سنڌي ٻوليءَ جو رسم الخط ۽ آئيويٽا: هڪ جائزو
(Script and Alphabet of Sindhi language: A review)
ادريس جتوئي
Abstract:
Sindhi is one of the ancient languages of the world. It has its own alphabet and script. Sindhi language has developed itself and changed into today's script. From Time to time, changes and reforms were made for the betterment. It is not true that Sindhi alphabet was developed by British Rulers. Before British rule, Persian and Arabic were the official languages of Sindh. But in Madrasas and schools or in seminaries Sindhi language was the medium of instructions.
Apart from that Sindhi language was being written in Devanagari, Gurmukhi, Hut wanki, Khojki, Gujrati and Khudawadi script.
In modern times, some of the experts of technology and scholars criticise Sindhi script and alphabet. Some discussions are going on that some letters should be reduced or increased in Sindhi. However, the experts of Sindhi language and linguists agree that the current Sindhi script is standardized. A brief analysis has been made in this research paper.
سنڌي ٻولي، دنيا جي قديم ٻولين منجهان هڪ آهي، اُن جي پنھنجي الفابيٽ ۽ رسم الخط رهي آهي، اُها مختلف دورن ۾ ترقي ڪندي هاڻوڪي صورت تائين پھتي آهي. وقت بوقت اُن ۾ سُڌارا ۽ واڌارا ٿيندا رهيا آهن. اها ڳالهه دُرست نه آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط ۽ ’الف – ب‘ انگريزن ٺاهي آهي. جڳ مشھور سنڌي عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ ۾ واضح لفظن ۾ لکيو آهي ته:
”سنڌي الف - ب جي صورتخطيءَ جي تاريخ کان اڻڄاڻائي سبب هن پوئين ويجهي دؤر ۾ عام طرح ائين سمجهيو ويو ته اها انگريزن جي ڪوششن سان انگريزن جي دؤر ۾ ٺھي“. (1)
سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت کان اڳ فارسي ۽ عربي ٻوليون، دفتري ٻولين طور رائج هُيون، پر مدرسن، مڪتبن ۽ ديني درسگاهن ۾ سنڌي ٻولي پڻ پڙهائي ۽ لکي ويندي هئي. ان کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ لوڪ ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو شاندار ورثو به موجود رهيو آهي. ماضيءَ ۾ مختلف نمونن سان سنڌي ٻولي لکي ويندي هئي، جن منجهان ’ابوالحسن جي سنڌي‘ گهڻو مشھور ۽ رائج رهي آهي. ابوالحسن جي سنڌيءَ بابت، سنڌ جي مشھور ديني عالم علامه غلام مصطفى قاسمي پنھنجي مضمون ’سنڌي حرفن جي صورتخطيءَ‘ ۾ لکيو آهي ته:
”اسان وٽ قديم زبان جي نثري تقرير ٽن صدين کان مٿي نه ملي سگهي آهي، جَسُ هجي ميون ابوالحسن سنڌيءَ کي، جنھن يارهين صديءَ جي آخر ڌاري سنڌي حرفن جي لکڻ لاءِ ڪا صورت بنائي ۽ ’مقدمةالصلواة ‘ نالي سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيو“. (2)
جڏهن ته سنڌي ٻولي؛ ديوناگري، گُرمُکي، هٽ واڻڪي، خوجڪي، گجراتي ۽ خداوادي ۽ ٻين لپين ۾ به لکي ويندي هئي. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ قائم ’ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال‘ جي ديوارن تي انهن لکتن جا نمونا لڳل آهن.
