شاهه لطيف، سنڌوسڀيتا ۽ سنڌ- يورپي ٻولي: هڪ تاريخي اڀياس
(Shah Latif, Indus civilization and Indo-European language: A historical study)

ڊاڪٽر حفيظ قريشي
Abstract:
This research paper properly indicates the relation between proto Indus language and Indo-European Languages in the light of Shah Abdul Latif's Poetry. Through this paper, searched the impact of Indus Civilization on the East. It has been searched many linguistic aspects and roots of a Proto Indo-European languages through migration in Hunters and Gathrers Society Era to mature urban phase of Mohenjo-Daro from Indus Valley to West and due to such cultural assimilation process to evaluate `Indo-European Peoples` and Indo European Languages. In this Paper Search roots of `Ari`, `Ariya` even `Sawastika` in Sindhi Classical Poetry. The Sign of Proto Indus Language is Mono Syllabic Words. These words are evolved through a process of language. Some of them are compound words which indicate prefix and suffix. In this paper these types of mono Syllabic words are mentioned in the light of Shah latif's Poetry as well as in different regional dialects of Sindhi language. Modern research tells that there have been efforts of linguistic Sindhu civilization on the East. Arians predictive image also emerged from there. This continuity came into being from a great social human evolution. In different geographical regions of the Sindhi language, many mono-syllabic words are there, which are prominent in today’s Sindhi in compound and simple forms.

دنيا جو ھر قومي سماج، ھڪ زندهه ايڪو (Organic Unit) ھوندو آھي، ان جو ورتاءُ به ھڪ زندهه جيو َ وانگر ئي ھوندو آھي. تھذيب جي اوسر ۾ ٻوليءَ جو جُڙڻ ۽ اشارن جي زبان کان تصويري لکت (Pictographic Script) ۽ تصوري لکت (Ideographic Script) تائين واري انساني سڀيتا واري سفر ۾ ٻوليءَ جي حيثيت ھڪ اهم موڙ طور ثابت ٿي. ان سان ڪنھن به سماج جي ھڪ مُٺ ٿيڻ وارو مقصد ساڀيان ٿيو، سنڌي سماج سمورا مرحلا اوسر جي ھر ڏاڪي پٽاندڙ طئي ڪيا ۽ اڄ ھن جو سنٻنڌ، سنڌ يورپي ٻولين سان پڪو پختو آھي. ھڪ سماج ۾ ٻوليء جي اھميت تھائين اھم ٿي وڃي ٿي، جڏھن ان جي سڀيتا جو اثر عالمگير ھجي.
سنڌي ٻولي، گڏيل قومي سوچ ۽ اڪيلي سڃاڻپ: سنڌي ٻولي، سنڌي سماج جي واحد گڏيل سوچ ۽ سڃاڻپ آهي. ان کي ميسارڻ جي هر دؤر ۾ ڪوشش ٿي آهي. سنڌ جي ماڻهن عربن جي بنو اُميه بنو عباس جي دؤر، ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سنڌي سماج جي مختلف سطحن تي سنڌيءَ ٻوليءَ جي ڀرپور حفاظت ڪئي. هتي هڪ انگريز محقق فلپ ڪي. حتِي جي ڪتاب ’تاريخ عرب‘ جي دؤر جو حوالو ڏيڻ ضروري آهي، جنهن موجب عربن پاران ملڪ فتح ڪرڻ جا دؤر ۽ مرحلا هن ريت ڄاڻايا آهن:
”پھريون زمانو عسڪري ۽ سياسي دؤر هو، اهو عربن جي هلائن ۽ ڪاهن وارو دؤر هو.
ٻيو دؤر مذهبي دؤر هو. ان جي شروعات عباسي خلافت واري دؤر واري پھرين صدي آهي. انهيءَ زماني ۾ خلافت واري آدم جي گهڻي آبادي اسلام قبول ڪري چڪي هئي.
ٽيون دؤر فتح ٿيل قومن جي ٻولين تي فتح وارو دؤر هو. انهن ٻولين تي فتح واري زماني جي رفتار تمام ڍري رهي ۽ فتح ٿيل قومن ان ميدان ۾ تمام گهڻي مڙسيءَ جو مظاهرو ڪيو. انسان پنھنجي سياسي حقن، ايستائين مذهبي حقن تان هڪ ڀيرو دستبردار ٿي سگهي ٿو، پر ٻوليءَ ۾ اهڙي ڪشش ۽ ڇڪ هوندي آهي، جو هو ان جي بقا ۽ حفاظت ۾ ڪنھن به قسم جي قرباني ڏيڻ کان نٿو ڪيٻائي.“ (حتِي، 2015ع: 107)
ساڳيءَ ريت سنڌ جي ماڻهن ايراني، افغاني ۽ دهلوي سامراج جي مقابلي ۾ سنڌ جي ’ثقافتي محاذ‘ تي، سنڌي ٻوليءَ جي حفاظت سان گڏ، ان جي ترقي ۽ واڌ ويجهه ۾ به ڪين گهٽايو. شاهه لطيف انهيءَ فارسي بالادستيءَ واري دؤر جو ’سنڌ جي ثقافتي محاذ‘ جو هڪ تمام وڏو سپھه سالار (Supreme Comander) ٿي اُسريو، ۽ اُڀريو. هن سنڌي ٻوليءَ کي اهڙو ڪلام جوڙي ڏنو جنھن جو سنڌ تي وڏو گھرو فڪري اثر آيو آهي. هُن سنڌ جي ڏاتارن ۽ سخين جي ساراهه ۾ سمنگ چارڻ جي ڳاهن کي وڌايو ۽ تصوف جي فڪر ۾ قاضي قادن، شاهه لطف الله قادري ۽ ميين شاهه عنات واري ساهتي سلسلي کي اڳتي وڌائي پڪو ۽ پختو ڪيو.
بنيادي طور تي سنڌي ٻولي ۽ سنڌو تھذيب جا اثر عالمگير رهيا آهن. اهو سڀڪجهه سنڌوسڀيتا جي اوسر ۽ اُن جي ڏيساورن ڏانھن واپار ۽ ٻين مختلف سببن جي ڪري وڃڻ ۽ اچڻ، ويندي لڏپلاڻ ڪرڻ سبب ممڪن ٿيو آهي. سنڌو تھذيب جي وڻج واپار وارن ناتن ۽ ڏورانھن کنڊن ۾ سنڌين جو لڏي وڃي رهڻ، خاص طرح اولھه وارن ملڪن ڏانھن سنڌين جي لڏپلاڻ، هڪ پاسي ثقافتي انضمام (Cultural Assimillation) واري عمل هيٺ سنڌ- يورپي ٻوليءَ کي جنميو آهي ۽ ٻئي پاسي سنڌوسڀيتا جا نوان ورن سامهون آندا آهن.
شاهه لطيف سنڌي ٻوليءَ جو محافظ: ڪنھن قومي سماج جا وڏا ۽ عظيم شاعر ئي انهيءَ سماج ۽ ٻوليءَ جا محافظ هوندا آهن. عظيم شاعرن جو جنم ۽ انهن جي ٻولين جي اُسرڻ وارو عمل ’راست متناسب‘ (Directly Proportional) هوندو آهي، ڇو ته هنن جي فڪري ۽ فني مَھي ولوڙ سبب ٻوليون نه رڳو پنھنجي قومي سماجن ۾، پر پنھنجي ڀرپاسي وارن سماجن ۾ عزت ۽ عظمت ماڻينديون آهن. ان ريت اهي شاعر پنھنجي سماج کي امرتا بخشي ۽ جيئندان ڏيندا آهن. شاهه لطيف سنڌي ٻوليءَ جي لغت بابت چوي ٿو ته:
لامُون آءُ لغت، ڇيڙي وڌيس ڇپرين،
چوريءَ چانگا چريا، گنگن ڪئي نه گفت،
نيم سور ۽ سُرت، اگهي ٿي آهون ڪري. (شاهه)
شاهه لطيف، هن بيت ۾ ’سنڌي لغت‘ جي لامن (شاخن: الف، ب، ت...ي) کي بيان ڪري ٿو. هُن کي سنڌي ٻولي ۽ اُن جي لفظي ذخيري جي چڱيءَ ريت پروڙ هئي، هُن وٽ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ هر طبقي، هر هنري ۽ فڪري مڪتب کان ويندي، آڳاٽي سنڌي سماج جي هر ڪِرت واري گروهه جا ڪُـھني کان ڪُـھنا لفظ موجود هئا. ان ريت هڪ وڏي شاعر جي حيثيت ۾ هن وٽ سنڌي ٻوليءَ جي عمدن لفظن جو ڀنڊار موجود هو. ڀٽائي پنھنجي سماج ۽ ٻوليءَ جي بقا آڏو ايندڙ للڪارن کان به واقف هو، تڏهن ته هن چيو:
”فارسي سکڻ غلام بڻجڻ جي مثال آهي، اوهان ’آب‘ ۽ ’طعام‘ ’پيئڻ ۽ کائڻ‘ ته حاصل ڪري وٺندا پر انهن ٻن ڳالهين ۾ ٻڌجي ڪري، پنھنجا قومي- سماجي ڳُڻ ۽ خاصيتون وڃائي ويهندا ۽ ’عام انسان‘ بڻجي ويندا ۽ ’ڄام‘ معنى اصلوڪا سنڌي بڻجي نه سگهندا.“ (بلوچ، 2009: 72)
جي تون فارسي سِکئو، گولو توءِ غلامُ،
اُڃئو تان آبُ گهري، بُکئو تان طعامُ،
جو ٻَڌو ٻن ڳالهِئين، سو ڪيئن چائي ڄامُ،
ايءَ عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿِئي. (شاهه)
سُر مارئيءَ جي هڪ بيت ۾ شاهه لطيف جي مارئي ٻن ڳالهين جي تحفظ جي ڳالهه ۽ عزم ڪري هڪ ’وطن جي پاڻي‘ ٻيو ’اباڻي ٻوليءَ‘ لاءِ وچن ڪري ٿي. هتي ’پاڻي‘ زندگي آهي، پاڻي، ’تھذيب ۽ ثقافت‘، ’ريتون ۽ رسمون‘، ’مان ۽ سمان‘ سڀ ڪجهه آهن، جنھن جي آڌار تي سماج زندهه رهن ٿا. پاڻي اعلى اخلاق ۽ ڳڻ آهن، جنهن کي هارجڻ نه گهرجي، ان ريت ’اباڻي ٻولي‘ قومي ٻولي به آهي ته قومي ٻول به آهن، جنھن ۾ سمورا اخلاقي ۽ اعلى سماجي قدر، نيم، ريتن ۽ رسمن سوڌو سمورا انفرادي ۽ اجتماعي قول ۽ قرار موجود هوندا آهن، جن جي وسيلي سماج تڳندا ۽ زندهه رهندا آهن. شاهه لطيف چوي ٿو:
ماڙيءَ چَڙهِي سُومرا، آءٌ هَڏِ لڄاڻي،
هٿان مون مَ هارجي، پائُـرَ جو پاڻِي،
ٻولي ٻاٻاڻي، وٺي شالَ ويڙِ وڃان.
