندا آهن، ڇو ته مينھن جي پاڻيءَ تي زراعت ڪندا آهن ۽ ڪافي مھينا خوشحال گذاريندا آهن. هن فطرت جي ڪيفيت ذريعي ٿر جي پسمنظر کي بيتن ۾ سمايو آهي.
فطرت جو ٻيو رخُ ’فطرت سان مشابھت‘ آهي. مشابھت معنيٰ هڪجهڙائي يا برابري وغيره. هن رخ ۾ شاعر فطرت ذريعي محبوب سان ڀيٽ ڪري نظارا ۽ منظر پيش ڪندا آهن. هي رخ شاعرن جي لاءِ عام فهم ۽ پسنديده هوندو آهي ۽ هن تي ئي گهڻي ڀاڱي شاعري ڪندا آهن. شاھ عنات جي ڪلام ۾ فطرت جي مظھرن سان مشابھت مٿانهين درجي جي موجود آهي. هن تشبيھن ذريعي ڪمال جا ڏيک ۽ عڪس جوڙي ڇڏيا آهن:
چــنڊ چــوڏِس اُڀــرِي، سھسين ڪري سنگارَ،
پَلَڪَ پِريان جي نه پُڄي، جي حيلا ڪري هزارَ،
جــھـــڙو ســـڀ ڄــــمـــارَ، تـــھــڙو دم دوس جو.
(ميين شاهه عنات جو ڪلام، 104)
ميين شاهه عنات رضوي مٿين بيت ۾ چنڊ سان مخاطب ٿيو آهي. هن بيت ۾ فطرت جي ڪيفيت ۽ مشابھت ٻنهي کي گڏوگڏ استعمال ڪيو آهي. هو چنڊ کي چوي ٿو ته، چنڊ تون سھسين سينگار ڪري چوڏهين جي رات اُڀرين ٿو، پر پرين جي هڪ کن پل جي به برابر نه ٿي سگهندين، چاهي هزارين حيلا ڪرين، جهڙو تون سڄي ڄمار ۾ آهين تهڙو دوست جي گهڙيءَ پل جي روشنائيءَ ۾ آهي.
سِــڄُ سُــڀــاڻِـــي جــا ڪـــري، تــهــڙي لالائِـــي لــِڱَـــنِ،
پَـــلَـــڪَ پِـــريــان جي نه پـاڙيــان، چــنڊُ ايُ سـين تارنِ،
شـــمــــسُ سھائي اڳــــرو، منھن ۾ مــــحــبــوبَــنِ،
ڪــئـيـن قــنــديـــلَــنِ اڳـــري، پـــيـــشـانــيِ پِــــريــــنِ،
هِيُ جو جُلوو جوت سندينِ، تنهن تان ڪوڙين قربانيون ڪريان.
(ميين شاهه عنات جو ڪلام، 104)
هن بيت ۾ فطرت ذريعي سڄڻ جي مختلف روشنين ۽ وصفن سان مشابھت ڪندي، رات جي پرسُڪون پھرن ۾ سڄڻ جي سونھن، سوڀيا ۽ سندرتا تي ويهي سج، چنڊ ۽ تارن سان ڀيٽ ڪندي چوي ٿو ته؛ سج ۾ جيڪا لالائي (ڳاڙهاڻ) سڀاڻي ايندي، اها پرينِ جي لڱن ۾ اڳ ئي موجود آهي. چنڊ ۽ تارنِ جي سونھن، پرين جي پلڪَ مٽِ به نه ٿِي ٿي سگهي، سج جي عمده روشني، محبوب جي منھن ۾ اڳ ئي ٻري پئي. شمعدانن جي بھترين روشني پرين جي پيشانيءَ ۾ ئي موجود آهي. انهن سڀني ۾ جيڪي روشنيءَ جون تجليون موجود آهن، اهي سڀ پرين تان ڪروڙين ڀيرا قربان ڪريان.
