محبت ٻرڙي جو لغت سازيءَ تي ڪيل ڪم :تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس
(Critical Analysis of work done by Muhabbat Buriro on Dictionary of Sindhi Language)

دين محمد ڪلهوڙو / پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو

Abstract:

 Muhabbat Buriro is a trustworthy name in Sindhi language. He has worked in the fields of dictionary, encyclopedia, terminology, phonetic, syntax, glossary and grammar. In this research paper, the works of Muhabbat Buriro on glossary are investigated and critically analyzed. This research paper also classifies topic’s relevant elements, such as the dictionary’s definition, rules and art. Also, the work circle of writers is also classified.

In the research paper, the meaning and analysis of Sindhi words are to be revealed which are also translated by great writers as well. And with that meaningful analysis is done as well. All the works of Muhabbat Buriro on dictionary and glossary are discussed in this research paper.

Keywords:  Dictionary, Encyclopedia, Phonetic, Syntax, Glossary, etc.

لغت ڪنھن به قوم جي ٻوليءَ جو اهو تاريخي، ثقافتي، تھذيبي، تمدني، قانوني ۽ اساسي دستاويز آهي، جنھن ۾ لفظ پنھنجي اصل معنيٰ، ساخت ۽ ترتيب ۾ رکيا ويندا آهن ۽ لغت ساز لفظن جي ان ترتيب ۽ ساخت طرف پورو پورو ڌيان ڏئي ٿو، ڇو ته هر لفظ پنھنجي تاريخ رکي ٿو. جڏهن به ٻوليءَ جي لفظن ۽ اصطلاحن جو پس منظر جاچڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي، تڏهن اُن لاءِ انهيءَ سماج جي تهذيب ۽ تمدن جو به مطالعو ڪرڻ ضروري بڻجي ٿو. لغت ساز لاءِ اُهو هڪ مسلسل ۽ لڳاتار عمل آهي. جان رچرڊسن ’لغت’ جي باري ۾ لکي ٿو ته:

” لغت جي معنيٰ آهي ’ٻولي‘، گفتگو يا لھجو. انگريزيءَ ۾ هن (لغت)   لاءِ(Lexicon)  لفظ ڪم آندو ويو آهي. ’علم لغت‘ لاءِ (Lexicography) (1)

يعني هن فن لاءِ انگريزيءَ ۾ ٻه ڌار اصطلاح‘Lexicography’  ۽ ‘Dictionary’  ڪم اچن ٿا.

لغت سازيءَ ۾ جتي لفظن کي هڪ جاءِ تي الف ب وار ترتيب ڏيئي، انهن جي لفظي ۽ اصطلاحي معنيٰ، پڙهڻي ۽ پس منظر ڏنو وڃي ٿو، ته اُتي هڪ اساسي لفظ مان ٺھندڙ ٻين لفظن جو به جائزو ورتو وڃي ٿو. ڄڻڪ ٻوليءَ جي ميدان ۾ هيءُ هڪ بيحد اهم ڪم آهي.

محبت ٻرڙي ’لغت‘ جي تياريءَ لاءِ گهربل لفظن ۽ اصطلاحن جي کوجنا ۽ انهن جي اُکيڙ ذريعي معنيٰ تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ لفظن ۽ اصطلاحن جي اُکيڙ ڪئي آهي ۽ انهن جي تھه تائين وڃي ڪئين معنائون متعارف ڪرايون آهن، ڇو ته محبت ٻرڙو ڄاڻي ٿو ته، دنيا جي هر زبان، علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ تاريخي طور ڪو نه ڪو پس منظر رکندي آهي، لغت تيار ڪرڻ وقت اُن سموري پس منظر کي ويچار هيٺ آڻبو آهي.

محبت ٻرڙي جو لغت سازيءَ ۾ ڪم جو دائرو

محبت ٻرڙي لغت سازيءَ جي لاءِ لفظن ۽ اصطلاحن جي گهاڙيٽي، اشتقاقن، ڌاتن، جزن سميت انهن جي معنيٰ ۽ تاريخي پس منظر سمجهائڻ کان وٺي، نون لفظن ۽ اصطلاحن گهڙڻ (coin) تائين به ڪم ڪيو آهي. ان تناظر ۾ هن ڊاڪٽر بلوچ جي ترتيب ڏنل ’جامع سنڌي لغات‘ جي پھرئين جلد جو تنقيدي اڀياس به ورتو آهي. هتي انهن ٻنهي حوالن سان تحقيقي بحث جاري رکجي ٿو.