قديم سنڌي ٻوليءَ جي ڦھلاءَ ۽ پکيڙ جا ڪارڻ: پراچين دؤر جا سنڌو لوڪ، شڪاري دؤر کان وٺي ساماڻيل سنڌو سڀيتائي دؤر ۾ هڪ وڏي دنيا سان وڻج واپار وسيلي رابطي ۾ هئا ۽ هنن پنهنجون ريتون رسمون ۽ عقيدا پڻ اتي جي ماڻهن کي وڃي آڇيا، ۽ ان ريت دنيا جي هڪ وڏي حصي سان سندن واپاري، سماجي ۽ لساني ناتا جڙي پيا، جن جو اثر ۽ نشانيون، اڄ ڏينھن تائين انڊو-يورپين سماجن ۾ لڀجن ٿيون. دنيا سان سنڌ واسين جي لڳ لاڳاپي سبب سنڌي ٻوليءَ جو ڦھلاءُ ممڪن ٿيو.
مشھور اينٿراپالاجسٽ ۽ مذهبن جي تاريخ جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ واري هڪ محقق، آلين ڊينيلائو (Alain Danie Lou) پنھنجي ڪتاب`The Tradition of Shiva Dinoysus` جي هڪ مضمون ‘God of Love and Ecstasy’۾ لکيو آهي ته:
”سنڌو سلطنت جي درواڙي ٻولي پنھنجيون سرحدون اُڪري، ڀونوچ سمنڊ (Meditranean Sea) تائين وڃي پھتي. باسڪئس (Basques)، جارجيا (Georgia)، ليڊيا (Lydia)، ايٽروسڪئن (Etruscan)، ڪريٽ (Crete)، ڏکڻ اٽليءَ جو پيلاسجيا (Palasgia) وارو علائقو، ويندي مالٽا (Malta) ۽ سڄو ايشيا مائنر (Asia Minor) انهيءَ ٻوليءَ کان متاثر ٿيو.
(Aoumiel, 1994: 5-6)
قديم سنڌو لوڪن جي يورپ ڏانھن پھرين لڏپلاڻ: اوميل پنھنجي ڪتاب ‘Dancing Shadows’ ۾ سنڌين جي يورپ ڏانھن پھرين لڏپلاڻ کي تمام آڳاٽي دؤر کان ڄاڻائيندي لکي ٿي ته:
”سنڌي آرين جي حملن کان گهڻو اڳ پراڻي پٿر واريءَ زماني ‘Paleolithic Era’ ۾ هنن ملڪن (يورپي ملڪن) ڏانھن پکڙجي ويا هئا، اهو امڪاني دؤر 20000ق.م وارو هوندو.“ (Aoumiel, 1994: 116)
ائين وسھڻ ۾ اچي ٿو ته، سنڌو لوڪ ان چوٿين ٿڌ واري دؤر ۾، جيڪو لاڳيتو پنجھتر هزار ورهيه هليو ۽ رڳو ڏهه هزار ورهيه اڳ پڄاڻيءَ تي پھتو هو. ان دؤر ۾ سنڌو لوڪ، باهه ٻارڻ ۽ ان کي سنڀارڻ ۽ ’سيانٽي پھڻ‘ سان باهه ٻارڻ جو هنر سکي ويو هو ۽ نئين دنيا ۽ شڪار جي شوق ۾ بلوچستان، عراق، فلسطين کان ٿيندا ڪريٽ جي ٻيٽن تي وڃي پھتا، اتي اُن دؤر ۾ به هنن وٽ شِوَ جي پوڄا عام هئي، اتان هو يونان ۾ داخل ٿيا ۽ پھريون اوڀر يورپ ۽ پوءِ سڄي يورپ ۾ پکڙجي ويا. پسو پتي ۽ سرسونوس جي چِتر ۾ اهڙي هڪجھڙائي ان ڳالهه جو ثبوت آهي.
قديم سنڌو لوڪن جي يورپ ڏانھن ٻي لڏپلاڻ: سنڌو سماج جي ترقي يافته شھري دؤر کان گهڻو اڳ اٽڪل 5000ق.م کان 4000ق.م ۾ سنڌو لکت جي هڪ تمام قديم ۽ آڳاٽي تصويري شڪل موجود هئي، ان جي ثابتي اوڀر ٻيٽ (Easten Island) مان لڌل ڪاٺ تي اُڪريل قديم لکت جي صورت ۾ ملي آهي. اِها لکت موهن جي دڙي ۽ ان جي سھيوڳي ٻين شھرن: لوٿل، ڍولا ويرا، چانھونءَ جي دڙي، لاکين جو دڙي ۽ هڙپا جي اوج ماڻڻ کان گهڻو آڳاٽي ۽ اوائلي سنڌو تھذيب (Pre Indus) دؤر جي نظر اچي ٿي. ’اوڀر ٻيٽ‘ (Easten Island) تي اهي آڳاٽا سنڌو لوڪ ٻيڙن ۽ هوڙن ۾ چڙهي پھتا هوندا. انهيءَ جو مطلب ته سنڌو سماج اٽڪل 5000ق.م کان 4000ق.م ۾ نه رڳو چَڪُ، ڦيٿو ۽ نار پر ٻيڙا ٺاهڻ ۽ سمنڊ ۾ هاڪارڻ وارو فن ايجاد ڪري چڪو هو. اهڙي ’اوڀر ٻيٽ‘ (Easter Island) واري لکت ۽ سنڌو لکت جي ڀيٽا وار تختي، قديم آثارن ۽ ٻولين جي ماهر ايم. ڊي هيوز تيار ڪئي آهي، جنھن جو مطالعو سنڌ ودوانن- ماهرن لاءِ حيرت ناڪ آهي.
آمريڪي محققه اوميل (Aoumiel) اسڪاٽ لئنڊ ۾ سنڌو لکت (Indus script) جي لڀجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.
”سنڌي لوڪن سامونڊي سفر ڪري، سانتيڪي ساگر (Pacific Sea) کي اُڪري ايسٽر آئلينڊ (Easter Island) وڃي پھتا، قديم آثارن جي مشھور ماهر ’بشم‘ (Basham) سان گڏ ڪيترن ئي ٻين عالمن جو خيال آهي، هن ٻيٽ جي تصويري لکت هوبھو موهن جي دڙي واري لکت جھڙي آهي. هتي شِوَ ديوتا جي مورتي به موجود آهي.“ (اوميل، 2009ع: 115)
اِها لکت موهن جي دڙي واري لکت کان گهڻو آڳاٽي ۽ اوائلي لکت وارو نمونو لڳي ٿي، انڪري جو موهن جي دڙي جي لکت هڪ ليڪائين آهي ۽ جڏهن ته ڪاٺ تي اُڪيريل اها لکت مڪمل نموني تصويري ۽ ٻٽي ليڪن ۾ آهي. هو وڌيڪ لکي ٿي ته،
”ان جي ابتڙ آرين جي سنڌ تي هلان 2150ق.م تائين ٿي هوندي.“
(Aoumiel, 1994: 162)
قديم سنڌو لوڪن جي يورپ ڏانھن آخري لڏپلاڻ:
اوميل سنڌين جي ٽين وڏي لڏپلاڻ وارو زمانو مرڪزي ايشيائي ڌنار لوڪن- آرين جي هلان واري وقت کي قرار ڏيندي لکي ٿي ته:
”آرين جا سنڌ تي حملا 2150ق.م کان 1200ق.م تائين هليا. اهڙن حملن کان بچي ويل سنڌي افغانستان، ايران، عراق، عربستان ۽ فلسطين کان ٿيندا، پھريائين اوڀر يورپ ۽ بعد ۾ اولهه يورپ پھتا هئا. ان کانسواءِ اوڀر ڏانھن وڌي انڊونيشيا ۽ امڪاني طور جپان تائين به ويا هئا. اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هي ماڻهو پولينشيا ۽ اڳتي وڌي آمريڪا پھتا آهن، هي نسل ٻيڙين هلائڻ جو ماهر هو. تجارت سندن ڌنڌو هو.“
(Aoumiel, 1994: 117-118)
جي.آر هنٽر ’سنڌو لکت‘ جو دنيا جي لاڳاپو ڏيکاريندي لکي ٿو ته:
”حقيقت به اها ته سڄي برهمي (Brahmi) الف- ب کي سنڌو لکت تان کنيل ٿي ڏسجي. اهو به سمجهيو وڃي ٿو ته اهي عالم جن برهمي لکت جو فونيقي (Phoemician) ۽ ڏکڻ وارين سامي زبانن جي لکت سان ڳانڍاپو ڏيکاريو آهي، سي ڪي غلط ڪونه آهن. ڇاڪاڻ ته اهڙيون چِٽيون شاهديون موجود آهن، جن جي آڌار تي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سامي ۽ فونيقي لکت، سنڌو لکت تان ورتل آهن.“
(هنٽر، 1995ع: 22-23)
سنڌ- يورپي ٻوليءَ جو جڙڻ: دنيا ۾ ’سنڌ يورپي ٻولين‘ (Indo- European Languages) وارو نظريو ۽ آريائي نظريو، ٻئي نظريا 1818ع کان اُسريا آهن. انهن جو بنياد سنسڪرت ۽ جرمن سوڌو ٻين ٻولين ۾ ڏٺو ويو آهي. اوميل پھرين محققه آهي، جنھن قديم سنڌ جي آرڪيالاجي واري اتھاس جي بنياد تي، انهيءَ ٻوليءَ جو بنياد سنڌ قرار ڏنو آهي.
