مخدوم محمد صادق ٺٽوي صديقي: ٺٺي جو هڪ نامور استاد
(Makhdoom Muhammad sadiq: a renowned teacher of Thatta)
ڊاڪٽر محمد انس راڄپر/ ڊاڪٽر محمد علي لغاري
Abstract:
For many centuries, Thatta has been center of knowledge and literature. But from twelfth century of hijra, educational development of Thatta could be seen from Tuhfat-al-Karam, maqalat-ul-shuara and other books of the period. Like these kinds of educational zenith of thata Farid Bakhri watched in eleventh century and called Thatta as `Iraq Thani` (second Iraq). In beginning of the twelfth century (1111 A.D) Hemilton called Thata the city of success, literature, politics and religious and said in Thatta there were four hundred colleges.
Makhdoom Muhammad sadique siddiqui has been a well-known teacher of Thatta city. He taught various religious uloom at Thatta. He travelled to Harmen Shrifen for getting more command on Uloom e Hadith. He learned a lot from their scholars. After completion of his studies in Harmen, he resumed his duties and delivered his knowledge to his homeland students. He also travelled to Bhuj and Katch, where he died. Makhdum Abdullah Naryai, Abdul Kareem Noushahrai and Hafiz Muhammad Yaqoob Tunio remained well known because of his guidance and teaching.
In this paper, various aspects of Makhdoom Muhammad Sadique Siddiqui`s services for religious Uloom, Guidance to students, Fiqh and Fatwa have been discussed in detail.
ٺٽو صدين کان علم، ادب ۽ تدريس جو مرڪز رهيو آهي، پر ٻارهين صدي هجريءَ ۾ هن خطي جي علمي اؤج ۽ ترقيءَ جو نظارو ’تحفة الڪرام‘، ’مقالات الشعراء‘ ۽ ان دور جي ٻين تصنيفن مان چٽيءَ طرح ڏسي سگهجي ٿو. ٺٽي جي اهڙي علمي بھار کي يارهين صديءَ ۾ فريد بکريءَ ڏٺو ۽ ٺٽي کي ’عراق ثاني‘ قرار ڏنائين. (1)
ٻارهين صدي هجريءَ جي آغاز (1111هه) ڌاري هملٽن، ٺٽي کي دينيات، لسانيات ۽ سياسيات جي تدريس ۽ تعليم جي سلسلي ۾ بھترين شھرت جو مرڪز قرار ڏنو. ”هُن ٺٽي ۾ چار سؤ درسگاهن جو ذڪر ڪيو آهي.“ (2) ٺٽي جي هن دور جي ڪيترن ئي عالمن ۽ مدرسن، محدثن ۽ مفسرن، جن ٺٽي جي علمي وقار کي بلند رکيو، تن ڏيھه- پرڏيھه تائين ٺٽي جي علم ۽ تدريس جي هاڪ هُلائي ڇڏي، انهن جو تذڪرو به مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن ۽ ٻئي علمي مواد مان چٽيءَ طرح اسان جي آڏو اچي چڪو آهي. اهڙن عالمن ۽ مُدرِسَن (استادن) مان هڪ مخدوم محمد صادق ٺٽوي صديقي پڻ هو.
ٽي مخدوم :
محمد صادق: هن مقالي ۾ جنھن ’مخدوم محمد صادق‘ جو تذڪرو آهي، ان جي تفصيل ۾ وڃڻ کان پھريائين ضروري آهي، ته مخدوم محمد صادق جي ٻِن ٻين همنام مخدوم محمد صادق نالي وارن مخدومن جي به وضاحت ڪري ڇڏجي، ته جيئن انهن ٽنهي کي الڳ الڳ سڃاڻڻ ۾ ڏکيائي نه ٿئي. انهن ٽنهي مخدومن کي سڃاڻڻ لاءِ، انهن جي نالن سان ڪجهه اضافا ڪري، انهن جو تعين هن طرح ڪري سگهجي ٿو: (1) مخدوم محمد صادق نقشبندي (2) مخدوم مولوي محمد صادق (3) مخدوم محمد صادق ٺٽوي صديقي فاروقي.
مخدوم محمد صادق نقشبندي: ٺٽي ۾ مخدوم آدم نالي ٻه شخص هئا، هڪ مخدوم آدم نقشبندي ۽ ٻيو مخدوم آدم پٽ مخدوم اسحاق صديقي. پھريون مخدوم آدم، سنڌ ۾ نقشبندي سلسلي جو پھريون پير طريقت هو، شيخ احمد سرهندي مجدد الف ثانيءَ جي پٽ عروة الوثقى خواجه محمد معصوم سرهنديءَ سان بيعت ٿيل هيس. مخدوم آدم پٽ مخدوم اسحاق جي ڪري هيءُ پاڻ کي مخدوم آدو سڏائيندو هو، مير قانع ’معيار سالڪان‘ طريقت ۾ لکيو آهي:
”چوڻ غلغله مخدوم آدم صديقي بسيار بود، فرمود: مرا آدو گويند، در يک شھر و يک زمانه دو آدم نباشد.“ (3)
(جڏهن مخدوم آدم صديقيءَ جو چرچو عام ٿيو، ته فرمايائين: مون کي ’آدو‘ چئو، هڪ شھر ۽ هڪ زماني ۾ ٻه آدم نه ٿا ٿي سگهن)
هي مخدوم محمد صادق، مخدوم آدم نقشبنديءَ جي پٽ مخدوم اشرف جو نياڻو هو، وڏو عالم ۽ ڪامل شخص هو. مشھور محدث ابوالحسن صغير سندس پٽ هو ۽ سيد عبداللطيف تارڪ جو مريد هو. (4)
مخدوم مولوي محمد صادق: هي مخدوم عنايت الله واعظ جو پٽ هو، هن جو ٻيو ڀاءُ محمد سعيد واعظ به ٺٽي ۾ شھرت رکندڙ عالم هو. مولوي محمد صادق مخدوم محمد معين جي شاگردن ۾ سڀنيءَ جو نڪ هو. سيد سعدالله سورتيءَ جي پٽ ميرعبدالوليءَ وٽان معقولات جي تحصيل پڻ ڪيائين(5). وقت جو علامه ۽ لياقت ڀريو استاد هو. ڪيترن شاگردن کي ڪمال جي درجي تي پھچايائين. معقولات ۾ پنھنجي وقت جو بينظير هو، هن لاءِ به مير قانع لکيو آهي ته:”سيد عبداللطيف جو مريد هو“(6).
