سنڌ مدرسة الاسلام طرفان جاري ٿيندڙ ’مدرسه مخزن‘ جو سنڌي ادب ۾ ڪردار(1903-1947)
(Role of ‘Maddrsa Makhzan’ issued by Sindh Maddresstul Islam in Sindhi Literature)

ڊاڪٽر ممتاز بخاري
Abstract:
Sindh Madrasa was established In Karachi by Khanbahadar Hassan Ali Effendi in September 1885, with the sole aim to provide English or Modern Education along with religious education to Sindhi Muslims. But regressive elements vehemently opposed this institution. To present its objectives and suitable replies to the opposition, the Sindh Maddrasa started publication of a literary magazine in November, 1903. In this magazine along with Sindhi, pages for Urdu, English and Gujrati were separately allocated. This magazine used to publish religious, ethical, educational, historical and reform literature mostly composed in prose, but few poems were also published. Writers of this magazine mostly comprised on students and teachers of Sindh Madrassa.
`Madrasssa Makhzan` appropriately presented objectives of the Institution amongst Sindhi Muslims. When Sindhi Muslims were reluctant to educate their children on English or modern Education, then, this magazine created favourable environment which enabled Sindh Madarassa to achieve its objectives. Main purpose of this study is to describe how this magazine, which was started in 1903, and used to be published after some gaps for a long time, played its role in the enrichment of Sindhi literature. Indeed, this magazine occupies an important place in Sindhi Literature, but it is unknown to new writers and readers. Therefore, for their insight, this essay is presented, so that this forgotten chapter of Sindhi literature, which contains rich material about Sindhi society and educational situation in the British era, could be rediscovered.

پس منظر: سنڌ مدرسة الاسلام، سنڌ جي اهم درسگاهه آهي، جنھن نه رڳو سنڌ پر ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ تعليمي خدمتون سر انجام ڏنيون، گڏوگڏ هن خطي ۾ علمي توڙي سياسي شعور بيدار ڪرڻ ۾ پڻ ڪردار ادا ڪيو. 1885ع ۾ قائم ٿيل هن مدرسي، سنڌي علم ادب جي ترقيءَ ۾ جيڪو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: پھريون استادن وسيلي ادب جي خدمت؛ ٻيو هن اداري مان تيار ڪيل اديبن وسيلي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت؛ ٽيون اشاعت وسيلي ادب جي خدمت. هن مقالي ۾ اهي ٽيئي پھلو اجاگر ڪيا ويا آهن.
)الف( استادن وسيلي علم ادب جي خدمت: 1885ع کان وٺي 1947ع تائين ڪيترائي استاد ’سنڌ مدرسة الاسلام‘ ۾ تعليم ۽ تدريس جي منصب تي فائز رهيا. انهن مان ڪيترائي استاد پنھنجي وقت جا نامور اديب، عالم ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. انهن پنھنجي ملازمت جي دوران سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ خوب حصو ورتو. اهڙن استادن ۾ مولانا الھه بخش اٻوجهو (1831ع - 1901ع)، مولانا محمد عثمان نورنگزادو، لعلچند امرڏنو مل (1885ع - 1954ع)، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي (1848_1885ع)،آغا تاج محمد (1904ع - 1959ع)، نورمحمد نماڻو، مولوي عبدالرحيم مگسي (1878ع - 1943) ۽ عبدالمجيد عابد (1915 _1996 ) جا نالا قابل ذڪر آهن. هنن نه رڳو مدرسي ۾ شاگردن جي علمي رهنمائي ڪئي، بلڪ پنھنجي قلم وسيلي پڻ هن اداري جي ساک کي وڌ کان وڌ عروج ڏيارڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو.
