سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي ۽ سماجي علمن جي اصطلاحن جو باني ننديرام ميراڻي’سيوھاڻي‘
(Nandiram Meerani – the founder of scientific and sociological terms in Sindhi language)
مختيار احمد ملاح
Abstract:
Dewan Nandiram Sehwani (1819-1875) was born in Sehwan. He had vast scholarship in Persian, Sindhi, Hindi and other languages. He started working as Munshi and translator in the office of Commissioner, later he joined as a teacher at Normal School of Karachi. He was the person, who actually prepared the existing Sindhi Alphabet. In his book, “History of Sindh” he has given in detail about his role in that committee. He was a trusted person of B. H. Ellis; therefore most of the assignments regarding books and reports were prepared by him. He wrote many text books and translation of academic books in Arabic-Sindhi characters. He won a handsome amount as award for his translation of Tarikh Mausmi into Sindhi. His major works are Bab-Namo, Esop’s Fables, History of Sindh, Geography of the World, Drawing Book and many others. He is called the father of modern Sindhi prose. This research paper focuses on his role in introduction of scientific, social science, drawing, geometry, mathematics, etc. terminology in Sindhi language, which is ever big example in Sindhi.
سنڌ جي قديم ۽ وچولي دؤرن جي تعليمي نظام تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته اهو تعليمي نظام گهڻو ڪري مذهبي اثر ۾ رهيو آهي. موهن لعل کيمچند، قديم دؤر جي تعليم جي سلسلي ۾ لکيو آهي ته:
”اتھاس ڏي نھارينداسين ته هر ڪنھن نموني جي تعليم ڏني ويندي هئي. صبح جو سويل اٿي وديارٿي ۽ گُرو گڏجي ايشور جي پرارٿنا ڪندا هئا. تنھن کانپوءِ هرهڪ وديارٿي ورزش ڪندو هو، جيئن هرڪو ٻلوان ٿئي ۽ تندرست گذاري. تنھن کانپوءِ اشنان ڪري پاٺ پوڄا کان واندا ٿي تعليم وٺندا هئا. تنھن کانپوءِ گُرو انهن وديارٿين کي ڌرمي شاستر، ويد، پراڻ، رامائڻ ۽ مھاڀارت جي سنسڪرت جي شلوڪن جون سمجهاڻيون ڏيندو هو. شام جي وقت سڀ وديارٿي پھاڙن تي گُروءَ سان گڏ ويندا هئا، جتي سهڻن نظارن کي ڏسڻ پسند ڪندا هئا ۽ ڪن چڱين ۽ اخلاقي ڳالهين تي بحث ڪندا هئا“.(1)
قديم دؤر جا سنڌي ڪتاب اسان وٽ موجود نه آهن، انڪري انهن جي علمي، ادبي ۽ سائنسي ڪٿ ڪرڻ مشڪل آهي. سنڌ جي وچولي دؤر ۾ به مذهبي ادب درسگاهن ۽ مڪتبن ۾ ڏنو ويندو هو. برطانوي عملدار رچرڊ برٽن سنڌي ٻولي ۽ ادب جو گھرو مطالعو ڪيو، ان جي نتيجي ۾ هن ڪلاسيڪل سنڌي ادب جي تاريخ مرتب ڪري ڏني. هن سنڌي ادب بابت لکيو آهي ته:
”سنڌي ادب لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته جڏهن انگريزن هندستان ۾ پير پاتو، تڏهن ڪنھن به ڏيھي ٻوليءَ ۾ ايترو علم ۽ ادب ڪو نه هو، جيترو سنڌيءَ ۾ موجود آهي، پر ان جي شاهوڪاري عربي ترجمن ۽ مذهبي ڪتابن تي منحصر آهي. ڪتابن جي پوري ڪٿ نٿي ڪري سگهجي، پر ايترو يقين آهي ته ٻه ٽي سئو قلمي نسخا ڪٺا ڪري سگهبا“.(2)
برطانوي راڄ جي آمد تائين سنڌ ۾ نه سرڪاري اسڪول هئا، نه وري شايع ٿيل ڪي ڪتاب موجود هئا. انڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي، سماجي، معاشي، اقتصادي يا، درسي اصطلاحن جو هجڻ به مشڪل هو. مسٽر پرنگل 1847ع ۾ جيئن ئي ذميواري سنڀالي، ته هن سنڌ ۾ تعليم ۽ ٻوليءَ جي صورتحال جانچڻ لاءِ پنھنجي ماتحت آفيسرن کان رپورٽون طلب ڪيون. ماتحت آفيسرن پنھنجون رپورٽون پيش ڪندي لکيو آهي ته سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي ڪو به اسڪول هلندڙ نه آهي، نه وري سنڌي زبان ۾ لکت جو ڪو رواج عام آهي، البت هنن اعتراف ڪيو آهي ته ڪجهه انفرادي ڪوششن سان مدرسا ۽ مڪتب مختلف ضلعن ۾ هلندڙ آهن. ٻيو ته هنن پنھنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته سنڌي زبان ۾شايع ٿيل هڪڙو به ڪتاب موجود نه آهي، البت ڪٿي ڪٿي قلمي پستڪ موجود آهن. اهي رپورٽون اڳتي هلي سنڌي ٻوليءَ جي سرڪاري حيثيت ۽ تعليمي ذريعي جو سبب بڻيون.
1853ع ۾ عربي-سنڌي صورتخطيءَ جي جاري ٿيڻ کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي ترقيءَ ۾ انقلاب اچي ويو. سرڪار، سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت تسليم ڪندي، سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏنو. انگريزن جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکي ٿو ته:
”انگريزن جو سنڌ تي قبضو، سنڌي ادب جي بدلجڻ ۽ سنوارجڻ جي حق ۾ هڪ پيش خيمو ثابت ٿيو. جيتوڻيڪ اڳوڻي ملڪي نظام، معاشري ۽ تعليمي ماحول جي تشڪيل ۽ صورتحال سان سنڌي زبان پوري طرح ٺھڪيل هئي، ليڪن ان هوندي به اسان جي زبان اڃا ايتري ترقي يافته ڪانه هئي، جو جديد زماني جي بدلجندڙ حالتن سان هلي سگهي ۽ ان جي سڀني تقاضائن ۽ ضرورتن کي پورو ڪري سگهي، چنانچه انگريز حڪومت، جڏهن ملڪي ۽ سياسي ضرورتن جي آڌار تي سنڌي زبان کي سنڌ جي تعليمي درسگاهن ۽ سرڪاري محڪمن ۾ رائج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن ان تي عمل ڪرڻ ۾ کين ڪيتريون دشواريون درپيش ٿيون“.(3)
هن دؤر جي نثري ادب جي ترقيءَ لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته:
”حڪومت طرفان سنڌي ادب کي وڌائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ واري تحريڪ سبب، سنڌي مصنفن ۾ فطري طور پنھنجي ادب کي اجاگر ڪرڻ جو چاهه جاڳيو. انهن ۾ ديوان ننديرام، اڌارام، پرڀداس، قاضي غلام علي، سيد ميران محمد شاهه اول، آخوند عبدالرحيم، مرزا علي رضا، مرزا صادق علي بيگ ۽ ديوان ڪيولرام خاص طور برک هئا. ديوان ننديرام جو قدم انهن سڀنيءَ ۾ اڳيان اڳيان هو. انهن بزرگن هر موضوع تي، خاص طور تاريخ، وياڪرڻ، حساب، جاگرافي، آلجبرا، علم بدن ۽ منطق تي ڪتاب تيار ڪيا“.(4)
اوائلي دؤر جي نثر نويسن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو مختلف علمن لاءِ سنڌيءَ ۾ جوڙيل علمي اصطلاحن Terms)) جو هڪ وڏو ذخيرو آهي، جو سنڌي علم ۽ ادب تي سندن دائمي احسان وانگر آهي. سنڌيءَ ۾ تعليمي ضرورتن کي نباهڻ لاءِ جڏهن پھريون ڀيرو مختلف علمن، جھڙوڪ تاريخ، جاگرافي، حساب، جاميٽري ۽ آلجبرا وغيره جا ڪتاب جوڙيا ويا، تڏهن سڀ کان ڏکيو مسئلو، انهن نون علمن جي اصطلاحن جوڙڻ جو هو، ڇاڪاڻ جو سنڌيءَ ۾ ڪڏهن به ان قسم جا علمي ڪتاب اڳي نه لکيا ويا هئا. مثال طور، اڳي رياضيءَ جي علم متعلق اصطلاح جھڙوڪ: اڻپور، ڏهائي، مُور، وياج، راس، پاڇي، ونڊ، جوڙ، ڪٽ، وڏو عام پورو ونڊيندڙ، ننڍي عام ڀڃ اپت وغيره رائج نه هئا. مطلب ته درسي ڪتابن جو دؤر سنڌي نثر جو بنيادي ۽ ڪلاسيڪل دؤرآهي. هن دؤر ۾ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي لفظن جو، سنڌي زبان ۾ استعمال ٿيو ۽ نوان سنڌي لفظ پڻ جڙيا. جيتوڻيڪ ليکڪن جي صورتخطيءَ ۾ فرق آهي، پر هنن ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪيا آهن. ان سان گڏوگڏ عربي، فارسي ۽ انگريزي لفظن جا متبادل لفظ، سنڌي نثر ۾ ر ائج ڪيا، اُن درسي ۽ سائنسي نثري ادب جي تحريڪ جو سرواڻ ننديرام ميراڻي هو.