”سنڌ کان يورپ پھتل ماڻهن جي يورپي لوڪن سان انضمام جي نتيجي ۾ ’سنڌ- يورپي لوڪ‘ ۽ ’سنڌ- يورپي ٻوليءَ‘ جو جنم ٿيو.“
(Aoumiel, 1994: 118)
’سنڌي ٻولي‘ دنيا جي هڪ آڳاٽي ٻولي آهي ۽ جڏهن ڪنھن ٻوليءَ کي ان جي لکت (Script) ملي ٿي ته، اها ان سماج جي ترقيءَ لاءِ مک موڙ ثابت ٿيندي آهي. ان ريت ’انڊس اسڪرپٽ‘ دنيا جي هڪ قديم لکت جو نمونو آهي. اڄ تائين واري دنيا ۾ موجود لکتون ان کان متاثر ٿيون آهن.
سنڌ- يورپي ٻولي: سنڌ يورپي ٻولين (Indo-European Languages) جي اصطلاح کي ننڍي کنڊ جا لسانيات جا ماهر ’هند- يورپي ٻوليون‘ ڪري ڄاڻائن ٿا ۽ ان کي سنسڪرت، جرمن ۽ ٻين يورپي ٻولين جي تناظر ۾ ڏسن ۽ پسن ٿا ۽ ميڪس مولر ۽ ٻين جي نظريي تحت هن کي آريائي پسمنظر ڏين ٿا، ايستائين هو چون ٿا ته هي ڪنھن هڪ ويڙهي ۾ نه پر هڪ ڇت هيٺان هڪ خاندان جي رهندڙ ماڻهن جي ٻولي آهي.
ميڪس مولر. ايف (Max Muller, F) جي ڪيل مختلف خطابن تي ٻڌل ڪتاب ‘Lectures on Science of Language’ ۾ هو چوي ٿو ته:
”هڪ زماني ۾ ايرانين، هندستانين، جرمنن، يونانين، رومين، ڪيلٽڪس ۽ سلاوڪ لوڪن جا وڏا گڏجي ڪري هڪ ويڙهي ۾ نه پر هڪ ڇت هيٺان رهندا هئا.“ (Muller, 1866: 213)
ان ريت هُو هڪ ’آڳاٽي سنڌ- يورپي ٻولي‘ (Proto- Indo European Language) جا بنياد، ڪڏهن ڪڏهن اسڪئنڊي نيوين ملڪن ۾ ڳولين ٿا. ان کي هُو هڪ ڇت هيٺان (Under the One Roof) وارو ڀانيو ڪيل نظريو ڪوٺين ٿا، ان جي ڀيٽ ۾ اوميل جو چوڻ آهي ته:
”سنڌ- يورپي ٻولين ۽ سنڌ يورپي لوڪن جو وجود، مختلف قديم زمانن ۾ سنڌ کان يورپ ڏانھن لڏپلاڻ واري عمل هيٺ ٿيل ثقافتي انضمام جو ڦل آهي.“ (Aoumiel, 1944:118)
’ڪولن رينفرو‘ پنھنجي ڪتاب، ‘Archealogy and Languages’ ۾ لکي ٿو ته:
“The Language of the Indus Valley Seal Stones if infact and Early form of Indo-European.” (Renfrew, 1988: 185)
”سنڌو مُھرن واري ٻولي سنڌ- يورپي ٻولين کان حقيقت ۾ آڳاٽي آهي.“
قديم آثارن جي هڪ روسي ماهر وِي.ايم ميسن جو چوڻ آهي ته:
”جيڪا مُھر ڪئسپيئن سمنڊ جي اُتر کان ’الٽائن- ٽپي‘ واري ترڪمانستان جي ماڳ وٽان لڌي آهي، اُها ’آڳاٽي سنڌو‘ (Proto- Indian) نموني واري آهي.“ (Renfrew, 1988: 192)
جي.آر هنٽر به سنڌو لکت کي ’پروٽو انڊين لکت‘ (Proto-Indian Script) سڏي ٿو. جئن ته اها لکت سنڌوسڀيتا سان لاڳاپو رکندڙ آهي، انڪري ان جو صحيح ۽ تُز اصطلاح آڳاٽي سنڌو لکت (Proto-Indus Script) ٿيندو.
سنڌ- يورپي ٻولين جا هڪ رُڪني مادا:
سنڌ- يورپي ٻولين جي اڀياس جي شروعات ’سر وليم جونس‘ جي مقالي ‘History and Culture of the Hindus’ کان شروع، ٿي جيڪو 2 فيبروري 1786ع ۾ پيش ڪيو ويو ۽ جيڪو 1788ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان مقالي ۾ هن سنسڪرت، ڪلاسيڪل يوناني ۽ لاطيني ٻولين جي هڪ گڏيل پاڙ هئڻ بابت ٻڌايو ويو آهي، جيڪا بلاشڪ اڳتي گوٿڪ ۽ سيلٽڪ سان رليل مليل آهي.
”هن نظريي جو باني هڪ جرمن عالم، فرنينزبوپ (Fernanz Bop) (1791-1867ع) هو. هُن سنسڪرت ٻوليءَ جي قاعدن مان مادي جو تصور ورتو ۽ ان جي تقليد ڪندي، مادَن کي ’هڪ رڪني‘ قرار ڏنو. فرنينز بوپ جي پوئلڳن فرض ڪيل مادن کي صوتي گُڻ به ڏنا. جھڙوڪ: ’ڪرٽيئس‘ چيو ته مادو هڪ مڪمل وينجڻ (Consonant) آهي. ان کانپوءِ ’ووڊ‘ (Wood) پنھنجي مقالي ’سنڌ- يورپي مادن جي جوڙجڪ‘ ۾ چيو ته سنڌ- يورپي مادا ’هڪ رڪني‘ صورت وارا هئا.“
(صديقي، 1977ع: 113)
ٻولين جي بنيادي ’مادي واري نظريي‘ (Roots Theony) وارن ماهرن جو اِهو خيال، جرمن عالمن پاران ننڍي کنڊ جي ٻولين جي ڀيٽا وارا اڀياس خاص طرح سان سنسڪرت، جرمن ۽ يوناني ٻولين جي اڀياس کانپوءِ اُسريو.
”جديد زماني ۾ ٻولين جي تاريخي ۽ ڀيٽاوار اڀياس ۽ انهن جي ساختياتي تجزين جي ڪارڻ، ٻولين کي خاندانن ۾ ورهائي انهن ٻولين جي گڏيل بنياد ڳولڻ جي ڪوشش جي سبب، گهڻن ئي لسانيات جي ماهرن جي تحقيق موجب، ’سنڌ- يورپي ٻولي‘ (Indo-European Language) جي جديد جوڙجڪ ڪئي وئي ۽ اهو چيو ويو ته ان کي ابتدائي مادي جي صورت چئي سگهجي ٿو، اوائلي صورت ۾ رڳو ماده وجود ۾ آيا. اهي ماده هڪ رُڪن (Monosylab) وارا هئا، پوءِ اڳياڙين ۽ پڇاڙين جي جڙڻ سان نت نوان ’مرڪب لفظ‘ جڙندا ويا.“
(صديقي، 1977ع: 112)
ڪتاب ’Essays on Indo- European Linguistics‘ ۾ ڊاڪٽر ستيا راجن بئنرجي ’بوپ‘ جي حوالي سان سنڌ- يورپي ٻولين جي لاڳاپي بابت ڄاڻايو آهي ته:
”سنسڪرت، يوناني ۽ لاطيني ٻولين جي ماءُ نه پر ڀيڻ آهي.“
(Bopp, 1990: 6)
بوپ وڌيڪ ان بابت لکي ٿو ته:
“The Sanskrit and the European Languages derive from a common source.” (Bopp, 1990: 3)
”سنسڪرت ۽ يورپي ٻوليون ڪنھن هڪ بنياد مان اُسريون آهن.“
ڪتاب، ’اردو زبان کا ماخذ هندکو‘ ۾ خاطر غزنوي پشاچه جو اثر سنڌ جي الهندي پاسي هئڻ بابت ڄاڻائيندي وڌيڪ لکي ٿو ته:
”پشاچه، هند- يورپي ٻولين (Indo European Langnages) جي ڇاڙ هند- ايراني ٻولين (Indo- Iranian Langnages) سان لاڳاپو رکي ٿي، جڏهن ته، ’هندڪو ٻولي‘ سنڌوماٿر جي ٻولي آهي.“ (غزنوي، 2003ع: 162)
قديم سنڌيءَ جا هڪ رُڪن وارا مادا:
سنڌي ٻولي، سنڌو تھذيب جيان هڪ وڏو ۽ اعلى لسانياتي پسمنظر رکي ٿي ۽ قديم دؤر کان وٺي هڪ ’اڳل- آڳاٽي سنڌو ٻولي‘ وارا سمورا ڳڻ ۽ لڇڻ هِنَ پنھنجي اندر ۾ سانڍي ۽ سنڀاري رکيا آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ موهن جي دڙي يا ان کان آڳاٽي دؤر کان وٺي اهڙا ’يڪ پد‘ وارا لفظ کوڙ سارا موجود رهيا آهن:
جھڙوڪ: = Sa = سَ = سا
جنھن جو مطلب سگهارو آهي، ان مان لفظ شاهه، بادشاهه ۽ پاتشاهه جُڙيو. شاهه لطيف چيو آهي ته:
* پاتشاهي نه پاڙيان سَرتِيُون سُئيءَ ساڻ.
