شوڪت حسين شوري جي ڪهاڻي ”غيرتي“ جو تنقيدي اڀياس
(The Critical analysis of Shoukat Hussain’s Short Story_ “Ghairti” )

ڊاڪٽر شير مھراڻي

Abstract:

Shoukat Shoro (1947-2021) was a distinguished author of fiction. In his writings, particularly in his short stories, the existential perspective is evident. In Sindh, a new style of short story writing was established as a result of his unique approach and grasp of story writing. In the short story "Ghairti," the author depicts the harsh truth of society. In the beginning of the story, the protagonist murders the sister-in-law owing to suspicions of extramarital affairs. However, by the end of the story, the protagonist enables his spouse to engage in extramarital affairs with others. In this research paper, we have examined social values and the concept of ‘Honour’. We have demonstrated that this short narrative is a critique of society's declining values.

Keywords: Fiction, Short story, hounor killing, etc.

 

ڪھاڻي نثري ادب جي اهڙي صنف آهي، جنھن ۾ خيالن جي آڌار ڪھاڻيڪار پنھنجي مرضيءَ جا ڪردار گهڙي، ٺاهي هڪ نئين تصوراتي دنيا تخليق ڪري ٿو. توڙي جو ڪھاڻي ڪنھن نه ڪنھن واقعي، حادثي، قصي يا لقاءَ تي بيٺل هوندي آهي، پر ڪھاڻيڪار پنھنجي مرضيءَ سان ان قصي، واقعي، حادثي يا لقاءَ ۾ تبديليون، انڪارَ، اقرار ۽ واڌارا ڪري ٿو.

 انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا موجب،

“The short story is usually concerned with a single effect conveyed in single significant episode or scene involving small number o characters.” (1)

يعني تمام ٿورڙن لفظن ۾ ڪنھن به واقعي، واردات، موقعي، قصي، ڳالهه، حادثي وغيره کي تخليقي يا خيالي انداز ۾ پيش ڪرڻ ڪھاڻي آهي.

افساني يا ڪھاڻي لکڻ جي شروعات بابت ڊاڪٽر قاضي خادم لکي ٿو:

”افساني جي شروعات زندگي جي بدلجندڙ اقدار مطابق ٿي. هڪ طرف ته ماڻهن وٽ ايترو وقت نه رهيو هو جو طويل قصا پڙهن ۽ مڱڻھارن ۽ سگهڙن جي ڪچھرين ۾ ويھي قصا ٻڌن.“ (2)

يعني افسانو يا ڪھاڻي زندگيءَ سان لاڳاپيل آهن ۽ ان جي شروعات توڙي اوسر پڻ زندگيءَ جي بدلجندڙ قدرن سان گڏ ٿي آهي. وليم فلپ پنھنجي ڪتاب “writing short stories” ۾ لکي ٿو ته هڪ ڀيرو سندس هڪ شاگرد وٽس ڪھاڻيءَ جو هڪ خاڪو کڻي آيو، جنھن ۾ جھاز، واپاريءَ ۽ جھازرانيءَ جي ذڪر سان گڏ جھاز جي تباهه ٿيڻ جو ذڪر هو. هن پنھنجي شاگرد کان پڇيو ته ”ڇا توکي جھاز، واپار، جھاز راني يا جھاز جي ٻڏڻ جو ڪو تجربو آهي.“ جنھن تي هن انڪار ۾ جواب ڏنو، هن پنھنجي شاگرد کي چيو ته ”يقيناً “پوءِ اهو تجربو تو ڪنھن فلم جي ڪھاڻي تان کنيو هوندو.“ وليم فلپ پنھنجي شاگرد کي سمجهائيندي چيو:

 “The material is probably not true to life, and even if the material is effective you will probably outfit it in wrong clothing and spoil the effect.” (3)

يعني جيستائين ڪھاڻيڪار کي ڪنھن واقعي، حادثي، وارتا، موقعي، ڳالهه، ڏک سک، اهنج سھنج، ڪرت ڪاروبار، اٿڻ ويھڻ، وغيره جو تجربو نه هوندو، هو ان موضوع کي سٺي نموني نڀائي نه سگهندو.

نقادن جو اهو پڻ رايو آهي ته، ڪھاڻيڪار کي هميشه اڻڌريو ٿي لکڻ گهرجي. هن کي ڪنھن به نظريي، ڳالهه، جذبي، مذهب، رشتي، ناتي يا فڪر جي نه تبليغ ڪرڻ گهرجي، نه اجائي تعريف ڪرڻ گهرجي، نه ئي بنا سبب جي نڪته چيني ڪرڻ گهرجي. ڪنھن ڌر سان گهڻو لڳاءُ ۽ لاڳاپا نه صرف ڪھاڻيءَ جي موضوع کي ڇيھو رسائي سگهن ٿا. پر ايئن ڪرڻ سان ڪھاڻي جا فڪري پھلو پڻ ڌڪجي پوندا.

 

“Apparently a short story does not sell advertising in the way that cooking magazines sell shortenings, women’s magazines sell clothing men’s magazine sell fishing rods and that is the delimit for all those talented writers scribbling happily regardless((4)

يعني ڪامياب ڪھاڻيڪار هميشه پاڻ کي جذباتيت ۽ نعريبازي جي وهڪري کان بچائيندا آهن.

عام ڪھاڻيون مروج اسلوب مان ناهن نڪري سگهنديون، پر جيئن شيخ اياز چيو هو ته وزن بحر سان ڪو وڏو شاعر ناهي ٿيندو، بلڪه وڏا شاعر نوان وزن بحر جوڙيندا آهن. ساڳيءَ ريت عام ڪھاڻيڪار به ڪھاڻيءَ جي مروج گهاڙيٽي ۽ اسلوب مان ناهي نڪري سگهندو، پر وڏو ڪھاڻيڪار پنھنجي ڪھاڻيءَ ۾ ڪوبه نئون اسلوب، نئون گهاڙيٽو يا ڪا نئين پيشڪش ڏيئي سگهي ٿو. ممڪن آهي اڳتي هلي اهوئي نئون اسلوب ڪھاڻيءَ جو بنيادي اسلوب مڃيو وڃي ۽ رائج به ٿي وڃي ۽ ڪي ڪھاڻيڪار ان جي پيرويءَ ۾ ڪھاڻيون به لکن، پر اهو پڻ ممڪن آهي ته وري ڪي ايندڙ دور جا وڏا ڪھاڻيڪار اڃا ڪي نوان رنگ ۽ نئين پيش ڪش کڻي اچن ۽ مروج گهاڙيٽي، اسلوب ۽ ادائيگيءَ کي ئي تبديل ڪري ڇڏين.