ننديرام جي ولادت ۽ خاندان: ديوان ننديرام ميراڻي، سنڌ جي تاريخي ۽ قديم شھر سيوهڻ ۾، 27 آڪٽوبر 1819ع يعني اوڻيھين صديءَ ڌاري، ديوان ٿڌو مل ميراڻيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏو مھرو مھتو هو، سنڌ ۾ اڪثر ڀائيبند ’مھتو‘ سڏائيندا هئا. مھتو يعني وڏيرو کيس پراڪريت ۾ مھتو ۽ سنسڪرت ۾ مھا يعني وڏو نالا ڏنل آهن. زمين جي مالڪن پاران ڳوٺاڻن کان ڍلون، مسواڙون ۽ ليکو چوکو اوڳاڙندڙ کي ’مھتو‘ سڏيو ويندو هو. سندس ڏاڏو حضرت قلندر لعل شهباز جو مودي هو ۽ وڏو عامل پڻ سڏبو هو. ’عامل‘ عربي لفظ آهي، جنھن جي معنى آهي ’عمل ڪندڙ يا ڪاروبار هلائيندڙ‘. اڳ هندو ڪامورا پاڻ کي ’عامل‘ سڏائيندا هئا ۽ ’مودي’ ان کي چيو ويندو هو، جيڪو حضرت قلندر لعل شهباز جي فدائين ۾ نالو داخل ڪرائيندو هو. سندس پويان پاڻ کي ’ميراڻي ديوان‘ سڏائڻ لڳا ۽ اهو ئي سبب آهي جو جن هندن سرزمين سيوهڻ ۾ رهي قلندر لعل شهباز جي فدائين جي لسٽ ۾ نالو داخل ڪيو، انهن مان هي ’ميراڻي ديوان‘ پيش پيش آهن“.(5)
ننديرام 1836ع ۾ پنھنجي گهروارن جي مرضيءَ سان ’وراڻ ٻائي‘ سان شادي ڪئي ۽ ٻن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد ٿيس. سندس ڪتاب ’تاريخ سنڌ‘ جو ٻيو ڇاپو 1861ع ۾ شايع ٿيو، ان ڪتاب جي ديپاچي ۾ هن جھڙوڪ پنھنجي آتم ڪٿا لکي آهي. ديوان ننديرام، 15 مئي 1875ع تي وفات ڪئي.
ننديرام جي تعليم ۽ فارسيءَ ۾ مھارت: ديوان ننديرام ميراڻي ننڍي هوندي کان ئي مسلمانن سان گڏ، سيوهاڻي قافين جي مڪتبن ۾، مولوين وٽان ابتدائي تعليم فارسي ۽ عربي پڙهيو، ذهين به حد درجي جو هو، جنھنڪري سُتت ئي ڀڙ ٿيو ۽ فارسي نثر توڙي نظم ۾ ماهر بڻجي پيو. پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته:
”ننديرام انگريز دؤر جو فارسي دان هو؛ اگرچه شاعر نه هو، ليڪن فارسي ادب سان سندس خاص اُنس هو؛ تاريخ سان زياده دلچسپي هيس؛ تاريخ معصوميءَ کي سڀ کان پھريائين هن صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو“.(6)
عربي-سنڌي لکت کي مقرر روپ ڏيڻ واري ڪاميٽيءَ ۾ ڪردار: انهن ڏينھَنِ ۾، انگريز عملدارن کي اهڙن مُنشين جي ضرورت هئي، جن کي فارسي ۽ سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ تي عبور حاصل هجي، ان معاملي ۾ ننديرام سرڪار جون سڀ گهرجون پوريون ڪندڙ هو. اسڪول کولڻ جي ناڪامي ۽ بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي، ڪراچيءَ جو رخ ڪيائين، جتي کيس 1850ع ۾ سرڪاري طور منشيءَ جي نوڪري ملي وئي ۽ آفيسرن جي سنڌي ٻوليءَ واري امتحان ۾ سندس خدمتون واضح طور تي سرڪار جي سامهون اچي چڪيون هيون. مارچ 1853ع ۾ عربي-سنڌي لکاوٽ کي مقرر روپ ڏيڻ واري سرڪاري ڪاميٽي جوڙي وئي، جنھن ۾ ننديرام جو ڪردار سڀنيءَ کان اهم هو. ۽ ڀانئجي ٿو ته ديوان ننديرام جي ترقي طرف وڌڻ جي اها پھرين منزل هئي، آخر سنڌي الف ب جي تياريءَ لاءِ دل ۽ جان سان ڪم ڪرڻ لڳو ۽ صورتخطيءَ جي ٺھڻ تائين انهيءَ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. ’تواريخ سنڌ‘ ۾ پنھنجي ڪردار جو اعتراف ڪندي جيئن لکيو اٿس، تيئن هتي ڏجي ٿو:
”سنڌ ڏيھه ۾ اڳين حاڪمن جو سرڪاري ڪم پارسي قلم ۾ هلندو هو ۽ هاڻوڪي سرڪار جو پڻ مٿي قلم ۾ 1852ع توڻي پي هليو پر جڏهه سنڌ جي اختياري ڪم ڇوڙڻ ٻڌڻ جي واڳ قدر ڄاڻندڙن اهل قلم صاحبن جي هٿ ۾ آئي تڏهه ڄاتاءُ ته جھڙي طرح انگريزي سرڪار جي ٻئن ڏيهن ۾ مادري زبان سان سھنجائي ۽ خوبي ڪري سڀڪو سرڪاري ڪم هلندڙ آهي تھڙي طرح هتي پڻ رواج ڏيون ته ڪم ۾ پڻ صفائي رهي ۽ عام کي به فائدو رسي انهن ڏيهن ۾ قدر ڄاڻيندڙ غريب نوازيندڙ رعيت کي وڻدڙ ۽ گهڻو ڪري سڀڪهه علم جا گهرندڙ عالمن ۾ عامل فاضلن ۾ جناب مسٽر سر بارٽل فرئر صاحب بھادر اڳيون ڪمشنر سنڌ ۽ مسٽر ايلس صاحب بھادر اڳيون اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ جي سڀڪهه پرڪري سنڌ ڏيھه جا جوڙ جڪ ڪندڙ هئا تڏهه پھراءِ ۾ پوئين جناب رڳو سنڌي الف بي جي ٺھرائڻ جو ڪم سٽيو. جئين ته گهڻي بحث ۽ چڪاس ۽ هوڏ ۽ ڏيهي ماڻهن جي صلاح ۽ ان وقت جي ناظمن صاحبن جي راءِ ساڻ متفق ٿي، هن حقير جي مدد سان سنڌي الف- بي ٺاهي ۽ ڇپرائي، سرڪاري ڪم ۾ ٿورو ٿورو رواج ڏنو“.(7)
ننديرام کي سرڪاري انعام: 1852ع ۾ بمبئي حڪومت سنڌ جي تعليم لاءِ ڏهه هزار جي سالياني بجيٽ منظور ڪئي. مارچ 1853ع ۾ اها رقم ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر جي اختيار هيٺ رکي ويئي ۽ کاتي جو نالو ’تعليم کاتا‘ رکيو ويو. سنڌ ۾ پھريون خانگي اسڪول 1851ع ۾ قائم ٿيو هو، پر پھريون سرڪاري اسڪول 1854ع ۾ قائم ٿيو. اسڪولي ڪتابن جي گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪتابن جي ليکڪن ۽ مترجمن کي خاص معاوضا ڏنا ويندا هئا. اصلوڪي ڪم جو اعزازيو الڳ هو ته ترجمي جو الڳ. ڪجهه خاص ڪمن لاءِ صلاحڪار مقرر ڪيا ويندا هئا ۽ غير سنڌي ليکڪن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون هيون. خاص ڪتابن ۽ ترجمن لاءِ انعام ڏنا ويندا هئا. 1853ع ۾ بي ايڇ ايلس هڪ اشتھار ڏنو، جنھن جو متن هيٺ ڏجي ٿو:
”هڪڙي ’تاريخ معصومي‘ جنھن کان سنڌ جي ماڻهن کي گهڻو فائدو رسندو ۽ اهو ڪتاب فارسي عبارت ڪري سليس ۽ مربوط آهي، جو شخص تهه ڪتاب جو سنڌي وائي ۾ پسند ڪيل ترجمو ڪندو اهو ڏيڍ سو روپيا مھيني خانگي ۽ سرڪاري انعام جي جوڳو ٿيندو“.(8)
شروعاتي سالن ۾ ڪتابن جي جانچ پڙتال ۽ انعامن لاءِ هيٺيان ميمبر هوندا هئا:
1. ڪيپٽن ڊسنٽر ول، سربراهه
2. ليفٽينٽ هربرٽ آرٿر، ميمبر
3. ليفٽينٽ هارگارڊسن، ميمبر
4. ليفٽينٽ اسٽئڪ، ميمبر
