غلام رباني آگري جي ڪهاڻين جو تنقيدي اڀياس
(A critical review of Ghulam Rabbani Agro's stories)

ڊاڪٽر ريحانه نظير

Abstract:

Ghulam Rabbani was one of the few writers who revitalized Sindhi literature after the Partition by introducing new and well-researched subjects in his stories. The language and subject matter of his stories conform to the technical requirements of the literary genre. He has portrayed different aspects of urban and rural life in his stories. In reality, his earlier works focus more on the intricate fabric of rural life and the psychology of its inhabitants. This study will provide a critical analysis of his stories' numerous subtleties.

Keywords: Short story, Sindhi literature, etc.

غلام رباني آگري جي شخصيت ادبي لحاظ کان گهڻ رخي ۽ گهڻ پاسائين آھي. پاڻ ھڪ پاسي مقبول ڪھاڻيڪار، ۽ محقق، ته ٻئي پاسي وري مترجم، سفرنويس ۽ بھترين سوانح نگار پڻ آھي. سندس سوانحي خاڪن تي لکيل ڪتاب ”جھڙا گل گلاب جا“، ”ماڻهو شھر ڀنڀور جا“ ۽ ”سنڌ جا بر، بحر ۽ پھاڙ“ سنڌي نثري ادب جو قيمتي سرمايو آهن، جيڪي سندس وسيع مطالعي، مشاھدي سان گڏ، فڪري شعور جي پڻ نشاندهي ڪن ٿا. اھو ئي سبب آھي جو کيس نثر جو بادشاھ پڻ چيو ويو آھي، پر ھن مقالي ۾ سندس سنڌي ادب ۾ پھرين سڃاڻپ، جيڪا ھڪ ڪھاڻيڪار طور تي ظاهر ٿي ان تي روشني وڌي وئي آهي.