نامور لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر مرليڌرجيٽلي پنھنجي مضمون ’انگريزن جي دؤر ۾ عربي - سنڌي لکاوٽ‘ ۾ لکيو آهي ته:
”انهيءَ وقت سنڌي جدا جدا لپين ۾ لکي ويندي هُئي ۽ لکاوٽ جو ڪو به هڪ مقرر سرشتو نه هو، سنڌ جي اصلوڪي ۽ نرالي سنڌي جا سڄيءَ سنڌ ۾ تيرهن - چوڏهن نمونا هلندڙ هئا. ٻئي طرف عربي-فارسي لکاوٽ ۾ پڻ سنڌي آوازن لاءِ جدا جدا حرف پيا استعمال ٿيندا هئا.“ (3)
مطلب ته ابوالحسن جي سنڌيءَ کان اڳ وارن دؤرن ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي ۽ الفابيٽ رائج رهي آهي. ان بابت سنڌي ٻوليءَ جي نامياري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته:
”موجوده سنڌي - عربي صورتخطيءَ جي ابتدا ۽ اوسر جي تاريخ، ابوالحسن جي دؤر کان نَو سؤ ورهيه اڳ شروع ٿي، ڇاڪاڻ جو سنڌي ٻوليءَ لاءِ ’عربي-سنڌي الف-ب‘ اسلامي دؤر کان وٺي استعمال ٿي. چوٿين صدي هجري ( ڏهين صدي عيسوي) جي پوئين اڌ ۾ خاص طرح سنڌ جي منصوره واري پرڳڻي ۾ اها صورتخطي عام رائج هُئي“. (4)
وڌيڪ ان بابت سنڌي لسانيات جي ماهر ۽ عالم ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته:
”هن صورتخطيءَ جو باني مخدوم ابوالحسن نه هو، پر حقيقت اها آهي ته اهو رسم الخط مخدوم ابوالحسن کان ست سؤ سال اڳ البيروني (1017ع-1031ع) بلڪه محقق البيرونيءَ کان به ڏيڍ سؤ سال اڳ عرب سياح جاحظ (864ع) لکڻ شروع ڪيو هو، جنھن ئي موجوده رسم الخط کي اها شڪل ڏني هُئي، البته مخدوم ابوالحسن ان ۾ معمولي تبديلي آڻي، ان کي پنھنجي ڪتاب ’مقدمة الصلواة‘ ۾ ڪم آندو“.(5)
انگريز، سال 1843ع ۾ سنڌ جا حڪمران ٿيا ته انهن به شروع ۾ فارسيءَ کي دفتري ٻوليءَ طور استعمال ڪيو، پر اڳتي هلي انگريزن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري حيثيت ڏني ۽ ان سلسلي ۾ سُڄاڻ انگريز عالمن سنڌي ٻوليءَ جي لغتن، گرامر،
رسم الخط، صورتخطي ۽ آئيويٽا تي وڏي تحقيق ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جي ترقي،
واڌ ويجهه ۽ استعمال لاءِ ڀرپور اُپاءَ ورتا. سنڌي ٻوليءَ کي مختلف حوالن سان معياري بنائڻ لاءِ ماهرن جون ڪاميٽيون جوڙيون، درسي ڪتاب لکرايا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي معياري لھجي جي چونڊ پڻ ڪئي. جولاءِ 1853ع ۾ بارٽل فريئر جي ڪوششن ۽ ڏاهپ سان موجوده عربي-سنڌي آئيويٽا ۾ سُڌارا ۽ واڌارا ڪيا ويا ۽ اُن کي سرڪاري طور سنڌ ۾ لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ان کان
اڳ بمبئيءَ جي گورنر کان ديوناگري آئيويٽا کي منظور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري چُڪو هو. بارٽل فريئر نه رڳو سنڌي ٻوليءَ کي ڪاروبار، عدالتن روينيو ۽ پوليس ٿاڻن
۾ ڪتب آڻڻ لاءِ قدم کنيا، پر اسڪولن ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ کي تعليم جو ذريعو (Medium of Instruction) قرار ڏنو. انگريزن ۽ ٻين غير سنڌي آفيسرن لاءِ 15 مھينن اندر سنڌي ٻولي سکڻ لازمي قرار ڏني وئي، انهن جي ترقين ۽ پگهارن ۾ واڌارو سنڌي ٻوليءَ سکڻ سان مشروط ڪيو ويو. (هاڻي خبر نه آهي ته ڪھڙن سببن ڪري اهو سلسلو رُڪجي ويو آهي. ڪجهه وقت اڳ تائين به سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اهڙا امتحان وٺندي رهي) ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، رچرڊ برٽن ۽ ارنيسٽ ٽرمپ جا سنڌي آئيويٽا ۽ رسم الخط تي وڏا بحث مباحثا ٿيا. انهن مان هڪڙا ديوناگريءَ جا حامي هُئا ته ٻيا عربي-سنڌي رسم الخط جا- انگريزن پاران ’عربي، سنڌي‘ رسم الخط جي رائج ڪرڻ وقت به ڪجهه وقت تائين ديوناگري رسم الخط پڻ گڏوگڏ هلندي رهي، جيڪا اڳتي هلي ختم ٿي وئي.
سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ ۾ سُڌارن ۽ واڌارن لاءِ ايلس اسسٽنٽ ڪمشنر، انچارج تعليم کاتي، بارٽل فريئر کان هدايتون وٺي، مختلف خيال رکندڙ ٻوليءَ
جي ماهرن جي هڪ ڪاميٽي تشڪيل ڏني، جن پنھنجا رايا ۽ تجويزون ڏنيون ۽ الف-ب جي ترتيب ۾ سڌارا ڪيا. اها ڪاميٽي راءِ بھادر جڳن ناٿ. خانبھادر مرزا صادق بيگ، ديوان پرڀداس، آنندرام رامچنداڻي، ديوان اُڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي، ديوان ننديرام، ميان محمد، قاضي غلام علي ۽ ميان غلام حسين ٺٽويءَ تي ٻڌل هئي. ڪاميٽي 52 اکرن تي ٻڌل ’عربي-سنڌي‘ پٽيءَ کي نئين سر ترتيب ڏيئي، ڪجهه اکرن ۾ سڌارا آندا ۽ اُها ’الف – ب‘ جي پٽي تعليم کاتي جي انچارج مسٽرايلس جي نالي سان ڇاپي، سڄي سنڌ ۾ سرڪاري طور متعارف ڪرائي وئي. ’الف – ب‘ جي سُڌارن واري ان ڪاميٽيءَ ۾ 8 مقامي ۽ 3 يورپي عملدار هئا. مقامي ميمبرن ۾ 4 هندو ۽ 4 مسلمان هُئا. هن ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ۽ گڏجاڻين جو احوال سڀ کان پھريائين خانبھادر محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ۾ ملي ٿو، جنھن ۾ ٻڌايو ويو ته ان ڪاميٽيءَ جون گڏجاڻيون حيدرآباد سنڌ جي ’ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مَئن ‘ ۾ ٿيون. خانبھادر محمد صديق ميمڻ پاڻ ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ 1936ع کان 1947ع تائين پرنسپال رهيو. گڏجاڻين جو رڪارڊ سندس نظرن مان ضرور گذريو هوندو. افسوس اهو آهي ته انهن گڏجاڻين ۾ ٿيل بحث مباحثن جو رڪارڊ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد ۾ محفوظ نه رهي سگهيو آهي. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي پڻ اهو رڪارڊ ڏسڻ لاءِ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد ۾ آيو هو، پر شايد اهو کيس نه ملي سگهيو. مون پاڻ ڪيترائي سال ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان ڪم ڪيو، ان دوران مون پڻ ڪوششون ورتيون ته اهي ڪاميٽيءَ جا منٽس يا ٻيو رڪارڊ هٿ اچن، پر ڪاميابي نه ملي سگهي. ڪاليج سان لاڳاپيل ڪجهه جهونن ماڻهن ٻُڌايو ته شايد اهڙو مواد انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ هجي. بھرحال، 13 جولاءِ 1853ع تي جيڪا الفابيٽ سنڌيءَ لاءِ منظور ڪئي وئي، تنھن جو بنياد گهڻو ڪري ابوالحسن واري سنڌي ۽ پراڻن ڪاتبن جي جوڙيل اکرن تي ٻَڌل هو. ايلس واري ڪاميٽيءَ ۾ ڪجهه اکرن جي شڪلين جي به تبديلي ٿي، اها نئين سر تيار ڪيل نه پر سڌاريل ۽ سنواريل الفابيٽ آهي. بارٽل فريئر ان کي واضح لفظن ۾ Revised Alphabet سڏيو آهي.