محبت ٻرڙي سنڌي زبان جي آوازن تي جنھن نموني سان تحقيق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اها ٻين عالمن جي ڀيٽ ۾ نرالي ۽ الڳ حيثيت واري نظر اچي ٿي. هن سنڌي ٻوليءَ کي انهن شاهوڪار ٻولين جي صف ۾ بيھاريو آهي، جن ۾ ’آواز‘ معنيٰ جي اعتبار کان بنيادي حيثيت رکي ٿو. يعني سنڌي زبان جا آواز، پنھنجي مزاج ۽ سڀاءَ ۾ ڪا نه ڪا ’بنيادي معنيٰ‘ رکن ٿا، جن جي بنياد تي انهن مان ٻيا لفظ ڦُٽن ٿا ۽ ائين آوازن جي سٽاءَ سان ٻين ڪئين لفظن ۽ اصطلاحن جو هڪڙو نظام جُڙي پوي ٿو.

ڊاڪٽر الھداد ٻوهئي، سراج الحق ميمڻ ۽ محبت ٻرڙي جي ’آوازن‘ بابت ڪيل ڪم کان پوءِ ڄاڻ پوي ٿي ته، ٻوليءَ ۾ ’آواز‘ کي معنيٰ ملڻ جا ٻه اهم اصول آهن: (1) فطرتي آوازن جي ذريعي ٻوليءَ ۾ مفھوم جو پيدا ٿيڻ ۽ (2) اشارن جي آوازن ذريعي معنيٰ جو پيدا ٿيڻ.

پھرئين اصول بابت بيان، ڊاڪٽر الھداد ٻوهئي جي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جو سماج ڪارج‘ سميت سراج الحق ميمڻ جي ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ ۾ ملي ٿو ۽ ٻئي اصول جو ذڪر، محبت ٻرڙي ’ٻوليءَ جو بڻ‘ ۾ ڪيو آهي. هتي انهن ٻنهي اصولن جي اپٽار ڪجي ٿي.

  1. فطرتي آوازن جي ذريعي ٻوليءَ ۾ مفھوم جو پيدا ٿيڻ

هن اصول مطابق، فطرتي آوازَ، لفظن ۽ اصطلاحن جي ڌاتن جو بنياد بڻيا آهن ۽ گڏوگڏ پکين ۽ جانورن جي آوازن جي نقالي به هن اصول کي هٿي ڏئي ٿي. سراج الحق ميمڻ لکي ٿو ته:

”ٻوليون آوازن جو مجموعو آهن ۽ منھنجي نظر ۾ ٻولين جي اُسرڻ جو سڀ کان صحيح نظريو اهو آهي ته، جن ٻولين ۾ لفظن جا ڌاتو، فطرت جي محرڪات جي آوازن سان مشابھه هجن، اُهي ئي ٻوليون ابتدائي انسانن جون ٻوليون آهن. فطرتي عناصر ۾ ڪيترائي آواز آهن: مٽي، هوا ۽ پاڻي پھريان عناصر هئا، جن سان انسان جو واسطو رهيو هو...“(2)

الف.   هوا ۾ پيدا ٿيندڙ ’سُون سُون‘ يا ’سُو سُو‘، انسان جي ٻڌڻ واري سگهه يعني حواس کي بار بار متاثر ڪيو. انهيءَ ’سُو سُو‘ يا ’سون سون‘ جي معنيٰ ’آواز‘ طور انسان جي ذهن ۾ اُڀري. يعني سُ يا سُو معنيٰ ’آواز‘. اهڙي طرح ’سُ’ يا ’سُو‘ آواز ٻين لفظن جو بنياد بڻيا، جيئن: سُوسٽ، سُوساٽ، سُوسڙو، سُراٽ، سيسراٽ، سُرسُر، سُس پُس وغيره. هنن لفظن جو ڌاتو ’آواز‘ بڻيو. انهيءَ پسمنظر ۾ هيٺين لفظن جو مشاهدو ڪبو ته، انهن جو بنياد، ’سُ’ يا ’سُو‘ آواز نظر ايندو. سُڻڻ، سُئڻ، سُڻس، ساگر، سُر، سيٽي، سينڍ، سانت، سائر وغيره

