سنڌي ۽ سِرائڪي: لساني رابطو، گڏيل اثر ۽ هڪجهڙائيون
(Sindhi And Saraiki: Language Contact, Influences and Similarities)

ڊاڪٽر عبدالوحيد ڪلوڙ

Abstract:

Sindhi and Saraiki belong to the same Indo-Aryan branch within the Indo-European language family. Saraiki is spoken in the South Punjab, Southern Khyber Pakhtunkhwa, Eastern Baluchistan and across Sindh. In Sindh and Baluchistan, it has had extensive historical, cultural, and linguistic contact with Sindhi. This research examines the historical background of Seraiki language in Sindh, it’s contact with Sindhi language, and the influences and similarities resulting from cultural, literary and socio-linguistic ties with Sindhi. For this study, the content analysis method was applied on written linguistic structures i.e. phonetic sketch, descriptive morphology, syntax and lexicon of the two languages. The purpose of the study is to highlight the historical relationship, linguistic similarities and differences between two languages. Analytical results reveal that, as a result of their long-standing relationship, two languages with a history of language contact and interference have many linguistic similarities and few linguistic differences.

Keywords:  Sindhi, Saraiki, language contact, Interference, Prestige, Accommodation, Assimilation etc.

  1. موضوع جو تعارف: (Introduction)

سنڌي ۽ سِرائڪي، هند-آريائي لساني خاندان سان تعلق رکندڙ ٻوليون آهن. سندن بڻ بنياد ۽ پيدائشي هنڌ (سنڌو ماٿري) ساڳيو ٻڌايو وڃي ٿو. ٻنهي ٻولين جو پاڻ ۾ تاريخي طور آڳاٽو ۽ گھرو سماجي-لساني تعلق رهيو آهي. هن مقالي ۾ سِرائڪيءَ مان مراد، سنڌ ۾ مُروج سرائڪي آهي، جنھن کي اڪثر لساني ماهرن سنڌي-سرائڪي (محاورو) سڏيو آهي. سرائڪي ٻولي سنڌ جي هر حصي ۾ موجود آهي. اوٻاوڙو، گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، قمبر-شھدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ ڪراچيءَ جي اتر ۾ مادري يا ثانوي زبان طور استعمال ٿئي ٿي. ”سنڌ جي ڪُل آباديءَ جو 2.23% سرائڪي مادري زبان طور ڳالهائيندڙن جو آهي، جن جي اڪثريت شھرن ۾ آباد آهي.“(1)

هن مقالي ۾ سرائڪيءَ جو سنڌ ۾ تاريخي پسمنظر ۽ سنڌي زبان سان لساني رابطي جي نتيجي ۾، گڏيل اثرن ۽ سندن لساني هڪجھڙائين جي حوالي کان مواد جي تجزيي جي طريقه ڪار سان حاصل ڪيل، تجزياتي حقيقتون پيش ڪيون ويون آهن. انهيءَ سان ٻنهي ٻولين جي تاريخي تعلق، لساني نوعيت، اثرن ۽ هڪجھڙاين تي روشني پوي ٿي.

  1. اڳ ٿيل ڪم جو جائزو: (Literature review)

ڄاڻايل موضوع تي هن کان اڳ ڪو ڌار مقالو ته نه، پر ڪجهه ڪتابن ۾ ضمني عنوان طور مواد موجود آهي. ان ۾ ڀيرومل آڏواڻيءَ (2)،  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (3)،  ڊاڪٽر هدايت پريم(4)،  ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي (5) ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا(6) جا ڪتاب شامل آهن. سرائڪي ٻوليءَ تي ڪجهه ملڪي ۽ غير ملڪي محققن جا مقالا ۽ ڪتابن جا ضمني عنوان پڻ  انٽرنيٽ تي موجود  آهن. جن ۾ تاريخي، لساني ۽ سياسي حوالي کان مواد موجود آهي. هيٺ ٻنهي ٻولين جي تاريخي تعلق جي حوالي کان ڪجهه نُڪتا بحث هيٺ آڻجن ٿا.

2.1     تاريخي سماجي-لسانياتي پسمنظر ۽ لساني رابطو :

اڪثر لسانياتي ماهر ۽ عالم انهيءَ ڀانئي (مفروضي) ۾ يقين رکن ٿا، ته سنڌي ۽ سرائڪيءَ جو بڻ بنياد هڪ ئي آهي. بشير احمد ظاميءَ موجب:

 ”قديم واديء سنڌ سرائڪي زبان جو محل وقوع يا پيدائشي هنڌ آهي. هن جون حدون ئي زبان جون حدون آهن.“(7)

ڀيرو مل آڏواڻيءَ مطابق:

”پشاچ لوڪن مان، جن سنڌ ۾ بيٺڪون وڌيون، تن جي پراڪرت ٻولي وڌيڪ بگڙيل هئي، تنھن ڪري اِها وراچڊ پئشاچي پراڪرت سڏجڻ ۾ آئي، جا ڦري هاڻوڪي سرائڪي ٻولي ٿي.“(8)  