)ب ( درسگاهه مان تيار ٿيل اديبن وسيلي سنڌي علم ادب جي خدمت: سنڌ مدرسة الاسلام ابتدائي پنھنجي ٻاهٺ ورهين جي عرصي ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي انسانن کي علم ادب جو نور ڏنو ، جن اڳتي هلي اهم ڪارناما سر انجام ڏنا. سنڌ جا ڪيترائي نامور عالم، اديب، شاعر، محقق، ايڊيٽر ۽ دانشور ’سنڌ مدرسة الاسلام‘ ۾ پڙهيا ۽ تعليم حاصل ڪيائون. جن ۾: علي خان ابڙو (1888ع - 1954ع)، مخدوم محمد صالح ڀٽي (1889ع - 1954ع)، آغا غلام نبي ’صوفي‘ (1889ع - 1938ع)، قاضي عبدالرزاق (1892ع – 1961ع)، غلام علي ’مسرور‘ (1892ع – 1953ع)، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو (1897ع - 1958ع)، سيد ميران محمد شاهه (1898ع - 1963ع)، سيد عطا حسين شاهه موسوي (1898ع - 1966ع، ڊاڪٽر ابراهيم ’خليل‘ (1900ع - 1982ع)، مراد علي ’ڪاظم‘ (1901ع - 1954ع)، احمد غلام علي چاڳلا (1902ع - 1953ع)، محمد اسماعيل عرساڻي (1904ع - 1986ع)، الھه بخش عقيلي (1907ع - 1970ع)، حبيب الله ’فڪري‘ (1907ع - 1974ع)، عبدالله ’عبد‘(1910ع - 1973ع)، غلام حسين جلباڻي (1914ع - 1989ع)، محمد ابراهيم جويو (1915ع – 2017ع)، سيد غلام مصطفى شاهه (1918ع - 1999ع)، ساجد سرشاري (1922ع - 1996ع)، علي نواز وفائي (1925ع – 2000ع) ۽ ٻيا ڪيترائي شامل رهيا. هنن عالمن، اديبن ۽ شاعرن سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي جيڪا خدمت ڪئي، اها سنڌي ٻوليءَ جي ادبي تاريخ جو روشن باب آهي.
(ج): اشاعت وسيلي علم ادب جي خدمت: سنڌ مدرسة الاسلام، اشاعت توڙي علمي تبليغ جي ذريعي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت پئي ڪئي. هڪ طرف علمي ۽ ادبي نوعيت جا ڪلب ۽ مختلف سوسائٽيون قائم ڪيون ويون، جن ۾:
”سنڌ مدرسه ڊبيٽنگ سوسائٽي (1887ع)، حسن علي ڪلب (1904ع)، سنڌ مدرسه اولڊ بوائز ائسوسيئيشن (1906ع)، وائنس ٽالپور ڪلب (1910ع)، سنڌ مدرسه اخوان الصفا سوسائٽي (1913ع)، دي وائنس يونين ڪلب (1914ع)، سنڌ مدرسه اسڪائوٽنگ (1917ع)“ (1)
وغيره شامل هيون ۽ ٻئي طرف اخبارون ۽ رسالا جاري ڪيا ويا. هي ٻيئي پليٽفارم شاگردن، استادن ۽ اديبن لاءِ ادبي جوهر ڏيکارڻ جا مکيه ذريعا ۽ وسيلا هئا.
1885ع ۾ جڏهن سنڌ مدرسة الاسلام قائم ڪيو ويو ته انهيءَ دور جي ڪجهه رجعت پسندن طرفان، مدرسي ۽ ان جي بانيءَ جي مخالفت شروع ٿي. اِها وقت جي تقاضا هئي، ته عام راءِ هموار ڪئي وڃي، نه ته ٻئي صورت ۾ هن تحريڪ جا مخالف هن ڪارنامي کي نقصان پھچائي ۽ مدرسي جي ڪارڪردگي متاثر ڪري سگهيا ٿي.
”اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 1889ع ۾ مدرسي طرفان ’معاون‘ نالي سان هڪ هفتيوار اخبار جاري ڪئي ويئي“ (2).
جنھن ۾ نه رڳو مخالف ڌرين کي مدلل جواب ڏنا ويندا هئا، پر ان ۾ علمي ۽ ادبي مواد به شايع ٿيندو رهندو هو. ”ان اخبار جو پھريون ايڊيٽر مرحوم مولوي الھه بخش اٻوجهو مقرر ٿيو. جنھن کان پوءِ اِها ذميواري سنڌ جي نامور شاعر شمس الدين ’بلبل‘ کي ڏني ويئي“ (3)’بلبل‘ جي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ ’آمري‘ جو ”مولوي سيد محمد شاهه مصطفوي، اخبار جو ايڊيٽر مقرر ٿيو“ (4). مولوي صاحب هن اخبار جو آخر تائين ايڊيٽر ٿي رهيو. آگسٽ 1895ع ۾ مدرسي جي باني حسن علي آفندي جي وفات کانپوءِ ’معاون‘ اخبار به سُتت ئي بند ٿي ويئي. جنھن کان پوءِ ’سنڌ مدرسه مخزن‘ جو اجراءُ ٿيو.