ب.      پاڻيءَ ۾ گوڙ ۽ شور به هوندو آهي ته، سانت به هوندي آهي. پاڻي ڪنھن مٿانهين جبل کان هيٺ آبشار ۾ ڪِرندو آهي ته وڏا گرڙاٽ، گڙگڙ يا گرگر ڪندو آهي. انهيءَ آواز مان’گ’ يا ’گر‘ پاڻيءَ سان لاڳاپيل آوازن جو تصور پيدا ٿيو. انهيءَ ’گ‘ يا ’گر‘ ڌاتوءَ مان ٻيا لفظ ڦُٽي نڪتا، جيئن: گُرڙي، گُرڙاٽ، گَرڙاٽ، گجگوڙ، گجي، گاج، گجڻ، گوڙ، گرج، گارو وغيره. ان کان علاوه، پاڻيءَ جي وڻندڙ وهڪري دوران جيڪي آواز پيدا ٿيا، تن ۾ جر جر، جهرجهر يا شر شر جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا، اهڙيءَ طرح جرجر، جهرجهر يا شرشر به پاڻيءَ جي آوازن جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳا، جن مان پوءِ ڪيترائي ٻيا لفظ جُڙي پيا. جيئن: جَر، جَل، جهرڻو، جهانءِ، جُهڙ وغيره.

ج.       مٽيءَ ۾ جانورن جي ’کرڙڻ‘ کي ڏسي اوائلي انسان، اُن کي اُها معنيٰ ڏني، جنھن مان ڪئين ٻيا لفظ ڦُٽي نڪتا، جيئن: کيڙڻ، کيڙ، کيڙي، کوڙڻ، کيت، کينهو وغيره. جانورن جي زمين کرڙڻ سان جيڪو آواز پيدا ٿيو، اُهوئي هنن لفظن جو اڳتي هلي بنياد بنيو.

  1. اشارن جي آوازن ذريعي معنيٰ جو پيدا ٿيڻ:

انسان، شروع کان ئي فطرت ۽ اُن ۾ موجود سمورن لقائن کي مشاهدي ۽ تجربي هيٺ آڻيندو رهي ٿو ۽ اُن مان سکندو رهي ٿو ۽ اُن طرح پنھنجي ٻوليءَ کي وسيع ڪندو رهي ٿو. اشارن جا آواز دراصل انسان، فطرت ۽ اُن جي اصولن مان سکندو رهي ٿو. ان ڪري اشارن جا آواز، ٻوليءَ جي بنيادي نظرين ۾ اهم حيثيت رکن ٿا ۽ اشارن جي ٻوليءَ جو بنياد، فطرتي آوازن سميت جانورن، پکين ۽ ٻين چَرند پَرند جيوتن تي مدار رکن ٿا. ڊاڪٽر الھداد ٻوهيو لکي ٿو ته:

”اشارا، ٻوليءَ جي انتھائي سُڌريل صورت آهن. اشارن مان ڪي ٻڌڻ وارا اشارا ٿين ٿا، جيڪي آوازن جي وسيلي پيدا ڪجن ٿا ۽ ڪي ڏسڻ وارا اشارا ٿين ٿا، جيڪي اکين سان ڏسي، پوءِ سمجهي ٿا سگهجن.“(3)

اهڙيءَ طرح چئي سگهجي ٿو ته: آوازَ (Sounds) ۽ اشارا (Gestures) گڏجي ’معنيٰ‘ کي تخليق ڪن ٿا. ڊاڪٽر الھداد ٻوهئي جي راءِ مطابق، ٻڌڻ وارا اشارا، دراصل گفتگوءَ ۾ ڪم ايندڙ لفظن ۽ اصطلاحن جي بنيادي صورت آهن ۽ ڏسڻ وارا اشارا، انهن لفظن ۽ اصطلاحن جي لکڻ جي بنيادي صورت آهن.

