سنڌي الفابيٽ ۾ موجود 9 اضافي اکرن جو تنقيدي جائزو
(Critical Study Of 9 Excessive Letters Existing In Sindhi Alphabet)

زبير سومرو

Abstract:

The Sindhi alphabet has a long history of graphemes, phonemes and sequence of letter. The history of the written shapes of the Sindhi alphabet spans millennia, with its forms evolving at various eras. The written form of Sindhi language first appeared in 8th century AD and a number of various scripts have been used for its writing system in different times. Sir Henry Bartle Edward Frere (1815–1884), the British colonial administrator at the time, established the most recent form of the Sindhi alphabet under British rule in Sindh. He was Commissioner of Sindh in the period of 1851 to1859. He constituted a committee to present its recommendations for standard Sindhi alphabet. He issued notification for Sindhi as an obligatory for all officers working in Sindh. In his time, Sindhi language became official language of Sindh.

The present form of Sindhi alphabet is mostly written with modification and adaptation of Arabic and Persian letters that was implemented under the influence of the British rule in 19th century. It has total 52 letters, supplemented by the Arabic letters for the additional sounds. A few letters that are illustrious in Arabic are pronounced phonemes in Sindhi.

Sindhi language's internal sounds and phonemes, scope & sequence, shapes of letters, aspirated & un-aspirated sounds, vowels, short vowels, long vowels, consonants, diacritics, borrowed letters, sounds and so many concerns do require the comprehensive discourse with recommendations.

This research basically focused upon the 9 unnecessary letters of Sindhi language (ع، ض، ظ، ذ، ث، ص، ط، ق، ح). This paper also seeks to initiate a dialogue in academics and linguistics in an effort to conduct a critical review of the unnecessary phonemes present in the Sindhi alphabet. In addition, this work intends to provide suggestions for an updated Ioveta based on Sindhi phonemics and phonetics.

Keywords: Sindhi alphabet, Graphemes, Phonemics, Phonetics, Borrowed letters, etc.

 

ٻولي انساني اظھار جو وڏي ۾ وڏو وسيلو آهي. اها ٻوليءَ جي خوبي ئي آهي، جيڪا دراصل انسان کي باقي جاندارن کان مٿاهون ۽ معتبر ڪري بيٺي آهي. سماج ۾ انسانن جو پاڻ ۾ رابطي جو مؤثر ذريعو ٻولي ئي آهي.

هر ساهه وارو مختلف آواز ڪڍندو آهي. جانور، پکي ۽ جيت جڻا به پنھنجي پنھنجي نوعيت جا آواز ڪڍندا آهن. اصطلاحي زبان ۾ انهن آوازن کي به ٻولي ڪوٺيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح جانورن جون پنھنجون مخصوص ٻوليون آهن، جيڪي اهي ٻولين ٿا. مثال طور، گڏهه جي هينگ، ٻڪريءَ جي ٻيڪ، گهوڙي جي هڻڪار، ڏيڏر جي ٽران ٽران، ڪتي جي ڀؤنڪ، گدڙجي اُوناڙ، شينھن جي گجگوڙ ۽ ٻليءَ جي ميائون وغيره. اهڙيءَ طرح پکين جو به پنھنجون پنھنجون ٻوليون ٿين ٿيون. مثال، ڪوئل جي ڪُوڪَ، ڪونج جي ڪَرڪَ، تتر جي تنوار، مور جي ٽھوڪو ۽ ڪُڪڙ جي ٻانگ وغيره. اها به تحقيق طلب ڳالهه آهي ته، ڇا جانورن، پکين ۽ ٻين جاندارن جا اِهي آواز با معنيٰ آهن ۽ ڪو مفھوم رکن ٿا؟

ٻولي، بنيادي طور تي مختلف قسم جي آوازن جو مجموعو آهي. انساني ٻولي به آوازن جو مجموعو ئي آهي. پر انهن آوازن کي کي سمجھڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته، ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ ساڳي ٻولي ڄاڻندا هجن. مثال طور عربي ٻولي، عرب قوم جي ماڻهن جي ٻولي آهي، ٻي قوم جي ماڻهوءَ کي اها ٻولي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ اها ٻولي سکڻي پوندي. ساڳي طرح سان هر قوم جي پنھنجي پنھنجي ٻولي آهي. هر ٻوليءَ جا پنھنجا پنھنجا آواز آهن. جهڙي طرح عربيءَ ۾ ’پ‘ جوآواز نه آهي ۽ ڪو به عرب قوم جو ماڻهو ’پ‘ آواز جو مخرج ادا نه ڪري سگهندو آهي، ان جي جاءِ تي هو ’ب‘ اُچاريندو آهي، يعني ’پاڪستان‘ کي ’باڪستان‘ اُچاريندو.