سنڌ مدرسه مخزن: 1857ع واري آزاديءَ واري جنگ کان پوءِ برصغير جي مسلمانن ۾ اجتماعي سوچ ۽ جدوجھد جو جذبو ويتر وڌي ويو. هن واقعي کان چوڏهن سال اڳ سنڌ کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو هو. سنڌ پنھنجي نئين ڌاريي حاڪم کي چڱا ٽوٽا چٻايا ۽ 1857ع واري واقعي ۾ ڀرپور حصو ورتو. هن آزاديءَ جي تڙپ مسلمانن جي زندگيءَ ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو. مسلمان زندگيءَ جي هر ميدان ۾ پنھنجي پيرن تي بيھڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳا. سنڌ مدرسي جو قيام انهيءَ ڪوشش جي سلسلي جي ڪڙي هئي. هن مدرسي ۾ ٻين اعلى اسڪولن ۽ درسگاهن جي روايت کي برقرار رکندي اشاعتي سلسلو جاري ڪيو ويو.
هن مخزن جي شروعات نومبر 1903ع کان ٿي، مقصد اهو هو ته جيئن هڪ طرف اسڪول جي ڪارڪردگي ۽ سرگرميون رڪارڊ تي آنديون وڃن ۽ ساڳئي وقت وري سنڌي مسلمانن جي معلومات لاءِ ادبي ۽ تاريخي مواد مھيا ڪيو وڃي. هي مخزن شروعات ۾ ’الحق‘پريس حيدرآباد ۾ شايع ٿي هئي، جنھن ۾ ڪل 40 صفحا هوندا هئا، 10 صفحا انگريزي لاءِ ۽ 30 صفحا سنڌيءَ لاءِ مختص هئا. اڳتي هلي مخزن جي مقبوليت جي پيش نظر، ان جا صفحا وڌايا ويا ۽ ان ۾ اردو توڙي گجراتي حصا به شامل ڪيا ويا.
”هي مخزن سال ۾ ڏهه مھينا نڪرندي هئي، جنھن جو ساليانو چندو شاگردن لاءِ هڪ روپيو ۽ ٻين لاءِ ٻه روپيا هوندو هو“ (5).
مخزن شروعات ۾ ماهوار هوندي هئي، جيڪا پوءِ: ” آگسٽ 1907ع کان ٽماهي جي صورت ۾ نڪرڻ لڳي، جنھن کان پوءِ هن مخزن کي ’مدرسه ڪرانيڪل‘ سڏيو ويو. اهو سلسلو ڊسمبر 1909ع تائين جاري رهيو. جنھن کان پوءِ مالي مشڪلاتن سبب مخزن جون 1912ع تائين نه نڪري سگهي. تنھن کانپوءِ وري جولائي 1912ع کان شايع ٿيڻ لڳي“ (6).
وچ ۾ وري مالي مشڪلاتون مخزن جي اشاعت لاءِ رڪاوٽ جو سبب بڻيون، انڪري وري نئين سري سان ”هي مخزن جنوري 1925ع کان نڪرڻ شروع ٿي“ (7).
هن مخزن جا ايڊيٽر مدرسي جا استاد ئي هئا. ان جو پھريون چيف ايڊيٽر عبدالحق شيخ هو. هن مخزن جي ٻئي پرچي ڊسمبر 1903ع کان وٺي مُھڙ/ ٽائيٽل تي حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو هي شعر ڏنو ويندو هو:
”دلا در ملک ما آمد روائح روح دلهارا
مطالع ماهوار کرد دم مسرور مارا
اگر داد هوس کس سال او در مصرع مھمل
دلم کرده سوال- مدعا علامه علماره
صدا کرده ملک مع امدول الحمد در سمعمه

رساله مدرسه اسلام.....صلح آرا“ (8).

مخزن ۾ شايع ٿيل مواد : هن مخزن ڪيترائي سال مسلمان ليکڪن جي خوب همت افزائي ڪئي. هن جي سنڌي حصي ۾ چڱي معيار جا ادبي ۽ معلوماتي مضمون شايع ٿيندا هئا ۽ ان جي قابل ليکڪن سنڌي نثر توڙي نظم جي خاصي خدمت ڪئي هئي.