محبت ٻرڙو ’اشارن‘ کي ٻوليءَ جي آڳاٽي صورت قرار ڏئي ٿو. هو لکي ٿو ته:

”آوازن کان سواءِ ٻوليءَ جي آڳاٽي صورت هئي. اشارا (Gestures). اشارن مان ڪي ٻڌڻ وارا اشارا ٿين ٿا، جيئن شاديءَ، غميءَ، عيد، ڌمال، جنگ وغيره جو دُهل، ڀير يا نغارو، ريلوي اسٽيشن تي ريل گاڏيءَ جي اچڻ جو گهنڊ يا وڃڻ مهل گارڊ پاران سيٽي، پوليس جي سيٽي، خطري جو هارُنُ وغيره ۽ ڪي ڏسڻ وارا اشارا ٿين ٿا، جيڪي اکين سان ڏسي پوءِ سمجهي سگهجن ٿا، جيئن ڪرڪيٽ راند ۾ امپاير جا اشارا، ٽرئفڪ پوليس مئن جا اشارا وغيره.“ (4)

مٿين ٻنهي اصولن جي آڌار تي محبت ٻرڙي لفظن ۽ اصطلاحن جي بنيادي معنيٰ لاءِ ’آواز‘/ ’اکر‘ کي ڌاتوءَ واري صورت ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس راءِ موجب، لفظن جي ٺھڻ جي ترتيب امڪاني طرح هيٺين طريقي موجب، جُڙي هوندي:

  • امري لفظ، جيڪي فعل جي ’ڌاتو‘ طور ڪم ايندا هوندا ۽ سندن زمان ’حال‘ هوندو.
  • امري لفظ جي ڌاتوءَ مان ٺھندڙ صفتن جو اسم جُڙيو هوندو.
  • صفت کان جدا ’اسم‘ جُڙيا هوندا.
  • اسم کان جدا ’صفتن‘ سان جُڙيل لفظ آهستي آهستي وجود ۾ آيا هوندا.
  • ماضي ۽ مستقبل جو تصور بعد ۾ جُڙيو هوندو.
  • ڪائنات ۾ پيدا ٿيل شين جي فطرت معلوم ڪئي ويئي هوندي ۽
  • انفرادي خصلتن ۽ گڻن لاءِ به ڪي مخصوص لفظ ٺهيا هوندا.

محبت ٻرڙي جي تحقيق مطابق:

هر آواز، وينجن مان گهڙجي تيار ٿيو آهي. يعني فعلي ڌاتوءَ جي پٺيان مختلف پڇاڙين (Suffixes) ملائڻ سان ڪيترائي لفظ ٺھن ٿا، جيڪي وينجن منجهان گهڙجي نڪرن ٿا. مثال طور:

فعلي ڌاتوءَ پٺيان /-اِج) ملائڻ سان:

اُٿِج، رِهج، هلِج، کائِج، پيئِج، جهلِج، مرِج، ٻُڌِج، ٻَڌِج، ڇُٽِج، لهِج، ٻارِج، کارِج، ڊهرائِج، مارائِج، بيھارِج، ٻُڌائِج، ٻَڌائِج، گڏِج، رُلِج، سلِج وغيره ٺھن ٿا.

فعلي ڌاتوءَ پٺيان /-اِن/ ملائڻ سان:

جهلِن، ڄڻِن، کائِن، ڊاهِن، ساڙِن، ٻارِن، ساڙائِن، مارائِن، کارائِن وغيره ٺھن ٿا.

فعلي ڌاتوءَ پٺيان /-اَن/ ملائڻ سان:

لِکَن، پڙَهن، ويھَن، بيھن، ڊهَن، ٺھن، ٽھن، سھن، ملَن، کِلَن، ڊوڙَن، ڏسَن، هلَن، ٻڌَن، گهمَن، ليٽَن، اٿَن وغيره لفظ ٺھن ٿا.

فعلي ڌاتوءَ پٺيان /-اَڻ/ ملائڻ سان:

اٿَڻ، رهَڻ، هلَڻ، سمھَڻ، ويھَڻ، بيھَڻ، ڊهَڻ، ڏسَڻ، ٻُڌَڻ، گهمَڻ، وڙَهڻ، مِلَڻ، چڙهَڻ، ڀڄَڻ، ڊوڙَڻ وغيره لفظ ٺھن ٿا.