هڪ مفروضو آهي ته انساني جسم ۾ ڪوبه اهڙو عضوو ناهي، جيڪو خاص طور تي ڳالهائڻ جي ٺاهيو ويو هجي. انسان جي جسم ۾ جيڪي اندريان توڙي ٻاهريان نظر ايندڙ عضوا آهن، سڀني جو پنھنجو پنھنجو الڳ ڪم آهي. مثال ڦڦڙن جو ڪم انسان جي سموري بدن کي آڪيسجن پهچائڻ آهي، پر اِهي آواز ڪڍڻ ۾ به ڪردار ادا ڪن ٿا. زبان (ڄڀ) جو ڪم ذائقو چکڻ، کاڌو کائڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي، پر اِها ڳالهائڻ جي ڪم ۾ به مدد ڪري ٿي. اهڙي طرح آوائيت (آواز پيدا ڪرڻ) لاءِ انساني جسم جا، نڙي، آوازي تندون (Vocal Cards)، ڪاڪڙو، چپ، مهار، ڏند وغيره استعمال ٿين ٿا. اهو استعمال انهن عضون جو واڌو ڪم آهي، پر انهن عضون جو بنيادي ڪم ترتيب وار ٻيو ڪجهه آهي.

گذريل صفحن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ته، هر ساهه وارو ڪو نه ڪو آواز ڪڍندو آهي، پر دنيا جي هزارين مخلوقات ۾ ڪلام يا تڪلم يعني ڳالهائڻ جي قوت صرف انسان کي عطا ٿيل آهي. دنيا جا اٽڪل 8 ارب انسان 6 هزار کن ٻوليون ڳالهائين ٿا. دنيا جون سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ انسان، پنھنجي جسم جا عضوا استعمال ڪن ٿا، پر هر انسان هر آواز نه ٿو اُچاري سگهي. ان جا ڪيترائي سماجي، لسانياتي، صوتياتي ۽ سائنسي سبب ٿي سگهن ٿا.

گوگل موجب آواز پيدا ڪرڻ ۾ 4 مرحلا متحرڪ ٿين ٿا:

  • آغاز ((initiation
  • فونيشن ((Phonation
  • واتائون ۽ نڪائون عمل ((Oro-Nasal Process
  • صوتياتي عمل Articulation))

اکر (Letter)ڇا آهي؟

ٻوليءَ ۾ ڳالهايا ويندڙ آوازن يا صوتين جي لکت واري شڪل، روپ يا علامت کي ’اکـر‘ چئجي ٿو، جنهن کي اردو ۾ ’حرف‘ لغوي انگريزي ۾ اکر (Letter) ۽ اصطلاحي انگريزيءَ ۾ (Grapheme) چيو وڃي ٿو.

گوگل ڊڪشنري موجب ’گرافيم‘ جي وصف هِن ريت آهي:

A grapheme is a letter or a number of letters that represent a sound (phoneme) in a word. Another way to explain it is to say that a grapheme is a letter or letters that spell a sound in a word. (1)

ٻوليءَ جي ڳالهائجندڙ آوازن لاءِ اکر پٽي هوندي آهي. ضروري نه آهي آواز جي لاءِ الفابيٽ ۾ اکر هجي، پر اهو ضروري آهي ته هر اکر جي ادائگيءَ لاءِ الفابيٽ ۾ الڳ الڳ آواز هجي. مثال: انگريزي ٻوليءَ جي الفابيٽ ۾ 26 اکر آهن پر انگريزيءَ جا 44 مخرج آهن.