ان وقت سنڌ جي تعليم جي معاملن کي ايلس بيرو ڏسندو هو. سر بيرو ايلس (18231887-ع)، بارٽل فريئر جو اعتماد رکندڙ آفيسر هو ۽ فريئر جي غير موجودگيءَ ۾، سنڌ جي ڪمشنر جا فرض به انجام ڏيندو هو. هو ان عھدي تي 1851ع کان 1858ع تائين رهيو. سنڌ ۾ تعليم کاتي جو انچارج به مسٽر ايلس هو. هن صاحب سنڌ ۾ تعليم جي ڦھلاءَ، ڪتب نويسي، سنڌي رسم الخط، سنڌي درسي ۽ ادبي ڪتابن جي ڇپائي، سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ بابت علمي ڪم، سنڌ ۾ اسڪول کولرائڻ، استاد مقرر ڪرائڻ ۽ هر انهيءَ ڪم ۾ حصو ورتو، جنھن جو سھرو بارٽل فريئر کي ڏنو وڃي ٿو. مسٽر ايلس هر ڪم ۾ بارٽل فريئر کي انتظامي طور بھترين رٿون ڏيندو هو، جنھن جي منظوري بارٽل فريئر بمبئي حڪومت کان حاصل ڪندو هو“.(9) هن ڪتابن جي ترجمي جي اشتھار سان گڏ، پنھنجي طرفان به ڏيڍ سو روپين ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
انهيءَ سرڪاري اعلان کانپوءِ، سنڌ جي مسلمان عالمن ۽ هندو پڙهيل طبقي خوب طبع آزمائي ڪئي، ان سلسلي ۾ قاضي غلام علي ٺٽوي به ڪتاب جو ترجمو ڪيو هو، پر سندس ترجمو مقابلو کٽي نه سگهيو. سنڌي الفابيٽ جي ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ۾ غلام حسين سبزپوش ۽ منشي کيمسنگهه حيدرآبادي نمايان آهن. اهڙن مشھور ڄاڻُن جي ترجمن موڪلڻ ۽ بي ريا منصفن جي جاچ لاءِ مقرري منشي ننديرام کي البت ڍلو ڪيو. کيس خاص انديشو هو ته ڇاڪاڻ ته جاچيندڙن مان ڳچ نئين الف ب کان اڻڄاڻ آهن ته شايد هو سندس ترجمي جو پورو قدر ڪري نه سگهن. پر منشي صاحب اجايو دل لوڏي رهيو هو. مقرر ٿيل صاحبن ويھي چڱي پر امتحان ۽ بحث ۽ تڪرار ڪري، آخر ڪلام سڀ ڪنھن جي علم جي ڪسوٽيءَ منشي ننديرام جي ڪتاب کي پھرين نمبر ۾ آندو، ۽ ترجمي ڪندڙن مان هن جي نالي سبقت جي گوءِ کٽي ۽ کيس ٻوليل مٿي انعام سان مرڪندڙ ڪيائون“.(10)
بي. ايڇ ايلس طرفان باسيل ڏيڍ سؤ روپيا نقد انعام ديوان ننديرام کي تمام جلدي ملي ويا، باقي سرڪاري انعام ملڻ لاءِ ديوان صاحب کي چڱو انتظار ڪرڻو پيو ۽ کيس مايوس ڪري وڌو. ان سلسلي ۾ پروفيسر چيتن ماڙيوالا لکيو آهي ته:
”رقم ته منشي ننديرام جلدي کائي کپائي ڇڏي، جنھنڪري هاڻ هو سرڪاري انعام ملڻ لاءِ واجهائڻ لڳو، مگر جيتري وڌيڪ انتظاري ٿي ڏيکاريائين، اوتري دير ۾ دير ٿي پيئي. تنھن وچ ۾ منشي صاحب کي هرو ڀرو هٿ ٽنگڻ کان بچائڻ لاءِ سرڪار کيس منشيءَ جو عھدو ڏنو. سرڪار اها ڳالهه بيشڪ منشي صاحب جي دل وٽان ڪئي، نه ته منشي سڏجڻ جي کيس خير ڪا اميد هئي، تنھن کانسواءِ سندس چاهنا پڻ خاص سرڪاري نوڪري تي هئي، جا حاصل ڪري هو بيحد گد گد ٿيو.“.(11)
منشي ننديرام جي تقدير هڪ دفعو ٻيھر ان وقت پلٽو کاڌو، جڏهن ميجر ايف جي.گولڊ سمڊ (1818-1908ع)، کي 27 آگسٽ 1857ع تي اسسٽنٽ ڪمشنريءَ سان گڏو گڏ، ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جي اضافي ذميواري به ڏني وئي. هن پنھنجي رپورٽ ۾ ان سلسلي ۾ لکيو آهي ته:
”سنڌ جي ڪمشنر، مون تي اعتماد ڪندي، پنھنجي نظرداريءَ ۾ صوبي جي تعليم کاتي جي اضافي ذميواري منھنجي حوالي ڪئي آهي، اهو منھنجي لاءِ عزت جو مقام آهي ته مان ڪو خاص ڪارنامو سرانجام ڏيئي سنڌ جي تاريخ ۾ امر ٿي وڃان، ڇو جو هن شعبي ۾ منھنجي تمام گهڻي دلچسپي آهي“.(12)
هن اچڻ سان سنڌ ۾ ورنيڪيولر اسڪولن ۾ اضافو ڪيو ۽ وڌيڪ ڪتابن جي ترجمن ۽ اشاعت لاءِ ماهر استادن جي ڳولا ڪئي. گولڊ سمڊ نه صرف منشي ننديرام کان وڌيڪ ڪتاب ترجمو ڪرائي شايع ڪرايا، پر منشي ننديرام واري ترجمي جي ٻيھر اشاعت جو حڪم نامو جاري ڪيائين ۽ کيس باسيل سرڪاري انعام سان گڏ هڪ سؤ روپيا وڌيڪ انعام طور مليا ۽ حق تصنيف به سندس حوالي ڪيائين. ان ڏينھن کانپوءِ سرڪار طرفان کيس اهو به اختيار مليو ته آئينده سنڌ ۾ هر ڪتاب منشي ننديرام جي نظرثانيءَ کانپوءِ ئي ڇپجندو.
نارمل اسڪول ڪراچيءَ ۾ تدريسي خدمتون: سنڌي الف- ب جي نفاذ کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم تڏهن ئي ممڪن هئي، جڏهن سنڌيءَ ۾ شايع ٿيل ڪتاب هجن ۽ سکيا ورتل استاد موجود هجن. ڪتابن جي تياريءَ لاءِ يڪدم ڪم شروع ٿي چڪو هو، جڏهن ته پرائمري استادن کي ڀرتي ڪرڻ ۽ انهن کي پڙهائڻ لاءِ تيار ڪرڻ واسطي آڪٽوبر 1854ع ۾ ڪراچيءَ ۾ اسڪول قائم ڪيو ويو، جنھن جو نالو ’ڪراچي نارمل اسڪول‘ رکيو ويو. هن اسڪول ۾ ايلفنسٽن ۽ پُونا ڪاليج جا اُهي جهونا شاگرد، جيڪي ان وقت سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ هئا، سي خانگي اسڪولن جي ماسترن ۽ ٻين ماڻهن کي سکيا ڏيندا هئا.
”هن اسڪول ۾ سنڌ جي مقامي شاگردن تمام ٿوري انداز ۾ داخلائون ورتيون ۽ انهن ۾ وري مسلمانن جو گهٽ تعداد هو. 1857ع ۾ ٽيھن شاگردن مان صرف ڏهه پاس ٿيا، جن مان فقط هڪ مسلمان هو“.(13)
ڪرشنا شاستري گوڊبولي، هن اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو. مقامي استادن ۾ ننديرام ميراڻيءَ جون هن اسڪول جي استاد طور خدمتون قابل ذڪر آهن. کيس تعليمي ڄاڻ، ٻوليءَ تي مھارت ۽ اسڪول جي تجربي جي ڪري، 1855ع ۾ اسڪول ٽيچر طور ڀرتي ڪيو ويو. 1859ع ۾ تڏهوڪي سنڌ جي تعليم جي انسپيڪٽر ميجر هڪ سنڌي گرامر ’سنڌي صرف و نحو‘ لکرائڻ جو ارادو ڪيو. ان سلسلي ۾ ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته :
”هن گرامر جي ڪتاب جي اهميت لھڻ لاءِ مون پنھنجي ڪوارٽر تي هڪ گڏجاڻي رکي، جنھن ۾ نارمل اسڪول، ڪراچيءَ جو ماستر منشي ننديرام ۽ ڪليڪٽر آفيس جو منشي رضا محمد موجود هئا. مون گرامر جو مسودو انهن جي حوالي ڪيو ته هو ان تي پنھنجي راءِ ڏئي سگهن، پر اهو طريقو مطلوب مقصد لاءِ ڪارائتو ثابت ٿي نه سگهيو. ان کانپوءِ اهو قلمي نسخو ترميم ۽ تصحيح لاءِ ميان محمد ڏانھن موڪليم“.(14)
1864ع ۾ هن اسڪول کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ته ننديرام، اسڪول کي الوداع چئي سيوهڻ هليو آيو.