ورھاڱي کانپوءِ جن افسانـ نگارن مختصر ڪھاڻيءَ جي فن ۾ پنھنجو نمايان مقام حاصل ڪيو، انهن ۾ غلام رباني آگرو بـ ھڪ آھي. غلام رباني پنھنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات 20 سالن جي عمر ۾ ڪھاڻين لکڻ سان ڪئي. سندس پھرين ڪھاڻي ”اتر ڊاھي ان جا تـ ڪنھن کي ڪارون ڪن؟“ ھئي، جيڪا ڀٽائيءَ جي بيتن مان کنيل سٽ آھي ۽ اھا بـ غور طلب ڳالهه آھي، جو سندس اڪثر ڪھاڻين جا ٽائيٽل ڀٽائيءَ جي بيتن مان کنيل نظر اچن ٿا جيئن ”بري ھن ڀنڀور“، ”پن ٻوڙين پاتال ۾“، ”ھوندا سي حيات“، ”لھرن لک لباس“ وغيره. سندس ڪھاڻيون سنڌي معاشري جي خارجي توڙي داخلي وارتائن جي مڪمل طرح سان عڪاسي ڪندي نظر اچن ٿيون. حالانڪـ ڏٺو وڃي تـ اھي اڄ کان تقريباً پنجاهه_ سٺ سال اڳ جون لکيل آھن، پر اھي اڄ جي حالتن سان پوريءَ طرح ٺھڪندي نظر اچن ٿيون. سندس ڪھاڻين جو گھرائيءَ سان مطالعو ڪبو ته، اھي مختصر ڪھاڻيءَ جي سموري گھرجن، مثلاً: پلاٽ، ڪردار نگاريءَ، منظر نگاريءَ ۽ ٻوليءَ تي پوري طرح ٺھڪندي نظر اچن ٿيون. سندس موضوع سنڌ جي شھري توڙي ڳوٺاڻي سماج جي ڀرپور نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿا. البته سندس شروعاتي ڪھاڻيون، گهڻي ڀاڱي جاگيرداراڻي سماج جي نشاندهي ڪندي نظر اچن ٿيون. مثال: ڳوٺاڻي زندگي ۾ وڏيري جو ڪردار ھميشـ ظلم ۽ دھشت جي علامت رھيو، ربانيءَ جون گهڻيون ڪھاڻيون وڏيراشاھي جي انهن ظلمن کي بيان ڪن ٿيون. مثال: ”بري ھن ڀنڀور ۾“ ھن ان ئي حالت کي پيش ڪيو آھي، جنھن ۾ عيسو جيڪو ھڪ ڏھاڙيءَ تي ڪم ڪندڙ مزدور آھي ۽ پنھنجي ٻچن جي پيٽ پالڻ لاءِ ڏينھن رات محنت مزدوري ڪري ٿو. ھڪ ڏينھن جڏھن ڳوٺ ۾ ٻوڏ اچي ٿي، تڏھن پنھنجن ٻچن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنھنجي ھڪ محسن ان حڪيم ڏي وڃڻ چاھي ٿو، جنھن کيس چيو تـ ھو مصيبت ۾ سندس گهر اچي رھي سگھي ٿو، پر گڏوگڏ ھن کيس وڏيري لاءِ نياپو بـ ڏنو ھو، جيڪو عيسيٰ ان کي ان لاءِ ڪونـ ڏنو ھو، جو ھن کي وڏيري جي عادت جي خبر ھئي ته، ھو اڪثر ڪري ھن مسڪين کان سڄو ڏينھن ڪم وٺندو ھو ۽ پوءِ ھن کي ھڪ ٽَڪو به ڪونه ڏيندوھو، پر ھن ڪھاڻيءَ ۾ عيسيٰ جي ڪردار جي سادگي ۽ اٻوجهائي به ڏسڻ وٽان آهي، جو ھو وڏيري جي ان ظالماڻي سلوڪ جي باوجود حڪيم جو نياپو ڏيڻ وڏيري ڏي وڃي ٿو، جيڪو حسب روايت ان کي بَندُ ٻڌڻ جي ڪم تي لڳائي ٿو ڇڏي ۽ اتي ھن جو سڄو ڏينھن گذري ٿو وڃي ۽ رات جو جڏھن ھو گھر ڏانھن موٽي وڃي ٿو، تڏھن سندس ٻار ٻچا الھه تلھه سڀ ڪجهه پاڻي لوڙھي وڃي ٿو، جنھن جي منظر ڪشي پڻ ليکڪ ڏاڍي دلسوز انداز ۾ ڪئي آهي، ھو لکي ٿو:

”چوطرف فضا ۾ پاڻيءَ جو ڪڙڪو لڳو پيو هو. ڇولين جو سٽڪو، مِرُنِ جون ٻھڪارون، ھڏڪارون، گدڙن جون اونايون، ڪنن ۾ پئي وڳيون. ھوا جي گهوگهاٽ کان پوءِ، مينھن جي ڦوھاري جي ڇاٽ جو سوسٽ پئي پيو، عيسو سٿر جيڏي پاڻيءَ کي جهاڳيندو اڳتي وڌندو پئي ويو، تان جو اچي ڪابلي ٻٻرن جي قطار کي رسيو، جا نولکيء جي ڪپ جي ھيٺان ھئي. عيسيٰ جون ٽنگون لوڏو کائي بيھي ويون، سندس اکين ۾ خوف ڀرجي ويو. سامھون نولکيءَ جي ڪپر جو نشان به ڪونه هو!.. پاڻي الاجي ڪيڏي مھل ڪپر ڪڍي ڇڏيو. اوچتو سامھون ڪا اڇي شيءِ ترندي عيسيٰ ڏانھن اچڻ لڳي، اڇي شي وڌندي اچي عيسيٰ اڳيان پھتي عيسيٰ ٻرانگهون ھڻي، وڃي ان کي ڀاڪر ۾ کنيو. ھي عيسيٰ جو موتي ڪتو ھو، ڪتو ڪونڪاٽ ڪرڻ لڳو، ڄڻ ته کيس چوندو ھجي، تون ڪٿي ھئين؟ تون ڪٿي ھئين؟ تو دير ڇو لاتي؟ تون ڪٿي ھئين؟ تون ڪٿي ھئين؟ تو دير ڇو لاتي؟“(1)