ڊاڪٽر غلام علي الانا جو به رايو آهي، ته ”موجوده سنڌي ۽ سرائڪي زبانون بنيادي طرح هڪ ئي (قديم) زبان جا ٻه لھجا آهن  ( يعني انهن ٻنهي زبانن جو بڻ بڻياد ڪا هڪ قديم ٻولي آهي) اهي هڪ ئي قديم سماجي ۽ ثقافتي گروهه جون ٻه زبانون آهن.“ (9)

اهڙي طرح مختلف عالمَ ۽ لساني ماهر سنڌ ۾ سرائڪيءَ جو وجود سندس بنياد يعني، پئشاچي پراڪرت جي زماني کان وٺي يا سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي دور حڪومت، (499ع-632ع) کان ٻڌائين ٿا. سندن تعلق بابت ڊاڪٽر بلوچ  لکي ٿو:

”اول راءِ ۽ برهمڻ گهراڻن جي وقت ۾، ۽ پوءِ عرب اسلامي دور ۾، سنڌ ۽ ملتان گهڻي عرصي تائين هڪ ئي سياسي طاقت هيٺ رهيا، جنھن جو خاص مرڪز سنڌ (شروع ۾ اروڙ ۽ پوءِ منصوره) هو. انهيءَ سياسي وحدت سببان سنڌ ۽ ملتان جي ٻولين جو سٻنڌ شروع ٿيو، سومرن جي دور ۾ پڻ ڪجهه عرصي تائين ملتان ۽ پوءِ ڪافي عرصي تائين ملتان صوبي جو ڏاکڻون ڀاڱو (موجوده بھاولپور وارو پرڳڻو) سنڌ ۾ شامل رهيو، جنھن ڪري سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ جو رشتو قائم رهيو.“(10)

سومرن ۽ سمن جي حاڪميت جي لڳ ڀڳ پنج سئو سالن جي ڊگهي عرصي ۾، سنڌ جي حڪومت سان گڏ زبان ۽ ثقافت به سنڌ جي پاڙيسري علائقن ڪڇ، گجرات، راجستان، ملتان، سبي ۽ لس ٻيلي ڏانھن پکڙي ۽ سنڌيءَ جو، اتان جي ٻولين گجراتي، سرائڪي، بلوچي وغيره سان لساني رابطي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ان جا ڪڇي، لاسي ۽ سنڌي-سرائڪي محاورا وجود ۾ آيل ٿا ڏسجن. هن دور ۾ هڪ پاسي سنڌ جا ماڻهو سنڌ کان ٻاهر وڃي آباد ٿيا ته، سنڌي ٻولي اوڏانھن پکڙي.

ڊاڪٽر قاسم  ٻگهيي موجب:

 ”سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ڏانھن سرائڪي، ڪڇي، پنجابي ۽ بلوچي ڳالهائيندڙ قبيلن هجرت ڪئي. انهن آبادڪارن گهرن ۾ پنھنجيون ٻوليون برقرار رکيون ۽ گهرن کان ٻاهر جي ميدانن ۾ روزمره زندگيءَ جي مامرن لاءِ سنڌي ڳالهائيندا هئا.“ (11)

اهڙيءَ ريت سومرن ۽ سمن جي دور ۾ سنڌي پنھنجي ٻين پاڙيسري ٻولين سان گڏ سرائڪيءَ سان به رابطي ۾ رهي.

”ڄام سڪندر سمي جي ڏينھنِ تائين غالباً بھاولپور وارو ڀاڱو، سمن جي حڪومت ۾ شامل هو. سنڌ ۽ ملتان جي وچ ۾ تاريخي تعلق، سياسي لاڳاپن ۽ روحاني رشتن سبب صدين جي عرصي دوران سنڌي ۽ سرائڪيءَ جو سنٻنڌ وڌيو. ملتان کان ڏکڻ ڏانھن موجوده بھاولپور واري خطي جي زبان سنڌيءَ تي گھرو اثر پيو ۽ ان ۾ سنڌي لفظن ۽ محاورن جي آميزش شروع ٿئي ٿي، ٻئي طرف سنڌ اندر سرائڪيءَ جو، سنڌي-سرائڪي محاورو رائج ٿيو.“ (12)

سنڌ ۾ مذهبي تبليغ لاءِ سنڌيءَ ۾ اسماعيلي داعين جا گنان ۽ پنجاب ۾ بابا فريد گنج شڪر جي دوهن جا مثال به سامهون آهن. ان کان علاوه سما ۽ ارغون دور ۾ سنڌي ۽ سرائڪيءَ جي گھري رابطي جي تصديق، قاضي قادن جي ڪلام ۾ سرائڪي لفظن جي استعمال مان به ٿئي ٿي.