صوتيو (Phoneme) ڇا آهي؟

Phoneme, in linguistics, smallest unit of speech distinguishing one word (or word element) from another, as the element p in “tap,” which separates that word from “tab,” “tag,” and “tan.” (2)

مخرج (Pronunciation)ڇا آهي؟

لفظ ’مخرج‘ اخراج مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، نڪرڻ جو هنڌ، نيڪال، لنگهه. اصطلاحي زبان ۾ اُچار ڪڍڻ.

انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا موجب:

Pronunciation, in a most inclusive sense, the form in which the elementary symbols of language, the segmental phonemes or speech sounds, appear and are arranged in patterns of pitchloudness, and duration. (3)

مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته دنيا جي ڪروڙين انسانن جي هزارين ٻولين جا آواز پنھنجا پنھنجا آهن. دنيا جون سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ انسان، پنھنجي جسم جا عضوا استعمال ڪن ٿا، پر هر انسان هر آواز نه ٿو اُچاري سگهي. ان جا ڪيترائي سماجي، لسانياتي، صوتياتي ۽ سائنسي سبب ٿي سگهن ٿا. مثال اڪثرسامي ٻولين (خاص طور تي آرامي، عربي، عبراني وغيره) ڳري آواز يعني وِسرڳ نه آهن. اها انهن ٻولين جي خوبي آهي يا خامي، اهو هڪ الڳ بحث آهي.

پر هڪڙي ڳالهه طئي آهي ته دنيا ۾ پنھنجي پنھنجي ٻولين جي ماهرن پنھنجن قومن جي آوازن موجب اکر پٽيون جوڙيون آهن. ۽ پورو پورو خيال رکيو آهي ته الفابيٽ جي اکرن ۾ اهڙو ڪو به آواز شامل نه ٿئي، جيڪو ان قوم جا عام ماڻهو نه اچاري سگهندا هجن. پر سنڌي ٻولي شايد دنيا جي واحد ٻولي هوندي، جيڪا گذريل ڏيڍ سؤ سالن کان ٻين ٻولين جي ڪجهه اضافي آوازن ۽ انهن جي اکرن جو ٻوجهه کنيو ويٺي آهي.

سنڌي الفابيٽ ۾ غير ضروري آواز ۽ اکر: انساني ٻولين جا آواز، جيڪي انسان جي ڳالهائڻ جي عضون جي حرڪت جي عمل ذريعي پيدا ٿين ٿا، سي سڀ فطري آهن. انسان قدرت پاران ڳالهائڻ لاءِ گھربل عضون سميت دنيا ۾ جنم وٺي ٿو، پر ڳالھائڻ جي قوت انسان دنيا ۾ سکي ٿو.

جيڪو ٻار جنهن قوم ۾ پيدا ٿئي ٿو، اُهو ٻولي به اُها ئي سکندو. اُن ٻوليءَ ۾ جيڪي آواز يا مخرج هوندا، اُهي ئي اچاري سگهندو. مثال، فارسي ۽ عربي ٻولين ۾ وِسَرڳ آواز نه آهن ته انهن جا ٻار اُهي وِسَرڳي آواز اُچاري نه سگهندا. براهوي ٻوليءَ ۾ هڪ مخرج آهي، جيڪو ’ل‘ جي مٿان ٽي نقطا (ث وارا ٽي نقطا) ڏئي لکيو ويندو آهي، جنهن جو مخرج ٽِن آوازن (ي، ز، س) جو مجموعو آهي، جنهن ٽيڻو آواز/ اکر (Triagraph) چئجي ٿو. اهو ٽيڻو آواز براهوي مادري ٻولي طور ڳالهائيندڙ ماڻهو روزاني جي ڳالهه ٻولهه ۾ استعمال ڪن ٿا. غير بروهي ماڻهو بنا ڪنهن خاص تربيت ۽ سخت محنت جي، اهو مخرج اچاري نه سگهندو.

ساڳي ريت اردو ڳالهائيندڙ ماڻهو سنڌيءَ جا ’ٻ، ڏ، ڳ، ڄ، ڃ، ڱ‘ آواز اُچاري نه سگهندو. اهڙيءَ طرح اهو معاملو دنيا جي مڙني ٻولين سان آهي. شايد ئي دنيا ۾ ڪا اهڙي ٻولي هجي، جنهن ۾ اهڙا اکر هجن، جن جا اُچار اُن ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ نه اُچاري سگهن. پر سنڌي ٻوليءَ تي اهڙن ڌارين آوازن ۽ انهن جي اکرن جو اضافي ٻوجھه آهي، جن جو مخرج سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو نه ٿا اُچاري سگهن.