اهڙي نموني فطرت جي مشابھت سان گڏ خوبصورت نظارن، مقامي ماڻهن جي سونھن ۽ سوڀيا پڻ بيان ڪئي آهي. جوڳين ۽ سامين جي چنڊ ۽ سج سان لافاني تشبيھه ڏيندي فطرت جي عمده عڪسن کي پيش ڪيو آهي. هڪ بيت ۾ جوڳيءَ کي سج سان تشبيھه ڏيندي چوي ٿو، ”جوڳي تئنءَ جَهرڪِئو، جينء سو سورج ُ صافُ“ ۽ ٻئي بيت ۾ وري چنڊ سان مشابھت ڪندي چوي ٿو ته”جوڳي تئنءَ جَهرڪِئو، جينء چوڏهينَ ماه چَنڊُ“ يعني فطرت سان محبوب ۽ ماڻهن جي ڀيٽ شاهه عنات وٽ آفاقي آهي.
فطرت جو آخري رخ جنھن کي ”بياني فطرت يا مظاهرِ فطرت“ سڏين ٿا. هن رخ ۾ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ جيڪي به فطرتي شيون، منظر، نظارا، ڏيکَ ۽ عڪس وغيره نظر اچن ٿا، اهي هن رخ جو ڪمال آهن. شاعرن جي پھرين نگاهه فطرت جي مظھرن تي پوندي آهي. هو مقامي ماحول ۽ منظرن کان ويندي، ڪائنات جي مظھرن ۽ ڏيکن کي دلڪش انداز سان بيان ڪندا آهن.
شاھ عنات جي ڪلام ۾ فطرت ۽ مقامي ماحول جا فطرتي منظر عام ۽ سھڻي انداز ۾ بيان ٿيل آهن. سندن ڪلام ۾ چوڏهين رات، چٽائي چنڊ جي، رات سھائي، تارا، قطب، ڪتيون، پرهه، نئين سج نھارڻ، اُلٿي سج، جهڙ، مينھن، ڀريا تڙ ترائيون، آڳر، بَر، درياء، لھريون ريج، گاهن گلزاريون، سائر لھريون، ريجَ وڻ، جئن سي پکين پک، واءُ وڻن تان، جهولا لڳن جهوڪ، قرڦل اکڙيون، انب ايلاچيون، چندن ڏاريون، ڪنڊن منجهه قرار، لڏن ليمي لام، ڇنڊيان کِهه اکين سين وغيره وغيره شامل آهن.
شاھ عنات رضويءَ جو ٿر سان گھرو واسطو ۽ لاڳاپو رهيو آهي. انهيءَ ڪري سرود مارئي ۾ اڪثر ڪري انهن ماڻهن جي رهڻين ڪھڻين، گاهن، ولين، ٻوٽن ۽ مقامي ٺيٺ سنڌي لفظن کان ڀَليءَ ڀَتِ واقف هو. ٿر ۾ جيڪي شيون واهپي طور ڪتب اينديون آهن. تن شين کي انهيءَ ئي ٺيٺ ٻوليءَ ۾ جوڙي ماحول ۽ منظر کي پيش ڪيو آهي. ٿر بابت هر هڪ شاعر جي شاعري پنھنجي طرز ۽ اندازِ بيان سان ملي ٿي.گهڻن شاعرن انهيءَ سڄي پسمنظر کي مٿاڇرو پَسي، شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آهي، پر شاهه عنات جي ٿر وارن سان رهڻي ڪھڻي ۽ گهڻي اچڻ وڃڻ ڪري، هن اتان جي ٺيٺ ۽ ماڳائتي ٻوليءَ کي برقرار رکيو آهي. هن جو سرود مارئي پڙهڻ سان، ٿر جي ٻولي ۽ فطرت جون رنگينيون اکين اڳيان تري اچن ٿيون. نموني طور هي بيت پڙهي ڏسو:
کِههَ، ڪُوڙِي، ڊِهَ مَکڻِي، جِـت ڳـاڱيون ڳَـمَ ڳنڍيرَ،
ڀـيـريـو، ڀُـرٽَ، ڀَـچــٽي، مـيـڙِيـنِ مـنـجـهه ملـــيــرَ،
هُـلـرو، لُـلـرو، لَـنـبُ، لاڻِــي، هـنَـجـن واڇـوٽـو وِيـرَ،
ڍيـٻِـي ، ڍامڻُ، ڍَڪِـڻِـي، ڪانُـو، ڪِـرٽو، ڪَـرِيـرَ،
سِـڻَ سِـيـاَرڇَ، ساڏوهُـيِون، سـاريـان منجهه سَـريـرَ،
تــن کـي واحــد مِـيهَـن وَسـائِـيـا، ٿـاهَـرِئـا ٿَــرَ ڌِيـرَ،
سـيـد چـئـي، سـاڻِــيـهَه جـي گَـهـرِ کـٿـيـريـنِ کِـيـرَ،
ثـابـت رکــي ســـيــرَ، پَـــرچــي اوءَ پــنـهــوارَ سـيـن.