فعلي ڌاتو پٺيان /-اِڻ/ ملائڻ سان:

کائِڻ، پھرِڻ، ٻارِڻ، کارِڻ، ٽارِڻ، لاهِڻ، ڏهرائِڻ، سمھارِڻ، مارائِڻ، بيھارِڻ، کيڏائِڻ، ٻڌائِڻ، سَٿِڻ، ڪٿِڻ، وڍِڻ، جهلِڻ، ڄڻِڻ وغيره ٺھن ٿا.

  1. ’ماءُ‘ ۽ ’پيءُ‘ (والدين جي رشتن تي غور ڪندي ’مائٽ‘ لفظ کي ما (ء) + اِٽ =’مائٽ‘، جزن ۾ ٽوڙي سگهبو. هن ۾ /ما(ء)/ پروس صرفيه طور ۽ /-اِٽ/ هڪ پڇاڙيءَ طور ڪم آيو آهي. انهيءَ لفظ مان ٻيا جيڪي رشتا/ مائٽ نڪرن ٿا، اُهي ماءُ جي طرفان ٺھن ٿا: جيئن: ماسي، ماسڙ، مامو، مامي، ماسات، ماروٽ وغيره. هي اهڙا لفظ آهن، جيڪي  ’ماءُ‘ جي نسبت کي ظاهر ڪن ٿا.

ساڳيءَ طرح’پي‘ (ء)’ جي رشتي يا مائٽيءَ سان ظاهر ٿيل لفظن ۾ /پ-/ هڪ اهڙي اڳياڙي‘ (Prefix)، هڪ پروس صرفيه آهي، جيڪو ’پيءُ‘ (والد) واري معنيٰ ڏئي ٿو. اهڙي طرح /-ٽُ/ هڪ پروس صرفيه آهي، جيڪو  اِتي هڪ خصوصي نسبت کي ظاهر ڪري ٿو، جيئن:

پُ + ٽُ (پُٽُ

(پوٽ (هڪ اڻ ڌري جنس رکندڙ لفظ، عدد اڻڄاتل

(پوٽو (مذڪر واحد

(پوٽي (مؤنث واحد

(پوٽا (مذڪر جمع

(پوٽيون (مؤنث جمع

اهڙيءَ طرح /پيءُ/ جي ’پ‘ جي نسبت سان پڦي، پڦڙ، پڦاٽ وغيره لفظ جُڙيا آهن، جيڪي ’پيءُ‘ جي طرفان نسبت کي ظاهر ڪن ٿا.

  1. ’سَگهه‘، ’سَگهو‘، ’اَگهو‘ اهڙا لفظ آهن، جن مان پھرين ٻن لفظن جي معنيٰ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ زور، طاقت، ٻَلُ، طاقتور، مضبوط جي معنيٰ ڏنل آهي ۽ پوئين لفظ جي معنيٰ ضعيف، ڪمزور، بي مزي ڏنل آهي.

انهن ۾ /سَگهو/ جو آخري ڊگهو سُر /او/ پڇاڙي، ’وارو‘ جي معنيٰ ڏيکاري ٿو، يعني سگهه وارو، سگهه رکندڙ، ڊگهو /اُو/ پڇاڙي، جنس مذڪر، عدد واحد کي ظاهر ڪري ٿو. /سگهِي/ جي پڇاڙي /اِي/ آهي، جيڪا ’وارِي‘ جي معنيٰ ڏيکاري ٿي، يعني – سگهه واري، سگهه رکندڙ. /اِي/ پڇاڙي جنس مؤنث ۽ عدد واحد کي ظاهر ڪري ٿي. /سَگها/ ۽ /سَگهيون/ واري سُرَ ٻنهي جا جمع لفظ آهن. /سَگهه/ اسم، جنس مؤنث، ’گَهه‘ جي مٿان زبر يعني ننڍو سُر آهي.

/سگهُه/ فعل جي امري صورت آهي ۽ مروج ناهي.

/سگههۡ/ ڄاڻايل قاعدي موجب فعل جو ڌاتو هئڻ گهرجي، پر هيٺين مثالن مان معلوم ٿيندو ته ’سَگهه‘ ڌاتو نه آهي:

-         سَگهِر (هڪ ناڌر لفظ)

+        سَگهرو، سَگهرا، سگهِري، سَگهِريون، سگهاريون

-         سگهائت

+        سگهائتو، سگهائتا، سگهائتي، سگهائتيون

-         سگهت

+        سگهتو، سگهتا، سگهتي، سگهتيون.