”اتر ڊاھي ان جا“ ڪھاڻي به وڏيرڪي ظلم جو شڪار ڪردار بچو ملاح ۽ نوران جي آھي، جيڪي پيار جا ٻه پکيئڙا آھن ۽ ھو قلندرلعل تي پنھنجي شادي ٿي وڃڻ جي باسيل باس ڏيڻ جون تياريون ڪن ٿا ته، اتفاق سان ان ڏينھن رئيس کي به ٻيڙين جي ضرورت پئي ٿي، پٽ جي ڄڃ، ٻئي ڳوٺ وٺي وڃڻ لاءِ جيڪا بچو ھن کي ڏيڻ کان ان ڪري انڪار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ھن کي پڻ ٻئي ڏينھن رٿيل پروگرام تحت باس ڏيڻ لاءِ لعل تي وڃڻو ھو، پر پوءِ ٻئي ڏينھن واٽ تي رئيس جڏهن ھنن کي ٻيڙي ۾ ھڪٻئي سان خوش ڏسي وٺي ٿو ته، حسد ۽ ساڙ کان ھنن مٿان گوليون وسائي کين ماري ڇڏي ٿو. سندس ڪھاڻين جي ھڪ خوبي اھا به آھي جو انهن ۾ ٻھراڙيءَ جو ماحول، ان جي مطابق پيش ڪيل ڪردار ۽ انهن جي ٻولي پڻ ڳوٺاڻي لھجي مطابق ٺھڪيل ھوندي آھي. مثال: سندس شاھڪار ڪھاڻي ”شيدو ڌاڙيل“ جيڪا ٻولي توڙي ڪردار نگاري جي ڪسوٽيءَ تي پوري نظر اچي ٿي، جنھن ۾ ليکڪ اھو ٻڌائڻ چاھي ٿو تـ، ڪو به ماڻهو رضا خوشي سان چور يا ڌاڙيل ڪو نه ٿو ٿئي، اھي سماج جا تلخ ۽ انتھا پسند رويا آھن، جيڪي ماڻهو کي منفي قوتن طرف ڌڪين ٿا. شيدو ڌاڙيل به سماج جو ھڪ اھڙو ئي ڌڪاريل ڪردار آھي، جيڪو ظلم ستم سھي سھي، نيٺ جڏھن ھو ڌاڙيل بنجي ٿو، تڏھن پوري علائقي لاءِ دھشت جي صورت بنجي اڀري ٿو، جنهن جي ڪردار جي عڪاسي ڪندي ليکڪ لکي ٿوته :

”اڄ شيدو جو سڄي تر ۾ ڏهڪاءُ ھو. ٻارنھن ڪوهن ۾ چڱا چڱا جوان مرد شيدوءَ جو نالو ٻڌي ڏڪي ويندا ھئا. ھاڻي ھن کي شيدو ڪير ڪونه ڪوٺيندو هو. شيدو ھو به ته پورو پورو ڌاڙيل ٽانڊن جيان ٻرندڙ ڳاڙھيون اکيون، جن مان ڄڻ ته باھ جون اماڙيون ٿي نڪتيون، جن مان شايد ڪڏهن به ڪا رحم ڀري نظر نه نڪتي ھئي؛ رُڪَ جھڙيون ٻانھون، جن ۾ آسمان جي سيني مان تارن ڇني وٺڻ جي طاقت سمايل ھئي. ڪلھي تي سدائين چانديءَ جيان چمڪندڙ ڪھاڙي رات جي اونداھيءَ ۾ شيدو جي ڪاري چمڙيءَ سان ڍڪيل ڀيانڪ صورت ائين لڳندي ھئي، ڄڻ تي ڪنھن ڀوت جو پاڇو ھجي.“ (2)