سنجها پيئي، اڳُون آئي راتِ ڏِيھه لٿا

کڙا   پُڪاري        پاتڻي،   ٻيڙا     ڪپَر            واتِ

قاضي قادن (1551ع_1463ع )

ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دور (1690-1843) ۾، سنڌ ۾ سرائڪي، اڳين سمورن دورن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پکڙي، جيتوڻيڪ سرڪاري، تعليمي ۽ ادبي ميدانن ۾ فارسيءَ جي وڏي اهميت هئي ۽ بجا طور تي چيو پئي ويو، ته ”فارسي گهوڙي چاڙهسي“، پر عوامي ٻوليون سنڌي ۽ سرائڪي هيون. شايد سنڌيءَ کان پوءِ ٻي مکيه زبان سرائڪي هئي. ڪيترائي بلوچ قبيلا سرائڪي خطي کان لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ ويٺا، جنھن ڪري سرائڪي ڳالهائيندڙن جي آبادي وڌي ۽ نتيجي ۾ سنڌي ۽ سرائڪي زبان  ۾ لساني رابطو اڃا وڌيو. سنڌيءَ جي خاص ڪري اترادي محاوري تي سرائڪيءَ جو گهڻو اثر ٿيو.

اهڙيءَ طرح سرائڪي سنڌ ۾، سنڌي زبان سان طويل تاريخي رابطي جي صورتحال ۾ رهندي آئي آهي. ٻئي ٻوليون گڏ وڌنديون ويجهنديون، هڪ ٻئي کان اثر وٺنديون رهيون آهن. هاڻوڪي دور ۾ سرائڪي، سنڌيءَ سان گڏ سنڌ جي ڏاکڻي سرحدي علائقي سميت سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهي.

  1. تحقيق جو طريقه ڪار:  (Research Methodology)

هن مقالي ۾ سنڌ ۾ سرائڪيءَ جو تاريخي پسمنظر ۽ سنڌيءَ سان ثقافتي، ادبي ۽ سماجي-لسانياتي تعلق ۽ لساني رابطي جي نتيجي ۾ لسانياتي مداخلت يا اثر جانچڻ لاءِ موادي تجزيي جو طريقو اختيار ڪندي، ٻنهي ٻولين جي لسانياتي  جوڙجڪ  يعني، صوتياتي خاڪي، تشريحي گرامر، لغات ۽ تاريخي لساني رابطي متعلق لاڳاپيل تحريري مواد مان حاصل ڪيل  معلومات (Data)جو خاصيتي تجزيو (Qualitative analysis) ڪري نتيجا اخذ ڪيا ويا آهن.

  1. تجزياتي حقيقتون: (Analytical Findings)

هن حصي ۾ سرائڪيءَ جي لساني حيثيت، سنڌي ۽ سرائڪيءَ ٻوليءَ لسانياتي هڪجھڙائيون، اختلاف ۽ هڪ ٻئي تي اثر جي حوالي کان سامھون آيل تجزياتي حقيقتون پيش ڪجن ٿيون.

4.1     سرائڪي ڌار ٻولي يا پنجابي/ سنڌيءَ جو هڪ  محاورو  !

سرائڪيءَ جي ڌار ٻولي يا محاوري هئڻ بابت مونجهارو يا اختلاف برطانوي دور کان هلندو پيو اچي. ان وقت جي سرڪاري عملدارن ۽ ڪن لساني ماهرن پاران سرائڪيءَ کي پنجابيءَ جو محاورو تصور ڪيو ويو، هاڻ به ڪيئي پنجابي عالم ائين سمجهن ٿا. گهڻن تحقيقي مقالن ۽ ڪتابن ۾ سرائڪيءَ کي، ڳالهائڻ ۾ ٿوري فرق،گڏيل ادب ۽ وسيع لغوي توڙي گرامري هڪجھڙائيءَ جي بنياد تي پنجابيءَ جو محاورو ڄاڻايو ويو آهي. ساڳئي نموني ڪن سنڌي عالمن وري صوتياتي، وياڪرڻي ۽ لغوي هڪجھڙائيءَ جي بنياد تي ان کي سنڌيءَ جو محاورو ڄاڻايو آهي. عالمي لسانياتي جرنل” گلاٽولاگ_ (4.4) “Glottolog ۾ به سرائڪيءَ جي سنڌيءَ سان لغوي هڪجھڙائيءَ جي بنياد تي، کيس سنڌي-لھندا جو محاورو شمار ڪيو ويو آهي(13)، پر اڌ صديءَ کان مٿي جي سرائڪي سياسي هلچل سان هاڻ سرائڪيءَ جي ڌار سڃاڻپ تسليم ڪئي پئي وڃي. سرائڪي سياستدان ۽ دانشورَ سرائڪيءَ کي الڳ سڃاڻپ، منفرد نسل، لساني فرق ۽ ڪلچر جي بنياد تي ڌارَ ٻولي قرار ڏين ٿا. ايڇ.اي خان ۽ ٻيا ڪجهه لساني ماهر پڻ ائين سمجهن ٿا.