جھڙوڪ: پا = انهيءَ جي معنى تحفظ ڏيندڙ آهي.
خالد احمد، ڪتاب ‘The Bridge of Words’ ۾ لکي ٿو ته:
”هند- يورپي ٻولين جو لفظ ’پا‘ (Pa) جو مطلب، مضبوط، طاقتور ۽ آقا آهي.“ (احمد، 2004ع: 271)
هن اکر مان سنڌ- يورپي ٻولين وارا لفظي اسم جڙيا، جھڙوڪ: پاپا، بابا، ٻاٻا وغيره، انهيءَ مان ’پاپاءِ روم‘ بابا، بابو، ٻاپو ۽ ٻاٻل وغيره اُسريا.‘ اهو ساڳيو ’پا‘، ’سا‘ سان گڏ= ’پاشا‘، پاتشاهه بڻيو. شاهه لطيف چيو آهي ته:
* پيرين آءٌ نه پُڄڻي، ٻاٻل ڏئي نه ٻُور.
جھڙوڪ: = دَ = دا= دادا= داتا- انهيءَ يڪ پدي لفظ ’دَ‘ مان جڙيا آهن.
جنھن جو مطلب ’ڏيندڙ‘ آهي. شاهه لطيف هن لفظ کي هن ريت ڪتب آندو آهي.
* دَرَ داتا مَڱُ منڱتا، ٻئي جي ڪَڍُ مَ ڪاڻ.
جھڙوڪ: = گا، مان لفظ
آگا = آقا= آغا جُڙيو. شاهه لطيف ’آگا‘ يا ’آگي‘ وارو لفظ ڪيترائي ڀيرا ڪتب آندو آهي.
* اي آگي جو احسان، جو هادي ميڙيم هھڙو.
= رَ = را = هن مان لفظ راءِ جُڙيو. شاهه لطيف اِهو ’راءِ‘ وارو لفظ پنھنجي ڪلام ۾ گهڻو استعمال ڪيو آهي.
* راءِ سين وٺا جي تن جاڙيجن جاڙ ڪي.
سنڌ جي قديم آثارن جي ماهر ۽ موهن جي دڙي واري قديم سنڌو لکت (Ancient Indus Script) جي عالم ايس.آر.راءُ، سنڌي ٻوليءَ جي قدامت جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”سنڌي ٻوليءَ ۾ ’هڪ پد وارن لفظن‘ (Monosyllabic Words) جي گهڻائي آهي ۽ هڪ پد واريون پاڙون رکندڙ لفظن ۽ نالن جي گهڻائي مان اسان کي پتو پوي ٿو ته هيءَ ٻولي ويدن کان به آڳاٽي آهي، ساڳئي لفظ کي پھرئين لفظ جي حيثيت سان، پوءِ پدن جي حيثيت سان ۽ بعد ۾ الف.ب جي شڪل ۾ لکيو ويو.“ 262) (Rao, 1994:
اڳل- آڳاٽي سنڌو ٻوليءَ ۾ تمام اوائلي زماني ۾ هڪ پَد وارا لفظ تمام گهڻا هوندا هئا، اهي ’هڪ پد وارا لفظ‘ پوءِ اڳياڙين (Preffix)، وچياڙين (Inffix) ۽ پڇاڙين (Suffix) سان مفرد لفظن مان ڦري ۽ ڳتجي ’مرتب لفظ‘ بڻيا. ان ريت ٻن يا ٻن کان وڌيڪ مفرد لفظن جي ملڻ سان ’مرڪب لفظ‘ جڙيا.
اهڙيءَ ريت ’سچ‘ لفظ هڪ مرڪب لفظ آهي. هن جي ’هڪ پد‘ واري صورت ’چُ‘ آهي، جنھن جي معنى ’ٻول‘ آهي. اهو هڪ مڪمل وينجن سان گڏ ننڍي سُر آواز وارو صوتيو پڻ آهي. سنڌي سماج ۾ لاڙ ۾ اڄ به ’چئو‘ بدران عورتاڻي محاوري ۾ آهي ته، ’چو چو! ابا چو!‘ جنھن جو اصل اُچارننڍي ’سُر آواز‘ سان ’چُ- چُ‘ هوندو آهي.
* س + چُ = سچُ = صاف، نِجُ ۽ نِبارُ ڳالهه.
* ڪ + چُ = ڪچ = خراب ۽ بنهه غلط ڳالهه
هتي ’سَ‘ ۽ ’ڪَ‘ اڳياڙي (Preffix) آهي.
شاهه لطيف چوي ٿو ته: ”شيشي جا جُڙيل موتي قبول ٿيا، اصلي موتي واپس ٿي ويا، پنھنجي جهوليءَ ۾ نِجُ، نِبار ۽ سٺا ٻول ۽ صحيح ڳالهه کنيو ٿو وتان، پر ان جي آڇ ڪندي شرم محسوس ٿئي ٿي ڇو ته ماڻهو سچ واري، پھرين جوڙ جي ڳالهه کي سمجهڻ جي سُڌ نٿا رکن!“ (بلوچ، 2009: 124)
اَگهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪن موٽَ ٿِي،
پَلَئه پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.
سنڌو سڀيتا جي اؤج واري زماني (2500-1500ق.م) ۾ سنڌ جو واپار يورپ تائين پکڙيل هو. سنڌ ورڪي واپاري اوڀر ۽ اولھه يورپ تائين پنهنجون شيون/ وکر پھچائيندا هئا. انگريزي لفظ بينگل (Bangle) معنى چوڙي آهي. اهو نج ۽ آڳاٽو سنڌي لفظ (Proto Indus word) آهي، هريانا (India) جي هڪ سنڌو ماڳ جو نالو ’ڪالي بينگن‘ آهي، جنھن جي معنى ’ڪاريون چوڙيون‘ آهي.
ڪتاب 'وادئ ہاکڑہ اس کے آثار' ۾ صديق طاهر، سر آرل سٽائن جي حوالي سان لکيو آهي ته:
”ڊاڪٽر تساتوري، ’ڪالي بينگن‘ واري ماڳ جي اپريل 1918ع ۾ معائني کانپوءِ هن جو نالو ’ڪالي وَنگُ‘ (Kali vango) ڄاڻايو آهي.“
(طاهر، 1993ع: 41)
شاهه لطيف سر يمن ڪلياڻ ۾ ’ٻنگان‘ ۽ ’ٻنگ‘ ڪمان لاءِ استعمال ڪيو آهي، جيڪا آڳاٽي زماني واري چوڙيءَ جي ابتدائي صورت آهي.
”هڻ حبيب! هٿ کڻي، ٻنگان لھي ٻاڻ“
---
”چوري چنگ، ٻنگ لھي، حبيبن هنيوس“
سنڌو ماٿريءَ ۾ مختلف نسلن جي ميلاپ سبب سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ صوتياتي تبديلين جي ڪري معنى مٽجڻ سٽجڻ وارو فرق آيو آهي. اکر ’ٻ‘ ۽ ’و‘ پاڻ ۾ مٽجن ٿا، ان ريت ٻنگ ڦري ’ونگ‘ ٿيو ۽ ’ٻنگان‘ ڦري ’ونگان‘ ٿيو ۽ اڄ به سرائڪي ۽ پنجابيءَ ۾ ’ونگان‘ لفظ ’چوڙين‘ لاءِ ڪتب اچي ٿو ۽ اسان وٽ اهو لفظ شاهه لطيف جي رسالي ۾ ڪمان لاءِ استعمال ٿيو آهي، جيڪا پڻ چوڙيءَ جي ويجهڙي شڪل آهي. لفظ، بينگل= بينگن= ٻنگان= ونگان جو ڌاتو هڪ ئي آهي، جيڪو آهي ’بُ‘ (ڪمان = Bow) جنھن مان رينبو (انڊلٺ = Rainbow) ٺھيو، اهو بنيادي لفظ/ ڌاتو قديم سنڌو ’يڪ پد وارو‘ اکر ’بُ‘ آهي. اسان جي ٻوليءَ ۾ متروڪ ٿي ويو آهي، انهيءَ ’بُ‘ واري ڌاتوءَ مان سنڌ- يورپي ٻولين مان ’بين‘ ۽ بينڊ (Bend=Curve) ’بوم‘ بڻيو، جنھن جي معنى ’وريل‘ آهي. ’بوم‘، آسٽريليا جي اصلوڪن رهواسين جو قومي هٿيار ’بومي رينگ‘ ننگر پارڪر جي ڪولهين جي ’ڪاتر‘ جھڙو آهي، جيڪا پڻ وَنگ جي شڪل ۾ آهي. اهي سمورا لفظ هڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ ۽ هم معنى واري لڙهيءَ وارا آهن.