جڏھن شيدو اھڙو خوفناڪ روپ اختيار ڪري ٿو، تڏهن رئيس ڌڱاڻو خان مٿس هٿ رکي کيس پنھنجو ھٿيار بنائي ٿو. رئيس ڌگاڻي خان جي ڪردار جي سڃاڻپ ليکڪ ھنن لفظن سان ڪرائي ٿو تـه:

”وٽس وڏا وڏا نالي وارا بدمعاش ڌاڙيل خوني ۽ وارنٽي ويٺل ھئا. ھو سڀ ڌڱاڻي خان جي راڄ ۾ الوليون ڪندا ھئا. مجال ھئي ڪنھن کي جو انهن ڏانھن اک کڻي بـ نھاري. رئيس چوندو ھو تـ ”مان جوڳي آھيان جوڳي! منھنجي گودڙي ۾ ڪاريھر نانگ آھن. عام جوڳي ڪاريھرن جا ڏند ڀڃي انهن کي کير پياري مرلي وڄائي ڏوڪڙ ڪمائيندا آھن، پر مان ؟ مون کي تـ گھرجن ئي ڪاريھرڏندن وارا زھريلا ۽ زور ڏنگڻا، ڪيڏو نـ مزو ايندو آھي مون کي، جڏھن ڪو ماڻهو منھنجي ڪاريھر جي ڏنگ کان ڏنگبو آھي، ويرم ئي ڪانـ لڳي بس ھڻ ۽ کڻ.“ (3)

 اھو آھي ان ڪھاڻيءَ  ۾ رئيس جو ڪردار جيڪو شيدو کي پنھنجي مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ ھٿيار طور استعمال ڪري ٿو ۽ آخر ۾ ان کان به سندس محبت، زيبي کي ڏوڪڙن جي لالچ ڏئي، ان کان ڇني ڇڏي ٿو، جنھن تان شيدو تاءُ کائي ھن سان وڙھي ٿو ته رئيس ان کي پنھنجي ساٿاري ۽ ڀاڱي ڀائيوار پوليس افسرن جي مدد سان مارائي، سندس مٿان رکيل سرڪاري انعام پاڻ وصول ڪري ٿو ۽ ائين وڏيرو ھميشه جيان پنھنجي اثررسوخ سان بچي وڃي ٿو ۽ شيدو مري وڃي ٿو، جيڪو نه پنھنجي مرضيءَ سان ڌاڙيل بڻيو ھو ۽ نه ئي پنھنجي مرضيءَ سان رئيس جو ٻڌو ٻانھو ٿيو ھو. بقول موھن ڪلپنا جي ته:

”ليکڪ ڏيکارڻ چاھي ٿو ته اسين جن کي ڌاڙيل يا دادا سمجھون ٿا سي خود مظلوم آھن، سماج جا سچا دشمن رئيس ڌگاڻي خان جھڙا وڏيرا آھن، جن وٽ پوليس ۽ ڪامورا سلام ڪن ٿا جن تي ڪو ڪيس متو ھلي سندن اھو ظلم صدين کان چالو آھي.“ (4)

 سندس ان ڪھاڻيءَ جي تعريف ڪندي رسول بخش پليجو لکي ٿو ته

”منھنجي نظر ۾ موضوع توڙي فن جي لحاظ کان ھي افسانـ نگاريءَ جو اھڙو عمدو شھپارو آھي، جو ان کي دنيا جي ٻين ترقي يافتـ ٻولين جي بھترين افسانن سان بنا ڪنھن ھٻڪ جي ڪلهو ڪلهي سان ڏياري بيھاري سگهجي ٿو.“ (5)