مخدوم محمد معين جي شاگردن مان سڀنيءَ کان وڌيڪ رشد ۽ هدايت وارو هو، شھر ۾ معقولي علمن ۾ کيس عبور هو، همعصرن ۾ بي مثال هو. ميان نعمت الله معقولات ۾ سندس شاگرد هو. شاعري به ڪندو هو، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جڏهن شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي مزار تي نئون گنبذ تعمير ڪرايو ته ان جي تعمير جو سال هن قطعه تاريخ جي صورت ۾ تحرير ڪيائين:
چه خون دل که خورده همچولاله
درين گلشن گرفتم يک پياله (7)
مخدوم محمد صادق صديقي: هي مخدوم محمد صادق پٽ عبدالجميل پٽ علي احمد عرف قمري پٽ مخدوم اسحاق صديقي بن مخدوم عبدالحميد(8)، ٺٽي جي ٻئي مخدوم آدم يعني مخدوم آدم پٽ مخدوم اسحاق صديقيءَ جي خاندان مان آهي، جيڪو هن تحقيق جو موضوع آهي.
ٺٽي جي هن ٻئي مخدوم آدم يعني مخدوم آدم پٽ مخدوم اسحاق صديقيءَ جو هڪ ڀاءُ مخدوم علي احمد عرف قمري هو، جنھن کي ٻه پٽ: (1) مخدوم رحمت الله (2) مخدوم عبدالجميل هئا.جن مان مخدوم عبدالجميل کي ٻه پٽ هئا، هڪ مخدوم محمد صادق، جيڪو هن مقالي جو موضوع آهي ۽ ٻيو مخدوم نعمت الله. ٻين لفظن ۾ مخدوم محمد صادق، مخدوم آدم صديقيءَ جي ڀاءُ جو ڏوهٽو هو.
مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي، ٺٽي جو ٻيو وڏو عالم ۽ مدرس هو، جيڪو مخدوم محمد معين جو همعصر ۽ مخدوم محمد هاشم ۽ مخدوم عبدالله نريي واري جو استاد هو. مخدوم آدم صديقيءَ جي ڀائٽيي مخدوم عبدالجميل جي شادي مخدوم ضياءُ الدين جي نياڻيءَ سان ٿي، جنھن مان کيس مخدوم محمد صادق صديقي ۽ مخدوم نعمت الله ڄاوا. علي شير قانع لکيو آهي، ته:”مخدوم ضياءُ الدين مخدوم محمد صادق (صديقيءَ) جو نانو هو“.(9) ٻين لفظن ۾ مخدوم محمد صادق صديقيءَ جي، ناناڻي پاسي کان نُـک مخدوم ضياء الدين ٺٽويءَ سان، ته ڏڏاڻي پاسي کان مخدوم آدم صديقيءَ سان ملي ٿي.
مخدوم محمد صادق عين جوانيءَ ۾ علمي ڪمال حاصل ڪيو، حرمين شريفين جي زيارت به ڪيائين. مخدوم محمد صادق صديقيءَ جا ڪي به علمي آثار دريافت نه ٿي سگهيا آهن. سندس ڪا يادگار تصنيف اڃا تائين علم ۾ اچي نه سگهي آهي، سندس همعصر دور جي ڪن بياضن ۾ مخدوم محمد صادق جي نالي سان فتوائون ملن ٿيون، پر انهن بابت پڪ سان چئي نٿو سگهجي ته اهي ڪھڙي مخدوم محمد صادق جون آهن. ڇاڪاڻ ته سندس ٻئي همعصر مخدوم صادق وڏي پائي جا عالم هئا. خوشقسمتيءَ سان مخدوم عبدالله نريي واري جو ترتيب ڏنل ڪتاب ’جامع الڪلام في منافع الڪلام‘ ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق ۽ تصحيح سان منظر عام تي آيو، جنھن جي سنڌي ترجمي جي سعادت راقم جي حصي ۾ آئي. هي ترجمو ’سنڌ جي مشاهير علماء جا خط‘ جي عنوان سان شايع ٿي چڪو آهي. هي ڪتاب سنڌ جي مشاهير عالمن جي خطن تي مشتمل آهي، جن ۾ مخدوم محمد صادق جا خط به شامل آهن. اهوئي هڪڙو ماخذ آهي، جيڪو مخدوم محمد صادق صديقيءَ جي چند تحريرن تائين اسان جي پھچ جو ذريعو آهي. هيٺ اسان سندس سوانح جي ڪجهه پھلوئن تي انهن خطن جي بنياد تي روشني وجهنداسين.
