رسول ميمڻ جي چونڊ سائنسي ۽ نفسياتي موضوعن جي ڪھاڻين جو تنقيدي اڀياس
(Selected Scientific and psychological Short Stories of Rasool Memon)

ڊاڪٽر ساجده پروين

Abstract:

            The most famous fiction author of the Modern age is Rasool Memon. He was a novelist and poet in addition to being known for his short stories. He has written sixteen short story collections, nine of which have been published and the other six are available online as digital editions on https://books.sindhsalamat.com. He started his literary journey in 1977 with the short story writing.  His first book of short stories was “Amun Jy Nalay - dedicated to peace”. He was a versatile author whose stories covered scientific, psychological, philosophical, Metaphysical, social, and historical topics. He was a versatile author whose stories covered scientific, psychological, philosophical, Metaphysical, social, and historical topics.He began his literary career in 1977 by penning his first collection of short stories titled "Amun Jy Nalay – In the name of peace." He was a versatile writer whose stories covered scientific, psychological, philosophical, metaphysical, social and historical topics.

 In this research paper, I analyze his five short stories based on scientific and psychological philosophy. The story “Golden Tooth” focuses hemophilia disease whereas “Genome” story discusses his critical understanding of human evolution. On the socio-cultural nuances, his stories particularly “the freedom of donkey” highlights the complexities of human slavery and the lived experiences of a slave. "Broken wings falcon” story is based on erotomania which presented the vivid record of an unmarried female and her psychological disorder.

               Rasool Memon had tremendous critical thinking capability about life and spiritual themes. He articulated his philosophical opinions in his writings. He was more of a thinker than a fictional writer. His stories are his viewpoints.

Keywords: Sindhi stories, Scientific theme, Philosophical thoughts, etc.

رسول ميمڻ جديد سنڌي ادب جو اهم نالو آهي، جنھن جي سڃاڻپ جا انيڪ حوالا آهن. هو نه فقط منفرد ڪھاڻيڪار ، ناول نگار، ۽ شاعر هو، پر فلسفي، سائنس ۽ نفسيات جي موضوع تي آڌاريل سندس ڪتاب به شاندار آهن. رسول ميمڻ پنھنجي ادبي سفر جي شروعات ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ 1977ع کان ’امن جي نالي‘ ڪھاڻين جي مجموعي کان ڪئي. هن وقت تائين سندس نو ڪھاڻين جا مجموعا ڇپجي چڪا آهن. جن ۾ ”ڪافر ديوتا“ 1979ع ، ”چچريل زندگين جا قافلا“ 1981ع، ” ابابيل جي اڏام“ 1993ع، ” فونو“ 2010ع، ”سونو ڏند“ 2012ع، ”حليمان“  2013ع، ”عشق جو آسيب“ 2015ع ۽ ”سينڊروم“ 2021ع شامل آهن. جڏهن ته ڇھه ڪھاڻين جا مجموعا اڻ ڇپيل اٿس، جيڪي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ويب سائيٽ تي ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ موجود آهن. اهڙن مجموعن ۾ ”اوجاڳي جا خواب“ 2019ع، ”روشنيءَ جو مينار“ 2019ع، ”ڪرفيو ۾ اڏامندڙ ڪاغذ“ 2019ع، ”عجيب وارتائون“ 2020ع، ”کليل دري“ 2020ع ۽ ”وقت جو بادشاهه“ 2020ع ڪتاب شامل آهن.

رسول ميمڻ جي ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪتابن جا مجموعا مقبوليت ماڻي چڪا آهن. سندس پڙهندڙن جو هڪ وسيع حلقو آهي. جن وٽان کيس خوب مڃتا ملي آهي.  امر جليل لکي ٿو.

”رسول ميمڻ بنيادي طور فڪشن جو ليکڪ آهي. ڪھاڻيءَ جي فن ڏانھن سندس لاڙو شاعراڻو آهي، سندس سوچ شاعراڻي آهي، سندس اظھار جو طريقو شاعراڻو آهي. سنڌي ادب ۾ تمام گهٽ اهڙا اديب آهن، جن کي نظم ۽ نثر تي هڪ جھڙي قدرت حاصل آهي... رسول ميمڻ کي سٺن افسانن لکڻ جي ڏات مليل آهي.“(1)

رسول ميمڻ وٽ ڪھاڻين لاءِ بي شمار موضوع آهن. سائنسي، فلسفياڻا، نفسياتي، تاريخي، سياسي ، سماجي ۽ مابعد الطبعياتي وغيره. سندس لکڻين تي وجوديت پڻ غالب نظر اچي ٿي، جڏھن ته جديديت پڄاڻان فڪر،سماجي حقيقت نگاري ۽ سرريئلزم جا اثر به واضح طور سان پسي سگھجن ٿا. کيس ورسٽائيل ليکڪ چئي سگهجي ٿو. فڪري حوالي سان رسول ميمڻ نھايت سگهارو، گھري ۽ اونهي سوچ رکندڙ ۽ بامقصد تخليق ڪار آهي.