اسڪول جو قيام: ننديرام پھريائين سيوهڻ ۾ پنھنجو خانگي اسڪول هلائيندو هو ۽ ماڻهن تي سندس علمي مھارت جو اثر چڱو پيل هو، ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيائين. انهن ڏينھن ۾ فارسي زبان جو رواج گهٽجڻ لڳو، عربي ۽ فارسيءَ جا ڄاڻو هن انقلابي تبديليءَ تي خاموشي اختيار ڪري، گمناميءَ جي گوشي ۾ لڪي ويا. آخر معاشي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ لاءِ، سيوهاڻي عالمن ۽ پڙهيلن جي مقابلي ۾ پاڻ کي تنگ دست ڏسي، سرڪاري ملازمت جو ارادو ڪيائين، اهڙو ذڪر پنھنجي ڪتاب ’تاريخ سنڌ‘ جي ديباچي ۾ هن ريت ڪيو اٿس:
”تن ڏينھن ۾ آءٌ فلڪزدگي کان ۽ ڪنھن وٽ به نسبت نه ڪڍڻ احتياج جي يعني هٿ ٽنگڻ کان عار ڪندو هوس، رڳو فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ جي تعليم جو ڪم خانگي طور ڪندو هوس، پر سُڌ رهيم ته هن ڪنھن ڏينھن هن فلڪ جي گردش جي چنبي کان ڇوٽڪارو لھجي، هڪ جيڏن ۽ پاڻ جھڙن سرڪاري نوڪرن وانگي ٿيان“.(15)
منشي ننديرام جون علمي ۽ ادبي خدمتون: ديوان ننديرام جون علمي توڙي ادبي خدمتون ادبي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکن ٿيون. خاص ڪري الف- ب جي موجوده تشڪيل ۾ سندس ڪوششون محنت جو ثمر آور نتيجو آهي. جديد علمن جي اصطلاحن کي يڪجاءِ ڪرڻ ۾ سندس ئي ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن. اڄ به جاگرافي، رياضي جاميٽري ۽ ٻين علمن ۾ تيار ڪيل ڪتابن ۾ سندس جوڙيل اصطلاح مروج آهن. سندس شايع ٿيل ڪتابن جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو:
باب نامو: ’باب نامو‘ (سنڌيءَ جو ريڊر) پھريون درسي ڪتاب آھي، جنھن کي سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي، گورنمينٽ پريس بمبئيءَ مان، ليٿو ۾ ڇپائي، نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. هيءُ ڪتابڙو موجوده سنڌي الف- ب جي مقرريءَ کانپوءِ، سنڌي لپيءَ ۾ پھريون ڪتاب هو. سر بئرو ايلس جي نگرانيءَ ۾ 29 مارچ 1854ع تي هن ڪتاب جون 1500 ڪاپيون ليٿو ۾ ڇپجي پڌريون ٿيون. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 32 صفحا آهن. ڪتاب جي ترتيب ۾ 23 صفحا ’هِجي‘ لاءِ ڪم آيل آهن ۽ باقي ڏهن صفحن ۾ 8 سبق ڏنل آهن، جن ۾ ڪل 70 جملا ڏنل آهن.
انگريزن جي اوائلي دؤر ۾ سنڌي-عربي صورتخطي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکارڻ جي شروعات هن ڪتاب کان ئي ٿي. هن ۾ ’هجي‘ جو طريقو ڪم آيل آهي. ڪتاب ۾ استعمال ٿيل ٻوليءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”پاڻ کان جيڪو وڏو آهي ته جي سامهون وڏي سر نه ڳالائجي گهڻو نه کلجي. جي پاڻ جيڏا آهن تن سان سرهائي ۽ ڪنورائي سان ڳاله ٻول ڪجي. ڳالائڻ جي ويلي نه کلجي ۽ چوڻ ۾ تڪڙ نڪجي ڪيھي تي ڏمر ڪرڻ نه گهرجي ۽ ڪو پاڻ کي چڱائي جي مت ڏي ته ٻڌجي ۽ پنھنجي ڀينرن ڀائرن ۽ سوٽن کي گهڻو پيار ڪجي“.(16)
هي تاريخي ڪتاب هن وقت اڻ لڀ آهي، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري کي گهرجي ته ان کي هٿ ڪري، ٻيھر شايع ڪرائي.
ايسپ جون آکاڻيون: سن 1854ع ۾ ڪتاب ’ايسپ جون آکاڻيون‘ ننديرام ميراڻي ۽ مسٽر ايلس گڏجي ترجمو ڪري شايع ڪيو، پر ڪتاب جو پھريون ڇاپو ايلس جي نالي سان ئي شايع ٿيو هو. هيءُ ڪتاب ارد شير رستمجيءَ جي ڇاپخاني مان، ليٿو ۾ شايع ٿيو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته مسٽر ايلس سنڌي زبان تي ايترو عبور حاصل ڪري چڪو هو، جو سنڌيءَ ۾ ترجما ڪري ٿي سگهيو. هن ڪتاب جي مٿان انگريزيءَ ۾ هي لفظ لکيل آهن:
Esops Fables in Scindee – Kurrachee: Lithographed by Ardaseer Rutomjee 1854
’ايسپ جون آکاڻيون‘ دنيا جي قديم ۽ عام پسند ڪتابن مان هڪ ڪتاب آهي، جنھن جو ترجمو دنيا جي مڙني مک ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي. اهي آکاڻيون اڄ کان سوا ٻه هزار ورهيه اڳ لکيون ويون هيون. هنن آکاڻين جو لکندڙ ايسپ، روم ۾ ڄائو. هن کي ’ايسپ‘ انڪري چيو ويندو هو، جو هو ڪُٻو هو ۽ ڪُٻي کي يوناني ٻوليءَ ۾ ’ايسپ‘ چوندا آهن. ايسپ پنھنجي ڏاهپ جي ڪري ايڏو ته مشھور ٿيو، جو بعد ۾ ڪيترن ٻين ڏاهن کي سندن ملڪ جو ايسپ سڏيو ويو.
سنڌي زبان ۾ پھريون دفعو 1854ع ۾ ديوان ننديرام ميراڻيءَ، سنڌ جي تڏهوڪي اسسٽنٽ ڪمشنر، ايلس صاحب جي معاونت سان ترجمو ڪري، هيءُ ڪتاب ڇپايو. ان کانپوءِ منشي اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيءَ، ايسپ جون 105 آکاڻيون چونڊي، سنڌيءَ ۾ ڪتاب شايع ڪيو. هيءُ ڪتاب جملي 217 آکاڻين تي مشتمل آهي. اصل ۾ هيءُ ڪتاب هڪ نصيحت نامو آهي، جنھن ۾ ايسپ پنھنجا تجربا لکيا، انهن ۾ موجود صلاحون ۽ هدايتون، آکاڻيون، ٻارن، جوانن، پوڙهن، عالمن ۽ طالب علمن کي هڪ جھڙو لطف ڏين ٿيون، ’ديوان‘ ننديرام هنن آکاڻين ۾ سنڌي نثر کي هڪ سادو ۽ صاف اسلوب ڏنو. هتي سندس آکاڻي ’گدڙ ۽ ڊاک‘ مان مثال ڏجي ٿو:
“هڪڙو بکايل گدڙ، گهمندي گهمندي، اوچتو ئي ڪنھن ڊاک جي منھه هيٺ اچي سھڙيو. اتي جان کڻي مٿي نهاري، ته ڇا ڏسي جو سهڻا ۽ عمدا ڊاک جا ڇُڳا پيا لڏن ۽ لٽڪن ڀانيائين ته ٽپو ڏيئي ڇِنِي کاوان؛ پر ڊاک جو منھن جو تمام مٿي هو، سو هيء ٽپا ڏيئي ٿڪجي پيو، پر هڪڙو ڇُڳو به نه مليس، نيٺ چوڻ لڳو ته “جنھن کي وڻي سو وڃي ڇني کائي، مون کي ڪين گهرجن: ڇا کو ته کٽا آهن“.(17)
سنڌ جي تواريخ: ’سنڌ جي تواريخ‘ صفحا 368، مير معصوم جي فارسي تاريخ جو ترجمو، ليٿو ڪراچي 1854ع ۾ شايع ٿيو. ننديرام ميراڻيءَ جي قسمت ان وقت پلٽو کاڌو، جڏھن انگريز سرڪار تاريخ معصوميءَ جو فارسيءَ مان سنڌي ترجمي ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ڪيترن ئي عالمن ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، پر انھن سڀنيءَ ۾ ننديرام کي پھريون نمبر ڏنو ويو. مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ قائم ڪيل ڪاميٽيءَ ننديرام جي نج، سھڻي ٻولي ۽ معياري خط ۾ ھجڻ ڪري اھميت ڏني ويئي. اعلان ڪيل ھڪ سؤ روپين بجاءِ کيس ٻه سؤ روپيا روڪ انعام ڏنو ويو. هيءُ پھريون اديب هو، جنھن سنڌي نثر کي هڪ سادو ۽ صاف اسلوب ڏنو. ننديرام جي ’تاريخ سنڌ‘ کان سئو سال پوءِ 1953ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، مخدوم امير احمد جو ترجمو ڪيل ’تاريخ معصوميءَ‘ جو ترجمو ڇپايو آهي.