ان کانسواءِ ان موضوع تي ”پن ٻوڙين پاتال ۾“ ڪھاڻي پڻ لکيل آھي، جنھن ۾ سدوري کي وڏيرو صرف ان ڪري تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏي ٿو، جو ھن کيس ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ھو. اھڙي طرح اھي ڪھاڻيون ڳوٺ جي مظلوم ماڻهن سان ٿيندڙ راتاھ سان ڀريل نظر اچن ٿيون. ممتاز مھر سندس ڪھاڻين بابت لکي ٿو ته:

”غلام رباني جي ڪھاڻين جو ماحول ٺيٺ ڳوٺاڻو آھي. جمال ابڙي وانگر رباني به ڳوٺاڻي ماحول ۽ حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي.“ (6)

سندس ڪھاڻين جو ٻيو وڏو موضوع شھري زندگيءَ بابت آھي، جنھن ۾ سندس افسانو ”نيٺ بھارايندو“ به شامل آھي. ھن ٽائيٽل تي سوڀي گيانچنداڻي جي ڪھاڻي پڻ ادبي حلقن ۾ گهڻي مڃتا ماڻي چڪي آھي . غلام رباني جي ھيءَ ڪھاڻي سنڌي سماج جي ناسور جيان ٽمندڙ انهن رواجن ۽ رسمن جي ڦَٽَنِ تي ٻَڌَلَ آھي، جنھن جي سبب ٻـ ماڻهو بنا ڪنھن جذباتي لڳاءَ جي شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌا ويندا آھن، ائين فاطمـ جيڪا ڊاڪٽر گل کان ست سال وڏي ھئي، ان سان پرڻائي وڃي ٿي. ڪافي سال گذرڻ کانپوءِ بـ جڏھن ھنن ٻنھي جي وچ ۾ ڪابـ ذھني يا جذباتي ھم آھنگي پيدا نٿي ٿئي، تڏھن ڊاڪٽر گل ٻي شادي ڪري ڇڏي ٿو، پر اھو پڇتاءُ ھن سان ھر وقت ساڻ رھي ٿو تـ ھن فاطمـ سان بي واجپي ڪئي آھي، جنھن جو ذڪر ھو پنھنجي دوست سان ڪندي چوي ٿو ته:

”تون مون کي خود غرض سڏين ٿو تـ ڀلي سڏ، پر اھو بـ ٻڌاءِ تـ فاطمه جي زندگي تباھ ڪرڻ ۾ ڪنھن جو ھٿ آھي؟ منھنجو يا سماج جو، جيڪڏھن تون ڏوھيءَ کي سزا ڏيڻ چاھين ٿو ته، ھن سڄي سماج کي سوريءَ تي لٽڪاءِ، ڀنڀور کي باھ ڏي ! انهن پوڙھن جي پيشانيءَ تي لکي ڇڏ تـ ھي آھن اھي انسان، جي پنھنجي جگر جي ٽڪر سان راند ڪندا آھن.“ (7)

رباني صاحب جي انهن سٽن ۾ ڪيڏو نـ ڪڙو سچ لڪل آھي، ھن ڪھاڻيءَ ۾ شھري زندگيءَ جي پڙھيل لکيل ماڻهن جي نفسيات، انهن جي شعور ، مشاهدي ۽ انهن جي وچ ۾ ٿيندڙ گفتگو کي بـ ڏاڍي اثرائتي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. مثال ھڪ جاءِ تي پروفيسر گل، بيگم تاج کي ٽوڪيندي چوي ٿو تـ :

”عورت کي ٿلھي ٿيڻ کان زياده پوڙھي ٿيڻ جو خوف ستائيندو آھي. آسڪر وائيلڊ چوي ٿو ته ”ھر عورت اھو چاھيندي آھي تـ ھو پنھنجي ڌيءُ کان ڏھ ورھيـ ننڍي ڏسڻ ۾ اچي.“ جواب ۾ بيگم تاج ھن کي چوي ٿي ته“ آسڪر وائيلڊ عورت جي نفسيات تي سَنَدَ نه آھي.“ (8)