 شوڪت حسين شوري پڻ پنھنجين ڪھاڻين ۾ ايئن ئي ڪيو آهي. مدد علي سنڌي، مشتاق حسين شورو، ماڻڪ ۽ شوڪت حسين شورو (اخلاق انصاري ۽ علي راز شرکان ٿورو اڳ) جڏهن سنڌي ڪھاڻيءَ جي ان عظيم ڪائنات ۾ داخل ٿيا، جنھن ۾ شيخ اياز، جمال ابڙو، نسيم کرل، علي بابا، غلام رباني آگرو، قمر شھباز، رشيد ڀٽي، بشير مورياڻي، امر جليل ۽ حفيظ شيخ (بادل جمالي، اخلاق انصاري، علي راز شر، امر لغاري، منور سراج، انور ڪاڪا گهڻو پوءِ) پنھنجي وڏي آب تاب سان ڪھاڻيءَ جي تخت تي باقاعده نشانبر هئا، پر هنن ايندي ئي ڪھاڻيءَ جي ان گھري ۽ وسيع سمنڊ ۾ طوفان مچائي ڏنو. هنن وجودي ڌارا تي لکيو. هن کان اڳ سنڌي ڪھاڻي جاگيردار ڪلچر، وڏيرا شاهي، مزاحمتي فڪر، زرعي سماج ۽ ڪي قدر رومانيت وغيره جي چوگرد بيٺل هئي پر، هنن، يعني مشتاق شوري، مدد علي سنڌي، ماڻڪ ۽ شوڪت حسين شوري (سارتر، ڪاميو ۽ ڪافڪا کان متاثر ٿي) ان ۾ باقاعده نواڻ آندي. خيرالنساءَ جعفري، مھتاب محبوب ۽ نورالھديٰ شاھ به ان ساڳي دور ۾ پاڻ مڃايو، پر سندن ڪھاڻيون گهڻو ڪري سماجي حقيقت نگاريءَ تي بيٺل هيون. توڙي جو ماڻڪ، مشتاق شوري، مدد علي سنڌي ۽ شوڪت حسين شوري پاران آندل وجودي ڌارا واري نواڻ جلدي قبول نه ڪئي وئي ۽ رسول بخش پليجي صاحب جھڙي نقاد پنھنجي تنقيدي ڪتاب ”سندي ذات هنجن“ ۾ سندن خلاف تمام سخت (تحريري) موقف رکيو؛ بلڪه ڪنھن حد تائين ته پليجي صاحب جھڙوڪ هن نئين لاڙي کي مڪمل رد ڪيو. ٻئي پاسي محمد ابراهيم جويي صاحب ۽ آريسر صاحب جھڙا ڏاها ۽ وڏا نقاد به سندن مخالفت ۾ لکندا رهيا. مٿن وڏي تنقيد اها هئي ته، هو سارتر، ڪافڪا ۽ ڪاميو کان متاثر ٿي پنھنجين لکڻين ۾ وجودي ڌارا تحت زندگيءَ کي بي معنيٰ بڻائي رهيا آهن. رسول بخش پليجي صاحب لکيو ته:

”سارتري جو رينگٽ به ساڳيو ڪافڪا، البرٽ موراويا، ڪاميو، ايلياس، ڪئنيتي پارن وارو آهي ته زندگي بي معنيٰ ۽ بي مقصد آهي. ان مان سواءِ مايوسيءَ ۽ تباهيءَ ۽ برباديءَ جي ٻيو ڪجهه به ورڻو سرڻو ڪونهي.“ (5)

گهڻو ڪري اهڙي تنقيد مشتاق شوري، مدد علي سنڌي، ماڻڪ ۽ شوڪت حسين شوري تي ٿيندي رهي. پر تاج بلوچ سندن حق ۾ لکي ٿو ته:

”مشتاق شورو، شوڪت شورو، علي بابا ۽ ماڻڪ به وجودي فلسفي جي آڌار تي ڪھاڻيون لکي، انسان جي اندر جي ڀڃ ڊاهه بابت ويچار ونڊيا ۽ سنڌي ادبي سماج ۾ تحرڪ پيدا ڪيو.“ (6)

توڙي جو سندن ڪھاڻين کي ايڏو جلد قبول نه ڪيو ويو پر، هو ايڏي ته سگهه سان سنڌي ڪھاڻيءَ جي کيتر ۾ آيا جو، نه صرف پنھنجي لاءِ الڳ جاءِ جوڙي ورتائون، بلڪه هڪ اهڙي الڳ سڃاڻ به قائم ڪري ورتائون، جيڪا اڄ سوڌو جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي ڪائنات ۾ منفرد حيثيت سان قائم آهي. سندن ڪھاڻين جو ٻين ڪھاڻيڪارن تي به اثر پيو ۽ ڪيئي نوجوان ساڳئي گهاڙيٽي، اسلوب ۽ ادائيگيءَ ۾ ڪھاڻيون لکڻ لڳا. اها سندن وڏي مڃوتي ۽ ڪاميابي هئي. اهو ان ڪري به هو ته، هنن پنھنجين ڪھاڻين جو فڪري جوهر عالمي ڪھاڻيءَ مان کنيو پر، سندن ڪھاڻين جا موضوع ۽ ڪردار هن ئي سماج جا هئا. ڊاڪٽر جانسن موجب،

“Good stories ideas can come from anywhere… but the best can be plucked from family tree.” (7)

 يعني سٺين ڪھاڻين جا خيال ته ڪٿان به کڻي سگهجن ٿا. پر تمام سٺين ڪھاڻين جا خيال پنھنجي ڪٽنب يعني پنھنجي سماج مان ملي سگهندا آهن.

هن مقالي ۾ شوڪت حسين شوري جي ڪھاڻي، ”غيرتي“ جو تنقيدي جائزو پيش ڪجي ٿو. جنھن جو مرڪزي خيال هڪ مقامي خاندان ۾ ٿيل ٻٽي وارتا تان ورتل آهي. ڪھاڻيءَ جو پلاٽ سادو آهي، جنھن جي ابتدا ۾ ته ڪابه وڏي هلچل نٿي نظر اچي، پر جيئن جيئن ڪھاڻي اڳتي وڌي ٿي؛ اها پڙهندڙ کي اهڙو قابو ڪندي وڃي ٿي جو، هو پاڻ تي ڪھاڻيءَ جي پيڙا محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. هونئن ته ڪھاڻيءَ جو هر جزو اهم آهي، پر ان ۾ پلاٽ ۽ پيشڪش سڀنيءَ کان وڌيڪ اهم آهن.