هيٺ مخدوم امير احمد جي ان ترجمي مان اهو هڪ ٽڪرو ڏجي ٿو، جيڪو ننديرام جي حوالي سان ڏنو ويو آهي. مشابھت جي سولائيءَ لاءِ اول ننديرام جو ۽ پوءِ امير احمد جو ترجمو ڏنو ٿو وڃي.
(الف) ”جڏهن چچ اميرن جي ميلاپ سان گاديءَ تي ويٺو، تڏهن دروازا خزاني جا اپٽي ڏاڻ جو سڏ وجهي چڱن ۽ مٺن کي ڪوٺي ڏاڻ ڏيئي، ٻاجهن ۽ ٿوري جي ڦاهيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيائين ۽ مھينو سپاهين جو واڌايائين ۽ ڍل راڄن کان گهٽايائين ان ڪئي کان ڏيھن ۽ وسندي ۽ ججهي وسئن ٿي ۽ راڻيءَ کي پنھنجي ريت سان پرڻيو“.(18)
(ب) ”جڏهن اميرن جي اتفاق سان چچ حڪومت جي تخت تي ويٺو ته خزاني جا دروازا کولي، عام سخا جو اعلان ڪيائين، ۽ عام خاص ماڻهن کي بھرياب ڪري پنھنجي احسان جي دام ۾ ڦاسايائين. سپاهين جو پگهار وڌايائين ۽ رعيت جي ڍل گهٽايائين، جنھنڪري ملڪ ۾ نئين قسم جي آبادي ۽ سھن ٿي. پوءِ راڻيءَ کي پنھنجي دستور موجب نڪاح ۾ آندائين“.(19)
ٻنهي ترجمن جي ڀيٽ ڪرڻ سان ننديرام جي ترجمي ۾ اهي لفظ ۽ لفظن جا استعمال ڏسي سگهجن ٿا، جيڪي مخدوم امير احمد جي ترجمي ۾ ڪم آندل فارسي/ عربي لفظن جي بدران آيا آهن:
امير احمد جو ترجمو ننديرام جو ترجمو
اتفاق ميلاپ
(حڪومت جو ) تخت گادي
عام سخا جو اعلان ڏاڻ جو سڏ
عام ۽ خاص چڱا ۽ مٺا
بھرياب (ڪرڻ) ڏاڻ (ڏيڻ)
احسان ٿورو
دام ڦاهي
پگهار مھينو
رعيت راڄ
ملڪ ڏيھه
دستور ريت
نڪاح (۾ آڻڻ) پرڻجڻ
”مٿين لفظن جي ڏسڻ سان اهو سمجهي سگهجي ٿو ته ننديرام ڪيترائي نوان لفظ جوڙيا آهن؛ يا نوان استعمال ڪيا آهن؛ يا پراڻن لفظن مان نيون معنائون ڏنيون آهن. جيئن ’عام ۽ خاص‘ لاءِ ’چڱا ۽ مٺا‘، ’عام جو اعلان ڪرڻ‘ لاءِ ’ڏاڻ جو سڏ وجهڻ‘ نوان لفظ آهن. ’مھينو‘ جو مطلب مھيني جي ڪم لاءِ محنتاڻو ’مھينو‘ جي وڌايل معنى آهي ۽ ’ميلاپ‘ مان ’اتفاق‘ جي نئين معنى ڇڏائي ويئي آهي. جڏهن ته مخدوم امير احمد جي ترجمي ۾ عربي/فارسي جا لفظ گهڻا آهن پر جملن جو سٽاءُ، سنڌيءَ جي گرامر موافق آهي ۽ جي گهٽ استعمال سبب جملن جي سٽاءَ ۾ جيڪا پختگي آهي اهڙي ننديرام جي سٽاءَ ۾ ڪانهي“.(20)
چِٽ جي پاڙ : ’چِٽ جي پاڙ‘ نالي ڪتاب ڪاهنداس منشارام ۽ ننديرام اردو زبان مان گڏجي ترجمو ڪيو. مسٽر ڪاهنداس منشارام پنجاب سان تعلق رکندڙ مرهٽو هو ۽ سنڌ ۾ اسسٽنٽ انجنيئر هو، هتي سنڌي سکيو ۽ ڪتاب ترجمو ڪيائين. سنڌ ۾ جيئن ئي جديد تعليم جي شروعات ٿي ته مختلف علمن جا ڪتاب ترجمو ڪري اسڪولن ۾ پڙهجڻ لڳا. هن ڪتاب جي ترجمي جي پسمنظر جي حوالي سان محمد صديق ميمڻ لکيو آهي ته:
”سنڌي ادب جي نئين دؤر شروع ٿيڻ واري زماني ۾ مدراس ۾ ڊاڪٽر هنٽر صاحب، ڪنڀارڪي ڪم سيکارڻ لاءِ هڪڙو هنري اسڪول کوليو هو، جنھن ۾ شاگردن کي ٺڪر جي ٿانون تي قسمين قسمين چٽ ڪڍڻا پوندا هئا. هنٽر صاحب اسڪول کولڻ سان گڏ هڪڙو انگريزي ماهوار رسالو به جاري ڪيو هو، جنھن ۾ ’چٽ‘ يعني ’ڊرائنگ‘ ڪڍڻ جا اصول ۽ سمجهاڻيون لکبيون هيون. ڪمشنر صاحب جي حڪم موجب مسٽر ڪاهنداس (ڪانداس) منشارام اسسٽنٽ انجنيئر انهي ماهوار رسالي جي شروعات واري پھرئين پرچي جي اردو ترجمي تان ديوان ننديرام جي مدد ۽ صلاح سان هي سنڌي ترجمو ڪيو. رسالي جي انگريزي پرچي جو اردو ترجمو، جنھن جو نالو ’اصول نقاشي‘ آهي، سو منشي سدا سک لال جو ڪيل آهي“.(21)
منشي سدا سک لال (1746-1827ع)، هندستاني رياست اوڌ جو رهاڪو هو. اردو ۽ هندي ٻولين ۾ سندس وڏيون خدمتون آهن.
”هن ۾ جاميٽريءَ جي رستي ڊرائنگ جون شروعاتي هدايتون ڏنل آهن. سنهيون ليڪون، پاسيريون ۽ ڦڏيون ليڪون، پوروڇوٽي ليڪون، ڪنڊون، چوڪنڊا، ٽڪنڊا ڪڍڻ وقت هٿ ۽ ٺونٺ جهلڻ جا رستا ۽ پئمانو سمجهائي پوءِ گهرو شين ۽ گلن جون شڪليون سکندڙن جي استعمال لاءِ ڏنيون ويون آهن. جاميٽريءَ سان تعلق رکندڙ اصطلاح اڄ ڪلهه سنڌي جاميٽرين ۾ ڪم پيا اچن، سي هن ڪتاب لکندڙن جا ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ قائم ڪيل چئبا، جئن ته: ٽٻڪو، عمود، ٽڪنڊو، پرگار يا پلڪار، ڪنڊ، گوني ڪنڊ، ويڪري ڪنڊ، سوڙهي ڪنڊ، چورس“.(22)
هيٺيان لفظ ۽ اصطلاح اڄ ڪلهه جي جاميٽري جي فھرست ۾ ڪم اچن ٿا:
هن ڪتاب ۾ درست صورت
جهڪ ئي گڪائي
مطر فوٽي
عرضي ليڪ سنئين پيل ليڪ
مائل ليڪ ڏنگي ليڪ، پاسيري ليڪ
صفائي مٿاڇرو، سطح
ميچڻ ماپڻ
ميچو ماپ
بازو پاسو
آمهين سامهين جون بازون آمهان سامهان پاسا
مقابلو ڀيٽ
سبت هڪجھڙائي
اُبت برخلافي
علم جي پاڙن تي ڪم ڪرڻ علمي اصول موجب ڪم ڪرڻ
تنھن ڪارڻ کان ته انهيءَ ڪري ته
پوري ڄمائڻ ڌيان لڳائڻ، خيال ڪرڻ
ري سنسي بي شڪ
ضبطيءَ جو ڪتاب: سنڌي معاشرو مڪمل طور تي زرعي رهيو آهي ۽ برطانوي دؤر کان اڳ تائين، زراعت غير سائنسي اصولن تي هلندي هئي ۽ زراعت مان ايندڙ اپت تمام گهٽ هوندي هئي. عام ماڻهن کي مالڪاڻا حق تمام محدود هوندا هئا. انگريزن سنڌ ۾ زراعت ۽ جاگيرن جا کاتا قائم ڪيا، زمينن جي ورهاست واسطي جديد جدولون لاڳون ڪيون، جيڪي سنڌي لکت ۾ اڳ موجود ڪو نه هيون. انڪري عام ماڻهن کي زمينن جي ورهاست ۽ اپت جي حساب ڪتاب جي معلومات ڪانه هوندي هئي. عام ماڻهن جي اهڙيءَ سھوليت خاطر، سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر حڪمنامو جاري ڪيو ته زمينن جي ماپن جي اصولن جو سنڌيءَ ۾ ڪتاب ڇاپيو وڃي.