(ميين شاهه عنات جو ڪلام، 136ـ137)
مٿين بيت ۾ استعمال ٿيل لفظ، عام طور تي گاهه ۽ ڏُٿ بابت استعمال ڪيا ويا آهن. هي لفظ ٿر جي پسمنظر ۾ فطرتي رنگ ۽ انهن جي پٺيان واري جھان کي سمايو بيٺا آهن. جيڪڏهن فقط هڪڙي لفظ ”ڀُرٽُ“ جي معنيٰ ۽ مفھوم کي ڏسجي ته هڪ وسيع جھان سمايل نظر ايندو. جامع سنڌي لغات ۾ هن جي معنيٰ هيئن لکيل آهي؛ ”گاهه جو قسم (جو ٿر ۽ جبل ۾ جام ٿئي؛ نسرڻ بعد هن ۾ ڪنڊن جي کوپي سان ڍڪيل اندر اڇا داڻا ٿين، جي غريب ماڻهو پيهي پچائي ڏٿ طور کائين؛ پڻ ڪيترين ئي بيمارين ۾ دوا طور ڪم اچي).“ يعني هن هڪڙي لفظ جي ڦٽڻ ۽ استعمال ۾ آڻڻ تائين هڪ فطرتي جوڙجڪ ۽ جھان سمايل آهي. جنھن کان ڪيترائي ماڻهو وانجهيل آهن.
مقامي فطرت جي نظارن کان پوءِ سرود سارنگ طرف ڌيان ڏجي ته معلوم ٿيندو ته هي سُر فطرت جي رنگن ۽ نظارن سان ٽمٽار لڳو پيو آهي. گهڻن هنڌن تي ٿر جي برسات، فطرت کي ڪيئن ٿي نِکاري، ان جي منظر ڪشي ڪيل آهي. هن سرود جي هر هڪ بيت ۾ فطرتي نظارا ۽ فطرتي ڏيک روشنيءَ جيئن چمڪندي نظر اچن ٿا. شاهه عنات سارنگ جي شروعات تاڙي جي تنوار سان ڪئي آهي. تاڙو هڪ پکيءَ جو قسم آهي. جنھن کي ٻاٻهيو پڻ چيو ويندو آهي. هي پکي اڪثر ڪري مينھن جي موسم ۾ ڏسبو ۽ تنواريندي ٻڌبو آهي. هن پکيءَ کي استعاري ۽ علامت سان گڏ پهاڪن ۽ محاورن ۾ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. قدرتي طور تي هي پکي مينهوڳيءَ کي محسوس ڪندي تنوارڻ شروع ڪندو آهي، انهيءَ تنوار کي مقامي ماڻهو ٻڌڻ شرط ئي طئي ڪري وٺندا آهن ته مينھن اجهو آيو، پنھنجي تياري مڪمل ڪجي. اهڙي ئي گهڻ گهري پکيءَ کي شاهه عنات، سارنگ جي سندرتا ۽ فطري نزاڪت سان پنھنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو آهي:
تـاڙي ڪِـي تَـوارَ، پَـپِـيـهل پَـتـيو هِـيوُن،
هـاريـن هـر سنـڀائـيا، سَرها ٿئا سنگهار،
لاهـيـن ڏک ڏاتــار! الاهــي عِـنـاتُ چـئـي.