هن ڪھاڻيءَ جي بيان ۾ شوڪت حسين شوري صاحب جي پيشڪش ڏاڍي وڻندڙ آهي. حقيقت ۾ انداز ئي ڪنھن به فن پاري کي توجهه لائق بڻائي ٿو. جوزف ڪنراڊ Joseph Conrad  چيو آهي:

“My task which I am trying to achieve is by the power of the written word to make you hear to make you feel, it is before all to make you see that and no more, and is everything.” (8)

يعني آئون پنھنجن لفظن وسيلي توهان جو ڌيان ڇڪائڻ ٿو چاهيان ۽ توهان کي احساس ڏيارڻ ٿو چاهيان ۽ اوهان کي ڪجهه ڏيکارڻ ٿو چاهيان ۽ بس، جيڪڏهن ائين ڪري ويس ته، ڄڻ مون سڀ ڪجهه ڪري ورتو. هن ڪھاڻيءَ ۾ واقعي به شوڪت حسين شورو اسان کي هڪ اهڙي دنيا ڏيکاري ٿو، جنھن تي بظاهر هڪ قَلَعِي چڙهيل آهي ۽ هو پنھنجن لفظن جي آڌار اها قَلَعِي لاهي ڪردارن جي اصليت اسان جي سامھون کڻي اچي ٿو.

هيءَ ڪھاڻي ڳوٺاڻي توڙي شهري سماجي پسمنظر ۾ لکيل آهي. ڪھاڻيءَ جي مکيه ڪردارن ۾ عارب ۽ قاسم نالي ٻه ڀائر آهن ۽ صفوران ۽ زرينه نالي سندن زالون شامل آهن. ٻين ڪردارن ۾ وڏي ڀاءَ يعني عارب جا ننڍڙا ٻار، ماسي امينه (جنھن جو اصل نالو ڀاڳل هو ۽ هوءَ ڪيئي سال اڳ پنھنجي مڙس سان گڏ سکر جي ٻهراڙيءَ مان لڏي حيدرآباد ۾ اچي رهي هئي، سندس مڙس جيڪو اصل ۾ ڌاڙيل هو، پر امينه سان شاديءَ کانپوءِ ڳوٺ مان لڏي حيدرآباد ۾ اچي گمنام ٿي رهڻ لڳو، پر ڪنھن جي چغليءَ سبب پڪڙجي پيو ۽ کيس ڦاسي جي سزا اچي وئي. مڙس جي ڦاسي چڙهڻ کانپوءِ امينه/ڀاڳل پنھنجي پٽ ۽ ننهن سان گڏ حيدرآباد ۾ رهيل هئي)، امينه جو پٽ صديق، رئيس ۽ ڪجهه ڇوڪريون شامل آهن. ڪھاڻيءَ جي ابتدا ٻن واقعن سان گڏ ٿئي ٿي. پھريون واقعو اهو ته ڳوٺ ۾ ٻوڏ اچڻ واري آهي، ٻين ڳوٺاڻن وانگر هي ٻئي ڀائر به زمينن تي ڪم سانگي ويل هئا، پر ٻوڏ جو ٻڌي ٻنيءَ جو ڪم ڪار ڇڏي ڊوڙندا گهر اچن ٿا ۽ تڪڙ ۾ گهر جو سامان سرڙو سهيڙن ٿا. ايتري ۾ ڏسن ٿا ته وڏي ڀاءَ عارب جي زال صفوران گهر ۾ موجود ناهي. ننڍو ڀاءُ قاسم کيس هيڏان هوڏانھن ڳولي ٿو، پر هوءَ نظر نٿي اچي، نيٺ گهر جي پوئين پاسي هوءَ کيس ڳوٺ جي ڪنھن نوجوان سان ڳالهائيندي نظر اچي ٿي، جنھن سان قاسم جي اڳ ئي نه لڳندي هئي. هو ڪهاڙي کڻي کين مارڻ لاءِ ڏانھن ڊوڙي ٿو، جنھن کي ڏسي نوجوان ته ڀڄي وڃي ٿو پر، قاسم پنھنجي وڏي ڀاڄائيءَ تي ڪهاڙيءَ جا وار ڪري کيس قتل ڪري ڇڏي ٿو ۽ رت هاڻي ڪهاڙي کڻي گهر پھچي ٿو. جتي سندس وڏو ڀاءُ، ٻارڙا، سندس گهرواري کيس رت ٻڏل ڪهاڙي سميت ڏسي سڀ وائڙا ٿي وڃن ٿا ۽ هو جڏهن صفوران جو کانئس پڇن ٿا ته هو چوي ٿو فلاڻي سان ڳالهايائين پئي سو مون کي غيرت اچي وئي ۽ مون کيس ماري ڇڏيو. جنھن تي وڏو ڀاءُ کيس چوي ٿو، ”منھنجي گهرواري هئي گهٽ ۾ گهٽ مونکي ته ٻڌائين ها!“ جنھن تي قاسم کيس چوي ٿو ته هو ٿاڻي تي وڃي قتل جو اعتراف ڪندو. وڏو ڀاءُ ڏک ۾ وٺجي وڃي ٿو ۽ کانئس ڪهاڙي وٺي ٿو ۽ چويس ٿو ان جي ڪا ضرورت ناهي ۽ هو ٿورو گهڻو سامان کڻي نڪرڻ جي ڪن ٿا؛ جو ٻوڏ جو پاڻي سندن گهر ۾ داخل ٿي چڪو هو. هو ڪنھن طريقي سان سکر ۾ مٿانهين هنڌ تي ٻوڏ متاثرن لاءِ جوڙيل ڪئمپ ۾ پهچن ٿا. امداد ۾ مليل تنبوءَ ۾ رهن ٿا ۽ مليل سرڪاري مانيءَ جا ٻه گرهه کاڌي نه کاڌي جھڙا کائي سمهي رهن ٿا. صبح جو جڏهن قاسم اٿي ٿو ته، کيس ڪئمپ ۾ نه ڪو ڀاءُ ٿو نظر اچي نه ئي وري ان جا ٻارڙا. هو کين گهڻو ڳولي ٿو، پر هو کيس نٿا ملن. ڪجهه ڏينھن ڪئمپ ۾ گهاري زال سان صلاح ڪري ٻئي زال مڙس ريل ذريعي حيدرآباد ۾ رهندڙ پنھنجي ماسيءَ وٽ پهچن ٿا، جيڪا پراڻو نالو ڀاڳل مٽائي هاڻي امينه جي نئين نالي سان سڃاتي پئي وئي. هو ڪجهه ڏينھن اتي خاموشيءَ سان رهن ٿا. قاسم نوڪري جي ڳولا ڪري ٿو؛ جيڪا اول ته کيس نٿي ملي ۽ پوءِ هڪ هوٽل تي بيراگريءَ مليس ٿي پر، هفتي ۾ ئي ڪم چڱي نموني نه ڪري سگهڻ سبب، هوٽل جو مالڪ نوڪريءَ تان جواب ڏئي ڇڏي ٿو. گهر ۾ قاسم کي ماسيءَ جي ڪرت تي شڪ پوي ٿو. پر ڪڇي نه ٿو سگهي. آخر ماسي کيس واضح لفظن ۾ ٻڌائي ٿي ته توکي هونئن به نوڪري نٿي ملي، زرينه جي ٻانهن سندس حوالي ڪري ته، هوءَ کيس هر مھيني خرچ پکي لاءِ پنج هزار ڏيندي، جنھن تي هو پھريان ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي وڃي ٿو پر، نيٺ ڪا واهه نه ڏسي زرينه کي ماسيءَ جي حوالي ڪري ٿو. جيڪا کيس مخصوص ”ڌنڌي“ تي لڳائي ٿي. هوءَ جڏهن هار سينگار ڪري قاسم کان ”گراهڪ“ ڏانھن وڃڻ جي موڪل گهري ٿي ته هوپنھنجي ٽٽندڙ انا کي محسوس ته ڪري ٿو، پر ڪنڌ جهڪائي کيس وڃڻ جي موڪل ڏئي ٿو. اتي اچي ڪھاڻي ختم ٿي وڃي ٿي.