تنھن تي وري پرو فيسر گل ھن کي چوي ٿو ته: ”وائيلڊ انسان جي فطرت جو اونھو اڀياس ڪيو آھي، ھو وڏو آدم شناس ھو.“ آدم شناس نـ مردم شناس چئو بيگم تاج ٽھڪ ڏيندي چيو ھن ڪھاڻيءَ جو اسلوب آرٽ ۽ فن جي بلنديء تي نظر اچي ٿو.“  

آب حيات: ھي ڪھاڻي سنڌو درياءَ جي تاريخ ۽ سندس مٿان پيل نالي مھراڻ، جي پسمنظر کي بيان ڪري ٿي، جنھن کي ليکڪ ڀرپور فني اسلوب سان گھڙي ديو مالائي ڪردارن جي روپ ۾ فطرت نگاري جي جوھر سان جڙي دلنشين ۽ لڀائيندڙ انداز سان پيش ڪيو آھي. ھن ڪھاڻيءَ ذريعي ھو اھو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته، دنيا ۾ نيڪيءَ، سچائيءَ ۽ انسان ذات سان محبت ڪرڻ وارو ھميشه زندھ رھندو، ان کي ڪڏھن به آب حيات پيئڻ جي ضرورت پيش نه ايندي.

بدلو: ھن ڪھاڻي ۾ ھڪ ماڻهو گلاب، جيڪو ٽانگو ھلائيندو آھي ۽ پنھنجي گهوڙي پکيءَ سان بيحد پيار ڪندو آھي، پرجڏھن ھو بيمار ٿئي ٿو،گهوڙي جو مالڪ اھو گهوڙو ٻئي ٽانگي واري (خيرو) کي ڏھاڙيءَ تي ڏئي ٿو ۽ جيڪو ان گهوڙي پکي جي ڪري گهٽ ڪمائيندو ھو، سو پنھنجي حسد ۽ ساڙ جي باھ ان بي گناھ جانور تي بي انتھا ظلم ڪري ڪڍي ٿو، پر گلاب بيماريءَ مان جڏھن ٺيڪ ٿي وڃي ٿو ته اھو گهوڙو گلاب کي ٻيھر موٽي ملي ٿو. سندس حالت ڏسي نه صرف ھو، پر ننڍڙي ڌيءُ زليخا به ڏکاري ٿي وڃي. جڏھن سندس نظر خيروءَ تي پئي ٿي ھيء معصوم ڇوڪري خيرو کي حقارت ۽ نفرت مان ڏسي، جيڪي لفظ چوي ٿي، اھي لفظ ۽ اھا نظر خيروءَ جي ضمير ۾ چھنڊڙي جيان چڀي وڃن ٿا ۽ معصوم ٻار جي ان رويي جو کيس اھڙو ته پڇتاءُ ٿئي ٿو، جو سندس ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو. ھن ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪ ٻڌائي ٿو ته معمولي زندگي گذارڻ وارن ماڻهن جا ھڪ ٻئي سان ڪھڙي قسم جا اختلاف ھوندا آھن ۽ اھي اختلاف ڪيئن ساڙ جو سبب بنجي بيگناهه جانور مٿان تشدد جي صورت ۾ سامھون اچن ٿا. جمال ابڙو سندس ڪھاڻين بابت لکيو آهي ته:

”غلام رباني تمام سٺيون ڪھاڻيون لکيون آهن. ھن جو انداز، ڏاڍو پيارو ھو، منھنجو انداز سخت گير ھو، پر رباني جو مٺو لھجو ھو. جيئن فيض احمد فيض جو پيارو لھجو ھو. ھر ڳالهه پيار سان ڪندو ھو، ته چئبو ھو ته ٺنڊڪ ٿي ويئي ربانيءَ جو اھڙو لھجو ھو.“  (9)