مٿي ڏنل سمورا لفظ بظاهر ته ’سَگَهه‘ يا ’سَگهه‘ مان نڪتا آهن، پر هيٺ تحقيقي ڇنڊڇاڻ اُن جي ابتڙ حقيقت کي ظاهر ڪري ٿي.

عام طرح چيو ويندو آهي ته ’سَگهه‘ هڪ مفرد لفظ آهي، جنھن جا ٻه پد آهن: سَ+گَهه ڇا ’سگهه‘ سچ پچ هڪ مفرد لفظ ٿي سگهي ٿو، ڇا اُن کي وڌيڪ بامعنيٰ جزن ۾ ٽوڙي نٿو سگهجي، ڇا اُن ۾ اڳيان موجود /س/ هڪ پروس صرفيه، هڪ اڳياڙي نه آهي ۽ ڇا اها ڪَٽجي وڃڻ کان پوءِ باقي بچندڙ صوتيو يا پد  ]گهَه[ يا /گهه/ هڪ پاڻ- وس صرفيه، هڪ ننڍي ۾ ننڍو معنيٰ دار جزو، هڪ مفرد لفظ نه آهي؟

حقيقت هيئن نظر ايندي جڏهن ’اَگهو‘، ’اگهِي‘ ۽ ’اگهائي‘ جون پڇاڙيون /-او/، /-اِي/ ۽ /-آئي/ هٽائي ڏسبو ته باقي ڪھڙي صورت ملي ٿي، اُها صورت آهي ’گهه’.

ڇا ’سگهه‘ ۽ ’اگهه‘ هڪ ٻئي جو ضد نه آهن؟ (محبت ٻرڙو سوال پڇي ٿو!)

’سگهو‘ ۽ ’اگهو‘، ’سگهي‘ ۽ ’اگهي‘، ’سگهائي‘ ۽ ’اگهائي‘ جڏهن هڪ ٻئي جو ضد آهن ته پوءِ ’سَگهه‘ ۽ ’اگهه‘ به هڪ ٻئي جو ضد هئڻ گهرجن. ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ’اگهو‘ کي بنيادي لفظ ڄاڻايو ويو آهي ۽ ’سگهه‘ ۽ ’سگهو‘ کي توڻي جو ثانوي يا ورتل (Derivated) لفظ ڄاڻايو ويو آهي، پر انهن ٻنهي لفظن جو ڌاتو ’سگهڻ‘ سڏيو ويو آهي.

مٿي ڏنل بحث جي روشنيءَ ۾ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته انهن ۽ اهڙن ٻين ساڳيو ڌاتو رکندڙ لفظن جو حقيقي ڌاتو لفظ ’گهه‘ آهي.

محبت ٻرڙي مٿئين اصول مطابق، ’گهه‘ ڌاتوءَ مان 330 لفظ جوڙيا آهن، جن مان ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڪي هيڪڙ ٻيڪڙ ڏنل آهن، نه ته اڪثر لفظن جي داخلا ڪونه ٿي ملي.

محبت ٻرڙي موجب: ”سنڌي ٻوليءَ جو ڪو به ڌاتو ٻول ڪنھن به طرح عدد ۽ جنس کي ظاهر نٿو ڪري ۽ اهو ڌاتو ٻول جيڪو ڪنھن فعلي صورت کي جنم ڏئي ٿو، اهو ڌاتوءَ واري حيثيت ۾ ڪنھن به زمان کي ظاهر نٿو ڪري، رڳو سرگرميءَ جي نشاندهي ڪري ٿو.“ (5)

محبت ٻرڙي مٿئين بيان جي دليل ۾ هيٺيون مثال ڏنو آهي:

]وَڍ  =و+اَ+ڍ[، هڪ ڌاتو ٻول (لفظ) آهي.

-         وَڍِ ]و] + [اَ] + [ڍ] + [اِ[، (امر واحد، جنھن جو جمع ’وڍيو‘= /وَڍ/+/او/ آهي.)

-         وَڍُ] و] + [اَ] + [ڍ] + [اُ[، (اسم، جنھن جو جمع ’وڍَ‘=/وڍ/ + /اَ/ آهي.)