While Saraiki shows the characteristics of both Panjabi and Sindhi, it deserves to be treated as a distinct language due to its disagreement with the Panjabi, in terms of the inflection and forms of the verb, and morphological differences with Sindhi. (14)

سرائڪي ٻوليءَ جي محاورن جي عام طور مختلف جاگرافيائي ۽ علائقائي اصطلاحن ۾ درجه بندي ڪئي ويندي آهي. جھڙوڪ؛ اوڀارين، اولاهين، ڏاکڻي، ملتاني، جهنگي، شاهپوري، ٿَلي وغيره، پر اسان ڏسون ٿا ته اها پنجاب ۾ پنجابي، سنڌ ۾ سنڌي، ڪي پي ڪي ۾ (ڊيره اسماعيل خان، ميان والي، ٽانڪ) ۾ پشتو ۽ بلوچستان ۾ سنڌي ۽ بلوچيءَ سان لساني رابطي جي صورتحال ۾ رهڻ جي ڪري انهن ٻولين جي اثر سان مختلف لساني صورتن ۾ موجود آهي. لساني خاصيتن جي بنياد تي ان جا پنج نمايان محاورا آهن؛1. خالص سرائڪي (ملتاني) 2. پنجابي سرائڪي (جهنگي، شاهپوري، ڏاکڻي وغيره) 3. سنڌي-سرائڪي (سنڌ) 4. پشتو سرائڪي (اترين، ٿَلي) 5. بلوچستاني سرائڪي.

4.2     سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ هڪجھڙائيون :

سنڌي ۽ سرائڪيءَ وچ ۾ هڪجھڙائيءَ جو ذڪر سندن بڻ بنياد کان وٺي ملي ٿو. سنڌيءَ، خاص ڪري ان جي اترادي محاوري سان لسانياتي طرح گهڻي ويجهي ٻولي سرائڪي سمجهي وڃي ٿي. ساڳئي نموني سرائڪيءَ کي به پنجابيءَ کان وڌيڪ، سنڌي ويجهي آهي. گريئرسن لکي ٿو ته:

Luhnda differs widely from the better-known Panjabi in vocabulary, more nearly approaching Sindhi in this respect. (15)

هيٺ ٻنهي ٻولين وچ ۾ ڪجهه صوتي، صرفي ۽ نحوي هڪجھڙائين جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو.

4.2.1  صوتيات:

 صوتيا: سنڌي ۽ سرائڪيءَ جو خاص ڪري وينجن صوتياتي خاڪو لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. سنڌيءَ جا لڳ ڀڳ  سڀ وينجن صوتيا سرائڪيءَ ۾ موجود آهن. ٻنهي ۾ چئن چوسڻن آوازن (implosives)؛ /ٻ/، /ڏ/، /ڄ/ ۽ /ڳ/ جي موجودگي سندن هڪجھڙائپ جي حوالي کان خاص طور ڳڻائي وڃي ٿي، جيڪا کين پنجابيءَ سميت هند_يورپي  ٻولين کان منفرد بڻائي ٿي.

ان کان سواءِ سنڌيءَ جي اترادي لھجي ۾ /ٽ/ جو /ٽر/ ۽ /ڊ/ جو /ڊر/ عيوضي صوتيا آهن. اهي آواز سرائڪيءَ ۾ به /تر/ ۽ /در/ جي صورت ۾ موجود آهن.

ساڳين عيوضي صوتين جا مثال.

وچولو/معياري

اترادي

سرائڪي

چَنڊُ

چَنڊرُ

چُنڊر

پُٽُ

پُٽرُ

پُتر

سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڪيترن ئي لفظن ۾ هندي-اردوءَ جي برخلاف /ڙ/ بدران /ڏ/ جو اچار اچي ٿو. مثال طور؛ گاڙي، ڪوڙي بجاءِ چَوَن گاڏي، ڪوڏي.

گهُڻائپ (Nasalization) جي حوالي کان ڏسجي ٿو ته ٻنهي ٻولين ۾ پنجن نڪائون آوازن جي سيريز موجود آهي؛ ( /م/،  /ن/، /ڻ/، /ڃ/۽/ڱ/). جڏهن ته ٻين هند آريائي ٻولين ۾ اهي ٽي آهن؛/م/، /ن/، /ڱ/نگ/. ٻنهي ۾ گهُڻائپَ صوتياتي طور اهم آهي.

زور (Stress) جا لاڙا به ٻنهي ٻولين ۾ ساڳيا آهن. ٻنهي جي گفتگوءَ ۾ عام طور لفظ جي ابتدائي پد تي زور اچي ٿو. اِهو ٻنهي ٻولين  ۾ صوتيائي اهميت وارو به ڪونهي ۽ ڪو به ڪردار ادا نه ٿو ڪري، يعني، ان سان لفظن جو ڪلاس تبديل ڪو نه ٿو ٿئي. تشديد ٻنهي ٻولين ۾ صوتياتي طور غيراهم (Nonphonemic) آهي.

جهيلار يا ڍار (Intonation) جو ڍنگ به ٻنهي ۾ ساڳيو آهي. اها نحوي سطح تي ٻنهي ٻولين ۾ صوتياتي طور اهم آهي. جملي جا مختلف اندازَ ٻنهي ۾ ڪيترين ئي جاين تي ڍارَ جي ذريعي ظاهر ڪيا ويندا آهن. يعني، ان سان سندن جملي جي معنيٰ ۽ مفھوم ۾ فرق پوي ٿو.