”رسول ميمڻ جون ڪھاڻيون، همعصر سنڌي ڪھاڻيءَ جو مضبوط فني حوالو ۽ گوناگون فڪري دستاويز آهن. جنھن ۾ ادب جا اعليٰ قدر، روايتون، تھذيبون، ڌارائون ۽ وهڪرا پنھنجي ڀرپور تخليقي سگهه سان موجود آهن.“(2)

رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جو جائزو:

رسول ميمڻ جي ڪھاڻي ’سونو ڏند‘ فڪري حوالي سان نھايت سگھاري ڪھاڻي آهي. جيتوڻيڪ هيءَ ڪھاڻي سائنسي موضوع ۽ موروثي بيماري ’هيمو فيليا‘ تي مبني آهي، پر ڪھاڻيءَ جي اڻت ايڏي شاندار آهي جو، آخر تائين ليکڪ موضوع کي ٻن اهم ڌارائن يعنيٰ مابعد الطبعياتي ۽ مادي دنيا ٻنهي سان سلھاڙي کڻي هلي ٿو ۽ ٻنهي دنيائن کي ڪھاڻي ءَ جي انت تائين هڪ جھڙو نڀاءُ ڪندو رهي ٿو. آخر ۾ هو نتيجو پڙهندڙ تي ڇڏي ڏئي ٿو ته قاري هڪ فڪر تي يقين رکي يا ٻنهي دنيائن جي حقيقت جي الڳ الڳ نوعيت ۽ حيثيت کي انفرادي طور سمجهي ڪو نتيجو ڪڍي. انهيءَ فڪر تي هندي فيچرفلم ’موهني‘ به ٺھيل آهي.

ان ڪھاڻيءَ جا مرڪزي ڪردار ربڏنو ۽ صابو فقير آهن. ربڏني کي ٻه پٽ هوندا آهن. وڏي پٽ جي طھر جي ڪاڄ تي هو سکر مان کدڙن فقيرن جي سڄي سٿ کي ڳائڻ وڄائڻ، مذاق مشڪري ۽ خير جي دعا لاءِ دعوت ڏيئي ڳوٺ ۾ گهرائيندو آهي. سڄي رات محفل کان پوءِ اَسُرَ ويل جڏهن صابو فقير ۽ سندس ساٿي ڳوٺ وارن جي دل وندرائي ٿڪجي سمھڻ جي تياري ڪندا آهن ته صابو فقير جنھن کي وات ۾ پاسي کان هڪ سونو پٽ چڙهيل ڏند پاتل هوندو آهي (جيڪو سندس گرؤ تحفي ۾ نشاني طور ڏنو هو) اهو ڪڍي ڪپڙي جي ڳوٿريءَ ۾ بند ڪري وهاڻي هيٺان رکندو آهي. جنھن کي ڳوٺ جو هڪ شرارتي ۽ چور ڇوڪرو ڏسي وٺندو آهي ۽ وجهه وٺي چورائي مشڪري خاطر وات ۾ پائي ناچ ڪندو آهي، اوچتو سونو ڏند سندس وات مان ڪري اتي ئي پيل گپ ۾ وڃائجي ويندو آهي. ڇوڪرو ڊپ وچان اتان ڀڄي ويندو آهي. جڏهن صبح جو صابو فقير کي سونو ڏند ناهي ملندو ته، هو روئندو رڙندو پٽون ۽ پاراتا ڏيندو ناراض ٿي ڪاڄ مان سٿ سميت واپس روانو ٿي ويندو آهي.

سڄي ڪاڄ جو ڄڻ رنگ ئي ڦڪو پئجي ويندو آهي. شام جو جڏهن ٻار جو طھر ٿيندو آهي پر جيئن ته ٻار موروثي طور ’هيمو فيليا‘ بيماري جو شڪار هوندو آهي، جنھن ۾ جسم جي ڪنھن به حصي تي زخم رسڻ سبب مريض جو رت بند ناهي ٿي سگهندو، ڇاڪاڻ ته اهڙي مريض جي رت ۾ ڄمڻ جي صلاحيت ناهي هوندي، تنھن ڪري طھر سبب مسلسل رت وهڻ ڪري ربڏني جو پٽ مري ويندو آهي.

ربڏنو سمجهندو آهي ته صابو فقير جو پاراتو آهي، جنھن ڪري ٻار مري ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ربڏني کي برسات سبب گپ ۾ گم ٿيل فقير جو وڃايل ڏند ملي ويندو آهي . هو خوشيءَ مان فقير کي سونو ڏند موٽائي ڏيڻ ويندو آهي ۽ کيس عرض ڪندو آهي ته پٽون ۽ پاراتا موٽائي وٺي کيس معاف ڪري ۽ خير جي دعا ڪري. فقير کيس معاف ڪندو آهي. پر جڏهن ٻئي پٽ جا طھر ڪرائيندو آهي ته ’هيمو فيليا‘ڪري اهو به گذاري ويندو آهي ته کيس شديد صدمو پھچندو آهي.

ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي ڏاڍي ڇرڪائيندڙ آهي. ڪھاڻي ۾ رسول ميمڻ ڏيکاري ٿو ته، ربڏنو زار و قطار روئندي بي وسيءَ سان وسندڙ مينھن جي گپ ۾ هٿ وجهي وري سونو ڏند ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

”ٿوري دير ۾ رلهي گوڏ وانگر ڳاڙهي ٿي ويئي ۽ کٽ هيٺان رت تي ماڪوڙا ڪٺا ٿي ويا. ربڏنو حڪيم صالح جراح مان مايوس ٿي ويو. هن جي پڳ ڍري ٿي گهوگهي جيان ڳچيءَ ۾ ڪري پيئي.......هو هٿن سان پنھنجا وار پٽڻ لڳو ۽ چرين جيان وسندڙ مينھن ۾ وٺي ٻاهر ڀڳو. هو برمي (نلڪي) ڀرسان ويهي گپ ۾ هٿ وجهي ڪا شيءَ ڳولهڻ لڳو.“(3)

رسول ميمڻ نھايت ئي گهري سوچ ۽ فڪر رکندڙ ليکڪ هو، جيتوڻيڪ هو ايم بي بي ايس ڊاڪٽر هو، پر فلسفي سان گهڻي دلچسپي هئس. اڻ ڄاڻ ماڻهو جنھن کي ’هيمو فيليا‘ جي ڪابه خبر ناهي، يا سائنسي سببن کي نٿو سمجهي. اهو يقيناً هن ڪھاڻيءَ جي مابعدالطبعياتي رخ تي سوچيندو. مصيبتن جو سبب پٽون ۽ پاراتا نه سمجهندو. رسول ميمڻ وٽ ڪھاڻي لکڻ جو ڏانءَ به آهي ته انهيءَ کي نڀائڻ جو فن به خوب آهي. هڪ ئي ڪھاڻيءَ ۾ سائنس ۽ فلسفي جي سنگم کي اهڙي ريت پيش ڪرڻ آسان ڪم ناهي.

رسول ميمڻ جي ٻي اهم ڪھاڻي ’جينوم‘ آهي. ’جينوم‘ به سائنسي اصطلاح آهي، جيڪو ڪنھن به فرد جي جينياتي ساخت ۾ موجود ٿئي ٿو. هن اصطلاح موجب جينياتي ڪوڊ جينياتي هدايتن تي مشتمل ماڻهو کي موروثي طور ملندو آهي، جنھن مطابق اولاد ۾ پنھنجي والدين جون سموريون خصوصيتون موجود هونديون آهن. ’جينوم‘ ڪھاڻي دراصل چارلس ڊارون جي ارتقا واري نظريي جو اختلافي خاڪو آهي. ڊارون جي ارتقا واري نظريي مطابق سمورن جاندارن جي نسل ۾ فطري چونڊ طور وقت به وقت ۽ موزون حالتن مطابق آهستي آهستي تبديلي ايندي رهندي آهي، اهڙيءَ ريت جيڪي تبديليون جاندار جي لاءِ فائدي مند هونديون آهن ته، اهي سندن ايندڙ نسل ۾ منتقل ٿينديون رهنديون آهن. جڏهن ته غير فائدي مند شيون ختم ٿينديون رهنديون آهن.

فڪري حوالي سان رسول ميمڻ جي هيءَ ڪھاڻي به شاندار آهي. هن ڪھاڻي ۾ دنيا کي ريل سان ۽ انسان کي مسافر سان ڀيٽ ڏيندي، سندس زندگيءَ جي الميي کي علامتي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي .ڪھاڻي ۾ خاموش طبع هڪ نوجوان ڏيکاريل آهي، جيڪو ڪنھن ننڍڙي اسٽيشن تان ريل ۾ سوار ٿئي ٿو (يعني دنيا ۾ پيدا ٿئي ٿو) ريل انساني وجودن سان اڳ ئي ڀري پئي آهي. کيس ڪٿي به ويهڻ جي جڳهه نٿي ملي.

”هو هڪ گمنام اسٽيشن جو مسافر هو. هڪ اهڙي اسٽيشن جتي گاڏي هميشه ماڻهن سان سٿيل حالت ۾ پهچندي هئي ۽ اتان چڙهندڙ هر مسافر کي پنھنجي وجود جيتري وٿي پيدا ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻا پوندا هئا.“(4)

هو هر گاڏي ۾ ڀٽڪندو رهي ٿوآخر ڪار جڳهه ڳوليندي ٿڪجي مايوس ۽ بي ستو ٿي پوي ٿو، انهيءَ سڄي صورتحال ۾ نوجوان جي ذهن ۾ مختلف نوعيت جا سوال اڀرندا رهن ٿا، جيڪي کيس تمام گهڻو بي چين ڪندا رهن ٿا. هو انهن سوالن جا جواب ٻين مسافر ماڻهن جي روين ۽ عملن ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو، پرهن کي انساني زندگيءَ جي ارتقا ۽سفر متعلق تسلي بخش جواب نٿا ملن.

”هن ريل جي هر گاڏي ۾ وڃي ماڻهن جي روين کي جاچيو، هن محسوس ڪيو، ڪي ماڻهو خوش هئا، ڪي ٿڪل ۽ مايوسين ۾ وڪوڙيل هئا، ڪي ريل جي پائيپن ۾ هٿ وجهي ڄڻ سوليءَ تي ٽنگيل هئا، ته ڪي پنھنجي جاءِ تي ويهي آرام ۾ اکيون بند ڪيو جُهولي رهيا هئا...... ريل وقت جيان روئندي رڙيون ڪندي ڊوڙندي، جيئن اڳيان وڌندي رهي ته هر ماڻهو ڄڻ وايو منڊل جو هيراڪ ٿيندو ويو.... پر هو چپ ۽ نااميد پنھنجي وجود اندر هڪ جستجو ۽ پيڙا جي دٻاءَ کان تڙپندو رهيو.“(5)