(ميين شاهه عنات جو ڪلام، 275)
سرود سارنگ ۾ مينھن جي وسڻ ڪري ڍٽ، پٽَ، تڙَ، نُوڻَ وغيره جي پِسڻ ۽ ڀرجڻ واري فطري نظاري کي پيش ڪيو آهي. شاهه عبداللطيف جي سر سارنگ جي بيت ”موٽي مانڊاڻ جي، واري ڪيائون وارَ“ ۾ جن مختلف هنڌن ۽ ملڪن جي نالن ۽ جهڙالي موسم جي منظرڪشي ٿيل آهي، ان ئي طرز تي شاهه عنات جا بيت پڻ موجود آهن. هن سنڌ جي انهيءَ دور ۾ مشھور ديھن مٿان وسڪاري جي منظرڪشي ۽ ڏورانھين هنڌن کان ايندڙ ڪڪرين جا خوبصورت نظارا پيش ڪيا آهن. نموني طور فطرت سان مالامال هڪڙو بيت پيش ڪجي ٿو:
ڪي پارڪر ڪي پُرِ، ڪي اَروڙي عِناتُ چئي،
وِڄُـــون ولــهـاريـن وُٺـيون، پَــرچـي پَـٽ حـضورِ،
ڌَڻَــوٽَــنِ ڌڻَ ڪــاهِـــيَــا، ســڻـي ان مــــذڪـــورِ،
سَـــڄـڻ هُــئـڙا ڏورِ، مــونــکي مينھنِ مــِيــڙِئــا.
(ميين شاهه عنات جو ڪلام، 280ـ281)
سرود سارنگ ۾ فطرت ذريعي پنھنجي اُمنگن ۽ جذبن کي پڻ ظاهر ڪيو آهي.اڇن ۽ ڪارن ڪڪرن سان آسمان ٽمٽار ٿيو پيو آهي. ڪڪر ڪنھن وقت بوندون ته ڪنھن وقت وسڪارو پيا ڪن. سانوڻيءَ جي مينھن ۾ اکيون سڄڻن کي پسنِ ٿيون. اهڙي سڄي فطرتي منظر کي هو پَسندي چوي ٿو ته:
اَڇـــا اَنـــبـرَ اَنـــبـريــن، بُـــونــدون بَــس نـه ڪَــنِ،
ڪـارا ڪَــڪَـرَ ڪــوڙ ِ ڀِــي، وَســڪاري وَسَـــنِ،
ســانــوڻ مُـــنــدَ سَـــيد چــئي، اکـيون پِــيُ پَــسَـنِ،
جي محبَ مُهنجي مَنِ، سي مينھنِ مونکي ميڙئا.
(ميين شاهه عنات جو ڪلام، 282)
شاهه عنات سرود مارئيءَ ۾ مارن جي سونھن ۽ سوڀيا کي خوب ڳايو آهي. جڏهن مارئي قيد ۾ پنھنجا ماروئڙن ۽ انهن سان گهاريل ڏينهڙا، رهڻي ڪھڻي، کاڌ خوراڪ ۽ انهن جي ڏڪار ۽ تڪليفن کي ويٺي ياد ٿي ڪيو، اهڙي ڪيفيت شاهه عنات جي، جيءَ کي جِهير ٿي ڏئي. هن گهڻي قدر ٿر جي رهڻين ڪھڻين، رسم رواجن، ڏکن ڏاکڙن سان گڏوگڏ، فطرت جي گھرائيءَ کي محسوس ڪري، ڪلام چيو آهي. سنڌ ۾، ٿر اها واحد جڳهه آهي، جتي هر هڪ فنڪار، مصور، شاعر ۽ اديب متاثر ٿي، پنھنجي مشاهدي جي ڪمال سان، انهيءَ حقيقي فطرت جي حسن، سونھن ۽ سوڀيا کي دائميت بخشي، پنھنجي فن ۽ ڏاهپ جو مظاهرو ڪندو آهي. جيئن ميين شاهه عنات ڪيو آهي:
سَــنــجـهي سـنــجن کـوهَ، صــبــحِ ســاڏوين ۾،
پــونــيـــاَڙِيَ پَــکـن ۾، لاڻِـــيَ جــــي لَــهَـه چُــوهَ،
سونھنِ سَــبــزَ، سـيدَ چــئي، ٻُونگَرَ مٿي ٻُوهَ،
راتِئو ڏينهان رُوحَ، مهنجون اکيون مُهَڙ ملير ڏي.