4.2.2 صرفيات:

سنڌي ۽ سرائڪيءَ جي صرفيات ۾ تمام گهڻي هڪجھڙائي ملي ٿي. ٻنهي ٻولين ۾ اسم، ضمير ۽ صفتون ساڳئي نموني ڪم ڪن ٿيون. سندن فعلي نظام به گهڻي ڀاڱي هڪجھڙو آهي. مثال طور: 1_ ٻنهي ٻولين ۾ فعلَ ڪمَ جي طرزَ، زمان، جنس، عدد ۽ شخص (Person) جي فاعل، مفعول هئڻ کي ظاهر ڪن ٿا. 2_ ٻنهي جي فعلي بناوٽ هڪجھڙي آهي. بناوٽي طور سندن اڪثر فعل يَڪ پَدا ۽ ٻهِ پدا هئڻ کان علاوه وڏي انگ ۾ ساڳيا به آهن. فعلن جا مکيا قسم به ساڳيا اٿن.

ٻنهي ٻولين جي لفظي بناوت جا قاعدا لڳ ڀڳ ساڳيا آهن. ٻئي ٻوليون اسم، صفت ۽ فعل ٿُڙن مان نوان لفظ ٺاهڻ لاءِ اشتقاقي، ترڪيبي ۽ پدائتي ذريعن کان ڪم وٺن ٿيون ۽ منجهن گرداني بناوت به ٿئي ٿي. سندن اشتقاقي لفظي بناوت به هڪجھڙي آهي. سندن لفظن جون ڪيئي اڳياڙيون، پڇاڙيون ساڳيون استعمال ٿين ٿيون. ٻنهي ۾ مصدر جي علامت /ڻ/ آهي، مثال طور؛ سنڌي: چوڻ، سُڻڻ، کِلڻ، مِلڻ وغيره. سرائڪي:آکڻ، سُڻڻ، کلڻ، ملڻ وغيره.

ڪجهه بناوتون ته ٻنهي ۾ ٻين ٻولين کان منفرد آهن. جھڙوڪ؛ ضميري پڇاڙيون، جيڪي اسم، فعل ۽ حرف جري لفظن سان لڳائي ضميرن جي متبادل طور استعمال ڪيون وڃن ٿيون. ”اهي رڳو ڪشميري، لھندا، سرائڪي ۽ سنڌيءَ ۾ آهن. مثلاً ڪشميري ”مورم“، سرائڪي ”ماريم“ (ماري-م) ۽ سنڌي ”ماريُم“ معني، مون ماريو. اهي پڇاڙيون انهن ٻولين کان سواءِ ٻي ڪنھن به ٻوليءَ، ۾ ڪونھن، پر ايراني ٻولين ۾ آهن.“ (16)

4.2.3  نحويات:

سرائڪي ۽ سنڌي ساڳي لفظي ترتيب رکن ٿيون. يعني، فاعل، مفعول ۽ فعل (SOV)  ٻنهي ٻولين جي جملي ۾ اسم، ضمير ۽ صفت جي بيھڪ ساڳي آهي. صفت جي ڀيٽ لاءِ حرف جر استعمال ڪبا آهن. سنڌيءَ ۾؛ کان، سڀ کان. سرائڪيءَ ۾؛ ڪنون/ڪنھن، سڀڻان ڪنون/ڪنھن. ظرفَ ٻنهي ٻولين ۾ لاڳاپيل صفت يا فعل کان اڳ لاڳو ٿين ٿا. حرف جر ٻنهي ۾ مفعول کان پوءِ ايندو آهي.

لغات: سرائڪيءَ جي سنڌيءَ سان لغوي هڪجھڙائي 85 سيڪڙوآهي. (17)

 ٻنهي ٻولين جي لغوي ذخيري جو مکيه ذريعو سنسڪرت اصل آهي ۽ هڪ ٻئي مان اُڌاريل به اٿن. ان کان علاوه فارسي-عربي اڌاريل لفظي ذخيري جو وڏو انگ منجهن گڏيل طور موجود آهي.

اهڙيءَ طرح ٻنهي ٻولين ۾ وسيع پيماني تي صوتي توڙي صرفي، نحوي ۽ لغوي هڪجھڙائي موجود آهي.