هن ڪھاڻيءَ جو بنيادي متن وجودي سوالن کي اڀاري، حالتن کي وجودي وارداتن ۾ وڪوڙيل ڏيکاريو ويو آهي. جتي ريل گاڏي، زندگيءَ جي علامت آهي، جيڪا رڙيون ڪندي هلندي ٿي رهي. ڪٿي به سڪون ڪونهي. ماڻهو پنھنجن دردن ۾ هڪ دائمي عذاب ۾ مبتلا آهي. رسول ميمڻ هن وجودي صورتحال جي ارتقا جي قانون سان ڀيٽ ڪري ٿو. جڏهن ارتقا جي قانون موجب انسان حالتن سان آهستي آهستي ٺهڪي، پنھنجو جيئڻ جاري رکندو آهي. پر ڪروڙين سالن کان پوءِ به وايو منڊل کي ساسائي نه سگهيو آهي. جو اڄ به بيماريون، وڇوڙا، پوڙهائپ، جنگ، انسان جي اندر جي آنڌ مانڌ موجود آهي، جنھن کي انسان شڪست نه ڏئي سگهيو آهي. زندگيءَ جو سفر اڄ به درد جو سفر آهي. اهي درد اربين سالن کان انسان جي حصي ۾ موروثي طور اچن ٿا. جنھن کي رسول ميمڻ ’جينوم‘ چوي ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ وجود تي سوال اٿاري مرڪزي ڪردار ڪجهه هن ريت اظھاري ٿو:

”اي وجود توکي هن وايو منڊل ۾ سفر ڪندي ڪيڏو وقت ٿيو ، تون ان جو هيراڪ نه ٿي سگهين.... تنھنجي اندر ماحول سان مطابقت جو مادو ڇو نه پروان چڙهيو.؟“(6)

اڳتي لکي ٿو ته:

”منهنجي تخم ماحول سان هڪ جھڙائي ڇو نه پيدا ڪئي؟ انساني وجود ۾ ڇا ڪو تبديليءَ جو انت آهي؟ڇا اهو ڪڏهن مڪمل ٿي سگهندو؟...... سفر جيڪو وايو منڊل ۾ لامحدود وقت تي ڦھليل آهي. ڇا اهو وجود ۾ ڪابه تبديلي نه ٿو آڻي؟ وايو منڊل ۾ موجود بيماريءَ جا جراثيم به ايڏائي قديم آهن، جيڏو انساني وجود. جراثيمن جي حياتي جو دارو مدار ۽ پالنا لاءِ انساني جسم کان وڌيڪ ٻي ڪابه بهتر پناهه گاهه نه آهي. صدين جي سفر ۾ اهي جراثيم انساني وجود اندر ان جو حصو ٿي نه سگهيا.وجود ۾ جيڪڏهن ماحول سان تبديلي پيدا ٿئي ٿي ته انهن جراثيمن جسم کي ايڏي وڏي سفر ۾ ڇو نه تبديل ڪيو.“(7)

بنيادي طرح هي ڪردار سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ ڪردار آهي. جيڪو وجودي وارداتن ۾ به گهيريل آهي. وجودي سوال کيس چهنڊڙيون پائيندا رهن ٿا. هو مسلسل سوچيندو رهي ٿو، ۽ جڏهن زندگي جي اصل حقيقت کي پروڙي وٺي ٿو ته کيس مايوسي، اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ پلئه پوي ٿي.

”هن سوچيو انساني وجود ۽ جدوجهد جو مقصد ڇا آهي؟ ريل اندر جاري سفر ۾ هر طرف absurdity (بيوقوفي/بيھودگي) ڦهلي پئي آهي. وجود جي جدوجهد زندگيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ ناهي، پر موت کي حاصل ڪرڻ لاءِ آهي. وايو منڊل جون حالتون انساني زندگي ۾ بقادار تبديليون آڻڻ، بجاءِ موت جو سامان مهيا ڪن ٿيون. زندگي اهڙو عذاب آهي جنھن ۾ سک جي گهڙي ڪٿي به ناهي. زندگي نفرت، اڃ ،بک، آنڌ مانڌ ، بيماري ۽ موت کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.“(8)

ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪردار زندگيءَ جي حقيقت کي پروڙڻ کان پوءِ خود ڪشي ڪري ڇڏي ٿو. يعنيٰ وجودي فڪر مطابق هو زندگيءَ کي قيد سمجهي ٿو ، جنھن مان نجات جو رستو فقط موت آهي ، زندگي مسلسل عذاب آهي ’سروم دکم دکم‘ ڄم پل پل موت ڏانھن وڌڻ جو سفر آهي.