ٺٽي جون حالتون ۽ مخدوم محمد صادق جي بيچيني: مخدوم محمد صادق جي خطن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ٺٽي ۾ حاڪمن جي لڙائيءَ جي ڪري ڊگهو عرصو بي يقينيءَ جي صورتحال رهندي ٿي آئي، ان صورتحال سبب شھر جا ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا، ڪيترائي ماڻهو شھر ڇڏڻ تي مجبور ٿيا. مخدوم محمد صادق جي ئي هڪ خط مان ان صورتحال طرف هن طرح اشارو ٿيل آهي:
”حاڪمن جي جهيڙي جي ڪري ڪجهه ڏڦير شھر ۾ موجود آهن، جنھنڪري گهڻا ماڻهو ڀڄي وڃي ويران جاين تي آباد ٿيا آهن. جيڪي رهاڪو بچيا آهن، سي هن وقت دل جي گھراين سان دعائن کي لازم سمجهي وس آهر دعائن ۾ ڪوتاهي نه ٿا ڪن“ (10).
هڪ ٻئي خط ۾ لکي ٿو:
”بدامنيءَ جو خوف، جيئن خبر ڪوڙ ۽ سچ جو احتمال رکندي آهي، تيئن (سچ ۽ ڪوڙ) ٻنهي ڳالهين جو احتمال رکي ٿو ۽ خير جي اميد گهڻو پري آهي،. پر هتي جي رهندڙن جو امن ۾ رهڻ به اهڙوئي غير يقيني آهي“ (11).
هنن حالتن جي ڪري دلي بي آرامي ۽ بي چيني جيڪا مخدوم محمد صادق جي دل تي به ٻوجهه بڻيل هئي، ان جي پيش نظر هڪ خط ۾ هنن لفظن سان دعا ڪئي اٿس:
”الله جل و على زماني جي رنگينين ۽ وقت جي گردشن کان علائقي جي هر پاسي کي خاص طور سڄي سنڌ ۽ ان جي آس پاس کي بچائي ۽ حفاظت ڪري“ (12).
حرمين شريفين لڏڻ جاسانباها: هنن ئي حالتن جي سببان مخدوم محمد صادق پاڻ به خاندان سميت ٺٽي مان لڏڻ جو ارادو ڪيو ۽ ان لاءِ حرمين شريفين ۾ وڃي رهڻ جو پھه ڪيائين. سندس خط ۾ هن طرح ان جو ذڪر آهي:
”منھنجا دوست مھربان! وڌيڪ شفقت وارا ! قسمين حادثن ۽ مختلف سختين اچڻ جي ڪري وطن ڇڏڻ ضروري ٿي پيو آهي. اسان ٻنهي ڀائرن جو فوري طور تي نڪرڻ جو پڪو ارادو آهي، پرطرف ۽ سمت مقرر ڪرڻ ۾ تردد آهي. البته غالب گمان ۽ قوي اميد حضرت الاهيءَ مان اها آهي، ته ديار شريف (حرمين شريفين) الله انهن جو شرف ۽ عزت وڌائي، ڏانھن سفر نصيب ٿئي. سڀني مائٽن مٽن سميت ان ديار ۾ رهڻ جو شرف نصيب ٿئي، جيئن ته اوهان مھربان ايترو ويجهو پھتا آهيو، طبيعت گهري ٿي ته فرحت ڀرئي اچڻ سان خوشي بخشيو، ٻي صورت ۾ جيڪڏهن قسمت سان عزيمت جو اتفاق وقوع ۾ اچي ٿو، ته ان جي حوالگي به هن وقت ٿي وڃڻ گهرجي. البته هن وقت لشڪر جي اچڻ جون وحشتناڪ خبرون وغيره ٻڌجڻ ۾ اچي رهيو آهن، ان بنياد تي اوهان سڳورن جو اچڻ مناسب نه ٿو لڳي. جنھن صورت ۾ سفر مبارڪ جي سعادت حاصل ٿي وڃي، اوهان جي ملاقات پڻ ان اتفاق دوران ٿي وڃي ته اهو سٺو اتفاق ٿيندو. اهوئي اسان گهرون ٿا“ (13).
پر وطن جي مٽيءَ کيس ڪونه ڇڏيو، جلد ئي لڏڻ لاءِ حرمين شريفين جو ارادو ملتوي ڪيائين. جيئن هڪ خط ۾ ان بابت لکي ٿو:
”حرمين شريفين جو ارادو جيڪو گهروارن ۽ دوستن سميت ڪيل هو، في الحال اڻ ڳڻين رڪاوٽن جي سببان عمل ۾ نه اچي سگهيو آهي ۽ حضرت الاهي آڏو آسانيءَ جو سوال آهي. اهوئي هر ڏکيائي کي آسان ڪندڙ آهي“. (14)
حرمين شريفين جي زيارت: سندن حرمين ڏانھن سفر جو ارادو ملتوي ٿيو، پر پوءِ الله کيس حرمين جي زيارت به نصيب ڪئي ۽ ان ڏانھن سفر تي نڪتا، هڪ خط ۾ ان سفر تي روانگيءَ دوران رستي ۾ ڪنھن دوست کي خط لکي ان سان ملاقات جو شوق ڏيکاريندي لکيو اٿس:
”اسان بندر ڪراچيءَ کان سوار ٿي رهيا هئاسين، خيرالبرية ﷺ جي زيارت/ نبي ﷺ جي حضور ۾ ابدي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سنبريل هئاسين“ (15).