4.3     سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ اختلاف :

 4.3.1 صوتيات:

 سنڌيءَ ۾ 51 صوتيا آهن؛ 10 سُرَ ۽ 41 وينجنَ. جڏهن ته سي.  شيئڪل جي صوتياتي تجزيي مطابق، سرائڪيءَ ۾ 48  وينجن ۽ 09 هيڪوُٽا سُرَ آهن. (18)

سنڌي هڪ مُتحرڪ لآخر (Vowel ending) زبان آهي. يعني، سنڌيءَ ۾ اڪثر ڪري لفظن جي آخر ۾ وينجنَ واقع ڪو نه ٿا ٿين، سواءِ گرداني بناوت يا گُهڻي پڇاڙيءَ وارن لفظن جي. (جيئن: ڏٺائين، چيائون وغيره ۽ فارسي-عربي، هندي ۽ انگريزي وغيره مان ڪن اڌاريل لفظن جي  جيئن: بيشڪ، ڀرپور، خوش، موٽر وغيره.) سنڌيءَ جي اها خاصيت سندس ٻين پاڙيسري توڙي ساڻس رابطي ۾ رهندڙ ٻولين جيان سرائڪيءَ کان به مختلف آهي. ان ڪري سنڌ ۾ سرائڪي-سنڌي ٻه ٻوليا ماڻهو (Bilinguals) سنڌي جملي ۾ اسم مونث پويان حالت اضافيءَ جي نشاني /ءَ/ سرائڪي اثر هيٺ ڪو نه ٿا اُچارين.مثال طور؛ مائيءَ ٻار ڄڻيو < مائي ٻار ڄڻيو ، گهوٽڪيءَ ويو هئس   < گهوٽڪي ويو هئس. وغيره.

  4.3.2صرفيات: ٻنهي ٻولين جون ڪجهه اشتقاقي ۽ گرداني/ گرامري جوڙ نشانيون ڌار آهن. ان کان علاوه ٻنهي ٻولين جي بنيادي لغت يا ڪارجي لفظيات (Function words) گهڻي ڀاڱي پنھنجي پنھنجي آهي.

4.4     سنڌيءَ تي سرائڪيءَ جو اثر:

4.4.1  صوتيات: سنڌيءَ ۾ چئن چوسڻن آوازن (/ٻ/، /ڏ/ ، /ڄ/ ۽ /ڳ/) جي موجودگيءَ کي ڀيرومل (1956)، سنڌي ۽ سرائڪيءَ جي ڊگهي تاريخي لھه وچڙ جي نتيجي ۾ سرائڪيءَ کان سنڌيءَ ۾ اڌاريل قرار ڏئي ٿو. مگر شاهدي ڀيرومل جي ان خيال  جي ابتڙ ملي ٿي، جو اهي آواز پنجابيءَ ۾ به ڪونهن (جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته سرائڪي ان جو محاورو آهي.) ٻنهي ۾ انهن چوسڻن آوازن جو تاريخي ذريعو عام طرح هڪ ئي قديمي ٻوليءَ جا آواز (Plain voiced stops) سمجهيا وڃن ٿا.

ان کان علاوه سنڌيءَ جي اترادي لھجي ۾ /ٽ/ جي /ٽر/ ۽ /ڊ/ جي /ڊر عيوضي صوتين جي موجودگي (ڊاڪٽرالانا موجب) سنڌيءَ جي اترادي لھجي تي سرائڪيءَ جو اثر معلوم ٿئي ٿو. (19)

4.4.2  صرفيات :

 اترادي سنڌيءَ جون حدون سرائڪيءَ جي مکيه ايراضي، ڏکڻ پنجاب، سرائڪي وسيب سان ملندڙ آهن. سرائڪيءَ سان جاگرافيائي تسلسل جي صورتحال ۾ هئڻ ڪري اترادي سنڌيءَ تي ان جو وڌيڪ اثر پيو آهي. هت ڪجهه مثال ڏجن ٿا:

(الف)   اتراديءَ سنڌيءَ ۾ اسم جي عدد جمع جي پڇاڙي /-آن/ سرائڪيءَ کان اُڌاريل آهي، مثال طور؛ عام سنڌيءَ ۾ ڄنگهه، کارڪ، کٽ وغيره جھڙن واحد اسمن جو /اُون/ پڇاڙيءَ جي ميلاپ سان جمع، ڄنگهون، کارڪون، ۽ کٽون ٿيندو، پر اتراديءَ ۾ سرائڪي اثر هيٺ چوَن: ڄنگهان، کٽان، کارڪان وغيره.

(ب)     سنڌيءَ ۾ اسم فاعل جي هڪ پڇاڙي (-وال) پڻ سرائڪيءَ مان اڌاريل آهي. مثال طور؛ ٻچڙيوال/ پڇڙيوال ، رکوال، ڪوٽوال وغيره.

(ٻ)     سنڌي رياضيءَ ۾ ٻڪي جي کوڙي جي ترتيب ۾ ’ڏون‘ جو استعمال، مثال طور: ايڪ ڏون ڏون، ٻه ڏون چار، ٽه ڏون ڇھه وغيره به سرائڪيءَ تان اڌاريل آهي.

لغات: سنڌيءَ ۾ ڪيترائي سرائڪي پھاڪا ۽ چوڻيون خالص طرح يا ترجمي ذريعي اڌاريل استعمال ٿين ٿا. مثال طور؛

سرائڪي (خالص) اڌاريل پھاڪا: ’اَپڻا مال هي روسُون ڀي کاسُون ڀي‘، ’اپڻي گهوٽ ته نشا ٿِيوَئي‘، ’ٻلي شير پڙهايا، ڦِر ٻلي ڪُون کاوَڻ آيا‘، ’پارسي گهوڙي چاڙهسي‘، ’ڏيک ياران دي ياري‘، ’شينھن مرسي ڊڀ نه چرسي‘، ’مرويسُون مرويسُون پر سنڌ نه ڏيسُون‘، ’بي شرمي دَي سِيري ڪَنوُن، ساڳ سرنھن دا چوکا ’ وغيره.