شوڪت حسين شورو  مڃيل ڪھاڻيڪار هو. هن سماج کي گھرائيءَ سان ڏٺو، سوچيو ۽ سمجهيو هو. هو پنھنجي ڪنھن به ڪھاڻيءَ ۾ نعريبازي، تبليغ يا تشريح جھڙا عنصر داخل نه ٿو ڪري؛ بلڪه سندس ڪھاڻيون هوريان هوريان اڳتي وڌن ٿيون، پڙهندڙ جي ذهن ۾ پنھنجي جاءِ ٺاهين ٿيون ۽ پڄاڻيءَ تائين پهچندي پڙهندڙ کي پنھنجي سحر ۾ وڪوڙي وڃن ٿيون. هن ڪھاڻيءَ ۾ به شوڪت صاحب ساڳيو ئي اسلوب رکيو آهي. ڪھاڻيءَ جو مرڪزي نُڪتو اِهو آهي ته پنھنجي ڀاڄائيءَ کي شڪ جي بنياد تي قتل ڪندڙ قاسم پنھنجن هٿن سان پنھنجي گهرواريءَ کي ”گراهڪ“ ڏانھن موڪلي ٿو. پر ڪھاڻيڪار هن ڪھاڻيءَ ۾ اهڙو اندازِ بيان اختيار ڪري ٿو جو ڪردار، موقعي اچڻ تي پنھنجي اصليت پاڻ ئي پاڻ ظاهر ڪن ٿا. ڪھاڻيڪار، ڪھاڻيءَ ۾ ڪٿي به نظر نٿو اچي. بلڪه هيءَ ڪھاڻي پنھنجي اڻت ۾ پاڻ ئي پاڻ ڪردارن، واقعن ۽ پيدا ٿيندڙ صورتحال آڌار اڳتي وڌي ٿي.

”. . .رات جي پوئين پھر قاسم ۽ زرينه کي ننڊ اچي وئي، هو جڏهن صبح جو اٿيا ته تنبوءَ ۾ نه ڪو ٻار هئا، نه عارب هو.“ (9)

سندس ڀاءُ رات وچ ۾ ٻارڙن کي ساڻ وٺي بنا ڪنھن اطلاع جي هنن کي اڪيلو ڇڏي هليو وڃي ٿو. سندس ان ريت خاموشيءَ سان هلي وڃڻ سان ٻه ڳالهيون سامھون اچن ٿيون. هڪ ته هو پنھنجي گهرواريءَ جي قتل جو ڏک ساڻ کڻي، ٻارڙن کي يتيم ٿيندو ڏسي ٿو؛ ٻيو ته هو تمام گهڻو ڏکيرو ۽ ڪاوڙيل هجڻ جي باوجود پنھنجي ننڍي ڀاءُ کي پوليس وٽ رپورٽ ڪري نٿو ٻڌرائي. جنھن جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ ته هو سندس ننڍو ڀاءُ آهي، ممڪن آهي سندس ماءُ پيءَ مرڻ کان اڳ کيس ان جي پارت ڪيئي هجي. يا وري رت جي رشتي ۽ ان جي ڇڪ کيس ايئن نه ٿي ڪرڻ ڏنو.

” قاسم چيو، ڀانيان ٿو ادا ٻارن کي وٺي ڪٿي ٻئي هنڌ هليو ويو آهي.“ زرينه کي هانءَ ۾ جھڙوڪ ڌڪ لڳي ويو.هوءَ سمجهي وئي ته عارب کانئن ڌار ٿي ٻارن کي وٺي ڪيڏانھن نڪري ويو هو... ”ادا وٽ ڪجهه ڏوڪڙ هئا، پر هو اسان کي هيکلو ڪري رولي ويو،‘ قاسم شڪايتي لهجي ۾ چيو، ادي عارب کي ميار ڪهڙي منھن سان ٿو ڏيين، زرينه پھريون ڀيرو قاسم کي منھن تي چئي ڏنو.“ (10)

هتي زرينه جو هاڪاري ڪردار سامھون اچي ٿو. هوءَ سمجهي ٿي ته جڏهن سندس مڙس پنھنجي ڀاڄائي شڪ جي بنياد تي قتل ڪئي آهي ۽ پنھنجي ڀاءُ جي ٻارن کي يتيم ڪيو آهي ته، پوءِ به هو پنھنجي ڀاءُ لاءِ شڪايت ڇو پيو ڪري؟ (مطلب ڪهڙي منھن سان) اهو سنڌي عورت جي هاڪاري ڪردار ۽ سماجي قدر جي پَتِ رکڻ واري روش ڏانھن اشارو آهي.