ان کان پوءِ نيٺ کيس حرمين جي زيارت نصيب ٿي. هڪ سال جو عرصو اتي رهيو، اتي جي محدثن کان علم حديث ۾ اجازت ورتائين ۽ الله تعالى جي نعمتن سان سرفراز ٿيو. قانع ’مقالات الشعراء‘ ۾ لکيو آهي ته:
”حرمين شريفين جي زيارت جو شرف حاصل ڪيائين ۽ اتي هڪ سال رهي علم حديث جي سند حاصل ڪري وطن واپس وريو“ (16).
حرمين شريفين ۾ ڪھڙن استادن کان علم حديث ۾ اجازت ورتائين؟ اهو ڪنھن به ذريعي سان معلوم نه ٿي سگهيو آهي، البته سنڌ ۾ ان دور ۾ علم حديث جو شوق عروج تي هو. هر طالب علم اهو گهرندو هو ته مقامي طور ٺٽي ۾ علمن جي تحصيل کان فارغ ٿي حرمين جي عالمن کان علم حديث جي سند ضرور حاصل ڪن. ان کي فخر جوڳو ۽ علم حديث ۾ وڌيڪ رتبي ۽ پختگيءَ جو باعث سمجهيو ويندو هو.
درس ۽ تدريس: مخدوم محمد صادق ٺٽي جي انهن نامور استادن مان هڪ هو، جن جي دم ۽ خم سان ٺٽي جا دارالعلوم، ڪاليج ۽ مدرسا آباد هئا، جن جي ڪري ٺٽو ’عراق ثاني‘ سڏجڻ ۾ آيو.
مخدوم عبدالله نريائي پنھنجي ڪتاب ’جامع الڪلام في منافع الانام‘۾ مخدوم محمد صادق کي پنھنجي استادن ۾ شمار ڪيو آهي. مخدوم عبدالله، جيڪي خطن جا عنوان درج ڪيا آهن، انهن مان هڪ خط جي عنوان ۾ لکيو اٿس:
”هي خط پڻ مخدوم مذڪور جو سندس هڪ شاگرد ڏانھن آهي“ (17).
خط جي متن ۾ مخدوم محمد صادق پنھنجي جنھن شاگرد کي خط لکيو آهي، ان جو هنن لفطن ۾ ذڪر ڪيو آهي:
”پنھنجي رب خالق جي رحمت جي محتاج محمد صادق طرفان وفادار دوست وڏي عالم صاف شخص، اخلاق ۽ گڻن جي مالڪ الحاج يعقوب (18)
ڏانھن، الله کيس پنھنجي رضا وارن ڪمن جي توفيق ڏئي ۽ کيس پنھنجي آيتن مان قرآن جو فھم نصيب ڪري“ (19) .
مطلب ته الحاج يعقوب به سندس هڪ شاگرد آهي.
الحاج يعقوب هي خط لکڻ وقت ڪنھن اهڙيءَ جڳھه تي آهي جتان شايد هو مسقط وڃڻ يا موٽي اچي مخدوم محمد صادق وٽ، اڳ وانگر ٻيھر پڙهائي شروع ڪرڻ جي ارادي ۾ ٻڏتر جو شڪار آهي ۽ نه پڙهڻ تي ڏکارو به آهي. مخدوم محمد صادق سان پنھنجي خط ۾ ڪو اهڙو اظھار ڪيو اٿس، جو مخدوم موصوف کيس جواب ۾ لکيو آهي:
”جيڪڏهن اوهان جو مقصد مسقط بندر جي ٻيڙن تي چڙهڻ جو آهي، ته پوءِ موٽي اچڻ بي معنى آهي... تو جيڪو اڳين ۽ گڏيل ورقن ۾ پنھنجو غم ۽ ڏک ظاهر ڪيو آهي، مطالعي ۽ نه پڙهڻ تي ۽ پڙهڻ کان فارغ ٿي ويھي رهڻ تي، اهو سڀ مون کي تسليم آهي... جيڪڏهن اوهان جو ارادو علم حاصل ڪرڻ جو آهي ۽ پوءِ ان سبب جي ڪري غم ۽ ڳڻتيءَ جو اظھار ڪرڻ عجيب آهي ۽ هيءَ جاءِ اوهان جي پنھنجي جاءِ آهي. اوهان کي گهرجي ته سوچيو ۽ پنھنجي معاملي جو استخارو ڪيو. استخاري کان پوءِ جيڪو ظاهر ٿئي ان تي عمل ڪيو. اسان ڏانھن تنھنجو موٽڻ تڏهن صحيح ٿيندو، جڏهن تنھنجي دل پڙهڻ ۽ ڪتابن جي تدريس تي ڪنھن جاءِ تي مطمئن ٿئي. جيڪڏهن ائين عزم هجي ته (هيءَ) جاءِ اوهان جي پنھنجي جاءِ آهي. جتي مشيت اسان کي ڇڪيندي سبق ۽ تدريس ان شاءَ الله اتي وڌيڪ سھڻي ۽ خوبصورت ٿيندي.... جيڪڏهن اوهان جو مون وٽ اچڻ ٿئي ۽ محمد علي جي رفاقت سان اچڻ ٿئي، مطلوب ڪتابن سان گڏ ته اهو ٺيڪ ٿيندو، نه ته نه“ (20).
سندس هڪ ٽيون شاگرد الحاج عبد الڪريم نوشھرائي(21) به آهي. معلوم ائين ٿو ٿئي ته مخدوم محمد صادق وٽ الحاج يعقوب ۽ الحاج عبدالڪريم نوشھرائي گڏ پڙهن ٿا. عبدالڪريم نوشھرائي پنھنجي هڪ خط ۾ مخدوم عبدالله سان رابطي ۽ ملاقات جي شوق باوجود ڪوتاهي جو عذر ڄاڻائيندي کيس لکيو ته:
”شوق انداز کان مٿي آهي ۽ هر ڪم جو وقت مقرر آهي، ڪجهه ڏينھن شيخ معظم مولانا محمد صادق جي صحبت ان کان رڪاوٽ جو سبب بڻي، اوهان کي شيخ حافظ يعقوب سلام ٿو چئي“ (22).