ان دؤر جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر بي.ايڇ ايلس هڪ خط ذريعي ننديرام کي ’ضبطي ڪتاب‘ جي ترجمو جو ڪم سونپيو، جيڪو 1854ع ۾ ننديرام مڪمل ڪري تعليم کاتي پاران شايع ڪرايو. هن ڪتاب ۾ زمينن ماپڻ جا قاعدا ۽ اصول ڏنل آهن. هي ڪتاب 15 صفحن تي پکڙيل هو. هن موضوع تي اڄ تائين ڪي خاص ڪتاب شايع نه ٿيا آهن. هي ڪتاب خصوصي طور تي جاگير کاتي جي عملدارن ۽ روينيو کاتي جي ملازمن لاءِ ڪارگر ثابت ٿيو. مثال طور زمين جي جدول:
20 وسواس برابر ويسر
20 ويسا برابر جريب
02 جريب برابر ايڪڙ
پئماشي حساب: ’پئمائشي حساب‘ ڪاهنداس منشارام، ڊاڪٽر چارلس هٽن جي انگريزي ڪتاب (Complete System of Practical Arithmetic) تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ڊاڪٽر چارلس هٽن (1737_1823ع)’رايل مليٽري اڪيڊميءَ‘ ۾ رياضيءَ جو پروفيسر هو. هن پنھنجي اندازي سان ڌرتيءَ جي پئمائش ڪئي. سنڌ جي ان وقت جي ڪمشنر حڪم جاري ڪيو ته انهيءَ ڪتاب جو ترجمو ڪرايو وڃي. هن ڪتاب جي ترجمي جي ذميواري ڪاهنداس منشارام کي ڏني وئي. مسٽر ڪاهنداس منشارام پنجاب سان تعلق رکندڙ مرهٽو هو ۽ سنڌيءَ به سکيو هو. ڪاهنداس اسسٽنٽ انجنيئر هو. هن سنڌ ۾ رهي ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا. هن انگريزي ڪتاب کي سنڌي ۾ آندو، جڏهن ته ننديرام سندس ترجمي جي نه صرف اصلاح ڪئي، پر انگريزي اصطلاحن کي سنڌي ٻوليءَ سان ٺھڪائي رائج ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.
69 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي اردشير جي ڇاپخاني مان 1855ع ۾ شايع ڪرايو ويو. هي ڪتاب نارمل اسڪول جي استادن جي سکيا جي ڪورس ۾ رکيل هو، جنھن ۾ پئمائش جا مڪمل اصول، جدولون، وصفون ۽ شڪليون ڏنل هيون. هي ڪتاب پنھنجي نوعيت جو سنڌي زبان ۾ پھريون ڪتاب هو. هن ڪتاب ۾ پئمائشي حسابن جون وصفون ۽ قاعدا سمجهايل آهن. هن ۾ سنئين مٿاڇري جي پکيڙ ڪڍڻ، پراپيزائيڊ ۽ ٽرپيزيم جي پکيڙ، گهرو ڪنڊن جي پکيڙ، گول ۽ ان جي ڀاڱن جون ماپون ۽ پکيڙ ڪڍڻ، بي ڊولين شڪلين جي پکيڙ ڪڍڻ ۽ نھرين شين جون ماپون ڪڍڻ سمجهايون ويون آهن. هن ڪتاب جي اصطلاحي خوبيءَ جي حوالي سان محمد صديق ميمڻ لکيو آهي ته ”جنھن نموني سان هن ڪتاب ۾ پئمائشي حسابن جا قاعدا سمجهايل آهن، سو ساڳيو ئي نمونو اڄ ڪلهه وارن پئمائشي حسابن ۾ پيو ڪم اچي. سنڌيءَ ۾ هي پھريون پھريون پئمائشي حسابن جو ڪتاب آهي. پئماشي حسابن سان تعلق رکندڙ ڪي اصطلاح هن ڪتاب ۾ ڪم آيل آهن، سي اڄ تائين ڪم پيا اچن. جئن ته: رامبس، رامبانڊ، ٽراپيزيم، ٽراپيزائڊ، پرزم، سلنڊر، (اهي انگريزي ٻوليءَ جا لفظ آهن) قوس ڪره، قطر، (اهي عربي جا لفظ آهن) ۽ ڪمان، زه، نيم قطر (اهي پارسي جا لفظ آهن) هيٺ ڏيکاريل اصطلاح جي هن ڪتاب ۾ آهن، سي هاڻوڪن پئماشي حسابن ۽ جاميٽرين ۾ مَٽايا اٿن. جيئن ته:
اصل لفظ هاڻوڪي مٽايل صورت
مئپ ماپ
نُڪتو ٽٻڪو
پنجاس پنج ڪنڊو
ڇھاس ڇھه ڪنڊو
ستاس ۽ اٺاس ست ڪنڊو ۽ اٺ ڪنڊو
وچ مرڪز
سنگ ڪون (انگريزي)، مخروط (عربي)
سانڀاري ڪنڊ سامهين ڪنڊ
ڪيتائتو باقاعدي
ري ڪيتائتو بي قاعدي
سيکائتو نروار (A Manual of Teaching): انگريزن جي دؤر ۾ پھريون دفعو سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو ۽ وڏن توڙن ننڍن ملازمن لاءِ لازم ڪيو ويو ته اهي سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪن. سنڌ ۾ خاص طور تي سنڌي ميڊيم تعليم جو بندوبست ٿيو ۽ وڏي پئماني تي سنڌ جي وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ اسڪول قائم ٿيا، پر سنڌ جا ماڻهو پوءِ به سنڌي تعليم جي بجاءِ فارسي تعليم کي ترجيح ڏيندا هئا. 19 فيبروري 1852ع ۾ سيوهڻ جي ڊپٽي ڪليڪٽر هڪ خط ذريعي، ڪمشنر کان سيوهڻ ۾ اسڪول کولڻ جي گهُر ڪندي لکيو ته:
”ڪيتري عرصي کان هتان جا رهاڪو هڪ انگريزي اسڪول قائم ڪرڻ جي تقاضا ڪري رهيا آهن. ڇھن کان ستن وڏن زميندارن، واپارين ۽ دڪاندارن رضامندي ڏيکاري آهي ته هو پنھنجي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ لاءِ تيار آهن ۽ ٻه روپيا ماهوار في ڏيڻ لاءِ به راضي آهن. مان ان موضوع تي ڪن ٻين سان به ڳالهايو آهي، سندن خيال آهي ته انگريزي ڀلي هجي پر فارسي به ضرور پڙهائيءَ ۾ شامل هجي“.(23)
اهڙين مشڪل حالتن جو ذڪر ديوان ننديرام پنھنجي هن ڪتاب ۾ هن ريت ڪيو آهي.
”گهڻو ڪري عاملن جا ڇوڪر رڳو فارسي هن گهرج کان سکن ٿا ته سرڪاري ڪارخانن ۾ انهن کي نوڪري ملي. هاڻي ته سڀني ڪچھرين ۾ سنڌي هلي ٿي“.(24)
سنڌ جي اهڙين حالتن کي ڏسندي، سنڌ جي قائم مقام ڪمشنر ۽ سنڌ جي تعليم کاتي جي سربراهه مسٽر بي.ايڇ. ايلس، منشي چرنجي لال دهلويءَ جي اردو ڪتاب ’شارع التعليم‘ (تعليم جو رستو ڏيکاريندڙ) جو ترجمو، منشي ننديرام جي حوالي ڪيو، جنھن کي هن ’سيکائتو نروار‘ جي عنوان ترجمو ڪيو، جيڪو 1856ع ۾ اردشير جي پريس، ڪراچيءَ مان شايع ٿيو. هيءُ ڪتاب 94 صفحن تي ٻڌل هو. سنڌي ٻوليءَ ۾ هي پھريون ڪتاب آهي، جنھن ۾ انتظام ۽ تعليم جا سادا سودا اصول ۽ هدايتون ڏنل آهن. هن ڪتاب ۾ فارسيءَ جي جاءِ تي سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته اڳتي نوڪرين جا ذريعا، سنڌي ٻوليءَ جي سکيا مان ئي حاصل ٿيندا. سکيا جي اهميت بيان ڪندي لکي ٿو ته:
”ذرو ويساهه سان چئو ته اوهين ڇا ٿا سيکاريو ته جنھن جي بدران ڇوڪرن کي فائدو ۽ موچارائي ٿئي ٿي هن ڳالهه جا کولادنر ٿيو ته ڇوڪرن کي اهڙي واٽ سان پاڙهيو ۽ سيکاريو جو ان جي ڏاهپ جي سڳورائي ۽ کاڄ جي موچارائي جو ڪارڻ ٿئي. هيرتوهان جو سيکارڻ ڇوڪرن جي حق ۾ ٿوري کٽئي وارو ڏسجي ٿو سو ڪو نه اوهين رڳو هڪڙي ڌارين ٻولي جي سيکارڻ ۾ گهڻن ڏينھن توڻي پنھنجو ۽ ڇوڪرن جو ميڄالو سکڻو ڪيو ٿا پر مطلب جي واٽ ڇوڪرن جي هٿ ۾ نٿي اچي“.(25)
سنساري نروار: هيءُ ڪتاب فارسي جي ’حقايق الموجودات‘ جي هنديءَ ۾ منشي بنسي ڌر چرنجي لال جي ترجمي ڪيل ڪتاب ’بديانگر‘ تان، سنڌي وائيءَ ۾ ننديرام ميراڻيءَ ترجمو ڪيو. هيءُ ڪتاب استاد ۽ شاگردن جي وچ ۾، خدا جي مخلوق متعلق سوالن جوابن تي مشتمل آهي، جنھن کي ليکڪ شاعراڻه انداز ۾ قلمبند ڪيو آهي. ڊيمي سائيز، ڪچي جلد سان 207 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب، سنڌ جي تڏهوڪي ڪمشنر بي.ايڇ. ايلس، وقتي ڪمشنر سنڌ جي منظوريءَ سان، جون 1861ع ۾ تعليم کاتي جي ڇاپخاني مان ڇپيو.