سرائڪي اڌاريل ترجمو:  اڃا ڄائي ڪانهي نانيءَ مھانڊي (ڄَم نه مُڪي ناني دي مُھانڊي)، تڪڙي ڪُتي انڌا گُلر ڄڻي (اُٻاهلي ڪُتي انڌي گلر ڄڻيندي هي)، ڊڀُ سائي جو سائو (ڊڀ ساوي دا ساوا) وغيره.

ادب :سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن سنڌيءَ سان گڏ سرائڪيءَ ۾ به شاعري ڪئي آهي. سندن سنڌي شاعريءَ تي سرائڪيءَ جو گهڻو اثر آهي، خاص ڪري اتر جي سنڌي شاعريءَ تي سرائڪيءَ جوا ثر نمايان آهي. ان ۾ وڏو تعداد سرائڪي اڌاريل لفظن، اصطلاحن، محاورن ۽ پھاڪن جو استعمال ٿيل آهي، قاضي قادن، ”سچل“ سرمست، قادر بخش ’بيدل‘، محمد محسن ’بيڪس‘، خوش خير محمد هيسباڻيءَ وغيره جي شاعري، ان سلسلي ۾ وڏا مثال آهن.

هَر هَر فالَ ڪريندِيان رڌي گئي وِهاءِ
وڃي پو(ءِ) ڇو سانوَڻ سُتيان، لاوي لڳن آءِ
قاضي قادن (1551ع_1463ع )

4.5     سرائڪيءَ تي سنڌيءَ جو اثر: سرائڪيءَ تي سنڌي اثر جي، جڏهن مٿس اردو ۽ پنجابي اثر سان ڀيٽ ڪجي ٿي ته، سنڌي اثر گهڻو نمايان نظر اچي ٿو .(20)  سرائڪيءَ سنڌي ٻوليءَ مان خاص ڪري لفظن اڌارڻ جي صورت ۾ گهڻو اثر ورتو آهي. ’سرائڪي‘ معنى، سري جي ٻولي/سنڌ جي اترئين حصي جي ٻولي،  جيئن چئجي؛ جتڪي، خواجڪي، ميمڻڪي ٻروچڪي، پٺاڻڪي وغيره. سنڌيءَ ۾/-ڪي/گرامري پڇاڙي آهي. هڪ متبادل ڀانئي (مفروضي) مطابق سرائڪيءَ کي سنسڪرت لفظ سوويرا (sauvira) سان ڳنڍيو ويندو آهي، پر اڪثر سرائڪي ۽ سنڌي عالمَ پھرين نظريي ۾ يقين رکن ٿا.

سنڌ ۾ لڳ ڀڳ سڀ سرائڪي ڳالهائيندڙَ ٻه ٻوليا آهن، يعني، اهي سرائڪيءَ سان گڏ سنڌي به ڄاڻن ٿا. خانپور، رحيم يار خان ۽ صادق آباد تائين اڄ به سنڌي ثانوي زبان طور ڳالهائي ويندي آهي.

سرائڪي لغات، جيڪا پنجاسي سيڪڙو سنڌيءَ سان هڪجھڙائي رکي ٿي، تنھن ۾ ڪافي حصو سنڌيءَ مان اڌاريل لفظن جو آهي. سنڌ ۾ سرائڪي لکت لاءِ عام طور سنڌي الفابيٽ استعمال ٿئي ٿي، جو ان ۾ مڙني سرائڪي آوازن جا اکر موجود آهن. ضامي  موجب، ”حضرت راضي ملتانيءَ، سنڌي زبان جي اکر پٽيءَ ۾ ٿوري گهڻي ڦيرڦار ڪري انهن کي بھاولپوري-ملتانيءَ لاءِ ڪم آندو“. (21))

حاصل مطلب:   (Conclusion)

هن تقابلي تجزياتي اڀياس مان چٽو آهي ته، سنڌي ۽ سرائڪي، نه رڳو هڪ لساني خاندان، ساڳي بڻ بنياد ۽ پيدائشي هنڌ سان تعلق رکندڙ ٻوليون آهن، پر ٻنهي جي صوتياتي توڙي صرفي ۽ نحوي خاڪي ۽ لغات ۾ تمام گهڻي هڪجھڙائي موجود آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر الانا  انهيءَ راءِ تي پھتو ته:

”سرائڪي ۽ سنڌيءَ جي ڀيٽ مان حاصل ٿيل نتيجن کي سامهون رکي اها دعوى ڪري سگهجي ٿي ته صوتياتي، صرفي ۽ نحوي اصولن ۽ سٽاءَ موجب سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڪو به فرق ڪونهي.“ (22)

پر اسين ڏسون ٿا ته جتي ٻنهي ٻولين ۾ تمام گهڻي هڪجھڙائي آهي، اتي ٿورو صوتياتي، صرفياتي ۽ لغوي اختلاف پڻ موجود آهي، جنھن ڪري ئي اهي ٻيئي ڌار ٻولين جي صورت وٺي بيٺيون آهن.