هي سڀ مخدوم محمد صادق جي تدريس جون شاهديون آهن. وٽس هنن ٽن لائق شاگردن وانگر ضرور ڪي ٻيا شاگرد به پڙهي رهيا هوندا. جيئن حافظ يعقوب ڏانھن مٿئين مخدوم محمد صادق جي خط ۾ محمد علي نالي ڪنھن شاگرد جو ذڪر ٿيو، ته ”اوهان جو مون وٽ اچڻ ٿئي ۽ محمد علي جي رفاقت سان ٿئي، مطلوب ڪتابن سان گڏ ته اهو ٺيڪ ٿيندو“ (23).
بدرالدين، اسماعيل، شيخ محمود، قاضي محمد اڪرم، محمد مڪرم، شيخ محمد، يار محمد ۽ ٻيا، جن جا سلام مخدوم محمد صادق شيخ حافظ يعقوب کي لکيا، سي به شايد سندس شاگرد آهن. هڪ خط مان معلوم ٿئي ٿو، ته مخدوم عبدالله جا ٻه پٽ عبدالسلام جيو ۽ عبداللطيف جيو به مخدوم محمد صادق وٽ رهيل آهن، وٽس پڙهن ٿا، جو مخدوم محمد صادق انهن جا سلام مخدوم عبدالله کي موڪلي ٿو(24).
ڪتابن جي ڏي وٺ: ان زماني ۾ ڇپائي ۽ اشاعت جو ڪو آسان نظام ڪونه هو. ڪتاب هٿن سان لکبا هئا، درست ۽ مستند نسخا تيار ڪرڻ لاءِ ماهر ۽ قابل خطاطن جون خدمتون ورتيون وينديون هيون ۽ ماهر عالمن کان انهن مٿان نظر داريءَ جو ڪم ورتو ويندو هو. جيئن مخدوم ضياءَ الدين هڪ خط ۾، ڪتاب جي ڪتابت لاءِ نگراني قبول ڪندي، مخدوم عبدالله کي لکيو:
”گهربل نسخو في الحال ميسر نه ٿيو آهي، ان جي رعايت سان هٿ اچڻ لاءِ به معذرت خواه آهيان، البته جيڪو شخص لکرائيندو، ان سان گڏ
ان شاءَ الله العزيز ناظر ۽ نگران ٿبو“ (25).
مقصد ته مخدوم ضياءُ الدين نسخو نه ميسر ٿيڻ جي ڪري، ٻي سھولت اها ڏيڻ جي آڇ ڪئي، ته ڪو ڪاتب هجي، جنھن کي پاڻ لکرائين، ان جي نگراني ڪن. اهڙي صورتحال جي ڪري ڪتابن جي صحيح نسخن جي وڏي اهميت هئي، پري
پري کان درست نسخا گهرايا ويندا هئا. اهل علم استادن شاگردن لاءِ ڪتاب وڏي وٿ هوندو هو.
ڪتابن وٺڻ، گهرائڻ، انهن جي ڏيتي ليتي ڪرڻ علم وارن جو محبوب مشغلو هوندو هو، مخدوم محمد صادق پڻ هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڪتابن سان گهڻي دلچسپي رکندو هو. ڀُڄَ شھر ڏانھن سفر دوران کيس موقعو مليو ته ڪتاب خريد ڪيائين ۽ ڪنھن هنڌ امانت رکي مخدوم عبدالله کي لکيائين:
”احقر ڀڄ شھر ڪنھن ڪم سان چند ڏينھن گذرندي آيو هو، تن ڏيھن ۾ تاج محمد نالي شاگرد فوت ٿيو. ان جا ڪتاب هڪ: ڪافيه، ٻيو شرح ملا، ٽيون به هڪ جلد، جملي ٽي جلد سليمان امام مسجد اسماعيل وٽ امانت آهن. فوري طور ان طرف لکي ٽيئي جلد پاڻ وٽ گهرايو ۽ ڪنھن اچڻ وڃڻ واري معتقد هٿان فقير ڏانھن موڪلي ڇڏيو“ (26).
اهي ساڳيا ڪتاب آهن، جن مان هڪ ’شرح ملا‘ شايد حاجي يعقوب کي پسند آهي، جنھن لاءِ مخدوم محمد صادق مخدوم عبد الله کي لکيو ته:
”.....کيس (حاجي يعقوب کي) صلاح ڏني آهي، ته پھريائين اوهانجي خدمت گراميءَ ۾ پھچي، پنھنجون امانت واريون شيون پاڻ سان کنيو منزل مقصود ڏانھن روانو ٿئي، ڪتاب شرح ملا، پاڻ استدعا ڪئي هئائين،ته هن پاسي جي شرح ملا سان تبديل ڪري. في الحال سندس رغبت ساڳئي پھرئين ’شرح ملا‘ ۾ آهي. ان بنياد تي لکجي ٿو ته اوهان صاحبن فقير جا ڪتاب جيڪڏهن شھر ٺٽي نه موڪليا آهن، ته پوءِ شرح ملا، جيڪا حاجي يعقوب وٽ آهي. ان کان وٺي فقير جي ڪتابن سان گڏ سانڍي رکندا ۽ شرح ملا، جيڪا اوهان وٽ امانت آهي، اها ان جي حوالي ڪندا“ (27).