’مطالعة الفطرت‘ (Nature Study) تي هي پھريون پھريون ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيو ويو آهي. هن ۾ پھريائين ’مواليد ثلاثه‘ يعني ٽن مکيه جسمن جو احوال لکيل آهي: ’ساهه وارا‘، ’وڻ ٻوٽا‘ ۽ ’ڌاتو‘. ساهه وارن ۾ پھريائين انسان جو بيان سمجهايو ويو آهي: ماڻهوءَ جي عمر جا ڀاڱا (ٻالپڻ، جواني ۽ پيري)، ماڻهوءَ جا ظاهري عضوا، رهڻ سھڻ بنسبت ماڻهن جا قسم، ماڻهن جي کاڌي خوراڪ جا اناج ۽ ميوا، تنھن کانپوءِ ڍورن ۽ جانورن جي بدني بناوت ۽ انهن جي ڪمن جو احوال ڏنل آهي. مڇين جا نمونا ۽ انهن جو بيان سمجهايل آهي. انهيءَ بيان کانپوءِ ماڻهو جي حواسن جي سمجهاڻي ڏنل آهي. وڻن ٻوٽن جا قسم انهن جا مختصر بيان، ۽ ڌاتن جا قسم ۽ انهن جا ڪم ڏيئي پھريون ڀاڱو پورو ڪيل آهي.
ٻئي ڀاڱي ۾ ڌرتيءَ جي مٿاڇري جو بيان، ملڪن جي سردي ۽ گرميءَ بابت سمجهاڻي، جدا جدا قومن جون جدا جدا عادتون ۽ خاصيتون، جبل ۽ انهن مان فائدا، نديون، سمنڊ، ماڪ، ڪڪر، وڄ، روشنائي، هوا ۽ واءُ، تارا، چنڊ، سج، سيارا، ڌرتيءَ جو ڦيرو، رات ۽ ڏينهن، وقت جي ماپ يا گهڙيال شامل آهن. ڪتاب مان سنڌي اصطلاح سازيءَ جو مثال ڏجي ٿو:
”ڪا ڌرتي اهڙي ٿئي ٿي ته ان ۾ ماڻهو وس جيترو ڪشالو ۽ سعيو ڪري ٿو، پر ڪي نٿو اُپجي تنھن ڌرتي کي ڪلراٺي چون ٿا. ٻج ڇٽڻ کان اڳ ۾ ٻنين کي هر سان کيڙي سنوارين ٿا. هند ڏيھه ۾ ڍڳن سان هر کيڙيندا آهن پر انگلستان ۾ گهوڙن سان ۽ عربستان ۾ اُٺن سان زمينداري جو ڪم گهڻي چڱڀلائي ۽ سرهائيءَ جو آهي. هن لاءِ ته پوکيندڙن کي سدائين سک ۽ ساهي کڻڻ لاءِ ٻاهر جو نئون واءُ ملي ٿو. انهيءَ ڪارڻ کان شھر جي ماڻهن ڪي اهي سگهه وارا ۽ ڀلا ٿين ٿا. ٻج ڇٽڻ کانپوءِ وري نڪري سج جي تو کان وڻ ٿين ٿا، جڏهن سنگ پچي هيڊاوان ٿين ٿا تڏهن جوڳي لڻڻ جو پورو ڪجي ٿو“.(26)
ليکي جو ڪتاب ) ڀاڱو پھريون (: هيءُ ڪتاب ٻن هندي ڪتابن هر هڪ ’مڪتب نامه‘ جوڙيل محمد ابراهيم مفيه ۽ ’ڦئلاوت‘ جوڙيل راءِ رام سرن داس، ڊپٽي ڪليڪٽر دهلي تان، سر بارٽل فريئر صاحب، ڪمشنر جي حڪم موجب ننديرام سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ هي پھريون انگي حساب تيار ٿيو هو. ڪتاب جو پھريون ڀاڱو 1855ع ۾ 112 صفحن تي پکڙيل شايع ٿيو. هن انگي حساب ۾ ننديرام صاحب ڪي نج سنڌي اصطلاح ڪم آندا آهن، جي اڳيئي سنڌ جي واپارين ۾ چالو هئا ۽ اڄ ڪلهه جا انگي حساب به اڃا تائين پيا ڪم آڻين.مثال طور اڻپورو، اُبتو، اڻپور، سبتڙ اڻپور، مفرد اڻپور، مضاعف اڻپور، ملتف اڻپور، مختصر صورت، ڏهائي، سگهه، موُر، وياج، راس ۽ سيڪڙو“.(27)
ليکي جو ڪتاب ) ڀاڱو ٻيو (: ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو 1856ع ۾ شايع ٿيو. هي ڀاڱو مٿين درجن لاءِ انگي حساب جي حوالي سان تيار ڪيل هو، جنھن ۾ مسٽر ڪاهنداس به شامل هو. هن ڪتاب ٺاهڻ ۽ ڊاڪٽر چارلس هٽن جي انگريزي انگي حساب ۽ پنڊت بنسي ڌر جي اردو ڪتاب ”مبادي الحساب جلد 2“ تان مدد ورتل آهي. هي ڪتاب 120 صفحن تي ٻڌل هو. هن ڪتاب ۾ انهن اصولن ۽ قاعدن کي بيان ڪيو ويو آهي، جن تي حسابن جي پيڙهه رکيل آهي. ان کان علاوه هن صاحب حسابن جو ڪتاب ’انگي حساب‘ 1896ع ۾، ۽ زباني حسابن جي واٽن جو ڪتاب ’دل جا حساب‘ 1870ع ۾ لکيو.
جبر و مقابله: ’جبر و مقابله‘ 1856ع آلجبرا جي حسابن جو پھريون پھريون ڪتاب آهي، جيڪو پروفيسر ينگ جي انگريزي آلجبرا تان وشواسنات نارائڻ منڊلڪ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هي ڪتاب 52 صفحن تي پکڙيل هو. ننديرام ان ڪتاب جي اصلاح ڪئي هئي. راءِ بھادر وشواسنات نارائڻ منڊلڪ جو تعلق هندستان جي چٽپون ڪٽنب سان هو ۽ هو هڪ مرهٽو هو ۽ مراٺي سندس مادري زبان هئي. هو ڪمشنر سنڌ جي آفيس ۾ تعليم جي معاملن کي ڏسندو هو. ڪيترائي سال سنڌ ۾ رهيو ۽ سنڌي زبان جو خاص امتحان پاس ڪيو هئائين. سنڌ جي اسڪولن ۽ نون استادن جي ڀرتيءَ جو ڪم هن حوالي هوندو هو. ڪيترائي هندستاني ٻولين ۾ ڪتاب لکيائين. ڪتاب ۾ آلجبرا جي جوڙ، ڪٽ، ضرب، ونڊ، اڻپور، صعود، نزول، مساوات، متناسبت ۽ مطابقت، پرابلم يا خيالي حساب، جذري، مساوات، به پرماڻا سڌيان، گوتم ۽ اڻ مقرر ٿيل مساواتون سمجهايل آهن. هن ڪتاب لاءِ محمد صديق ميمڻ لکي ٿو ته:
”جھڙي طرح انگي حسابن جا ڪتاب جئن پوءِ تئن نوان نوان ۽ سليس سليس اصولن سان پي ٺاهيا ۽ اسڪولن ۾ ڪم آيا آهن. تئن آلجبرا جي حسابن جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ نه ٺھيا آهن. هن آلجبرا جي ڪتاب کان ڳچ ورهه پوءِ هڪڙو آلجبرا جو ڪتاب سنڌيءَ ۾ تيار ٿيو هو، جنھن جو بيان انهيءَ موقعي تي ٿيندو. تنھن ۾ به آلجبرا ئي اصطلاح گهڻو ڪري ساڳيا هن ڪتاب وارا ئي ڪم آيا آهن، فقط اصولن سمجهائڻ ۾ قدري آساني ٿيل آهي“.(28)
جغرافيھ جديد: ’جغرافيھ جديد‘ 1861ع ۾ جاگرافيءَ تي مھاديو شاستريءَ، ننديرام سان گڏ لکيو. مھاديو شاستري بنيادي طور تي هندستاني مرهٽو هو. هن 1854ع ۾ انگريز سرڪار ڪراچيءَ ۾ ’ورنيڪيولر ميڊيم انگلش اسڪول‘ قائم ڪيو، جنھن جو مقصد آباديءَ کي سنڌي زبان جي ذريعي -انگريزي- زبان سان واقف ڪرڻو هو. مھاديو شاستريءَ کي سندس تعليمي لياقت جي ڪري ان اسڪول جو پھريون هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. هن سنڌي زبان جو خاص امتحان پاس ڪيو هو. سنڌي زبان ۾ ڪي ڪتاب پڻ لکيائين. سندن هي ڪتاب وڏن ڪلاس جي شاگردن جي ڪورس تي رکيل هو. هن ڪتاب ۾ جاگرافيءَ جي معلومات سولي نموني سمجهايل آهي. مھاديو شاستري ان زماني ۾ تعليم کاتي سان منسلڪ هو. هن ڪي درسي ڪتاب پڻ سنڌي ۾ ترجمو ڪيا هئا.