ان ريت لفظ ’هٽ‘ (Hut)، ’درَ‘ (Door)، ’سوتر‘ (Suitor) معنى سُٽ جو ٺھيل اوڍڻو، جنھن کي هاڻي انگريزيءَ ۾ سوئٽر چيو وڃي ٿو، ۽ اهڙا ٻيا انيڪ لفظ، مي، مان ۽ مين (Me)، نام (Name)، ۽ نانءُ (Noun)، واءِ، وائل (Vowel) ۽ اهڙا ٻيا ڪيترا ٻيا لفظ جيڪي ’سنڌ-يورپي ٻولين‘ (Indo-European Languages)، واري آڳاٽي رشتي ۽ سنڌو تھذيب جي عروج واري واپاري اثر جي ثابتي ڏين ٿا.
پنجاب- لاهور ۾ داتا جي درٻار تي چوڙيون وڪڻڻ وارا ڇوڪرا هي لوڪ گيت ڳائيندا آهن: ان ريت يورپ، سنڌ ۽ پنجاب وارن هن اصلوڪي لفظ کي اڄ به سنواري ۽ سنڀاري رکيو آهي.
"ونگاں چڑھالؤ کُڑیو!
میرے داتا دی دربار دیاں۔"
سنڌو تھذيب پنھنجي اؤج واري دؤر ۾، هڪ ترقي پسند ۽ اڳتي وڌڻ وارو جوهر رکندڙ سڀيتا هئي، جيڪا پنھنجي اوج ۽ عروج واري زماني ۾، دنيا جي هڪ وڏي علائقي سان لھه وچڙ ۾ آئي ۽ ان تي پنھنجا گھرا سماجي اثر ڇڏيائين ۽ ڪيترن ئي سڀيتائن کي جنم ڏنائين.
اوميل هن حقيقت ڏانھن ڌيان ڇڪائيندي چيو آهي ته:
”دراوڙي- سنڌو ٻولي، فنلئنڊ، هنگري، ترڪي، منگول ۽ اِسڪيموز ٻولين اندر موجود آهي.“ (Aoumiel, 1994: 116)
’آڳاٽي سنڌي ٻولي‘ (Proto Indus Language) سنڌو تھذيب جي اوج واري شھري دؤر (Mature urban phase) ۾ ننڍي کنڊ جي هڪ وڏي حصي ۾ عام رابطي ۽ لاڳاپي واري ٻولي هئي. اِها هڪ عالمگير سنڌو تھذيب جي ٻولي هئي، جنھن سماج جي هر رُخ کان دنيا تي پنھنجو اثر وڌو.
المسعودي پنھنجي ڪتاب، ’مُروج الذهب‘ ۾ (332-330هه) ۾ لکي ٿو ته:
”سنڌ جي ٻولي هندستان جي ٻولين کان نياري آهي.“ (Elliot, 1976: 24)
هو وڌيڪ لکي ٿو ته:
”هندستان جي ’راجائن جي راجا‘ (King of Kings) ’بلھرا‘ (ٻليارا) جي ٻوليءَ کي ’ڪيرا‘ علائقي جي ڪري ’ڪيريا‘ (Kiriya) پيو آهي. جتي اها ٻولي ڳالهائي ويندي آهي، سئمور (Saimur)، سبارا (Subara)، تانا (Tana) ۽ ٻين شھرن ۽ ڳوٺن ۾ لاڙي (Lariya) ٻولي ڳالهائي ويندي آهي. هن ٻولي جو نالو سمنڊ ڪري پيو آهي.“ (Elliot, 1976: 24)
اهي ٻوليون سنڌي ٻوليءَ جا لھجا (Dialects) آهن، جيڪي اڄ به لاڙي ۽ ڪڇيءَ جي صورت ۾ محفوظ آهن، سنڌي ٻوليءَ جو هڪ پھاڪو به انهن علائقن بابت آهي ته:
سُمير ۾ نه ساريون، ڪلر ۾ نه ڪماند،
اڄ به ڏيپلي پاسي واري پَٽ جي ’سميري ڍنڍ‘ انهيءَ سئمور (Saimur) واري علائقي جي ياد ڏيارين ٿيون.
قديم آثارن جي ماهر ايل. فيئر سروس (L. Fair Servis) آڳاٽي ايلمتي لکت ۽ سنڌو لکت جي هڪ جھڙين صورتن تي تحقيق ڪندي، ان جي ڀيٽا وار تختي تيار ڪئي آهي.
هن آڳاٽي ايلمتي دراوڙي ٻوليءَ جي حدن ۾ ايران، ڏکڻ افغانستان، موجوده سڄو پاڪستان ۽ ڏکڻ هندستان جو اهو علائقو ڄاڻايو آهي، جيڪو سنڌو سلطنت (Indus Empire) جو چوٿون ۽ ڏاکڻون صوبو هو.
سنڌي ٻولي ننڍي کنڊ کانسواءِ دنيا جي هڪ وڏي ڀاڱي جي رابطائي ٻولي پڻ هئي، اِهو سڀڪجهه ان قديم پراچين سنڌو سماج جي معاشي ۽ واپاري هلچل جي ڪري ممڪن ٿيو هو.
آريا، آري ۽ هاري: يورپ ۾ ٻن صدين 1818ع کان 2017 ع تائين وڏو بحث ۽ مانڌاڻ مچائيندڙ لفظ ’آريا‘ اصل ۾ سنڌو سڀيتائي لفظ آهي ۽ نام نھاد آرين جي اچڻ کان گهڻو اڳ موهن جي دڙي واري اوائلي ۽ اوج واري دؤر ۾ اهو لفظ قديم سنڌو لکت ۾ موجود رهيو آهي ۽ هڪ معزز ڪِرت سان واڳيل هئڻ جي ڪري دنيا جي انيڪ سنڌ- يورپي ٻولين ۾ مختلف صورتن ۾ پر ساڳي معنى ساڻ موجود آهي.
هيءُ هڪ قديم سنڌو ٻوليءَ جي ’ڌاتو‘ وارو لفظ آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ’آري‘ صفت ۽ اسم ٻنهي طور موجود آهي. اهو اسم ماڃر جي مھاڻن کان وٺي قلات جي هوت ذات وارن جتن وٽ ’نالن‘ ۽ لقب طور موجود آهي.
عطا محمد ڀنڀري ڪتاب ‘Indus Script’ ۾ ’آر‘ جي معنى ساراهيل ڪڍي آهي ۽ ان جي موهن جي دڙي واري اکري صورت Aar = ’آر‘ ۽ ’سار‘ جي اکري صورت Sar = ڄاڻائي آهي. هن جو ڀانيو آهي ته ”اهو ريڪتڪ (Ractak) جو پٽ آهي، جيڪو سارين ۽ ساريجن جو وڏو ڏاڏو ٿي سگهي ٿو.“ (Bhanbhro, 2012: 27-28)
عربي ٻوليءَ ۾ اسم ’ﷴ(ﷺ)‘ جي معنى به واکاڻيل ۽ ساراهيل آهي. ان ئي ڪري شاهه لطيف، سُر حُسينيءَ‘۾ انهيءَ اسم ’ﷴ(ﷺ)‘ کي ’آرياڻيءَ‘ جي هم معنى ۽ مترادف اسم قرار ڏيندي چيو آهي ته،
”بُرو هو ڀنڀورُ، آرياڻيءَ اُجاريو.“
’سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت‘ ۾ لکيل آهي ته:
”هي هوت قوم جي سردار جو لقب آهي، جنھن جي معنى شريف خاندان آهي، هي قوم آڳاٽي، بڻائتي ۽ اصل راجپوت نسل مان آهي. ايئرين ٻي صدي عيسويءَ ۾ تصنيف ڪيل جاگرافيءَ ۾ ’اوريتائي‘ لوڪن جو ذڪر ڪيو آهي.“ (فھميده، 2004ع: 4)
جرمن لوڪن، سامي نسل واري مذهبي ’يھوديت‘ جي اثر کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ’آريا نسل‘، ’آريائي ٻولي‘ واري ڀانئي کي هٿي ڏني، هنن پنھنجا بنياد ايشيا ۾ ڳوليندي وسان ڪونه گهٽايو، اهڙي تحقيق اڄ به جاري آهي.
”آڪسفورڊ جو هڪ پروفيسر ايف.آر آلچن اڄ به لسانيات ذريعي آرين جي کوجنا ۾ مصروف آهي.“ (ملڪ، 2002ع: 115)
فرانس ۾ آريائي خيال ۽ تصور رکندڙن مان هڪ اهم نالو رينان (Renan) جو آهي. آريائي نظريي جي باني ميڪس مولر ۽ فلسفي رينان جي حيثيت ساڳي آهي. رينان کي بين الاقوامي سَنَدَ حاصل آهي. رينان جي ذهني تشڪيل جرمن فلسفي ۽ علم اشتقاق ڪئي، هو لکي ٿو ته:
”سامي لوڪن جي ڪرڻ لاءِ هاڻ ڪوبه اهم ڪم ناهي رهيو. اسان کي جرمن ۽ سيلٽڪ رهڻ گهرجي ۽ پنهنجن ابدي عقيدن کي محفوظ رکڻ گهرجي.“ (ملڪ، 2002ع: 232)
آري:
شاهه لطيف پنھنجي ڪلام جي سُرن: آبري، معذوري، ڪوهياري ۽ حُسينيءَ ۾ پنهونءَ جي پيءُ کي ڪٿي ’آري‘ ۽ ڪٿي ’آري ڄام‘ واري ’مانواري‘ لقب سان ڪوٺيو آهي. ’ڄام‘ نجو سنڌ جي سمن جو لقب رهيو آهي. شاهه لطيف چوي ٿو:
ڪيچئون ڪيچي آيا، منھنجا رت نه هئا رتي،
آريءَ جي اولاد ۾، منھنجي پُنهل منجهه پتي،
ڇڏي سَسُئي سُڃ ۾، ويا آڌيءَ جو اُٿي،
آءٌ پير نه ڇڏيندس پنهل جو آهيان جانب جي جتي،
سورن جي سُتي، مون کي ڏئي ويا ڏير ڏهاڳ جي.