هڪ ٻئي موقعي تي مخدوم عبدالله وٽ ميان يونس هٿان ڪتاب موڪليا اٿس ۽ کيس لکيو اٿس:
”منھنجا دوست! ڪجهه ڪتاب ميان يونس جي هٿان اوهان جي گهر پھچائجن ٿا... اوهان گهر پھچندي..... ئي مذڪوره خط منھنجي ڀاءُ ڏانھن ڪنھن شاگرد هٿان يا ڪنھن معتقد هٿان مذڪوره ڪتابن سان گڏ روانو ڪندا“ (28).
مخدوم عبدالله ڏانھن هڪ ڪتاب ’عمدة المطالب‘ ڏياري موڪليندي کيس خط ۾ لکيائين:
”في الحال رسالو ’عمدة المطالب‘ هنن نياز جي ورقن کڻي اچڻ واري هٿان خدمت شريف ۾ موڪلجي ٿو. ان جي پھچڻ کان پوءِ ٻه لفظ لکي مطمئن ڪرڻ فرمائيندا“ (29).
هڪ ڪاتب سان قيمت ۽ ڪتاب جي معاملي جو هي اشارو به دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو. جيڪو مخدوم صادق هڪ خط ۾ لکيو آهي:
”ميان عبدالڪريم (صحاف) هڪ اڌ روپيه جي طلب رکي ٿو ۽ فقير کي ادا ڪرڻ به ڏکيو نه ٿيندو، پر جيئن ته حاشيه عبدالحڪيم جي قلمي نسخي جو هو بنھه اقرار نه ٿو ڪري ۽ چوي ٿو ته بنھه کيس خبر ناهي، انڪري فقير سعيو ڪري کيس اهي پئسا ڏيڻ جي جرئت نه ڪئي“ (30).
فقه ۽ فتوى: مخدوم محمد صادق پنھنجي دور جو وڏو عالم هو. سندس خطن مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس تدريس سان گڏ فتوى جي علم ۾ به وڏو ادراڪ حاصل هو. سندس خطن ۾ ٻه خط هُن ڀڄ شھر جي هڪ پير زادي کي لکيا آهن، جيڪي خط مخدوم عبدالله جي لفظن ۾:
”پيرزادي محمد شفيع ڏانھن مسجد فليه جي فيصلي نبيرڻ، ان ۾ جمعي نماز قائم ڪرڻ ۽ ٻنهي ڌرين ۾ هر طرح جي اصلاح لاءِ“ (31) لکيا ويا آهن. معلوم ٿئي ٿو ته ڀڄ ۾ مذڪوره مسجد ۾ امام ۽ خطيب مقرر ڪرڻ تي ڪوڌرين ۾ ڦڏو هلي رهيو آهي مخدوم صاحب ان ڦڏي کي نبيرڻ لاءِ خط لکيو آهي. خط ۾ موصوف قرآن، حديث ۽ فقھي حوالن سان، جنھن طرح مسئلي تي بحث ڪيو آهي، تنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته، موصوف کي فتوى جي ڪتابن تي وڏو عبور حاصل آهي. مثال طور مسئلي جي باري ۾ جن ڪتابن جا حوالا ڏنا اٿس، اهي آهن: بخاري، المحيط البرهاني، هدايه، الاشباه والنظائر، مشڪواة المصابيح، شرح وقايه، ڪنزالدقائق. هي فقـﮣ ۽ فتوى جا وڏا ڪتاب آهن. انهن مان حوالا اخذ ڪرڻ ماهر مفتي جو ڪم هوندو آهي، مخدوم موصوف هنن ڪتابن مان حوالا ڏئي جيڪي مسئلا بحث هيٺ آندا آهن اهي آهن:
• امامت ۽ خطابت جو وڌيڪ حقدار ڪير آهي؟
• امامت ۽ خطابت هڪ ئي حڪم رکن ٿا. اهي ٻه الڳ شيون ناهن،
• مسجد جو باني ۽ ان جو پٽ ۽ ان جا وارث امام جي مقرر ڪرڻ جا وڌيڪ حقدار آهن. امام ان کي رهڻ گهرجي جنھن جي امامت تي جماعت راضي هجي.
هي مسئلا جيتوڻيڪ شھر جي مسجد ۽ امامت جي معاملي جا مخصوص حلقي جا مسئلا آهن، پر پوءِ به اهي شھر ۽ مسجد جي آس پاس جي ماحول ۾ گهٽ اهميت وارا نه آهن. عوام تي انهن مسئلن جو گهڻو اثر رهندو آهي، مخدوم صاحب جو زمانو ته لڳي ٿو ان حوالي سان وڌيڪ حساس هو. پر اڄ به اهڙا معاملا بدامنيءَ جو سبب ٿي پوندا آهن، ته اعلى انتظاميه جي مداخلت کان پوءِ ئي حل ٿي سگهندا آهن. ڪڏهن ته عدالتن تائين وڃي پھچندا آهن.
مخدوم محمد صادق جي زماني ۾ اهڙا مسئلا مفتي ۽ قاضي حل ڪندا هئا، پنھنجي دور ۾ مخدوم محمد صادق کي اهو مقام حاصل هو. موصوف ٻنهي خطن ۾ مذڪوره مسئلن تي مذڪوره ڪتابن جي حوالن سان بحث ڪيو آهي.