”ڪئمپ ڇڏي سکر جي ريلوي اسٽيشن تي آيا. حيدرآباد جون ٻه ٽڪيٽون ورتيون ۽ ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي پيا.“ (11)

ڪا واهه ڪو رستو نه ڏسي، هو سکر ڇڏي حيدرآباد اچن ٿا. هتي ڪھاڻيءَ جو هنڌ ٻڌايو ويو آهي. يعني ڪھاڻيءَ جو قاتل ڪردار قاسم اتر سنڌ جو آهي. اها حقيقت به آهي ته لاڙ، ڪوهستان، ٿر يا وچولن علائقن جي ڀيٽ ۾ اتر ۽ سري وارن علائقن ۾ ڪارو ڪاريءَ جي ڪُڌي رسم عام رهي آهي. ڪھاڻيڪار ڪھاڻيءَ جو ماڳ مڪان ٻڌائي پڙهندڙ کي ڪھاڻيءَ جي هنڌ ۽ ماڳ جي معروضي حالتن کان واقف ڪيو آهي.

”شابس ٿئو ابا ماسيءَ کي صفا وساري ويٺا، مان ٽي ويءَ تي ٻوڏ جون خبرون ڏسي ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويس ته منھنجي يتيم ڀاڻيجن جو الائي جي ڪهڙو حال ٿيو هوندو.“ (12)

ڪھاڻيءَ ۾ ماسيءَ جو اهڙو گرم جوشيءَ وارو آڌر ڀاءُ سنڌي عورت جي گهريلو قدرن کي ظاهر ڪري ٿو، جنھن سان اهو واضح ٿئي ٿو ته سنڌي سماج ۾ عورت ڪهڙين به حالتن کي منھن ڏيندي هجي، هوءَ پنھنجن رشتن ۽ مھمانن جو آڌرڀاءُ ڪندي آهي.

”قاسم صديق کي چيو: ”ڀائو صديق توکي ڪا نوڪري سُجهي ته يار مون کي وٺائي ڏيار، ڪنھن نه ڪنھن روزگار سان لڳي وڃان.“ صديق کلڻ لڳو، ”نوڪريون اهڙيون سوليون ملن ها ته مان ڇو بيروزگار ويٺو هجان هان. مئٽرڪ پاس آهيان پر پٽيوالي به ڪانه ٿي ملي.“ (13)

ڪھاڻيءَ ۾ قاسم وانگر صديق جو ڪردار به ’ناڪاري‘ آهي، توڙي جو هو ڪنھن جو نقصان نٿو ڪري، پر هڏ حرام ٿي ويهڻ ۽ ”ماءُ جي ڪمائيءَ“ تي گذران ڪندڙ ڪردار به ته، سماج لاءِ هاڃيڪار آهي. اڪثر سنڌ جي ٻھراڙين ۾ صديق جھڙا ڪردار چانهه جي هوٽلن ۾ هلندڙ فلمن تي پنھنجو وقت وڃائي، گهر جي عورتن تي رعب ڪن ٿا. جيڪڏهن ڪا عورت ڪُڇي ٿي ته ان کي ڊيڄاريو، ماريو يا هيسايو وڃي ٿو. سنڌي سماج جي پوئتي پوڻ جو وڏو سبب اهڙا ئي نڪما نوجوان آهن، جيڪي ڪم ڪار  ڪرڻ بدران گهروارن تي بار رهن ٿا. ان کان به وڌيڪ خراب ڳالهه اها آهي ته مائٽ اهڙن نوجوانن جون شاديون به ڪرائين ٿا؛ جنھن سان گهر جي وهنوار تي ٻيڻو بار پوي ٿو ۽ گهر جي مالي حالت ڪمزور ٿي وڃي ٿي. نتيجي طور سماج پوئتي ڌڪجي وڃي ٿو ۽ ان ۾ هاڪاري قدرن بدران ناڪاري قدر جنم وٺن ٿا.

”هي روز شام لڙيءَ رات جو ماسيءَ جي گهر ۾ الاجي ڪير ڇوڪريون ٺهي جڙي اچي نڪرنديون آهن. اهي آهن ڪير؟ ماسيءَ جي گهر ۾ ڇا ٿيون ڪن؟“(14)

هتي ڪھاڻيءَ ۾ قاسم جو ڪردار شڪ ڪري ٿو. جيتوڻيڪ سندس شڪ ڪرڻ صحيح آهي، پر هو وري به ڌيرج سان سڀني شين جو جائزو وٺي پوءِ پنھنجي زال سان پنھنجي اندر جي ڳالهه اوري ٿو.

”هڪڙي ڏينھن ٻارهين ڌاري زرينه ماسيءَ وٽ ويٺي هئي ته هڪ فون آئي، ”ها رئيس مان خوش آهيان، ڳوٺ کان ڪڏهن آئين؟ پوءِ کلندي چيائين، “اچڻ سان ايڏي تڪڙ، چڱو مان ڏسان ٿي، گهر آهي ته وٺي ٿي اچانس.“ (15)

شوڪت صاحب انتھائي ڪاريگريءَ سان ڪھاڻيءَ ۾ صورتحال پيدا ڪري ڪھاڻيءَ کي اڳتي وڌايو آهي.

ماسيءَ زرينه ڏانھن نھاريو، ”تون هلندينءَ گهمڻ؟“ الائي جي ڪٿي ماسي. . .، ڙئي ڪٿي هلي چڪر هڻي اچون... نسرين مرڪي زرينه ڏانھن ڏٺو... پوءِ هلون، ماسيءَ زرينه کان پڇيو، زرينه هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ته ماسيءَ هن ڏانھن نھاري کلندي چيو، ”هن حال ۾ ٻاهر هلندينءَ ڇا؟ لٽا ته چڱا پائي وٺ.“ (16)

هن ڪھاڻيءَ جي هڪ خوبي اها به آهي ته ڪھاڻيءَ ۾ تمام خوبصورت ۽ ڪردارن سان ٺھڪندڙ ٻولي ڪتب آندي وئي آهي. نتيجي ۾ ڪردار ۽ انهن جا مڪالما اوپرا نٿا لڳن ۽ ڪردارن سان پڙهندڙ جي ويجهڙائي قائم ٿي رهي آهي.