* مان وِرمَنِ وچ ۾، اولاڻي اُٺَ آري.
* اُنءِ تان اوٺين نه ڪِئو، آريءَ اُتن جئن.
* اُونءِ تان اوٺين نه ڪِئو، جئن اُتن آري ڄام،
* ڪو جو لَڳسُ ڪانُ، آريءَ جي عشق جو.
* ٻاروچا ٻئا گهڻا، منھنجو اَجهو آرياڻي.
* آريءَ جو اُهکُ، مون رِهنُما رَاهَه ٿِيو.
* آرياڻي پنهونءَ ري. ڙي سرتيون منھنجي ڪانه سري.
* اچين جي آري، ته پاند پٺي لڪ لنگهيان.
(شاهه)
شاهه لطيف جي سھيوڳي ۽ بزرگ صوفي شاعر ميين شاهه عنات به اهو لفظ صفت طور ’عزت واري‘، ’مانواري‘ طور استعمال ڪيو آهي. شاهه عنات چوي ٿو:
* جن جو آرياڻي اڳواڻ، تن کي ڪانهي باڪ بَـھِير ۾،
* آرياڻيءَ جا، عناتُ چئي، ڏونگر ڏيندءِ ڏِس،
* آرياڻي، عِناتُ چئي، ڪي جي ڪِيڙا قولَ.
* سگهي لهندءِ ساز، آريجا عنات چئي.
* آجپڻ عنات چئي، هت آريچن آهي.
(عنات: 2010: 240، 250، 251)
آري ۽ هاري:
قديم سماجي ڪِرت واري دؤر ۾ جڏهن ماڻهو، ڏوٿي، شڪاري ۽ مالوند هئا. ٻاروهي ڏٿ، شڪار ۽ مال جي تانگهه ۽ سائي جي سانگ ۾ پيا مختلف ماڳن تي ڦرندا هئا، اهڙي هنڌ هنڌ ڦِر ڦِران واري آوارگي ۽ لڏپلاڻ واري دؤر ۾ جَن ماڻهن پوکي راهي واري ڪِرت کي اختيار ڪيو ۽ ٿانيڪا ٿي ڳوٺ ٻڌي ويٺا، تَن پاڻ کي مھذب ئي ڪوٺايو هوندو ۽ اهي لوڪ هنن سمورن ڏٿ، شڪار ۽ ڌنارڪي ڪِرت ڪرڻ وارن ۾ مانائتا هئا، جو هنن ابتدائي ڳوٺاڻي زندگيءَ واري زرعي سماج کي قائم ڪيو ۽ اهو ڳوٺاڻو سماج واڌو پوکيءَ واري اُپت مان اُسري، اوائلي شھري سماج ۾ گهڙيو، جتي واڌو اُپت بازار کي جوڙيو ۽ ڏيتي ليتيءَ وارو شھري سماج اُسريو.
”هر هلائڻ لاءِ لاطيني ٻوليءَ ۾ فعل (Verb) ’آرو‘ (Aro) آهي، پوکي جوڳي زمين لاءِ لفظ ’اربيل‘ (Arable) آهي، سنڌ يورپي ٻولين ۾ ’ڏنڌن وارو هر‘ (Harrow) ’سھاڳو‘ آهي، قديم ناروي ٻوليءَ ۾ ان جو مادو ’هروي‘ هو. اِهو لفظ ‘Harvest’ جو به مادو آهي. جرمنيءَ ۾ به ‘Harfest’ آهي. عربي ٻوليءَ ۾ ’حارث‘ جي معنى هاري آهي.“ (احمد، 2004ع: 198-199)
هن جديد دنيا جڙڻ کان گهڻو اڳ قديم دنيا ۾ به مختلف ڪِرت ڪندڙ سماجن واري انسان جو انسان سان لاڳاپو تھائين پڪو پختو رهيو آهي، هنن هڪٻئي کان سکيو ۽ پرايو آهي. ان ريت هڪ مھذب دنيا کان گهٽ مھذب يا وڌ مھذب دنيا ڏانھن نه رڳو فن ۽ هنر جو سفر جاري رهيو، پر ٻولين جا به لفظ هڪ سماج کان ٻئي سماج، هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏانھن ۽ ان ريت کنڊ کنڊ وڃي پھتا. ان ريت ’آري‘ لفظ مختلف شڪلين ۾ پوکي راهي ڪندڙ ۽ مانائتن ماڻهن لاءِ ڪتب ايندو رهيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ’آرائين‘ باغ وارو ماڻهو آهي ۽ سنڌو ماٿر (سنڌ- پنجاب) ۾ پوکي راهي ڪندڙ لوڪ آرائين ڪوٺجن ٿا.
هنن سڀني لفظن آري، آرياڻي، آريجا، آريچا جي معنى هر صورت ۾ ’مانوارا‘ (Honourable) ٿئي ٿي. هيروڊوٽس ’آريا‘ جي اصطلاح ميد ۽ ايرانين تي استعمال ڪئي هئي، جتي هن لفظ جو اُچار ’آرين‘ (Arian) آهي ۽ ان مان مطلب قديم ميدين آهي.
”سن 1819ع ۾ فريڊرڪ شليگل (Frederak Shalegal) ان لفظ جو تمام گهڻو واهپو ڪري مقبول بڻايو. هن لفظ آريا جو ’بڻ‘ آري (Ari) آهي. هن ان کي جرمني ٻوليءَ واري لفظ ’اهري‘ (Ahre) سان گڏي ڇڏيو، ان جرمن لفظ ’اُهري‘ (Ahre) جي معنى عزت ۽ مان آهي. ٻنهي لفظن جي بُڻ ۽ مطلب هڪ ئي آهي. ڪاڪو ڀيرومل آڏواڻي به انهيءَ ڳالهه سان سھمت ٿيندي نظر اچي ٿو.“ (آڏواڻي، 1980ع: 211)
انهيءَ دؤر ۾ جڏهن اڃا ڏوٿي، شڪاري ۽ مالوند سماج وڏي اوج سان تڳي رهيا هئا. ان دؤر ۾ ڳوٺ ٻڌي ٿانيڪا ٿي پوکي راهي ڪرڻ وارا لوڪ اُتم انسانن جي ليکي ۾ آيا ۽ ’عالي‘ يا ’آري‘سڏيا ويا.
”ڪن تاريخ لکندڙن آرين کي مھذب ۽ شريف به سڏيو آهي.“
(Moreland, 1936: 73)
مونيئر وليئم ’آريا‘ لفظ جو ڌاتو:
”سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ’ري‘ (Ri) ۽ ’آر‘ (Ar) ۽ لاطينيءَ جي لفظ ’ايراٽروم‘ (Aratrum) مان ورتو آهي. جنھن جي معنى هر هلائڻ ٻڌايو آهي.“ (Monier, 1936: 397)
ان ريت اها ڳالهه صاف ٿي وڃي ٿي ته:
”آرين جو مطلب شريف ۽ مھذب ڪونه آهي، پر هاري ماڻهو آهي، اهي ماڻهو جيڪي هر هلائن، پوکي راهي ڪن ۽ مال ڌارين ٿا.“
(Monier, 1936: 396)
بنجامن واڪر ’The Hindu World‘ ۽ شري ڪانت تلاگيري ’Rigveda Historical Analysis‘ ۾ لکن ٿا ته:
”رگويد هڪ لک ٽيونجاهه هزار اٺ سؤ ڇويھه پَدَن (لفظن) وارو گهاٽو جهنگ آهي. ان ۾ رڳو چوٽيھه نظمن ۾ اِهو لفظ آريا ڪٿي ڪٿي ڇٽيھه ڀيرا استعمال ٿيو آهي. رگ ويد ۾ اِهو لفظ عزت سان سامهون واري لاءِ ڪتب آندو ويو آهي. جيئن اسان محترم، جناب، شري، يا شريمان چوندا آهيون. جيئن ”رامائن ۾ راوڻ جي زال کيس ’آريا پتر‘ چئي ڪري ساڻس ڳالهائي ٿي.“ (Thapar, 2000: 3-4)
شاهه لطيف جي رسالي جي چئن سُرن: آبري، معذوري، ڪوهياري ۽ حسينيءَ ۾ اهو لفظ ’آري‘، ’آرياڻي‘ ۽ ’آريجن‘ وارو ساڳي ويدن واري معنى ساڻ: ’معزز‘، ’مانوارو‘ ۽ ’اعلى‘ لقب وارو لفظ ستر ڀيرا کان وڌيڪ استعمال ٿيو آهي.
آري ڄام:
ان ريت اِهو لفظ ’آريا‘ هر صورت ۾ آڳاٽو سنڌو لفظ آهي ۽ ڪٿي ڪنھن مخصوص نسل لاءِ ڪتب نه آندو ويو آهي، گهڻو ڪري شاهه لطيف آريءَ سان گڏ ’ڄام‘ لفظ ملايو آهي. ڄام سنڌ جي سما حاڪمن جو لقب به آهي ته تخليق جي خدا جو ’زند اوستائي‘ نالو به ’جم‘ آهي.
* اصل آريءَ ڄام جي، پَلهءِ آئون پيئي.
* اصل آريءَ ڄام جي، سڳي تون نه سياءِ.
اِهو ’آريا‘ لفظ مُنڍ کان وٺي مھذب ۽ مانواري لاءِ ڪتب آندو ويو. ڪتاب ’انڊالاجي‘ ۾ لکيل آهي ته:
”راوڻ جو پٽ جيڪو پاڻ کي ’آريو‘ سمجهي ٿو، پنھنجي چاچي ۽ ڀيشن کي جيڪو رام کي حق تي سمجهي ٿو، هن کي ’اڻ آريو‘ چئي طعنو ڏي ٿو.“ (ملڪ، 2002ع: 224)
هندي لفظ ’اناڙي‘ اصل ۾ ’اڻ آري‘ آهي، معنى جنھن کي باغباني ۽ زراعت جو هنر نه ايندو هجي. دنيا ۾ زراعت- پوکي راهي واري ڪِرت سڀ کان اول سنڌو واسين شروع ڪئي، ان ريت اهو لفظ ’آري‘، ’آريو‘ به وڻج واپار سبب ٻي دنيا تائين پھتو ۽ اُتي ٻين سنڌي رسمن سان گڏ مروج ٿيو.