”هو ٿڪاوٽ ۽ جدوجهد جي عذاب کان روئڻ لڳو.......نوجوان ان کان روئڻ جو سبب پڇيو.......“ مان درد جي سفر کي طئي ڪري، پنھنجيءَ منزل تي پهچڻ وارو آهيان. هي روئڻ نه پر خوشيءَ جا ٽهڪ آهن ”......اهو چئي پنھنجي اعمالن جو ٿيلهو ڪلهي ۾ لڙڪائي تيز هلندڙ ريل گاڏي مان ٻاهر نڪري ويو.“(9)

رسول ميمڻ جي مجموعي ’حليمان‘ ۾ ڪھاڻي ”ڊائون سينڊروم“ به اهم آهي. ’ڊائون سينڊروم‘ نسلي طور ٻارن جي پيدائشي بيماري آهي. جيڪاٻار جي ڪروموسومز ۾ غير رواجي وراثتي جيوڙي سبب پيداٿئي ٿي. يعني اهڙو ٻار 46 جي بجاءِ 47 ڪروموسومز کڻي پيدا ٿئي ٿو. هڪ اضافي ڪروموسومز جي ڪري ٻار جسماني معذوري ۽ دماغي خلل ۾ مبتلا هوندو آهي. سندس ذهني نشونما ناهي ٿي سگهندي.

هيءَ ڪھاڻي ٻن ڀائرن جي آهي، جن مان ننڍو ڀاءُ ’ڊائون سينڊروم‘ بيماريءَ ۾ مبتلا هوندو آهي . وڏو ڀاءُ دنيا ۾ انقلاب جي ڳولا ۾ بيمار ڀاءَ کي ڇڏي نڪري پوي ٿو. تمام گهڻين مسافتن تڪليفن ۽ سورن سهڻ کان پوءِ به کيس جڏهن دنيا ۾ انقلاب ڪٿي به نٿو ملي ته، ٿڪجي هڪ جهوپڙيءَ ۾ اچي پناهه وٺي ٿو. جتي کيس ساڳيو معذور ڀاءُ سھارو ڏئي، سندس زخمن تي پهو رکي ٿو.

 فڪري حوالي سان هيءَ ڪھاڻي ’ڊائون سينڊروم‘ بيماريءَ متعلق نه آهي، پر ان بيماريءَ جي علامتي انداز کي رسول ميمڻ ڪھاڻيءَ ۾ سرريئلسٽڪ (رمزيت) نموني پيش ڪيو آهي.

هن ڪھاڻيءَ ۾ سموري انساني تاريخ جي نھايت اهم دورن جو سفر چٽيو ويو آهي. مذهب کان ويندي سياست، سائنس کان ويندي فلسفي تائين، هر دور ۾ انسان فطرت جي جهول مان نڪري انساني ترقيءَ جا بي شمار خواب اکين ۾ سجائي تمام وڏا ڪشالا ڪڍي، امن ۽ محبت جو ڳولائو رهيو آهي. پر افسوس کيس تڏهن پلئه پوي ٿو. جڏهن هو هر طرف کان مايوس۽ ناڪام ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته تاريخ جي سمورن انقلابي دورن ۽ موڙن انسان جي ترقيءَ جون راهون گهٽ هموار ڪيون آهن، پر کيس تباهيءَ جي باهه ۾ جلائي ساڙِي رک وڌيڪ ڪيو آهي.

”هو اڳتي وڌيو هڪ اهڙي منزل طرف جتي سياست جي بازار هئي. هن ڏٺو هر دوڪان انساني کوپڙين سان ڀريو پيو هو. .... بازار جي رستن تي رت جي چيڪڙ هئي. سڙيل گوشت جي بدبو هئي. .... اڳتي وڌيو ته هن زرهه پائي ويٺل چنگيز ڏٺو، انساني کوپڙين مان ٺھيل دوڪان ۾ هلاڪو ڏٺو. هن مسولينيءَ جو دوڪان ڏٺو. هٽلر جو دوڪان ڏٺو ۽ هڪ دوڪان اندر اجتماعي قبرون کوٽي لاش وڪڻندڙ اسٽال ڏٺو.“(10)

رسول ميمڻ هن ڪھاڻيءَ ۾ سرريئلسٽڪ (رمزيت) انداز تحت مذهب، سياست، فلسفي ۽ سائنس جي بازار جا منظر پيش ڪيا آهن. مرڪزي ڪردار انهن بازارن ۾ واري واري سان انسانيت لاءِ انقلاب جي ڳولا ۾ سرگردان آهي. هو مسلسل ڀٽڪندو رهي ٿو، پر کيس ڪٿان به انسانيت جي عذاب جو علاج ۽ ڇوٽڪارو نٿو ملي. مذهب جي بازار جو منظر رسول ميمڻ هن ريت چٽي ٿو .

”جڏهن هو ڊگهي مينارن واري شهر کي ويجهو ٿيو ته، هن کي پري کان هڪ شخص تيز آواز ۾ ڳالهائيندي نظر آيو..... مذهب جي بازار ۾ هلو، اوڏانھن هلو... انقلاب اتي آهي...... هو بازار ۾ داخل ٿيو ته، برهمڻ شودرن کي ڪنن ۾ شيهي جي ڪلي هڻي، دوڪان ٻاهران ٽنگي ڇڏيو هو... مھاتما ٻڌ هڪ دوڪان ۾ اکيون بند ڪيون، ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ويٺو هو.......اڌ اگهاڙو عيسي ڪنڊن جو تاج پائي، پنھنجو ٻيو ڳٽو به چماٽ لاءِ پيش ڪري رهيو هو. اتي محمد هو، جنھن جي جتي رت سان ڀريل هئي.... اتي يزيد جو دوڪان هو ۽ ڪربلا جي ميدان ۾ امامن جا پيل لاوارث لاش هئا... هڪ دوڪان ۾ ڊگهين ڏاڙهين وارا، سقراط کي زهر جو پيالو پيش ڪري رهيا هئا. اتي پاپائيت پنھنجي دوڪان جي بنيادن کي نئين نظرين جي زلزلن کان بچائڻ ۾ مشغول هئي. هڪ دوڪان ۾ پوڙهو گيليلو پادرين اڳيان معافي نامي تي صحي ڪري رهيو هو. ... مذهب جي بازار ۾ نفرتون هيون...... انسانن جو قتل عام هو. ويڇا هئا........ جنت جي حاصلات ۾ دوزخ بنجندڙ ڌرتي هئي. ... هن کي اتي پنھنجي منزل نظر نه آئي. هو مايوس ٿي ويو.“(11)