”زرينه پھريون ڀيرو زندگيءَ ۾ ڪو بنگلو ڏٺو هو، ۽ هن کي سٺو لڳو هو... دير ئي ڪانه ٿي ته وهي چڙهيل ۽ بوسڪيءَ جو وڳو پاتل رئيس اندر آيو، هن مرڪندي ماسيءَ کي کيڪاريو... پوءِ هن ڇوڪريءَ ۽ زرينه ڏانھن ڏٺو.“ (17)

هڪ ڳوٺاڻي عورت کي شهر جي پُر رونق زندگيءَ جو وڻڻ فطري آهي. ڪھاڻيڪار فطري انداز سان ڪردارن ۽ صورتحال جي آڌار آهستي آهستي ڪھاڻيءَ کي اڳتي وڌائي ٿو. اهو پڻ سندس فن ئي آهي ته هو ڪھاڻيءَ کي ڪنھن به موڙ تي فلمي انداز سان اڳتي نٿو وٺي وڃي؛ بلڪه ڪھاڻيءَ ۾ ايندڙ هر نئين صورتحال گذريل صورتحال يا حالت مان ڦُٽندي ڏيکاري وئي آهي. اهڙيءَ ريت ڪھاڻيءَ ۾ ڪردارن جو هر عمل صحيح لڳي ٿو. ڪھاڻي ڪجهه هن ريت اڳتي وڌي ٿي.

”رئيس کلندي چيو... امينه جوانيءَ ۾ تون به قھر هئينءَ، پر تو واري ڀاڻيجي واهه جو پکي آهي. آئون ته اصل ڪسجي ويو آهيان... ’نه رئيس منھنجي ڀاڻج جي زال آهي، مون وٽ مھمان ٿي آيا آهن... مان توکي زرينه کان وڌيڪ سھڻي ڇوڪري هٿ ڪري ڏينديس...‘ رئيس ماسيءَ جي اڳيان ٻئي هٿ کڻي ٻڌا، ’ڏس امينه بس ڪيئن به ڪري ڪو بلو ڪر... ڇوڪري رئيس توکي ڏسي چريو ٿي پيو آهي.‘ ماسي هن جي ڀر ۾ ويھي کلندي چيو.“ (18)

هن سطح تي پھچي ڪھاڻيءَ ۾ ماسيءَ جو ڪردار زرينه سان هاڻي ايترو ويجهڙو اچي چڪو آهي جو، ان سان هر ڳالهه کُلي ڪري ڪرڻ چاهي ٿو. ڪھاڻيءَ کي شعوري طور سگهارو ڪري اڳتي وڌائڻ هر ڪھاڻيڪار جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي. شوڪت صاحب جيئن ته هڪ ڪاريگر ڪھاڻيڪار آهي؛ ان ڪري هو پنھنجن ڪردارن کي وائڙو ۽ حيران پريشان ڪرڻ بدران انهن کي سمجهائڻ واري سطح تي آڻي پوءِ ئي ڪھاڻيءَ کي اڳتي وڌائي ٿو.

”توکي خبر آهي گهر ۽ هيڏو خرچ ڪيئن ٿو هلي؟ صديق ٻارن ٻچن وارو ٿي ويو آهي، پر گهر جو ڪو اونو ڪونه اٿس. ماڻس جو ڪمائي ويٺي. پڻس جي سڄي ڌراوت ڪيسن جي بلي خرچ ٿي وئي. پاڻ ڦاهيءَ تي چڙهي ويو ته پويان ويلا پئجي ويا. صديق اڃان ٻار هو مون وٽ پنھنجي جوانيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه هو ... دنيا ڏاڍي ڏُکي آهي زرينه! ڪنھن نه ڪنھن نموني منھن ته ڏيڻو آهي نه! ماسي پوتيءَ سان ڳوڙها اگهندي چيو زرينه ماسيءَ جون ڳالهيون ٻڌي هراسجي وئي هئي.“ (19)

ماسيءَ جو ڪردار زرينه سان دل جو سڄو احوال اوري ٿو. ايسيتائين قاسم جو شڪُ هاڻي پڪ ۾ بدلجي وڃي ٿو.

”مون کي ماسيءَ جا پرڪار سٺا ڪونه ٿا لڳن“ قاسم چيو، ...ڪا واهه هجي ته هتان نڪري هلون، قاسم چيو، مرد ماڻهو آهين ڪا واهه ڳولهي ڪڍ. . . .مرد ماڻهوءَ کان ڪجهه نٿو ٿئي پوءِ ڀلا مون کي ڇڏ ته ماسيءَ سان گڏجي ٻاهر نڪران . . .زرينه چڙ ۾ چئي وئي. قاسم جهڙپ ڏئي هن کي ڳچيءَ مان کڻي جهليو. وري جي اهڙي ڳالهه ڪئي اٿئي ته ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيندو سانءِ. . .ڀڙون سان گڏ رهي تون به انهن جھڙي ٿي وئي آهين. . .اسين ڀڙوا آهيون، باقي پاڻ اهڙو غيرتي آهين ته ويٺو ڇو آهين هتي.“ (20)

ڪھاڻيءَ ۾ هتي اچي ماسيءَ جي گهر، ڪرت، ڌنڌي ۽ ڪم ڪار جي سموري صورتحال قاسم جي سامھون کُلي پوي ٿي، جنھن تي هو جُڙتو ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿو ته ماسي کيس گهر ڇڏڻ جو چتاءُ ڏئي ٿي. جنھن تي قاسم پريشان ٿي وڃي ٿو.

”ڏي خبر تو وارو مڙسالو آيو سنوت ۾ يا نه؟ ماسيءَ زرينه کان پڇيو. مڙئي ڪجهه نرم ٿيو آهي، چئي ٿو ماسي پرچائي ڏي.” زرينه کلندي چيو، “چڱو وٺي اچينس. . .”ويهه ميان قاسم خان. .  .ڏاڍا مڙس“، ”نه ماسي تنھنجو ٻچو آهيان.“، ”منھنجي مرحيات ڀيڻ جو پٽ آهين تڏهن ته مون به توکي پنھنجو رت جگر سمجهي پنھنجي گهر ۾ رهايو. باقي جي تون مون کي ڪنو ڪري ٿو سمجهين ته در کليو پيو اٿئي.“ (21)

ڪھاڻيءَ جي هن مقام تي قاسم جو ڪردار انتھائي بيوس ۽ لاچار ڏيکاريو ويو آهي ۽ جنھن شڪ جي بنياد تي، هو پنھنجي ڀاڄائيءَ کي قتل ڪري ٿو؛ ان ڪرت جي اجازت پنھنجي گهرواريءَ کي ڏيڻي ٿي پويس.