سنڌي الفابيٽ 1853ع ۾ انگريزن هڪ ڪاميٽي جوڙي تيار ڪرائي. سنڌ جي ڪمشنر سَربارٽل فريئر سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ پنھنجي اسٽنٽ ڪمشنر بي ايڇ ايلس (جيڪو ان وقت تعليم کاتي جو پڻ انچارج هيو) کي حڪم جاري ڪيو ته هو هڪ معياري سنڌي الفايبٽ جوڙڻ لاءِ سنڌ جي استادن ۽ علم ادب سان لاڳاپيل ماڻهن جي ڪاميٽي جوڙي. بارٽل فريئر ۽ ايلس سميت انگريز سنڌي ٻوليءَ جا ماهر نه هيا. ان ڪري انهن اهو اختيار سنڌ جي ماڻهن کي ئي ڏنو ته پنھنجي ٻوليءَ لاءِ مناسب اکر پٽي ۽ لپي تيار ڪن. ڊاڪٽر آفتاب ابڙي موجب :

”جارج اسٽئڪ 1945 ۾ ’سنڌي-انگريزي ڊڪشنري‘ ۽ سنڌي گرامر تي ڪتاب لکڻ شروع ڪيا، جيڪي خداوادي/ ديوناگري لپيءَ ۾ هئا. اها ٻئي ڪتاب 1949 ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. ان وقت ڪمشنر ’مسٽر پرنگل‘ هو، جيڪو اسٽئڪ جي انهن ڪتابن مان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هُن سنڌي الفابيٽ جي لاءِ ديوناگري لپيءَ جي سفارش ڪئي.“ (4)

ڪاميٽيءَ جي ميبمرن جي جوڙجڪ پڻ غير منطقي ۽ هڪ طرفي هئي، جنهن ۾ 8 ميمبر کنيا ويا، جن ۾ چار هندو ۽ چار مسلمان هيا. مذهبي بنيادن تي ميمبرن جي تعداد کي برابر ورهائڻ انتھائي نامناسب هو. اڃا وڌيڪ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته، سڀ ميمبر، حيدرآباد ۽ ٺٽي جي پاسي جا هئا، جڏهن ته سنڌي الفابيٽ سموري سنڌ جي لاءِ هئي. ٿيڻ ائين کپندو هو ته ڪاميٽيءَ ۾ اتر سنڌ ۽ ساهتي پرڳڻي جا به استاد، اديب ۽ عالم شامل ڪيا وڃن ها. ان دور ۾ شڪارپور علم ادب جو مرڪز هو، ساڳيءَ ريت لاڙڪاڻي ۽ ساهتي خطي ۾ بي شمار عالم فاضل هئا، جيڪي ان ڏِسَ بهتر رايا ڏئي پئي سگهيا. ان چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته اُن الفابيٽ ڪاميٽيءَ ۾ اُتر سنڌ جي نمائندگي هجي ها ته، نج سنڌي آوازن ۽ صوتين جي مختلف زاوين تي مباحثو ضرور ٿئي ها.  

”ڪاميٽيءَ جوڙڻ جو اختيار به مسٽر ايلس بيرو (Elis Barrow) کي ڏنو ويو، جيڪو تعليم کاتي جو انسپيڪٽر هو، تنهن ڪري ڪاميٽيءَ جو صدر به اُهو ئي هو. مسٽر ايلس بيرو ڪاميٽيءَ جون سفارشون ڪمشنر بارٽل فريئر کي منظوريءَ لاءِ موڪلي ڏنيون. ڪمشنر اُهي سفارشون وري اسٽنٽ ڪمشنر بي ايڇ ايلس کي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ واپس موڪلي ڇڏيون.“ (5)