-         وَڍَ ]و] + [اَ] + [ڍ] + [اَ[، (اسم ’وڍڻ‘ جي حالت، جنھن جو جمع ’وڍون‘ = /وَڍ/+/اُون/ آهي.)

-         وَڍو ]و] + [اَ] + [ڍ] + [او[، (اسم، جنھن جو جمع ’وَڍا‘= وڍ/ + /اَ/ + /آ/ آهي.)

-         وڍڻ=/وڍ/ + /اَڻ/

محبت ٻرڙي جي انهيءَ ڪسوٽي ۽ صيغي مطابق /ڍ/ جو مخالف/ ضد اکر/ آواز، /ڌ/ آهي. يعني انهن ٻنهي اکرن/ آوازن کي بنياد/ ڌاتو بڻائي هڪ ٻئي جا ابتڙ/ ضد ٺاهي سگهجن ٿا، جيئن:

لفظ              ضد         لفظ          ضد

-         وَڌِ                وَڍُ      -  وڌرائڻ       وڍرائڻ

-         وَڌِ                وَڍِ      -  وڌائيندو     وڍائيندو

-         وڌڻ              وڍَڻ    - وڌرائيندو     وڍرائيندو

-         واڌِ               واڍِ     -  وڌارائيندو   وڍارائيندو، وغيره.

-         واڌو              واڍو             

-         واڌِڪو          واڍِڪو

-         وڌائڻ            وڍائڻ

-         وڌرائڻ           وڍرائڻ

-         ڌَڪ              ڍَڪُ

-         ڌَڪُ              ڍَڪُ

-         ڌَڪِڻ            ڍَڪِڻ

-         ڌاڪُ             ڍاڪُ

-         ڌاڪو            ڍاڪو

-         ڌَڪيندو                   ڍَڪيندو

-         ڌَڪائيندو      ڍَڪائيندو

-         ڌَڪرائيندو     ڍَڪرائيندو

-         ڌَڪبو            ڍَڪبو

-         ڌَڪايل          ڍَڪايل

-         ڌَڪار            ڍَڪار

-         ڌَڪراءِ           ڍَڪراءِ وغيره

عام طور لغت نويسيءَ لاءِ جيڪي اصول ۽ قاعدا مقرر ڪيا ويا آهن، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن:

  • لفظن جي ذخيري کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ.
  • لفظن کي حروف تھجيءَ مطابق ترتيب ڏيڻ.
  • لفظن کي جزن ۽ پدن ۾ ورهائي، اُن جا اُچار (معياري) مقرر ڪرڻ.
  • لفظن جا اصل مادا/ ڌاتو، بنياد ۽ اشتقاق ڪڍڻ.
  • لفظن جي ترتيبوار معنيٰ ۽ تشريح ڪرڻ.
  • لفظن جي وياڪرڻي حيثيت کي ظاهر ڪرڻ، (مثال طور: اسم، صفت، ظرف وغيره ٻڌائڻ.)
  • لفظن جي سماجي حيثيت ۽ معيار مقرر ڪرڻ، (چوڻي، پھاڪا، محاورا ۽ عام ڳالهه ٻولهه ۾ انهن جي بيھڪ وغيره ٻڌائڻ.)
  • لفظن جي هم معنيٰ ۽ ابتڙ معنيٰ متعارف ڪرڻ.

حوالا

  1. John, Richardson (1984), Dictionary of Persian, Arabic & English, revised and improved edition, Lahore: Sang-e-Meel Publication, p 1269.
  2. ميمڻ، سراج الحق، سنڌي ٻولي، (ڇاپو ٻيو)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2009ع، ص: 86.
  3. ٻوهيو، الھداد، ڊاڪٽر، سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، (ڇاپو پھريون)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،ڄامشورو، 1976ع، ص : 247.
  4. ٻرڙو، محبت، ٻوليءَ جو بڻ (ڇاپو پھريون)، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر، 2002ع، ص: 127.
  5. ٻرڙو، محبت، اچو ته پنھنجي سنڌي لکت سنواريون، (ڇاپو پھريون)، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي،قنبر، 2000ع، قنبر، ص: 172-173.
316 ڀيرا پڙهيو ويو