(ميين شاهه عنات جو ڪلام، 148)
شاهه عنات سرود مارئي، سارنگ، سسئي، توڏي ۽ ڪارائيڙي وغيره ۾ پکين ۽ جانورن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. ڪجهه جانورن کي محاوري طور تي ته ڪن کي فطري حسن ۽ فطرت سان ڀيٽ ڪندي ظاهر ڪيو آهي. انهن جانورن ۽ پکين مان ڪجهه هي آهن؛ بحري باز، راڪسَ، گڍَ، ڏاگهو، چانگو، ڪرهو، ليڙو، اٺ، جمازُ، (تکو هلندڙ اُٺ)، توڏو، ڪازَ، ڪوئلون، قمريون، شاهي باز، شاهه پريون، مرگهه، مينھون، هنج، گهيٽا، ٻڪَرَوغيره. پکين مان هنجُ ۽ ان جي خاص نسل بابت عمده منظر بيان ڪيا آهن. جيئن هن بيت ۾، ڪيڏو نه هنجن، ڪوڻن ۽ پاٻوڙي جي اُتم ۽ اعليٰ فطرتي نظاري کي تشبيھه ڏيندي، خوبصورت ڏيک سان پيش ڪيو آهي:
جيلاه ڪُوڻَنِ منجهه ڪَڪورَ، تيلاه ڀونر ڀُڻڪَن ’ڀالَ سَرِ‘،
لَــــلا تــــي لالُ ٿـــئـــا، مــــنـجھان آبَ اَتــــورَ،
اُهـــکُ نه ڪَـــن، عِـــنــاتُ چـــئــي، اُن چـــارِي چُـغلَ چـورَ،
هَـــنــجَـــــن لــٿــا هـــورَ، پـــاٻـــــوڙي پـــــيـــرَ ڌري.
(ميين شاهه عنات جو ڪلام، 300)
مٿين بيت جي آخري سٽ ”هَنجَنِ لٿا هورَ، پاٻوڙي پيرَ ڌري“ فطرت جي انتھائي پرسڪون ڏيک ۽ ڌنڌلي منظر کي واضح ڪري ٿي. هن سڄي نظاري کي سامھون ڏسندي، مشاهدو ماڻيندي، شاهه عنات پنھنجي هن شعر ۾ چوي ٿو ته ڪيئن نه هنجن جا ٽولا آهستي آهستي ۽ سڪون سان ڪنول جي پنَنِ تي پير ڌري لھي رهيا آهن. اڄوڪي دور ۾ جنھن کي سلو موشن (slow motion) سڏيو وڃي ٿو، انهيءَ دور ۾ شاهه عنات لفظن ذريعي ڪمال جو سلو موشن جوڙيو آهي.
اسان وٽ ٻھراڙيءَ توڙي شھرجا ماڻهو ڪوڻيون، ڪُمَ، ڪنول جا گل ۽ پاٻوڙا يعني پٻڻيون شوق سان کائيندا آهن. ڪوڻيون، پٻڻيون ۽ انهن جا گل جڏهن پاڻيءَ کان مٿي اُسري ايندا آهن، ته دلفريب ۽ دلڪش قدرتي، فطرتي، مصوراتي ڏيکن کي ظاهر ڪندا آهن. انهن جا پن ٿالهين جيان ڪجهه پاڻيءَ جي مٿان ته ڪجهه وري پاڻيءَ تي پيل هوندا آهن. هنج ۽ ڪجهه خوبصورت پکي انهن تي اچي بسيرو ڪندا آهن. ان سڄي فطري نظاري کي شاهه لطيف ۽ شاهه عنات جيان شايد ئي ڪو خوبصورت بيان ڪري سگهيو آهي.
حوالا
- سميجو، اسحاق ڊاڪٽر، ’ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جو اهم رتن: ميون شاهه عنات رضوي هڪ اڀياس‘، حضرت ميون شاهه عنات رضوي فائونڊيشن، ٽنڊو الھيار. 2019. ص: 7ـ8
- بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش. (تحقيق ۽ تصنيف) سنڌي سينگار شاعري. سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو. 1986. ص: 56
- بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش. (تحقيق ۽ تصحيح) ميين شاھ عنات جو ڪلام. سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو. 2010.
(هن مقالي ۾ شامل سمورا بيت ڪتاب: ”ميين شاهه عنات جو ڪلام“ مان ورتا ويا آهن.)