انهيءَ دور ۾ ’رچرڊ برٽن‘ ۽ ’جارج اسٽئڪ‘ اهڙا ٻه سُڄاڻ شخص هئا، جيڪي نه صرف بهترين سنڌي ڄاڻيندا هئا، بلڪه سنڌي ٻوليءَ تي زبردست مھارت رکندڙ هئا. برٽن جا ته سنڌ تي ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيل آهن. حيرت آهي الفابيٽ جهڙي انتهائي اهم ۽ سنجيده معاملي تي انهن ٻنهي شخصيتن کان سنجيدگيءَ سان راءِ نه ورتي وئي. انهن کان علاوه ان دور ۾ سنڌ هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جا وڏا عالم، اديب، شاعر، استاد ۽ ٻيا اڪابر موجود هئا، جن کي نه ڪاميٽيءَ ۾ شامل ڪيو ويو، بلڪه انهن کان ان بابت راءِ به نه ورتي وئي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڌارين آوازن ۽ اکرن جو ٻوجهه : موجوده الفابيٽ ۾ هڪ مخرج وارن مختلف اکرن جا 6 خاندان آهن. هيٺ ڏنل چارٽ ۾ انهن جو تفصيل پيش ڪجي ٿو:

مٿين چارٽ موجب سنڌي الفابيٽ ۾ 9 اکر (ع، ض، ظ، ذ، ث، ص، ط، ق، ح) واڌو آهن، جن کي غير ضروري چئجي ته غلط نه ٿيندو. ان جا لاءِ دليل هي آهن:

دليل 1: هي عربي ٻوليءَ جا اُهي آواز ۽ اکر آهن ۽ جن جي لاءِ عربن وٽ انهن جا الڳ الڳ مخرج آهن، پر سنڌيءَ ۾ انهن جا مخرج الڳ الڳ نه آهن، بلڪه هنن جي مخرجن جي حقيقت اها آهي ته، اهي اکر عربيءَ مان کنيل آهي. هيٺ ڏنل چارٽ نج سنڌي مخرجن بابت تفصيل ٻڌائي ٿو.

عربي آواز / اکر ۽ مخرج

سنڌي مخرج

ز، ض، ظ، ذ

چار اکر

چار مخرج

ز

چئني اکرن لاءِ هڪ مخرج ’ز‘

ث، س، ص

چار اکر

چار مخرج

س

چئني اکرن لاءِ هڪ مخرج ’س‘

ت، ط

ٻه اکر

ٻه مخرج

ت

ٻنهي اکرن لاءِ هڪ مخرج ’ت‘

ق، ڪ

ٻه اکر

ٻه مخرج

ڪ

ٻنهي اکرن لاءِ هڪ مخرج ’ڪ‘

ا، ء، ع

ٽي اکر

ٻه مخرج

ا

ٻنهي اکرن لاءِ هڪ مخرج ’ ا ’

هه، ح

ٻه اکر

ٻه مخرج

هه

ٻنهي اکرن لاءِ هڪ مخرج ’هه‘

دليل 2 :         عربي ٻوليءَ جي هنن 9 ڌارين آوازن (ع، ض، ظ، ذ، ث، ص، ط، ق، ح) جا سنڌي ٻوليءَ جي لغت ۾ لفظن جو ذخيرو به نه آهي. سنڌي لغت ۾ انهن اکرن جا جيڪي لفظ آهن، اُهو لفظن جو ذخيرو به گھڻو ڪري عربي ٻوليءَ جو ئي آهي. انهن لفظن مان ڪيترائي سنڌيءَ ۾ مُروج ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي اڄ به اوپرا، غير مُروج ۽ سنڌيءَ جي عام ڳالهه ٻولهه ۽ لکت ۾ نه آهن. مثال: سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ ’ظ – ظالم‘ پڙهايو ويندو آهي. ظالم معنيٰ ظلم ڪندڙ ۽ ’ظلم يا ظالم‘ اسم نه آهي، ان کان سواءِ ظلم جو تصور ننڍي ٻار نه ڏيڻ سبب ’ظ – ظروف‘ پڙهايو ويندو آهي. ظروف، عربي ٻوليءَ ۾ ٿانوَن کي چيو ويندو آهي. سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران ڇپايل ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل هڪ جُلدي سنڌ ڊڪشنريءَ ۾ ڪُل ستاويهه هزار لفظ آهن، جن ۾ ’ظ‘ وارن لفظن جو تعداد صرف 12 آهي، انهن تيرهن لفظن جي ورجاءَ سان ٻارنهن لفظ ٻيا آهن.