الحاج حافظ يعقوب مخدوم محمد صادق ڏانھن ڪي مسئلا لکي موڪليا آهن، جن جو مخدوم محمد صادق جواب (فتوى) لکي موڪلي آهي، خط جو متن هن طرح آهي:
”اوهان جيڪي بعض مسئلا مون ڏانھن لکيا آهن، تن جو جواب لفافي ۾ بند ورقن ۾ لکيل آهي“ (32).
وڌيڪ کيس لکيو آهي ته:
”جواب ڏيڻ واري لاءِ ايستائين اهو جائز ناهي ته جنھن صورت جي باري ۾ سوال ڪيو ويو آهي، ان تي ڪو مخصوص حڪم لڳايو وڃي ۽ جيستائين چوڻ واري جا بعينه لفظ بيان نه ٿين. جيڪڏهن هندي آهن ته هندي، سنڌي آهن ته سنڌي، عربي آهن ته عربي. الفاظن جي ترتيب ۽ ترڪيب جي تفاوت بنا، جيئن آهن تيئن. ڇاڪاڻ ته لفطن ۾ ترڪيب جي ٿوري فرق سان حڪم (فيصلو) فتوى تبديل ٿي ويندي آهي. جيئن اها ڳالهه فقھه ۾ ٿورڙي به ڄاڻ ۽ مطالعي رکندڙ کان مخفي ناهي. والله اعلم(33).
حج جي نيت سان نڪرڻ واري لاءِ ٻين ڪمن جي نيت: مخدوم موصوف حج جي سعادت لاءِ سفر تي نڪتو، ته رستي ۾ پنھنجي دوست سان ملاقات جو شوق به ٿيس ۽ ان سان ملاقات لاءِ خط به لکيائين، پر خط ۾ ان سوال جو جواب هڪ بھترين نڪتي ۽ اصول جي بيان جي صورت ۾ ڏنائين، ته حج لاءِ سفر ۾ نيت خالص الله لاءِ هئڻ گهرجي، وچ ۾ ڪنھن ٻئي سان ملاقات جي نيت يا ڪو ٻيو دنياوي غرض شامل ڪرڻ ڪيئن ٿيندو؟ سندس لفظ هن طرح آهن:
”اسان بندر ڪراچيءَ کان سوار ٿي رهيا هئاسين، خير البرّيّـﮣ ﷺ جي زيارت ۽ نبي ﷺ جي حضور ۾ ابدي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سنبريل هئاسين، جو مون رستي دوران اوهان جي خدمت ۾ اچڻ جو شوق محسوس ڪيو، ته جيئن شوق پورو ٿئي ۽ ملاقات جي راحت حاصل ڪجي. جڏهن ته علت غائيه جي وحدت باوجود متعدد غايتن کي جائز قرار ڏنو اٿن“ (34).
معنى سفر جي علت غائيه هڪ هجي ۽ ان سان گڏ ٻيون غايتون به شامل ڪجن ته اهو جائز آهي. يعني اصل سفر جو سبب حج هجي ۽ ان سان گڏ ننڍا وڏا سفر ۾ ٻيا ڪم به جيڪڏهن ارادي ۾ اچن ته اهو جائز آهي.
خطن ۾ ذڪر ڪيل ڪجهه اهم نڪتا: منطقي، ڪنھن دليل قائم ڪرڻ لاءِ مقدما ترتيب ڏيندا آهن، جن ۾ حد اصغر، حد اڪبر ۽ حد اوسط شامل آهن. منطقي حد اوسط کي ڪيرائيندا آهن ته حد اصغر ۽ حد اڪبر هڪ نئين نتيجي جي صورت ۾ سامهون اچي ويندا آهن. مخدوم محمد صادق منطقين جي ان اصول ڏانھن اشارو ڪندي، پنھنجي خط لکڻ کي ان سان تشبيھه ڏيندي لکيو آهي:
”(خط) عوام وٽ اڌ (جسماني) ملاقات آهي، پر صاف دل ۽ پاڪيزه خيالن رکڻ وارن وٽ پوري روحاني ملاقات آهي. بلڪه اها پاڪيزه دل وارن وٽ منطقين جي حد اوسط وانگر آهي، جنھن ۾ حد اڪبر کان فوري پوءِ حد اصغر داخل ٿيندي آهي“ (35).
يعني خط حد اوسط وانگر آهي، جيڪو وچ مان ڪري پوندو ۽ حد اڪبر کان فوري پوءِ حد اصغر وانگر خط لکڻ وارو ۽ جنھن ڏانھن خط لکيو ويو، هڪ ٻئي جي روحاني طور سامهون هوندا.
هڪ ٻيو عجيب نُڪتو: غريبن جا حال حالتن مطابق روز پيا بدلجن، ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي، ڪڏهن گهوڙي تي ته ڪڏهن پٽ تي، ان وانگر عربيءَ۾ هڪڙا لفظ مُعرَب سڏبا آهن، جيڪي جملي ۾ مختلف حالتن ۾’عاملن‘ بدلجڻ جي ڪري پيا بدلبا آهن ۽ ٻيا لفظ مبني الاصل سڏبا آهن، جيڪي حالتن (عاملن) بدلجڻ سان تبديل نه ٿيندا آهن. ان لطيف نحوي اصول سان تشبيھه ڏيندي موصوف لکيو آهي:
”غريب جا احوال ’معرب‘ وانگر آهن، جيڪي عاملن بدلجڻ سان بدلبا رهندا آهن، عزت ۽ شرف وارن جي مھرباني ۽ شفقت مبني الاصل وانگر آهي، جيڪا پنھنجي اصل محڪم تي مبني هوندي آهي. بلڪه اها ته مطلق وانگر آهي، جنھن مان فرد ڪامل ئي مراد وٺبو آهي“ (36).