”ماسي پرس مان پنجين سو وارا چار نوٽ ڪڍي اڳيان رکيا. ”منھنجي هن ڪمائيءَ تي سڄو گهر هلي ٿو، لڪ لڪاءُ ڪانه ٿي ڪريان، منھنجو ڌنڌو تنھنجي اڳيان آهي’ . . .تنھنجي زال ۽ ٻار جو خرچ مون تي آهي، تون ان کان ڇٽل آهين، توکي مھيني سر مھيني پنج هزار کيسي جي خرچي ملندي، بس زرينه جي ٻانهن منھنجي حوالي ڪر‘ . . .ڀلي هينئر جواب نه ڏي، هڪ ٻه ڏينھن ٿڌي دماغ سان سوچ ويچار ڪر، پوءِ جيڪا تنھنجي مرضي.“(22)

ان دوران قاسم جو ڪردار ڇا ٿو سوچي؟ ڪهڙي آنڌ مانڌ ۽ ڀڃ ڊاهه مان ٿو گذري؟ اهو ڪھاڻيءَ ۾ واضح ڪونهي. کيس گهڻو وقت چپ ڏيکاريو ويو آهي. جيتوڻيڪ اهڙن موقعن تي ڪردار جي خودڪلامي سامھون اچڻ گهرجي ها. پر قاسم جو ڪردار خاموش ڏيکاريو ويو آهي ۽ ڪھاڻي اڳتي وڌي ٿي.

”ڪجهه دير کان پوءِ زرينه اندر آئي ته، قاسم جو وات پٽجي ويو. هن اهڙي ٺھيل جڙيل زرينه ڪڏهن ڪانه ڏٺي هئي. هن کي پھريون ڀيرو زرينه ايڏي سھڻي نظر آئي. “هاڻي ٻڌائي موڪل ڏين ته، ماسيءَ سان گڏ وڃان.” قاسم جو جسم ٻيهر پٿرائجي ويو. . .“ ڇا ٿو چئين؟ . . .ڪجهه دير کان پوءِ هن زرينه ڏانھن نهارڻ کان سواءِ ڀڻڪاٽ ڪيو.“ ڀلي وڃ. . . زرينه ڪنڌ کي موڙو ڏئي، هن کي ٽوڪ وچان مرڪي ڏٺو ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي.“ (23)توڙي جو ڪھاڻيءَ ۾ ڪو تجسس نه آهي، پر پوءِ به ڪھاڻيءَ ۾ ڪافي هنڌن تي اهڙي حالت ڏيکاري وئي آهي جو، پڙهندڙ جو ساهه مٺ ۾ اچي وڃي ٿو. اهو شوڪت شوري جو فن ئي آهي جو، هو پڙهندڙ کي ڪھاڻي ۽ ان جي ڪردارن سان جڪڙي رکي ٿو.

نامياري اديب مدد علي سنڌي صاحب هن ئي ڪھاڻي بابت لکيو آهي ته:

”ڪھاڻيءَ جو پلاٽ جاندار ۽ ٻولي وڻندڙ آهي. اڄ جي معاشري ۾، هن قسم جون ڳالهيون عجيب ڪونهن. اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي. سنڌ ۾ معاشرتي اوڻاين، اڻ برابريءَ، ڏاڍ، جبر ۽ ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جو سلسلو سنڌي ادب ۾ گهڻي وقت کان جاري آهي...سال 1932، 1942 ۽ 1954ع وارين ٻوڏن سنڌ ۾ تباهي ته آندي، پر ان دور جي ڪھاڻين ۾ غربت، لاچاري ۽ ماڻهن جي بيوسيءَ جو عڪس چٽيل آهي. غلام رباني آگري جي مشھور ڪھاڻي ”بري هن ڀنڀور ۾“ هڪ مجبور ڳوٺاڻي جي تباهيءَ جو احوال آهي. پر هاڻ گذريل سال دريا جي ٻوڏ ۽ هن سال مينھن وڏا هاڃا ڪري ڇڏيا. ان ايڏي وڏي معاشرتي ٻوڏ، سنڌ جي ٻھراڙين ۾ رهندڙ عام ماڻهن جا مسئلا، معاشي تباهيءَ جي شڪل ۾ تبديل ڪري ڇڏيا. ”غيرتي“ ڪھاڻي به، انهيءَ اٿل پٿل واري پس منظر جي ڪھاڻي آهي.“ (24)

حقيقت ۾ فرد جي لاچاري ۽ بيوسي پنھنجي جاءِ تي اهم آهي؛ پر جنھن سطح تي وڃي شوڪت صاحب هن ڪھاڻيءَ جي ڪردار جي قَلَعِي لاٿي آهي؛ اهو عمل اهم آهي. ڇاڪاڻ ته اسان جي سماج ۾ پنھنجي ننڍڙي ۽ اجائي انا جي آٿت خاطر اهڙا ڪردار ڪيئي ڪِيس ڪندا رهن ٿا ۽ نتيجي طور انهن ڪردارن سان سلهاڙيل ٻيا ڪردار گهڻو ڀوڳين ٿا. هن ڪھاڻيءَ ۾ قاسم جڏهن پنھنجي ڀاڄائيءَ کي شڪ جي بنياد تي قتل ٿو ڪري ته سندس ڀاءُ ۽ ان جا ٻار ڪيترو ڀوڳين ٿا؟ ان جي ڪل قاسم کي ڪانهي. پر جڏهن پاڻ ڪمائي نٿو سگهي ۽ پنھنجي گهرواريءَ کي ڪنھن ٻي ڏانھن موڪلي ٿو ته سندس ڪيفيت ٻي محسوس ٿئي ٿي.