سندس ڪھاڻين جي پھرين مجموعي ”آب حيات“ کان پوءِ سندس لکيل ڪھاڻيون گهڻي ڀاڱي سنڌ کان ٻاهر گذاريل زندگيءَ جي مشاهدن تي مبني نظر اچن ٿيون، جن جا موضوع ۽ ڪردار لڳ ڀڳ ھڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ آھن. انهن ڪھاڻين ۾ وڏن شھرن مثال اسلام آباد، لاھور ۽ ڪراچي جي ماڻهن ۽ گهڻ پاسائين سماج جي مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. سندس اھڙين ڪھاڻين ۾ ”لھرن لک لباس“، ”خواب“ ۽ ”ھمسفر“ شامل آهن، جن ۾ ھن زندگي جي سفر ۾ گڏجندڙ انهن خوبصورت ماڻهن ۽ انهن سان گهاريل ڪجهه دلفريب لمحن جون يادون بيان ڪيون آھن، جيڪي زندگيءَ ۾ ته ھمسفر بنجي نه سگهيا، پر پڄاڻان پرين حسرتن جا ڪوٽ کڙا ڪري مسافرن کي ھميشه لاء قيد ڪري ھليا ويا.

سندس ڪھاڻين جي خاص خوبي حقيقت پسنديءَ سان گڏ زندگي جي تلخ تجربن مان حاصل ڪيل مشاھدن جي بنياد تي جوڙيل ننڍا ننڍا معني خيز جملا پڻ آھن، ان کان علاوہ سندس ڪھاڻين ۾ شامل تشبيھون به ڪمال جون آھن. ھيٺ ٻنھي جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا.

جملا

  • ”بس ملن جو ملڪ آھي.“ دڪاندار مرڪندي چيو، ”غلامي ۾ رھي اوندھ تي اھڙو تـ ھري مري ويا آھن سو سوجهري جا ڪرڻا اکين ۾ تير ٿي ٿا چُڀن“ (اکڙيون اڃايون)
  • ”ملٽري وارا اشارو ۽ ڪنايو ھميشـ گهٽ سمجهندا آھن ھو تـ فقط حڪم ڏيئي ۽ ٻڌي ڄاڻن“. (اکڙيون اڃايون)
  • ”شاعرن جي دنيا جو ڪوبـ وجود ڪونـ ھوندو آھي ھو تـ فقط تخيل ۾ رھي ڄاڻن.“ (نيٺ بھار ايندو)(10)
  • ”بي خواب زندگي حقيقت ئي سھي پر ڪيڏو نـ عذاب آھي.“ ”ڪيڏو نـ خوشنصيب آھي اھو انسان جنھن جي اکڙين ۾ ڪو خواب آھي.“ ( خواب) (11)
  • ”بيشڪ ڪاري روح ۽ بي حياءَ اک کي ڌوئي پاڪ ڪرڻ لاءِ آب حيات جا ھزارين چشما بـ ڪافي ناھن.“ (آب حيات) (12)
  • تشبيھون:
  • ”مھراڻ جي سطح ائين پئي لڳي، ڄڻ ڪو چانديءَ جو تھه ھجي.“
  • (آب حيات) (13)
  • ”ڇوڪرا ٽنگو ٽالي ڪري شيدو کي ماستر ڏانھن ائين کنيون پئي ويا، جيئن ماڪوڙيون ڪنھن مئل ڏينڀوءَ کي پنھنجي ڏرڙ ڏانھن نينديون آھن.“ (شيدو ڌاڙيل) (14)
  • ”ھن جھڙي حسن وارو ھن ملڪ ۾ ھو ئي ڪونـ سدائين نيڻن ۾ جواني جا جام پيا ڇلڪندا ھئس ڳلن ۾ شفق مثل لالاڻ وارن ۾ اماوس جي اوندھ. ڳالهائيندو ھو تـ ائين ڄڻ جل ترنگ پيو وڄي.“(آب حيات)
  • ”سندس پيرن پٿرن تي ائين ٿي آواز ڪيو، جيئن مينھن جون ڪڻيون ٽامي جي ٿالهه تي ڪرڻ مھل ڪنديون آھن.“ (آب حيات) (15)