خلاصو: مخدوم محمد صادق صديقي ٺٽي جو نامور عالم ۽ مدرس هو. سندس نسب جو ڳانڍاپو ناننگ ۾ مخدوم ضياء الدين ۽ ڏاڏنگ ۾ مخدوم محمد آدم صديقيءَ سان هو. حج جي سعادت به حاصل ڪيائين ۽ حرمين ۾ هڪ سال رهي حرمين جي عالمن کان حديث ۾ اجازت ورتائين. شھر ٺٽي جو مشھور مدرس هو،سندس درس ۽ تدريس مان گهڻن فيض پرايو، ڪيئي نامور عالم وٽس پڙهي وڏا عالم ٿيا. مخدوم عبد الله نريي وارو، عبد الڪريم نوشھرائي ۽ حافظ يعقوب وغيره سندس مشھور شاگرد هئا. تدريس سان گڏ فتوى ۾ به مشھور هو. کانئس اختلافن جي نبيري لاءِ فتوائون پڇيون وينديون هيون. پاڻ محقق عالمن وانگر جواب ڏيند ۽ فيصلا نبيريندو هو. پاڻ صاحب طرز نثر نويس به هو، پنھنجي خطن ۾ صرف، نحو، منطق جي لطيف اصولن ۽ قاعدن کي استعاري طور استعمال ڪرڻ جو فن خوب آزمايو اٿس. انهن علمن کان واقف ماڻهو سندس نثر مان خوب لطف اندوز ٿيندو.
حوالا
1. بکري، شيخ فريد الدين: ’ذخيرة الخوانين‘ پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي، ڪراچي، 1970ع، ج:2، ص:311
2. مھر، غلام رسول: ’تاريخ سنڌ، عھد ڪلهوڙا‘ ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، ج: 2،ص: 874
3. حوالو ساڳيو، ص:191
4. قانع، مير علي شير: ’معيار سالڪان طريقت‘قلمي، راشدي ڪارنر، ريسرچ لائبريري انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ص: 200
5. قانع مير علي شير: ’معيار سالڪان طريقت‘، ص:202
6. قانع، مير علي شير: ’تحفة الکرام‘، ص695.
7. قانع، مير علي شير: ’مقالات الشعراء‘، ص:360
8. قانع، مير علي شير: ’معيار سالڪان طريقت‘، ص: 195.
9. قانع، مير علي شير: ’تحفة الکرام‘، ص:679.
10. صديقي، مخدوم محمد صادق: سنڌ جي مشاهير علماء جا خط، مرتب: مخدوم عبدالله نريائي، ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ،2015ع، ص: 158
11. حوالو ساڳيو، ص:152
12. حوالو ساڳيو، ص:157
13. حوالو ساڳيو، ص:175
14. حوالو ساڳيو، ص: 135.
15. حوالو ساڳيو، ص: 69
16. قانع، مير علي شير: ’مقالات الشعراء‘، ص:365
17. صديقي، مخدوم محمد صادق: ’سنڌ جي مشاهير علماء جا خط‘مرتب: مخدوم عبدالله نريائي، ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ،2015ع، ص:66
18. الحاج حافظ يعقوب ولد کيانتو فقير، نوشھري فيروز جي ڀرسان اوڀر طرف ۾ اڄ ڪلهه پڊعيدن روڊ تي ڪجهه ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪري وري روڊ سان هڪ ٻه ڪلوميٽر اندر ڳوٺ حافظ يعقوب تنيا آباد آهي، اتي جو رهواسي هو. سندس قبر مبارڪ تي ڪتبو لڳل آهي، جنھن تي سندس وفات 1287هه ڄاڻايل آهي. قريشي حامد عليءَ وٽ سندس هڪ رسالو نالي جنس نامو، جيڪو حافظ يعقوب جي پونيرن وٽان کيس مليو، سو محفوظ آهي. سندس پونير اڄ به ڳوٺ ۾ آباد آهن.
19. صديقي، مخدوم محمد صادق: ’سنڌ جي مشاهير علماء جا خط‘مرتب: مخدوم عبدالله نريائي، ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ،2015ع، ص:66
20. حوالو ساڳيو،ص:67
21. عبدالڪريم بن عبد الملڪ نوشھرائي، جيئن سندس نالي مان معلوم آهي، نوشھري فيروز جو رهاڪو آهي، ان کان وڌيڪ سندس باري ۾ ٻي معلومات دستياب نه ٿي سگهي آهي. دار العلوم مجدديه ملير ڪراچيءَ ۾ مخدوم جعفر جي ڪتاب عجالة الطالبين جي پٺيان سندس هڪ اجازت حديث منقول آهي، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته، کيس شيخ محمد حيات سنڌيءَ کان حديث جي اجازت حاصل آهي.
22. صديقي، مخدوم محمد صادق: ’سنڌ جي مشاهير علماء جا خط‘مرتب: مخدوم عبدالله نريائي، ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ،2015ع، ص:103
23. حوالو ساڳيو،ص: 67
24. حوالو ساڳيو،ص: 134-135.
25. حوالو ساڳيو،ص:129
26. حوالو ساڳيو،ص: 161.
27. حوالو ساڳيو،ص: 148-149.
28. حوالو ساڳيو،ص:162_163
29. حوالو ساڳيو،ص: 150-151.
30. حوالو ساڳيو،ص: 157.
31. حوالو ساڳيو، ص: 164.
32. حوالو ساڳيو، ص:66
33. حوالو ساڳيو،ص: 66-67.
34. حوالو ساڳيو،ص:69
35. حوالو ساڳيو
36. حوالو ساڳيو