لفظ جڙڻ ۽ عام واهپي ۾ اچڻ کانپوءِ اهي ثقافتي جوڙجڪ ۽ معنى ۽ مفهوم واري دائري کان نڪري نسلي سياسي لسانياتي دائري ۾ به داخل ٿي سگهن ٿا. جرمن لوڪن يھودين جي دائري ۽ اثر کان نڪرڻ لاءِ، هن مھذب ۽ غير مھذب آريا ۽ اڻ آريا واري اصطلاح کي جنھن ريت ڪتب آندو ۽ ان جي ڪري انسان ذات کي ٻن مھاڀاري جنگين کي منھن ڏيڻو پئجي ويو.
شاهه لطيف جي ڪلام ۾ لفظ ’آري‘، ’آرياڻي‘، ’آريجا‘ ۽ ان سان لاڳاپيل لفظ عزت ۽ احترام لاءِ ڪتب آندا ويا آهن ۽ رڳو سنڌ جي مخصوص ذات- هوت لاءِ نه ڪتب آندا ويا آهن. جھڙيءَ ريت ’ڄام‘ لفظ ماروي جي مڱيندي ’کيت‘ ۽ نوري واري ور ’ڄام تماچي‘ ۽ ويندي زرتشت جي ڪتاب، ’زند اوستا‘ ۾ تخليق جي خدا ’جَمُ‘ لاءِ به استعمال ڪيو آهي. جھڙوڪ:
* کٿيءَ ۾ کٽيائين، مارو ڄام ملير جو.
* وڏي ڄام ڄمار، جنھن مياڻيون موکيون.
* نه ڪِنھه ڄائو ڄام کي، نڪو ڄام وياءُ.
يورپي ٻولين ڏانھن اهو لفظ ’آريا‘، ’آري‘ قديم سنڌو لوڪن جي دنيا ۾ واپاري ڪِرت سبب ڦِرڦران واري دؤر (Wandering period) ۾ سنڌوندي جي جابلو لام ۽ هيٺين لام وارن لوڪن مان ئي منتقل ٿيو ۽ گهڻو امڪان آهي ته اهو مالوند ۽ وانڍيون ٺاهي عارضي پوکون ڪندڙ لوڪن جي پرئي مڙس لاءِ ڪتب ايندو هو، جيڪو پوءِ ’آري‘ ۽ ’اهري‘ مان ڦرندو ’آنر‘ (Honour) ۽ ’آنريبل‘ (Honourable) واري صورت وڃي اختيار ڪيائين.
سڄي دنيا ۾ اهڙيون لفظي هڪجھڙائيون موجود آهن، انهن جي آڌار تي ڪو ’هڪ نسلي ۽ هڪ ٻوليائي‘ يا ’هڪ ڇپر هيٺ رهڻ‘ وارو ’لساني نظريو‘ جوڙڻ هڪ غير سائنسي عمل ٿيندو. سنڌ- آريائي ٻولين واري سرشتي ۾ مٽي مائٽي واري اسمن، براهتر ۽ برادر، ماتر ۽ مدر، پدر ۽ فادر، ڌُهتر ۽ ڊوٽر کان علاوه باقي اسمي لفظ منو ۽ نوح، ابراهيم ۽ برهما، ساره ۽ سرسوتي، سرنجوس ۽ آرياڻي، ماروت ۽ مارس جھڙا تصديق هيٺ ثابت ٿيا ۽ ٻيا اسمي لفظ، سامي ٻولين، سنسڪرت ۽ سنڌ- يورپي ٻولين ۾ ساڳيا آهن.
اهڙين لفظي هڪجھڙائين جي آڌار تي پروفيسر شريف ڪنجاهي جو مقالو ‘Punjab Scandenavian Language Contact’ ۽ عربي ۽ انگريزي لفظي هڪجھڙائين تي، محمد احمد مظھر جي سھيڙيل ڪتاب ‘English Traced to Arabic’ مان ڪو اهڙو نتيجو ڪڍڻ ته ’اهي ٻوليون هڪ ئي ڇت هيٺ رهندڙ خاندان جون جدا جدا شاخون آهن يا اهي سمورا، سنڌ-يورپي ٻوليون ڳالهائيندڙ لوڪ هڪ ئي نسل مان اُسريا آهن‘ بنھه غلط تحقيق ليکي ويندي. ايڇ.اولڊن برگ، ڪتاب، ’Ancient India its Language Religion‘ ۾ لکي ٿو ته:
”رڳو لفظن جي ٻن يا ٽن وينجڻن (Consonants) وارن مادن مان، اُن جي اصليت ڳولڻ ۽ ان مان تاريخ جوڙڻ هڪ خطرناڪ عمل آهي. ان سان غلط نتيجا مرتب ٿيڻ جو پڪو امڪان آهي.“ (Oldenberg, 1962: 55-57)
فريڊڪ ميڪس مولر (Fraderic Max Muller) جو آريائي نسل وارو ڌُڪو به اهڙي ئي لفظي هڪجھڙائين تي آڌاريل هو. ان ۾ انهيءَ ڳالهين جو جائزو ئي نه ورتو ويو آهي ته اهي لفظي هڪجھڙائيون ۽ اهي لفظ قديم ۽ ابتدائي دؤر وارن، شڪاري ۽ ڏوٿي انساني قبيلن جي لڏپلاڻ ۽ سنڌو سڀيتا جي وڻج واپار اوج ۽ عروج، ڍرڪڻ ۽ اُسرڻ واري تھذيبي ۽ واپاري لاڳاپن جي دؤرن ۾ هڪٻئي ڏانھن منتقل ٿيا آهن.
دنيا جي مختلف کنڊن جي انساني سماجن جا لاڳاپا اڄ جي برق رفتار رابطائي دؤرن کان گهڻو آڳاٽا آهن. اهي لاڳاپا قديم تھذيبي خاص طرح مذهبن جي تبليغ، واپار ۽ لڏپلاڻ واري دؤر ۾ جُڙيا ۽ هڪٻئي جي سڀيتائن جي اوسر ۽ ترقيءَ جو ڪارڻ به رهيا.
قديم سنڌ- يورپي ٻوليءَ جو هڪ ڇت هيٺ وارو آريائي نظريو:
آريائي نظريي کي پکڙيندڙ ميڪس ميولر (Max Muller) اها هام هنئي ته هو تمام جلد انهيءَ وطن کي نشانبر ڪندو، جتي سمورا آريائي نسل هڪ هنڌ تي رهندا هئا. يورپ ۾ انهيءَ نظريي جو نالو ’ساڳئي ڇپر هيٺ‘ (Under the Same Roof) مشھور ٿيو، ان نظريي جو ڀانيو آهي ته:
”هڪ آڳاٽي زماني ۾ ايراني، انڊين، جرمن، يوناني، رومي، ڪئلٽڪ ۽ سلاوڪ لوڪن جا ابا ڏاڏا گڏجي هڪ ويڙهي ۾ نه پر هڪ ڇپر هيٺ رهندا هئا.“ (Muller, 1862: 213)
اڳتي هلي ميڪس مولر انهي آريائي- نسلي نظريي تان هٿ کڻي ويو هو ۽ چيو هئائين:
”جڏهن آءٌ آريا نالو کڻان ٿو ته تڏهن منھنجو مقصد رت، هڏ، وار ۽ ڪيپراٽي نه آهي، منھنجو مقصد اهي لوڪ آهن جيڪي آريائي ٻوليون ڳالهائن ٿا.“ (Muller, 1888: 22)
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ’سنڌ- يورپي ٻوليون‘ (Indo- Europian Languages) گهڻو تڻو يورپ ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ هيل تائين انهيءَ جي بنيادي، ’آڳاٽي سنڌ- يورپي ٻولي‘ جي ڳولا ۾ مسئلو گهڻو منجهندو ويو، خاص طرح سان قديم آثارن جي کوٽاين ۽ کوجنا کانپوءِ ننڍي کنڊ جي هڪ وڏي جاگرافيائي علائقي ۾ ڏهن کان ٻارهن لک چورس ڪلوميٽر ۾ پکڙيل سنڌو تھذيب ۽ سنڌو سلطنت جو ظاهر ٿيڻ ۽ اها به ’ڪرڻيا ڪاريا تاريخ‘ (Radio Carbon Dating) موجب ثابت ٿيل آهي نه ڪي ڀانيو ڪيل آريائي لوڪن جي زماني کان گهڻو آڳاٽي ثابت ٿي چڪي آهي. اهڙي صورت ۾ اسان کي تمام قديم زماني ڏانھن موٽڻو پوندو، هزارين سال قبل مسيح ۾، اهي سنڌو سڀيتائي ماڳن وارا شڪاري، ڏوٿي، ڌڻوند واپاري، واپاري لوڪ پيٽ قوت لاءِ کنڊ کنڊ لتاڙيندا وتندا هئا ۽ ايشيائي ماڳن کان نڪري ڪِريٽ جي ٻيٽن، پوءِ يونان کان ٿيندا اوڀر يورپ ۾ وڃي آباد ٿيا ۽ انهي هزارين سالن جي سفر ۾ سڀيتائون جوڙيندا ويا.