ڌرتي نروار ( جلد پھريون ۽ ٻيو): ’ڌرتي نروار‘ (1855ع) دنيا جي مختصر جاگرافي، مھاديو شاستريءَ، ننديرام سان گڏ تيار ڪيو. هيءُ سنڌيءَ ۾ پھريون جاگرافيءَ جو ڪتاب تيار ٿيو هو. انگريز ليکڪ هينري موريس جي انگريزيءَ ۾ ٺاهيل دنيا جي جاگرافيءَ تان، سرڪاري منظوريءَ سان ٻن جلدن ۾ ترجمو ڪيو هو. هينري موريس هندستان جي اسڪولن جي ڪورس لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا هئا. ڪتاب جي پھرئين حصي ۾ 246 صفحا ۽ ٻيو حصو 194 صفحن تي ٻڌل هو.
پھرئين جلد ۾ يورپ، آفريڪا، آمريڪا ۽ اوشينيا جي جاگرافي لکيل آهي ۽ ٻئي جلد ۾ ايشيا کنڊ ۽ هندستان جي جاگرافي ڏنل آهي.
”جاگرافيءَ سان تعلق رکندڙ سنڌي ۽ عربي ٻولين وارا اصطلاح جيڪي هنن جاگرافين ۾ ڪم آيل آهن، سي ساڳيا اڄڪلهه جي سڌريلن جاگرافين ۾ به قائم آهن. جھڙوڪ: محور، قطب، خط استوا، ڊگهائي ڦاڪ، ويڪرائي ڦاڪ، مڌيان ڦاڪ، کنڊ، ٻيٽ، اُپٻيٽ، ڳچي ڌرتي، راس، نار، اُپسمنڊ وغيره. پراڻين جاگرافين ۾ ڪم آيل ڪي اصطلاح هاڻي مٽيل صورتن ۾ ڪم اچن ٿا. وغيره“.(29)
اصلوڪو هاڻوڪو
چال گردش يا ڦيرو
ڏينھن چال روزاني گردش
ورهه چال سالياني گردش
ويڪرائي گهيرا ويڪرائي ڦاڪ گهيرا
ڊگهائي گهيرا ڊگهائي ڦاڪ گهيرا
ڌرتيءَ جي ڇانو ڌرتيءَ جو پاڇو
ڌرتيءَ جي مورت ڌرتيءَ جي شڪل وغيره
ساپن جي ڳالهه: ننديرام جي زماني ۾ سنڌي سماج گهڻو تڻو زرعي ۽ ڳوٺاڻو هو، جتي گهڻا ڳوٺڙا زمينن ۽ جهنگن سان گڏ هوندا هئا، انڪري نانگ بلائون به جام هيون، جنھن جي ڪري اڪثر ڪري عام ڳوٺاڻا ڏنگبا هئا ۽ نه ڪو خاص علاج موجود هو ۽ نه وري سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو سکيا جو ڪتاب موجود هو. ان مسئلي کي ڏسندي، سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر، مسٽر ڪوليئر (Collier) جي ڪتابڙي جي اشاعت جا احڪامات جاري ڪيا. اهو ڪتابڙو ڊاڪٽر اين چندروبا (Dr. Anan Chandroba) ۽ ننديرام گڏجي ترجمو ڪيو، جيڪو 1858ع ۾ 16 صفحن تي شايع ٿيو. هي پنھنجي نوعيت جو سنڌي ٻوليءَ ۾ منفرد ڪتاب هو، جنھن جو مثال ملڻ مشڪل هو. هن ڪتاب ۾ نانگن جي ڏنگ جا مختلف علاج ٻڌايل آهن.
پڌرنامو: سنڌي ادب ۾ هي هڪ منفرد ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب 1860ع ۾ شايع ٿيو. هيءُ ڪتاب نانگن بلائن جي قسمن بابت معلومات مھيا ڪري ٿو.
ننديرام پنھنجي سڄي زندگي ادب جي خدمت ڪئي. سنڌي الف-ب جي موجوده تشڪيل ۾ سندس ڪوششون ساراھه جوڳيون آھن. جديد علمن جي اصطلاحن کي يڪجا ڪرڻ، ديوان ننديرام جي محنت جو ثمر آهي. اڄ به جاگرافي، جاميٽري، رياضي، ڊرائنگ ۽ ٻين علمن ۾ تيار ڪيل ڪتابن ۾ڪتب آندل سنڌي لفظ، هن جا ئي ٺھيل آهن. سندس ئي دؤر ۾ سنڌ جي مختلف شعبن ۾ نوان لفظ ۽ اصطلاح سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٺاهيا ويا، ۽ ان کانپوءِ اڄ تائين اهڙو سلسلو بند ٿي ويو، جنھن جي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف علمن جي اصطلاحن، خاص لفظن (Vocabulary) جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي.
حوالا
1. سوميا، موهن لعل کيمچند: ’آڳاٽي ۽ هاڻوڪي تعليم‘، جاڳرتي، 3 آگسٽ 1968ع، ص 12
2. برٽن، رچرڊ: ’سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون‘. (ترجمو محمد حنيف صديقي) سنڌي ادبي بورڊ 1976، ص 71
3. عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر:’سنڌي دب جي ارتقائي تاريخ‘، اوسر اشاعتاڻو، حيدرآباد، 2009ع، ص 360
4. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد 1976ع ص 12
5. اوٺو ،علي اصغر: ’ ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻي‘ (انٽرنيٽ تان کنيل)
6. راشدي، حسام الدين، پير:’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1981ع
7. ميراڻي ،ننديرام:’تواريخ سنڌ‘، مفرح القلوب ڇاپخانو، ڪراچي، 1861ع، ص 4
8. ساڳيو حوالو، ص 4
9. ملاح، مختيار احمد: ’مغربي سنڌ شناس‘، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2013ع، ص 253
10. ماڙيوالا، چيتن: ’سنڌي ٻوليءَ جي عربي لپي‘، مھراڻ، 1947ع، ص 53
11. ساڳيو حوالو، ص 54
12. Report of the Director of Public Instruction, Bombay, for the Year 1857-58. Bombay: Printed At The Education Society's Press, Byculla. 1859, P-233
13. Haider, Azimusshan : History of Karachi: With Special Reference to Educational, Demographical, and Commercial Developments, 1839-1900, Feroze Sons, Karachi, 1974
14. ’سنڌي صرف وَ نحو‘، گورنمينٽ آف انڊيا 1860 (ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ Preface )
15. ميراڻي، ننديرام:’تواريخ سنڌ‘، مفرح القلوب ڇاپخانو، ڪراچي، 1861ع، ص 5
16. ميراڻي، ننديرام: ’بابنامو‘، تعليم کاتو، ڪراچي، 1857ع، ص 3
17. ميراڻي، ننديرام: ’ايسپ جون آکاڻيون‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1996ع، ص 12
18. ننديرام ميراڻي، ’تواريخ سنڌ‘، مفرح القلوب، ڪراچي 1861ع، ص 5
19. مخدوم امير احمد: ’تاريخ معصومي‘ (ترجمو)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،1959ع، ص 50
20. روهڙا، ستيش:’اوائلي سنڌي نثر جو ڀاشا و گيانڪ اڀياس‘، رچنا- اڪٽوبر، ڊسمبر، 1986ع
21. ميمڻ، محمد صديق:’سنڌ جي ادبي تاريخ‘، مھراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص 235، 236
22. ساڳيو حوالو، ص 236
23. Mallah, Mukhtiar Ahmed: “The Development of Sindhi Language and Script during early English Period”, Sindhi Language Authority, Hyderabad, 2017,P-158
24. ميراڻي، ننديرام: ’سيکائتو نروار‘ 1856، تعليم کاتو،ڪراچي، ص 8-9
25. ميراڻي، ننديرام: ’سيکائتو نروار‘، تعليم کاتو، ڪراچي، 1856ع، ص 4
26. ميراڻي، ننديرام: ’سنساري نروار‘، تعليم کاتو، ڪراچي، 1861ع، ص 22، 23
27. ميمڻ، محمد صديق:’سنڌ جي ادبي تاريخ‘، مھراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2005ع، ص 232
28. ساڳيو حوالو، ص 239
29. ساڳيو حوالو، ص 232