ٻيئي ٻوليون هڪ ئي جاگرافيائي تسلسل جي صورتحال ۾ هئڻ ۽ آبادين جي لڏپلاڻ جي ڪري ڊگهو عرصو لساني رابطي ۾ رهيون آهن، نتيجي طور انهن ۾ ٻه طرفي لسانياتي مداخلت (Interference) ٿي آهي. ان سبب ڪري منجهن گهڻي هڪجھڙائي آهي. لسانياتي حوالي کان سرائڪيءَ، سنڌيءَ تي صوتياتي، صرفي ۽ لغوي اثر ڪيا آهن، جڏهن ته سنڌيءَ جا سرائڪيءَ تي وڌيڪ لغوي اثر ملن ٿا. ادبي حوالي سان جھڙيءَ ريت سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام ۾  سرائڪي لفظ ملن ٿا ۽ انهن مان ڪن سرائڪيءَ ۾ به شعر چيا آهن، ساڳيءَ ريت سرائڪي شاعرن جا به مثال موجود آهن. خاص ڪري خواجه فريد سنڌيءَ ۾ پڻ ڪلام چيو آهي. ان کان علاوه پير صدرالدين ۽ پير حسن ڪبيرالدين جو سنڌي ڪلام (گنان) پڻ موجود آهن. اهڙو ٻه طرفو لسانياتي اثر يا اُڌارڻ جو عمل گڏيل طور لساني معتبرائپ (Language prestige) نه، پر هڪجھڙاين (Accommodation)  جي ڪارڻ ٿيو آهي، جو سنڌ ۾ صوفياڻي پرچار جي اثر هيٺ باهمي محبت ۽ رواداريءَ سان صدين جي گڏيل جياپي جي نتيجي ۾ ٻنهي ٻولين جي ڳالهائيندڙن ۾ نفسياتي طور لساني معتبرائپ (prestige) جو ڪو ڇڊو اثر ملندو.  ان ڏس ۾ وڌيڪ مطالعي لاءِ سنڌي-سرائڪيءَ جي مختلف سماجي آراڌاين (Sociolects) جو اڀياس تجويز ڪجي ٿو.

 حوالا:

  1. http/pbs.gov.pk /Census Report of Pakistan. 2017
  2. آڏواڻي، ڀيرو مل، ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو 1972ع.
  3. بلوچ، نبي بخش خان، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو. 1990ع.
  4. پريم، هدايت‘ اترادي ٻولي‘ سنڏي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو1995ع.
  5.   Bughio, M. Qasim, ‘Socio Linguistics, Germany. Lincoln Europa, 2001.
  6. الانا، غلام علي، ’سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 1995ع.
  7. ظامي، بشير احمد، ’عھد هائي قديم مين سرائڪي زبان ڪا ارتقا‘، مرڪز سرائڪي زبان تي ادب بھاولپور، 1970.
  8. آڏواڻي، ڀيرو مل، ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو 1972ع، ص: 79.
  9. الانا، غلام علي، ’سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 1995ع، ص: 184.
  10. بلوچ، نبي بخش خان، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو. 1990ع، ص: 164.
  11. Bughio, M. Qasim, ‘Socio Linguistics, Germany. Lincoln Europa, 2001.
  12. بلوچ، نبي بخش خان، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو. 1990ع، ص: 165.
  13.   Glottolog 4.4 Families Spoken Language: Siraiki. Glottology.org. retrieved 12-09-2021.
  14.   Khan. H. A.  Rethinking Panjab: The construction of Saraiki Identity, Research, and Publication Centre. Lahore, 

        National College of Arts, 2004, P. 123.

  1.   Grierson, G. Linguistics survey of India. Vol. viii Part II Dehli: Motilal Bansaridas, [1919] 1968.
  2. آڏواڻي، ڀيرو مل، ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو 1972ع، ص: 88.
  3. Lewis, M. Paul, Gary F. Simons, and Charles D. Fennig (eds),. Ethnologue. Languages of the world, 

       Seventh Sil International. Online version: 2014. HTTP// www.ethnologue.com.

  1. Shaklee, C. The Siraiki language of central Pakistan: A reference grammar, London School of Oriental and African

        Studies, 1976.

  1.      الانا، غلام علي، ’سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 1995ع.ص،184. 
  2. Shaklee, C. The Siraiki language of central Pakistan: A reference grammar, London School of Oriental and African

        Studies, 1976.

  1.   ظامي، بشير احمد، ’عھد هائي قديم مين سرائڪي زبان ڪا ارتقا‘، مرڪز سرائڪي زبان تي ادب بھاولپور، 1970.
  2.   الانا، غلام علي، ’سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 1995ع.ص،184.
278 ڀيرا پڙهيو ويو