ان کانپوءِ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ’جيڪب‘ (جنھن جي نالي سان موجوده حيدرآباد سول اسپتال وارو تلڪ چاڙهي تائين جيڪب روڊ آهي) جي زماني ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي صورتن تي ڪم ٿيو، ’اخبار تعليم‘ 1913ع ۾ پڻ مختلف لفظن جون ترجيحي صورتون ڇاپيون ۽ تعليم کاتي سڄي سنڌ ۾ اُنهن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ جوڳيون ڪوششون ورتيون. مرزا قليچ بيگ جون پڻ ان سلسلي ۾ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو جڏهن ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن ٿيو، ته انهيءَ زماني ۾ پڻ درسي ڪتابن ۾ اعرابن ۽ بيھڪ جي نشانين ۽ مختلف اکرن ۽ لفظن صورتن ۽ خاص طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ ’شد‘ ۽ ’جزم‘ جي استعمال تي وڏو بحث مباحثو ٿيو. ڊاڪٽر دائودپوٽي سان ڪيترن ئي عالمن ۽ ماهرن اختلاف پڻ ڪيا. ايلس ڪاميٽيءَ ۾ به ڪجهه ميمبرن سنڌي الفابيٽ بابت تجويزون ڏنيون. جيئن: ا، ء، ع،- ط، ت،- ض، ز، ذ جھڙن لڳ ڀڳ ساڳين ۽ متشابھه آوازن وارن اکرن مان ڪنھن به هڪ جي چونڊ ڪرڻ بابت راءِ ڏني، پر اُهي رايا قبول نه ڪيا ويا. جڏهن ته 1950ع واري ڏهاڪي ۾ جـڏهن ’سنڌي لغت‘ تـيار ٿي ته ان جي ترتيب موجوده الف-ب واري رکي وئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عالمن اُن الف-ب کي بھتر قرار ڏنو. 1990ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيترن عالمن ’رومن اسڪرپٽ‘ تي به لکيو، حليم بروهي ۽ ٻين اديبن ان کي اختيار ڪرڻ جي ڳالهه به ڪئي. ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر فھميده حسين جي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرپرسن شپ واري زماني ۾، ان اسڪرپٽ تي مذاڪرا ۽ سيمينار ڪيا ويا.
اها حقيقت آهي ته ٻولين جي اسڪرپٽ ۾ سُڌارا ۽ واڌارا ٿيندا رهندا آهن، پر اهي سُڌارا ڪنھن سائنسي تحقيق کان پوءِ ئي ٿيڻ گُهرجن، ان لاءِ لڳاتار سائنسي سوچ جي روشنيءَ ۾ رٿائون جوڙيون وڃن ۽ تحقيق کانپوءِ آيل نتيجن جي روشنيءَ ۾ ٻوليءَ جي گهڻگهرن ۽ عالمن جي وچ ۾ اتفاقِ راءِ ضروري آهي. غير ضروري، ورجايل ۽ آزمايل تجربن کي وري نه آزمايو وڃي.
اڄ ڪلهه سنڌي ٻولي توڙي ٻين ٻولين ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان لساني ضرورتن تي بحث ٿي رهيو آهي ته انهن تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ۽ محنت ڪري حل ڳولڻ گهرجي. ان لاءِ بنيادي اصولن کي سامهون رکيو وڃي ته ٽيڪنالاجي، ٻوليءَ جي مدد لاءِ آهي ۽ ان جو اوزار آهي، مڪمل ٻولي نه آهي. جڏهن سنڌيءَ ۾ پھريون ٽائيپ رائيٽر آيو، تڏهن به سنڌي ٻوليءَ جي استعمال جو بحث آيو، ڪيترن ئي اکرن جي سلسلي ۾ ڏُکيائيون پيش آيون، پر ان وقت به سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن ۽ سڄڻن ولايت تائين وڃي، مسئلن کي حل ڪيو ۽ ٻوليءَ جي مزاج ۽ گهاڙيٽن، وياڪرڻي بيھڪ ۽ الف – ب جو خيال رکيو. ان سلسلي ۾ سائين محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ غلام مصطفى قاسميءَ جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. ان ٽائيپ رائيٽر جي سڄي ڪم جي سرواڻي سائين غلام مصطفى شاهه ڪئي ۽ ٻوليءَ جي گهاڙيٽي، مزاج ۽ لساني ضرورتن جو خيال رکندي ٽائيپ رائيٽر تيار ڪيو ويو. اسان جي ٻوليءَ جي ماهرن ۽ ڪمپيوٽنگ انجنئرنگ جي ماهرن کي پڻ ٻين ٻولين جي تجربن مان به پنھنجي ٻوليءَ جي مزاج موجب فائدو وٺڻ گُهرجي ۽ گُهربل تبديليون عمل ۾ آڻڻ کپن. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۽ ٻين ادارن کي ان سلسلي ۾ وک وڌائي اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پر اها ڳالهه ضرور ذهن ۾ رکڻ گُهرجي ته ٽيڪنالاجي، ٻوليءَ جي ترقي ۽ سَنوارڻ لاءِ آهي نه ڪي ٻوليءَ کي بگاڙڻ لاءِ آهي.