اُهي بنيادي ٻارنهن لفظ هي آهن: ظالم، ظاهر، ظرافت، ظرف، ظروف، ظريف، ظفر، ظِل، ظلم، ظلمت، ظن، ظهور. مٿين لفظن ۾ ظالم، ظاهر ۽ ظهور کان سواءِ باقي سڀ لفظ ڳالهه ٻولهه ۽ لکت ۾ غير مروج آهن. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ٻارنهن لفظن جي ڪري هڪ غير ضروري آواز واري اکر کي الفابيٽ ۾ رکڻ جو آخر جواز ڪهڙو آهي؟ ساڳيو معاملو باقي واڌو ڌارين اکرن سان به آهي.

1853ع ۾ انگريزن پاران سنڌي الفابيٽ جي نئين سِر جوڙجڪ بابت جوڙيل ڪاميٽيءَ عربي اکرن کي خارج ڪرڻ تي پڻ بحث ڪيو ويو هو. عربي اکرن کي خارج ڪرڻ جي ڳالهه هندو ميمبرن ڪئي، جنهن تي مسلمان ميمبرن پاران 4 اعتراض واريا ويا، جيڪي خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ’سنڌي جي ادبي تاريخ‘ ۾ هن ريت پيش ڪيا آهن:

پھريون اعتراض: سنڌي ٻولي اڳي ئي عربي صورتخطيءَ ۾ لکڻ ۾ پئي اچي، تنهن ڪري باقي نج سنڌي آواز ڏيکاريندڙ حرفن لاءِ صورتون مقرر ڪجن.

ٻيون اعتراض: اڪثر مسلمان پنھنجن ٻارن جا نالا عربي اکرن تي مشتمل لفظن موجب رکندا آهن، مثال: ’محفوظ علي‘. عربي اکرن کي ڪڍڻ کان پوءِ اهو نالو ’مهڦوج اَلِي‘ لکيو ويندو، جيڪي مسلمان ڪنهن به صورت ۾ پسند ڪونه ڪندا.

ٽيون اعتراض: عربي اکرن کي خارج ڪرڻ سان ٻِن اڍائي سؤ سالن جو پراڻو لٽريچر (مواد) مسلمانن جي آئيندي نسل لاءِ بيڪار ٿي پوندو.

چوٿون اعتراض: ايشيا جي وڏين حڪومتن مصر ۽ زنجبار وغيره جي سرڪاري دفترن لاءِ جا صورتخطي مقرر ٿيل آهي، سا يا ته عربي آهي يا ان سان مشابهت رکندڙ آهي، تنهن ڪري سنڌي صورتخطي به عربي نموني تي قائم رکڻ گهرجي. (5)

پھرئين اعتراض بابت: سنڌي ٻوليءَ ۾ 1853ع کان اڳ ڪيتريون ئي لپيون رائج هيون، جن ۾ ان دور جي مقبول ترين لپي ’خدا وادي خط‘ عام واهپي ۾ هو. ابوالحسن واري عربي سنڌي لپي به نامڪمل هئي ۽ جزوي طور هلندڙ هئي.

ٻئين اعتراض بابت: رڳو اهو اعتراض ڪرڻ ته، مسلمان پنھنجن ٻارن جا نالا عربي اکرن تي مشتمل لفظن موجب رکندا آهن ۽ عربي اکرخارج ڪرڻ کان پوءِ اُهي نالا نه رکي سگهندا. ڇا سنڌ ۾ رڳو مسلمان رهندا هئا؟ ان وقت ۾ سنڌ جي هندو آبادي مسلمانن کان اڪثريت ۾ نه هئي ته برابر ضرورهئي. پوءِ ڪاميٽيءَ جي مسلمان ميمبرن مذهب جو سهارو ڇو ورتو؟ هن اعتراض جي رد ۾ ٻيو دليل اِهو آهي ته ٻولين جي واڌ ويجهه ۽ ان ۾رد و بدل نج علمي ادبي ۽ لسانياتي معاملو آهي. ٻولين سان لاڳاپيل معاملا سائنسي بنيادن تي حل ڪيا ويندا آهن، مذهبي جوش جذبي ۽ دين جي ڪامل ايمان ذريعي نه ڪيا ويندا آهن.  