سراج سندس ڪھاڻين جي باري ۾ لکي ٿو ته:

”سنڌي ادب بلڪـ پاڪستاني ادب ۾ ربانيءَ جون ڪھاڻيون ھڪ خوبصورت پھڻ آھن. جنھن ٻئي سموري خس و خاشاڪ کي ٻوڙي پنھنجو اعلي مقام پيدا ڪيو آھي. ھن جي ھر ڪھاڻي سنڌي ادب جو قيمتي زيور آھي، سموري سنڌي ادب ۾، ربانيءَ جي ٻولي نھايت اعلي مقام ٿي رکي. ھن جون تشبيھون ۽ استعارا سنڌي سماج جو خوبصورت مظھر آھن. رباني جي ڪھاڻين ۾ سنڌ ڳالھائي ٿي ۽ اھو ڳالھاءُ عالمگير آھي.“(16)

فڪري حوالي سان جائزو وٺجي ته رباني صاحب جون اڪثرڪھاڻيون سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن جي نفسيات، سندن رھڻيءَ ڪھڻيءَ، سوچ ويچار ۽ ٻوليءَ جو انداز بيان پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ، سندن مٿان ازل کان قابض طاقتور ڌرين جي ظلمن جي پڻ نشاندهي ڪندي نظر اچن ٿيون.

شمس الدين عرساڻي، سندس ڪھاڻين تي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:

”غلام رباني جون مختصر ڪھاڻيون پنھنجي مخصوص فڪر، نج ٻوليءَ ۽ تشبيھن جي لطافت، سنڌي ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسي، موضوع ۽ اسلوب جي ھم آهنگيءَ ڪري ۽ سماجي بڇڙاين کان نفرت ۽ انسان دوستي جي جذبي پاڻ ۾ گهڻي ڪشش رکن ٿيون.“(17)

سندس ڪھاڻين جي مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، ته سندس ڪھاڻين جا ھن وقت تائين انگريزي کان علاوہ گجراتي، ھندي، جرمن، چيني، مرھٽي، فارسي ۽ اردو زبان ۾ پڻ ترجما ڪيا ويا آهن.

حوالا

  1. آگرو، غلام رباني، مهراڻ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1955ع، ص: 66.
  2. شورو، شوڪت، سو سالن جون چونڊ ڪھاڻيون، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 2017ع، ص: 138.
  3. ساڳيو، ص: 139.
  4. موھن ڪلپنا، افسانوي ۽ فڪري ادب مرتب جامي چانڊيو سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2007ع، ص: 31.
  5. پليجو، رسول بخش آب حيات ڪھاڻي ڪليات غلام رباني روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2011ع، ص: 241.
  6. مهر، ممتاز، ويچار، ادبي تنقيد ۽ اڀياس نئون نياپو، ڪراچي، 2013ع، ص: 120.
  7. آگرو، غلام رباني، آب حيات ڪھاڻي ڪليات روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2011ع، ص: 50.
  8. ساڳيو، ص: 43.
  9. ابڙو جمال، آءٌ به جاڳي پوندس، سهڙيندڙ بدر ابڙو، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2009ع، ص: 303.
  10. آگرو، غلام رباني، آب حيات ڪھاڻي ڪليات روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2011ع، ص: 45.
  11. ساڳيو، ص: 209.
  12. ساڳيو، ص: 134.
  13. شورو، شوڪت، سو سالن جون چونڊ ڪھاڻيون، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 2017ع، ص: 136.
  14. آگرو، غلام رباني، آب حيات ڪھاڻي ڪليات روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2011ع، ص: 129.
  15. ساڳيو، ص: 132.
  16. ساڳيو، ص: 15.
  17. عرساڻي، شمس الدين، آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1984ع، ص: 392.
407 ڀيرا پڙهيو ويو