اها ڪھاڻيڪار جي ڪاريگري آهي ته هو ڪيترن ئي جاين تي ڪردارن کان ڪي لفظ ۽ مڪالما چورائي ته نٿو، پر پوءِ به پڙهندڙ اهي لفظ پڙهي، ٻڌي ۽ سمجهي سگهن ٿا. جيئن ڪھاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي زرينه جي ڪنڌ کي موڙي ڏيڻ ۽ ٽوڪ واري مرڪ مان لفظ ”غيرتي پُٽ“ آرام سان ٻڌي ۽ سمجهي سگهجي ٿو. هيءَ ڪھاڻي ان شخصي انا تي تکو وار آهي، جنھن جي ور چڙهي ڪيئي سماجي ڪردار اهڙا ڪُڌا ڪم، هڪ ڀيرو ڪري ته وڃن ٿا ۽ انهن جي نتيجن کي به ڀوڳين ٿا. پر اهو عمل سر انجام ڏيڻ وقت امڪاني نتيجن ڏانھن ڌيان نه ٿا ڏين. جيئن هن ڪھاڻيءَ ۾ شڪ جي بنياد تي پنھنجي ڀاڄائيءَ کي قتل ڪندڙ قاسم جو ڪردار حالتن کي منھن نه ڏيندي، پاڻ پنھنجي هٿن سان پنھنجي گهرواريءَ کي ڪڌي ڪم لاءِ موڪلي ٿو. هن ڪھاڻيءَ ۾ شوڪت شوري صاحب سماجي حقيقتن تان پردا کنيا آهن. هو پنھنجن ڪردارن جي چونڊ هن ئي سماج مان ڪري ٿو، انهن کي گهربل ٻولي، وقت ۽ حالتون ڏيئي ٿو ۽ آخر ۾ کين پنھنجي منطقي انجام تائين پھچائي سچي ڪوڙ ۽ ڪوڙي سچ کي وائکو ڪري ڇڏي ٿو.

شوڪت صاحب جي ڪھاڻين بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو بلڪل درست لکيو آهي ته:

”شوڪت جون ڪھاڻيون اهي جيئرن جاڳندن ڪردارن جون ڪھاڻيون آهن، جيڪي ڏوھ ثواب، غم ۽ خوشي جي هن دنيا ۾ پلجن ٿا.“ (25)

هيءَ ڪھاڻي به شوڪت شوري جي چونڊيل ڪردارن جي ڏوهن، ثوابن، ذهني ڀڃ ڊاهه، آنڌ مانڌ، ڏک، ڪاوڙ، نفرت ۽ راضپي جي ڪھاڻي آهي.

نتيجو:

شوڪت شوري صاحب جي هيءَ ڪھاڻي ”غيرتي“ سماج جي اهڙي ڪردار تان قَلَعِي لاهي، ان کي سڀني اڳيان چٽو ڪري بيھاري ٿي؛ جيڪو هٿ ٺوڪي غيرت ۽ انا سبب شڪ جي بنياد تي پنھنجي ڀاڄائيءَ کي ته قتل ڪري، پنھنجي ڀاءُ کي هميشه لاءِ وڃائي ويھي ٿو، پر مخصوص ۽ مجبور حالتن ۾ پنھنجي گهرواريءَ کي ’ڪُڌي ڪرت‘ تي لڳائي ٿو. هن ڪھاڻيءَ ۾ سماج جي ان يا اهڙي هر ڪردار تي سخت تنقيد موجود آهي، جيڪو ڪابه سماجي ذميواري قبول ڪرڻ نٿو چاهي، پنھنجي ٻار ۽ گهرواريءَ جو پيٽ نٿو پالي سگهي، پر هٿ ٺوڪي انا سبب پاڻ کي گهڻو ڪجهه سمجهي ٿو. ڪھاڻي ان ’گهڻو ڪجهه سمجهڻ‘ واريءَ سوچ تان سٽ ڏئي چادر لاهي ڇڏي آهي. آخر ۾ ڪردار پنھنجي سموري شخصي وڏائيءَ ۽ ڀرم جي ڀت ڪري پوڻ سبب سماج جي اڳيان ظاهر ٿي پوي ٿو ۽ عورت جي طنزيه مرڪ کيس مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي ٿي. هن ڪھاڻيءَ ۾ سماجي حقيقتن تان پردا کنيا ويا آهن، ۽ ڪردارن جي پت وائکي ڪئي وئي آهي. ڪھاڻيڪار جيئن ته سماج جو نقاد به هوندو آهي ۽ شوڪت صاحب ته پنھنجي قلم جي سگهه سان ڪيترين ئي ڪھاڻين ۾ سماج تي ڪڙي تنقيد ڪئي آهي، ۽ هن  ڪھاڻيءَ ۾ پڻ پڙهندڙ سماجي ڪردارن تي ڪيل تنقيد جي گھرائي پرکي سگهي ٿو.

حوالا:

  1. The new encyclopea of Britannica, vol. 10 761
  2. قاضي، خادم ، ”ادب ۽ روايتون“، سنڌي ساهت گهر، 1992 صفحو72
  3. [1] “writing short stories”, William Phillip, 2002, page 4
  4. [1] New burns wick short stories, Dorothy Dearborn, Neptune publishing company, Canada, 2003, page, 5
  5. پليجو، رسول بخش، ”سندي ذات هنجن“، سنڌي ادبي پبلشنگ ايجنسي گاڏي کاتو، حيدرآباد، 1983ع، ص، 105
  6. بلوچ تاج، ”جديد ادب جو تجزيو“، سوجهرو پبليڪيشن ڪراچي، 2014ع ص، 211
  7. William H Phillip, Writing short stories, Syracuse University Press UK, 2002, page, 3
  8. شيخ، نفيس احمد ناشاد، ايڊيٽر: ٽه ماهي ”مهراڻ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1980ع، ص258, 259.
  9.  شورو، شوڪت حسين ، مرتب:”سئو سالن جون چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 2014ع، ص، 419
  10.  شورو، شوڪت حسين ، مرتب:”سئو سالن جون چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 2014ع، ص، 420
  11. ساڳيو حوالو، ص، 421
  12. شورو، شوڪت حسين ، مرتب:”سئو سالن جون چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 2014ع، ص، 422
  13. ساڳيو حوالو، ص، 422
  14. شورو، شوڪت حسين ، مرتب:”سئو سالن جون چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 2014ع ، ص، 424
  15. ساڳيو حوالو
  16.  شورو، شوڪت حسين ، مرتب:”سئو سالن جون چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 2014ع ص،  425
  17. ساڳيو حوالو
  18.   شورو، شوڪت حسين ، مرتب:”سئو سالن جون چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 2014ع ص،  428
  19.  ساڳيو حوالو، ص، 430
  20.  ساڳيو حوالو، ص، 433
  21. شورو، شوڪت حسين ، مرتب:”سئو سالن جون چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 2014ع ، ص، 434
  22.  ساڳيو ، ص، 435
  23.  ساڳيو حوالو، ص، 435
  24. https://sindhishortstories.blogspot.com/2013/01/blog-post_15.html

جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، سنڌي ادب جي تاريخ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، (جلد ٽيون)، 2006ع، ص 103

259 ڀيرا پڙهيو ويو