انسان دنيا جي تاريخ جي ان ڊگهي ۽ ڏکئي سفر ۽ رياضت ۾، جيڪا ڳالهه اڃان تائين ناهي سمجهي سگهيو، اها، اِها آهي ته فطرت ئي سندس اصل پناهه گاهه آهي.جنھن ۾ سندس جنم ٿيو. جنھن ۾ سڪون ، امن پيار ۽ راحت آهي، جنھن ۾ انسان وٽ سادگي هئي. انسان معصوم ۽ اٻوجهه هو، اڻ ڄآڻ هو پر مطمئن هو. جنھن ۾ حرص ،حوس، لالچ ۽ مقابلي بازيءَ جو ڪو رجحان نه هو. ترقيءَ جو تصور نه هو ، جنھن ۾ انسان وٽ انسانيت هئي. وحشي پڻو نه هو. ان ڪري فطرت ۾ ئي سندس بقا هئي.انسان ان فطري زندگيءَ سان ئي تمام گهڻي هٿ چراند ڪئي آهي. جنھن جي سزا هاڻي هو ڀوڳي رهيو آهي.

هن ڪھاڻيءَ ۾ معذور ۽ اٻوجهه ڇوڪري جو ڪردار، علامتي طور انسان جي ان ئي دور جي عڪاسي ڪري ٿو. جنھن ۾ هو فطرت جي گود ۾ سمايل هو. ڏاڍو پرسڪون شانت ۽ مطمئن هو. مادي ترقيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ انساني تاريخ جي سمورن انقلابي دورن، انسان کي فقط زوال جي اونهي کاهيءَ ۾ ڌڪو ڏنوآهي. جيئن پوءِ تيئن انسان تباهيءَ جي ڌُٻڻ ۾ وڃي گپجندو.هاڻ انسان جي بقا ۽ بچاءُ ان ۾ آهي ته هو واپس فطري نظام ۾ موٽي وڃي. انهيءَ مقصد ۽ فڪر کي رسول ميمڻ هن ڪھاڻيءَ ذريعي پڙهندڙن تائين پهچائڻ چاهي ٿو. تنھن ڪري هو ڪھاڻيءَ جو انت ئي انهن جملن سان ڪري ٿو.

”سج لھَي رهيو هو. هن ڏٺو اتي پناهه لاءِ ڪا به جاءِ نه هئي. ڪابه بازار نه هئي. ڪابه منزل نه هئي. انقلاب گهوڙي جي صورت ۾ دم ٽوڙِي چڪو هو. .... هو جڏهن جهالت جي جهنگ ۾ پهتو. .... کيس پري ڪا هيڊي روشني، ڏيئي جيان ٽم ٽم ڪندي نظر آئي،...... هو اتي پهتو.... اتي هڪ ننڍڙو گهر هو. .... هن چيو ”تون .... منھنجا اپاهج ڀاءَ تون!“ هن منزل تي مون کان اڳ ڪيئن پھتين . هن جي اپاهج ڀاءَ چچريل لفظن ۾ ڳالهايو..... منھنجا عقل مند ڀاءَ ! مان ته اتي ئي آهيان جتي تو ڇڏيو هو. اهو ٻڌي درد کان هن جي دانھن نڪري ويئي. هو صدمي کان اتي ئي باهه جي ڀرسان بستري تي ڪري پيو. اپاهج اٿيو ۽ گرم پاڻي ڪري هن جا زخم صاف ڪرڻ لڳو.“(12)

رسول ميمڻ جي ڪھاڻي ”گڏهن جي آزادي“ ٿر جي رمو ڪولهي تي لکيل آهي. جيڪو گڏهن جو واپاري آهي. ننگر ۽ ڪاسبي جي علائقي ۾ گڏهه وڪڻي چڱو ناڻو ڪمائي ٿو. هن وٽ سو گڏهه آهن هڪ دفعي واپار لاءِ نڪري ٿو ته وچ رستي تي خطرناڪ مينھن اچي کيس ورائي ٿو. هڪ ڀٽ تي گڏهن سميت پھچي ڪنڊين جي وڻن هيٺان وڃي پناهه وٺي ٿو. کيس سخت پريشاني ٿئي ٿي. آخر سئو گڏهن کي ٻڌڻ لاءِ رسا ڪٿان آڻي، تيستائين ڪو واٽھڙو اتان لانگهائو ٿئي ٿو. جو کيس صلاح ڏيئي ٿو ته خيالي رسن سان گڏهن کي ٻڌڻ جي اداڪاري ڪر.ائين گڏهه سمجهندا ته تو هنن کي وڻ ۾ ٻڌي ڇڏيو آهي. کيس صلاح وڻي ٿي هو ائين ئي ڪري ٿو. پوءِ کيس سخت بک لڳي ٿي ماني جي ڳولا ۾ هو ڀر واري ڀٽ تي برسات سبب اوچتو حادثي جوشڪار ٿي مري پوي ٿو. چئن ڏينھن گذرڻ کان پوءِ جڏهن رموءَ کي صلاح ڏيندڙ ساڳيو واٽھڙو اتان واپس لنگهي ٿو ته، کيس سمورا گڏهه ٻڌل بيٺل نظر اچن ٿا. رموءَ جو ڪو نالو نشان به نظر نٿو اچي. هو سمجهي وڃي ٿو ته رمو ڪنھن حادثي جو شڪار ٿي ويو. اهڙيءَ ريت هو سمورا گڏهه ڪاهي اتان روانو ٿي وڃي ٿو.