آريا لقب اختيار ڪندڙ لڏو ڪاڻو قبيلا اصل ۾ ڌڻوند لوڪ هئا، هو ڪنھن سبب يا موسمي تبديليءَ جي ڪري جابلو ماٿريون ڇڏي، سنڌونديءَ جي ميداني علائقن ڏانھن ڪي هزار سالن تائين هوريان هوريان ايندا رهيا هئا. عين الحق فريد ڪوٽي پنھنجي مقالي ‘Pre-Aryan origins of the Pakistani Languages’ ۾ لکي ٿي ته:
”3500ورهيه اڳ آريا لوڪ رڍن ۽ ٻڪرين جي ڌڻن سان گڏ سنڌوماٿري ۾ اچڻ لڳا. سنڌوماٿري هڪ زرعي سماج هو، انڪري اُن وقت مسئلا پيدا ٿيا، جڏهن ايڏا وڏا مال جا ڌڻ پوکيل فصلن ۾ ڪاهي پيا ۽ ان جي نتيجي ۾ جهيڙا جهٽا شروع ٿيا، ڪٿي ڪٿي انهن ڌڻوند لوڪن مڪاني ماڻهن کي شڪست به ڏني، پر اوس فتح، مڪاني لوڪن جي ٿي ۽ آرين کي سپت سنڌو واري علائقي مان نڪرڻو پيو.“
(Fridkoti, 1991: 20)
آريائي لوڪن لاءِ ايڇ. جي ويلز، ڪتاب ’مختصر تاريخِ عالم‘ ۾ عام طرح سان مالوند لوڪن جي چڱي ماڻهوءَ واري راڄنيتيءَ طريقي بابت لکي ٿو ته:
”رومي سمنڊ جي ڪنارن تي آباد ماڻهن وانگر، هنن جي سماجي زندگيءَ جو محور مندر نه هو، هنن جا سردار سورما هوندا هئا نه ڪي پروهت، هنن وٽ هڪ الھامي نظام بدران هڪ اشرافي سماج وارو نظام رائج هو. هنن جي خاص خاندانن جي اشرافيه کي رهبر خاندان طور مڃيو ويندو هو.“ (ويلز، 2005ع: 87)
آريائي لوڪن جو ويدن کانپوءِ ٻيو وڏو ۽ اهم ڪتاب ’زند اوستا‘ آهي، انهيءَ پيغمبر زرتشت ۽ هن جي گهرڀاتين جي نالن مان ئي ظاهر آهي ته اهي پھون پھريندڙ لوڪ هئا نه ڪي سنڌوسڀيتا يا ڪن ٻين تھذيبن جا جوڙيندڙ هئا. جھڙوڪ: ’زرتشت‘، (پيلو اٺ)، زرتشت جي پي جو نالو ’پوروششيا‘ (ڀورن گهوڙن جو مالڪ)، ماءُ جو نالو ’دغدودا‘ (ڳئون پال) ۽ زال جو نالو ’حووي‘ (ڀلن پسوئن جي مالڪياڻي) ان ريت سندن نالا سندن اصلوڪي ڪِرت جي آڌار تي رکيل آهن ۽ اهي صاف ظاهر ڪن ٿا ته اهي مالوند لوڪ هئا.
جڏهن ته سنڌو تھذيب جي اوائلي ماڳ ’مھر ڳڙهه‘ جي شروعات 5000ق.م ڌاري ٿي چڪي هئي ۽ ان کانپوءِ 3500ق.م ۾ آمري واري تھذيب جُڙي هئي. رفيق مغل موجب:
”موهن جي دڙي جي عظيم ثقافت جو بنياد ٽي هزار (3000) سال قبل مسيح ۾ پئجي چڪو هو، جو آهستي آهستي اڍائي هزار (2500) سال قبل مسيح اُها ثقافت هڪ عاليشان تھذيب جي صورت اختيار ڪري چڪي هئي.“ (مغل، 1973ع: 75)
انهيءَ آريائي لوڪن جي ڏندڪٿائي قصي تي مور لينڊ (Moreland) جو رايو آهي ته:
”جيڪڏهن نام نھاد آرين جو وجود ’سنڌ‘ ۾ فرضي طور قبول به ڪيو ويو ته پوءِ به ائين چوڻو پوندو ته اُهي سنڌوماٿر جي عاليشان بادشاهت جي تباهيءَ جا ذميوار هئا ۽ نه ان کي بنائڻ ۽ جوڙڻ جا مالڪ هئا.“
(Moreland, 1936: 10)
”جيڪڏهن فرضي طور آرين جي اچڻ کي سنڌ ۾ قبول به ڪجي ته پوءِ به اُهي چوڏهن سؤ (1400) قبل مسيح ۾ آيا هوندا.“ (Rapson, 1922: 72)
اوميل ان بابت صاف ۽ چٽن لفظن ۾ اهو به لکي ٿي ته:
”تھذيب آرين جي پيداوار هُئڻ واري ڳالهه هڪ ڏندڪٿا کان وڌيڪ ڪانه آهي.“ (Aoumiel, 1994: 162)
آريائي نسل ۽ ٻولين جي نظريي، يورپ خاص طرح سان فرانس ۾ وڏي پذيرائي حاصل ڪئي، انهيءَ لساني بنيادن تي لاسن (Losin) جي ساٿي آگسٽ فريڊري پاٽ (August Fredert Pott) چئي ڏنو ته:
”يورپي قومن جو بنياد ايشيا آهي.“ (ملڪ، 2002ع: 228)
رشيد ملڪ، ڪتاب ’انڊالاجي‘ ۾ ’آگسٽ فريڊرڪ پاٽ‘ جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”ڪلچر سج جي رستي سان سفر ڪندو آهي، تمام يورپي ماڻهو، ايشيا جا رهندڙ هئا ۽ ننڍڙن ابھم ٻارڙن وانگر پنھنجي ماءُ جي ڀرپاسي ۾ راند روند ڪندا هئا. ڪوهيڙي ۾ ورتل يادن کي تازو ڪرڻ جي ضرورت ناهي رهي. اسان کي واقعاتي ثبوتن تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي، جيڪي ثبوت اسان کي يورپي ۽ ايشيائي ٻوليون پھچائن ٿيون ۽ ڪٿي به نه بلڪ اُتي بني نوع انسان جي روحاني توانانين جي تربيت گاهه ۽ کيڏڻ ۽ ڪڏڻ جو ميدان آهي.“ (ملڪ، 2002ع: 2228)
ڪوويئر (Cuvier) ]1769-1832[ انساني نسلن جي ترتيب لساني بنيادن تي ڪئي، هن کان ڏهه سال پوءِ مشھور تاريخدان مٿلي (Michelet) پنھنجي ڪتاب ‘History of Rome’ ۾ سامي (Sami) ۽ سنڌو جرمن (Indo-Jurman) اصطلاحن کي استعمال ڪندي لکيو ته:
”سج جي رستي سان ۽ مقناطيسي لھرن جي رُخ سان انسان ذات جي سفري واٽ سان هلو، ايشيا کان يورپ تائين ۽ انڊيا کان فرانس جي سفر جو نظارو ڪيو. انساني سفر جو مکيه ماڳ انڊيا آهي. تمام انساني نسلن ۽ مذهبن جي جنم ڀومي انڊيا آهي. اها سڄي دنيا جي ماءُ جي پيٽ ۾ نيپاج واري جڳهه آهي.“ (ملڪ، 2002ع: 230)
ان ريت يورپي ليکڪن جي هڪ وڏي تحريري سلسلي ۾ بائبل ۽ ٻين حوالن سان هماليائي جابلو سلسلي ۽ ڪوهه قاف جي اوچين چوٽين جي وچ تي، تبت جي اُتاهين پوٺن کي انساني پناهه گاهه قرار ڏنو، جيڪي حضرت نوح عليه السلام واري طوفان کان بچي نڪتا هئا.
ان ريت اهو ڀانيو اُسريو ته هر طرح سان آدم ثاني حضرت نوح وارو اولاد سنڌونديءَ جي مٿين جابلو لام مان اوسر ڪئي ۽ پوءِ سڄي دنيا ۾ پکڙيو. سنڌو جي مٿين لام وارن ڌنار لوڪن، هڪٻئي جي ڪِرت وارا لفظ ’آري‘ ۽ ’ڌراڙ‘ (دراوڙ) ضد ۽ انا ۾ هڪٻئي مٿان مڙهيا، ۽ هڪٻئي جي مذهبي روايتن تي به ڌاڙو هنيو. سمورا ويد سنڌو لوڪن جا جوڙيل آهن، جن کي آرين اُلٽو ڪري خاص ماڻهن جي ٻولي سنسڪرت (سم + ڪِرت) ۾ آندا. اهي اڄ به پنھنجي جوڙجڪ ۾ ديسي ۽ لوڪيه رچنائون آهن. ان ريت مٿي جابلو لام وارا ڌنار لوڪ آريا ۽ هيٺين ميداني علائقن واري لام جا لوڪ دراوڙ (ڌنار) ڪوٺجڻ ۾ آيا، جيڪي مٿين لام وارن لوڪن-آرين جي مھذب ٿيڻ کان گهڻو اڳ سنڌونديءَ جي ڪنارن سان ميداني علائقن ۾ سنڌو تھذيب جوڙي چڪا هئا.
”ويدي آريا لوڪن جو پرڏيھي هئڻ ۽ انڊيا ۾ اچڻ جي به تاريخ ۾ ڪابه شاهدي نٿي ملي. ان ڳالهه جي ابتڙ هن امر لاءِ کوڙ لساني شاهديون موجود آهن ته ويدي آريا پاڻ سپت سنڌو واري علائقي کي پنھنجو وطن قرار ڏيندا هئا.“ (ملڪ، 2002ع: 249)
ڪنھن ڀونءِ تان لڏي ويندڙ لوڪن جي قومي يادن ۾ وطن جي ياد هميشه قائم دائم رهندي آهي، قدي
534 ڀيرا پڙهيو ويو