ٽئين اعتراض بابت: هي اعتراض ڪنهن حد تائين ڌيان طلب هو. پر ان اعتراض جي بنياد تي عربي اکرن کي سنڌي الفابيٽ ۾ رکڻ جو فيصلو ڪرڻ ٺيڪ نه هو. اهو اعتراض واريندڙن کي معلوم هوندو ته گذريل پنجن ڇهن صدين کان سنڌي الفابيٽ جي ڪهڙي شڪل هئي؟ ڇا سومرن جي دور کان وٺي ابوالحسن واري الفابيٽ کان اڳ واري دؤر تائين جو علمي ادبي لٽريچر (مواد) ضايع ٿي ويو؟ ڇو ته سن 1700 ابوالحسن واري الفابيٽ جڙڻ وقت اگر ڪا ڪاميٽي هجي ها ته اهو ساڳيو اعتراض واري ها؟

چوٿين اعتراض بابت: هي اعتراض واريندڙ ميمبر شايد مذهبي سوچ رکندڙ هئا. عرب ملڪن سان سياسي لاڳاپا قائم ڪرڻ يا تعلقات بهتر رکڻ لاءِ پنھنجي صديون پراڻي الفابيٽ کي عربي ڪرڻ نامناسب فيصلو هو. ڪنهن به ملڪ جو دنيا جي ٻين ملڪن سان سفارتي تعلقات جو واسطو سياسي، معاشي ۽ معاشرتي ته ٿي سگهي ٿو پر لسانياتي بنيادن تي هرگز نه.

بحث جو نتيجو (Conclusion):

سنڌي الفايبٽ ۾ عربي ٻوليءَ جا 9 اکر موجود آهن، جيڪي غير ضروري آهن. جديد دور جون ٻوليون نج سائنسي تقاضائون جون گهرجائو آهن. ٻوليءَ جي الفابيٽ انتهائي سنجيده معاملو آهي، جنهن جي آوازن، صوتين، اکرن ۽ شڪلين جا فيصلا جديد لسانياتي ۽ صوتياتي بنيادن تي ڪيا وڃن ٿا.

سفارش  (Recommendation):

سنڌي الفايبٽ  مان عربي ٻوليءَ جا 9 غير ضروري اکر خارج ڪرڻ گهرجن. انهن اکرن کي خارج ڪرڻ تي هن دور جا ڪي محقق يا عربي لپيءَ جا حامي اهو ساڳيو اعتراض واري سگهن ٿا، جيڪو 1853ع ۾ الفابيٽ ڪاميٽيءَ جي مسلمان ميمبرن پاران ڪيو ويو هو ته، عربي اکرن کي خارج ڪرڻ سان پراڻن سَون سالن جو ادبي ورثو مسلمانن جي آئيندي نسل لاءِ بيڪار ٿي پوندو. ان لاءِ سادو جواب هن دور ۾ اهو آهي ته هي ايڪيهين صديءَ جي جديد ٽيڪنالاجي هٿراڌو ذهانت (Artificial Intelligence) جو زمانو آهي، جنهن ۾ ڄاڻ جي ذريعن حيرت انگيز ترقي ڪئي آهي. هن دور ۾ ٻولين جي ترجمن جا زبردست سافٽ ويئر ايجاد ٿي چڪا آهن گڏوگڏ رومن لپيءَ جو رجحان به وڌي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ آءِ.ٽي جا ماهر ڪو مناسب حل ڳولي لھندا.  

حوالا

  1. https://www.google.com/search
  2. https://www.britannica.com/topic/phoneme
  3. https://www.britannica.com/topic/pronunciation
  4. آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر، (مقالو) ڪلاچي تحقيقي جرنل ، ڪراچي يونيورسٽي، جلد تيرهون، جون، 2010ع ص: 51.
  5. ميمڻ، محمد صديق خانبھادر، سنڌي جي ادبي تاريخ، شڪارپور، مهراڻ اڪيڊمي، ڇاپو پنجون، 2014، ص28
425 ڀيرا پڙهيو ويو