”چار ڏينھن گذري ويا ساڳيو ڀاڳيو واٽھڙو، جنھن رموءَ کي صلاح ڏني هئي، اوچتو اتان اچي لنگهيو..... گڏهه ڪنڊيءَ جي وڻن هيٺان بکن ۾ پاهه ٿي رهيا هئا. هو سمجهي ويو ضرور ان رات رمو سان ڪو حادثو ٿيو آهي. گڏهه ان خيال کان ته رسي سان ٻڌل آهيون، پنھنجي جاءِ تان نه چريا آهن. ... هو هر گڏهه وٽ ويو ۽ انهن کي آزاد ڪرڻ جي نيت سان ڳچيءَ چوڌاري ائين هٿ ڦيريا ڄڻ رسيءَ مان ڇوڙيندو هجي. گڏهن جڏهن محسوس ڪيو ته، اهي رسن مان آزاد ٿي چڪا آهن. خوشيءَ مان نڪ ڇنڊي چپ ڦڙڪائڻ لڳا. واٽھڙو انهن کي گاهه کارائي پاڻي پيئاريو. پوءِ هو ڀلي گڏهه تي چڙهي ويٺو ۽ نوانوي گڏهه ادب مان هيٺ ڪنڌ ڪري، قطار ٺاهي، ائين هلڻ لڳا جيئن هو رموءَ پويان هلندا هئا .“(13)

بنيادي طرح ”گڏهن جي آزادي“ ڪھاڻي انسان جي نفسياتي ۽ شعوري اوسر کي وائکو ڪري ٿي. ڪند ذهن انسان غلامي پسند ٿئي ٿو. هن جي ذهن ۾ بغاوت ڪڏهن ڪَرُ نٿي کڻي . هو فڪري طور نه ته سماجي نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ لوچي ٿو، نه هن وٽ نظريي جو رومانس آهي ۽ نه ئي ذهني غلامي بابت سوچي ٿو. اڄ جو انسان رموءَ جي گڏهن مثل آهي، جيڪي حالتن جي تصوراتي قيد ۾ ڪڇن پڇن نٿا، بس چپ چاپ هلندا رهن ٿا. هي ءَ ڪھاڻيءَ اسان جي ملڪي سياست تي به هڪ وڏو طنز آهي ته، عوام انهن گڏهن وانگر آهي جن کي، هڪ سياست دان کان پوءِ ٻيو ڪاهي هلي ٿو ۽ اهي به بغير ڪنھن ڪڇ پڇ جي ڪنڌ جهڪائي انهن پويان خاموشي ءَ سان هلندا رهن ٿا.

 رسول ميمڻ جي ڪھاڻي ”پر ڪٽيل شاهين“ نفسياتي خلل ’ايروٽومينيا‘ (Erotomania) تي آڌاريل آهي. هي نفسياتي بيماري گهڻو ڪري عورتن ۾ نوجوانيءَ واري دور ۾ ڪنوارپ دوران ٿئي ٿي. هن ۾ گهڻو ڪري عورتون اهڙن مردن سان يڪ طرفي محبت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿيون، جيڪي مشھور شخصيتون هجن يا وري سماجي طور ڪنھن اوچي رتبي تي هجن. ايروٽومينڪ عورت فرض ڪري وٺندي آهي ته، اهو مرد به کيس بي پناهه پيار ڪري ٿو. هن بيماريءَ ۾ جيئن ته مريض تمام گهڻن وهمن، وسوسن ۾ گهيريل رهي ٿو، تنھن ڪري ايروٽو مينيا عورت داخلي طور پنھنجي هڪ الڳ تصوراتي دنيا قائم ڪري وٺي ٿي. جنھن ۾ هوءَ هر وقت پنھنجي محبوب سان ڪچهريون ڪرڻ، گهمڻ ڦرڻ ، پيار ڪرڻ، تان جو خيالن ۾ ان مرد سان جنسي تعلق به قائم ڪري وٺي ٿي.

هن ڪھاڻي جي سورمي شاهين به ’ايروٽومينيا‘ ۾ مبتلا ڏيکاري ويئي آهي. جڏهن هوءَ نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ڪنھن سرڪاري اداري جي سيڪريٽري سان ملي ٿي، ته پھرين ئي ملاقات ۾ کانئس بي حد متاثر ٿئي ٿي. کيس دل ئي دل ۾ پيار ڪرڻ لڳي ٿي.