موجوده دؤر ۾ به ڪي ٽيڪنالاجيءَ جا ڄاڻو ۽ علم ۽ ادب سان لاڳاپيل هستيون سنڌي ’الف – ب‘ جي سٽاءَ ۽ اکرن تي اُٻھرائيءَ ۾ تنقيد ڪندي، الفابيٽ ۾ اکرن وڌائڻ ۽ گهٽائڻ جون ڳالهيون بحث هيٺ آڻي رهيا آهن، جڏهن ته سنڌي لسانيات جي مڃيل ماهرن ۽ عالمن ويجهي ماضيءَ ۾ اها گڏيل راءِ ڏني ته سنڌي ٻوليءَ جي ’الف – ب‘ جي ترتيب مستند ۽ معياري آهي. ان سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران مُستند سٽاءَ لاءِ هڪ گڏجاڻي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي ڪاميٽيءَ روم ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرمئن ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ جي صدارت ۾ 26 جولاءِ 1995ع تي ٿي، جنھن ۾ واضح ۽ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته:
”اڄ کانپوءِ الف - ب جي سٽاءَ ۾اها ئي ترتيب مستند ۽ قابل عمل رهندي، جيڪا سنڌي ادبي بورڊ جي شايع ٿيل ’جامع سنڌي لغت‘ (زير نگراني ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) ۾ استعمال ٿيل آهي“.(6)
”ان گڏجاڻيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مڃيل ماهرن ’ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش جي قاضي، محترم محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي، ڊاڪٽر فھميده حسين، محترم امداد حُسيني، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ۽ پروفيسر شيخ محمد فاضل شرڪت ڪئي‘.(7)
بھرحال سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جو سفر روان دوان رهڻ گهرجي. ايڪيھين صدي انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ جي صدي آهي، انهيءَ جي ضرورتن جي پورائي لاءِ ٻوليءَ جي گهرجن، مزاج ۽ گهاڙيٽي کي آڏو رکي اڳتي وڌڻ گُهرجي، ڇاڪاڻ ته ٻولي رڳو ماضيءَ جي سھاري تي گهڻو وقت زند ه نه رهي سگهندي.
(سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۽ انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ فار پرزرويشن آف هيريٽيج پاران 13 جولاءِ 2018ع تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڏينھن ملهائڻ وقت ڪليدي تقرير/ key note speech طور پڙهيل مقالو).
حوالا
1. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ پاڪستان اسٽڊي سينٽر، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو، 1999ع ص 436
2. جروار، خان محمد، مُرتب:’سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون‘، جُلد 11، ’سنڌي حرفن جي صورتخطي‘، غلام مصطفى قاسمي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2007، ص 73
3. جروار، خان محمد، مُرتب:’سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون‘ جُلد11، ’انگريزن جي دؤر ۾ جيٽلي، مرليڌر ڊاڪٽر ’عربي سنڌي لکاوٽ‘سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، ص 452-453
4. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1999ع، صفصحو 437.
5. الانا، غلام علي ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا‘ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006، ص 231.
6. لغاري، محمد امين ايڊيٽر: ٽماهي سنڌي ٻولي، حيدرآباد، جولاءِ - ڊسمبر 2001ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، ص 7-8).
7. ساڳيو ص 7