”شاهين محسوس ڪيو ته سيڪريٽري هن سان گڏ هلي رهيو آهي.... کيس گهر ۾ رکيل ان خالي ڪرسيءَ کان به شرم محسوس ٿيو، جنھن تي ڄڻ سيڪريٽري ويٺل هجي، هوءَ واش روم ۾ ويئي، سيڪريٽري سامھون بيٺل هو. هن جو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري کلندي رهي........ ان رات سيڪريٽري هن سان بستر تي ستو...! “(14)

شاھين جي سيڪريٽريءَ سان پھرين ملاقات نوڪري وٺڻ جي سلسلي ۾ ٿيندي آهي. سيڪريٽري جو سٺو سڀاءَ کيس متاثر ڪري ٿو، جيڪو کيس پيار جي تصور ۾ مبتلا ڪري ٿو، پر جڏهن شاهين ٻئي دفعي نوڪريءَ بابت کانئس خبر چار وٺڻ وڃي ٿي ته، سيڪريٽري کيس سڃاڻي به ڪونه ٿو. وري نوڪري واري درخواست به کانئس گم ٿي وڃي ٿي. سيڪريٽري هڪ خالي پنو کيس ڏيندي نئين درخواست لکي ڏيڻ لاءِ چوي ٿو.

بنيادي طور جيڪي عورتون لڄاريون، اڪيلائي پسند ٿين ٿيون يا جن ۾ خود اعتماديءَ جي کوٽ ٿئي ٿي، اهي ’ايروٽومينيا‘ خلل جون جلدي شڪار ٿين ٿيون. رسول ميمڻ هيءَ ڪھاڻي خوبصورت فڪري پيرائي ۾ لکي آهي. خاص طور سان ڪھاڻي جوڪلائيمڪس اثرائتي انداز ۾ ڪيو اٿس.

”هو ٿورو شرمسار ٿيو ۽ ٽيبل جو خانو بند ڪري ڪورو ڪاغذ کڻي شاهين کي ڏيندي چيائين “ هي وٺو ٻيھر درخواست لکي ڏيو........“

”هن بي دلي مان ڪورو ڪاغذ ورتو ۽ آفيس مان نڪري واش روم ۾ ويئي، هن کي اوڪارا آيا...........، وات ڌوئي، ڪوري ڪاغذ سان اگهيو ۽ وري اوڪارا آيس کيس لڳو ته هوءَ پيٽ سان ٿي وئي آھي.“(15)

مجموعي طرح سان رسول ميمڻ جون ڪھاڻيون موضوع توڙي فڪر جي حوالي سان نھايت منفرد ۽ غير روايتي ڪھاڻيون آھن . جيئن ته ھو ھڪ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ھئڻ سان گڏوگڏ فلسفي جو ڄاڻو به ھو، تنھن ڪري ھن جي ڪھاڻين ۾سائنس، نفسيات ۽ فلسفي جو وڻندڙ ميلاپ آھي. ھن پنھنجي پيشوراڻي ڄاڻ، مشاھدي ۽ تجربي کي ڪھاڻين جي صورت ۾ پڙھندرن آڏو پيش ڪيو آھي. ھن زندگي جي نفسياتي تجربن ۽ داخلي مشاھدن کي افسانن جو روپ ڏيئي، پڙھندڙن جي لاءِ ڳرن ۽ مشڪل اصطلاحن کي سولو ڪيوآھي. رسول ميمڻ پنھنجي فڪري سفر ۾ ڪڏھن به بيٺل نه رھيو. ھو تبديل ٿيندڙ دور سان گڏ سفر ڪري ٿو. فڪري اٿل پٿل سان گڏ پنھنجي خيالن ۾ ڪشادگي پيدا ڪري ٿو. انھيءَ ڪري رسول ميمڻ جون ڪھاڻيون ماضيءَ کان مستقبل جو سفر ڪن ٿيون ۽ پڙھندڙ کي علمي گھرائي ڏين ٿيون.

حوالا

  1. ٽماهي پوپٽ رسول ميمڻ نمبر، امر جليل، مضمون ڪافر ديوتا، سنڌ سلامت ڪتاب گهر ،2019ع، ص 36.
  2. ٽماهي پوپٽ، رسول ميمڻ نمبر حبدار سولنگي ، مضمون؛ عالمي شعور رکندڙ ڪھاڻيڪار ،سنڌ سلامت ڪتاب گهر، 2019ع ،ص 111.
  3. رسول ميمڻ، سونو ڏند، پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور2012ع ،ص 35.
  4. رسول ميمڻ، حليمان ، پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور2013ع ،ص
  5. ساڳيو. ص 33.
  6. ساڳيو, ص 34.
  7. ساڳيو. ص 35 _36.
  8. ساڳيو. ص 40.
  9. ساڳيو، ص 41
  10. ساڳيو ص 14 _15.
  11. ساڳيو. ص 16 _18.
  12. ساڳيو ، ص 23 _25
  13. رسول ميمڻ ، سونو ڏند، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور 2012، ص 88
  14. رسول ميمڻ ، سينڊروم ، ڪنول پبليڪيشن، 2021. ص 50 ۽ 51
  15. ساڳيو. ص 52.
302 ڀيرا پڙهيو ويو