’مدرسه مخزن‘ ۾ مختلف موضوعن تي مواد شايع ٿيندو رهندو هو، جنھن جو ڌار ڌار مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
مذهبي ۽ اخلاقي مواد: هي مخزن مسلمان استادن، عالمن ۽ شاگردن جي گڏيل علمي ۽ ادبي ڪوشش جو نتيجو هئي. مخزن جا ليکڪ بنيادي طور تي مسلمان هئا ۽ هنن وقت توڙي حالتن جي روشنيءَ ۾ پنھنجي مذهب ۽ اخلاق کي گهر گهر پھچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هونئن به تعليم جو وڏي ۾ وڏو مقصد انسان کي مھذب شھري بنائڻ آهي. انڪري جڏهن تعليم مان ترتيب ۽ تربيت کي ڪڍي ڇڏبو ته نتيجو مڙئي نقصان ڏيندڙ نڪرندو.
’مدرسه مخزن‘ پنھنجي پڙهندڙن جي چڱيءَ ريت مذهبي ۽ اخلاقي رهنمائي ڪئي. ان ۾ جنھن قسم جو مذهبي ۽ اخلاقي مواد شايع ٿيندو رهندو هو، ان جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو:
نمبر عنوان ليکڪ پرچو
1 جواهر نصائح شمس الدين ’بلبل‘ جنوري 1906ع
2 مڪالمه شاهه سڪندر ۽ وزير عبدالغفور هالائي مارچ 1906ع
3 حضرت بشر مير بشارت حسين اپريل 1906ع
4 اعلى تعليم روحاني تفھيم مولوي محمد عثمان ’فقيه‘ جولاءِ 1906ع
5 اسلام جي خوبين جو اظھار مولوي محمد عثمان ’فقيه‘ آگسٽ 1906ع
6 قرآن شريف محمد صديق مورائي آڪٽوبر1906ع
7 خدا جي وجود جو يقيني دليل محمد صديق مورائي ڊسمبر 1907ع
8 اسلامي همدردي ۽ ان جو دردناڪ فرياد محمد صالح هالائي جولاءِ 1912ع
9 شيخ شرف الدين سوري علي اڪبر ميمڻ نومبر 1925ع
10 لا اڪراه في الدين عبدالله شيخ نومبر 1925ع
11 انجمن اصلاح اسلام علي اڪبر ميمڻ اپريل 1926ع
12 تبصره عطا حسين موسوي جون 1927ع
13 تڪبر ۽ سندس نتيجا عبدالله ڪوهستاني سيپٽمبر 1929ع
14 حليمي صدرالدين جوڻيجو مارچ 1930ع
15 سھڻي صورت کان سھڻي سيرت ڀلي الهه ورايو مارچ 1930ع
16 بيبي رابعه بصري شيخ نورالدين مارچ 1932ع
17 نيڪي بدي محمد يعقوب ’مفتقر‘ آڪٽوبر 1932ع
18 صبر جي صفت شيخ عبدالستار آڪٽوبر 1932ع
19 اسلام ۽ دنيا طلبي مترجم: قاضي عبدالرزاق آڪٽوبر 1932ع
20 اخلاق محمد حسين شيخ آڪٽوبر 1933ع
21 صبر جي صفت علي محمد خان آڪٽوبر 1933ع
22 ڪاميابيءَ جون ڪُنجيون الھه بچايو آڪٽوبر 1934ع
23 حضرت خواجه حسن بصري شيخ نور الدين مارچ 1937ع
علمي ۽ ادبي مواد: سنڌ مدرسي جي استادن مان ڪيترائي قلم جا ڌڻي ۽ ڏاها ٿي گذريا آهن. انهن سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي سھڻي نموني سان سينڌ سنواري آهي، جن جون تحريرون اڄ به ادب ۽ ٻوليءَ جي تاريخ ۾ وڏو مقام رکن ٿيون. انهيءَ ڪري اهڙن اديبن جي موجودگيءَ ۾ مخزن جو معيار بھتر ٿيو. خود مدرسي جا ڪيترائي شاگرد علمي ادبي ذوق رکندا هئا. جن اڳتي هلي ادب جي ميدان ۾ پنھنجو نالو ڪڍيو. هن مخزن کي انهن استادن ۽ شاگردن کان سواءِ ٻاهرين عالمن ۽ اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جوعلمي ۽ ادبي ساٿ به مليو. انڪري هن مخزن ۾ وقت به وقت علمي ۽ ادبي مواد شايع ٿيندو رهيو، جنھن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:
نمبر عنوان ليکڪ پرچو
1 تڪبر جو خراب نتيجو (ڪھاڻي) مرزا قليچ بيگ اپريل 1926ع
2 اٽليءَ جي مشھور راڳي کي خطاب قوبيس مترجم: هاسارام آڏواڻي اپريل 1926ع
3 رات عبدالله ڪوهستاني اپريل 1926ع
4 مغربي ٻولين ۾ قرآن شريف جا ترجما محمد بخش مارچ 1930ع
5 علم ادب جي وصف ۽ ان جو مطلب قاضي عبدالرزاق مارچ 1930ع
6 قلم جي بادشاهت جو تاجدار قاضي عبدالرزاق مارچ 1930ع
7 ڪامياب ڪاريگر (افسانو) مترجم: قاضي عبدالرزاق سيپٽمبر 1930ع
8 لڪشمي (افسانو) محمد يعقوب ’مفتقر‘ مارچ1931ع
9 مضمون نويسي ايڊيٽر سيپٽمبر 1931ع
10 عزت ۽ حسد (افسانو) غلام احمد نظامي سيپٽمبر 1933ع
11 شاعر غلام احمد نظامي آڪٽوبر 1933ع
12 مفلس دوست جو تحفو (ڪھاڻي) محمد پنهون مارچ 1935ع
تعليمي مواد: هي مخزن سنڌي مسلمانن جي علمي تحريڪ جي پيداوار- سنڌ مدرسة الاسلام طرفان نڪرندي هئي، انڪري مخزن مدرسي جي بنيادي مقصد يعني تعليم پکيڙڻ جو بنيادي ذريعو ٿي ڪم ايندي هئي. هن مخزن ۾ اهڙا مضمون به شايع ٿيندا رهندا هئا، جيڪي نج تعليم، ان جي اهميت ۽ افاديت سان واسطو رکندا هئا. اهڙن مضمونن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

نمبر عنوان ليکڪ پرچو
1 ايران ۾ نئين تعليم محمد رفيق جنوري 1906ع
2 جپان ۾ تعليم کاتي جو دستور ۽ ضابطو محمد رفيق مارچ 1906ع
3 تعليم واليڏنو آگسٽ 1906ع
4 علم ۽ ان جو اصلي مقصد قاضي عبدالرزاق جون 1927ع
5 علم جي فضيلت ناصر علي مارچ 1932ع
6 علم ۽ ان تي عمل رب ڏنو مارچ 1933ع

تاريخي مواد: مطالعي هيٺ آيل دور، سنڌ جي مسلمانن جي لاءِ ڏکيو دور هو، جنھن ۾ هڪ طرف کين پرڏيھي سامراج جون سَٽون ٿي سَھڻيون پيون ۽ ٻئي طرف وري ڏيھي دشمنن جي ٺڳي ۽ فريب جو نشانو بڻجڻو پيو. انهيءَ ڪري ضروري هو ته مسلمان اهڙين سخت ۽ پيچيده حالتن جو مقابلو ڪن. ڪا به قوم پنھنجي تاريخي ورثي تي نظر رکڻ کان سواءِ نه ته پنھنجو مستقبل سڌاري سگهي ٿي ۽ نه وري حال کي ٺيڪ بڻائي سگهي ٿي. مخزن جي سنواريندڙ ۽ سينگاريندڙن انهيءَ حقيقت کي چڱي طرح پرکي ورتو هو. انڪري وقت به وقت تاريخي مواد به ڏيندا رهندا هئا، جنھن جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو:
نمبر عنوان ليکڪ پرچو
1 ننگر ٺٽي جي شھر ۽ ان جي اوليائن ۽ علمائن جي تاريخ جون 1906ع
2 اوڪتائي خان بن چنگيز خان هاسا رام جهانگيل نومبر 1925ع
3 مائي بلڙي شيخ نور الدين سيپٽمبر 1931ع
4 مسلم قوم ۽ ان جو تنزل شيخ الهه ورايو مارچ 1932ع
5 شيراز قاضي جان محمد آڪٽوبر 1932ع
6 سڪندر ۽ سندس ساٿي غلام احمد نظامي مارچ 1933ع
7 موهن جو دڙو الهه بچايو آڪٽوبر 1934ع
8 اورنگزيب عالمگير نورالدين سيپٽمبر 1940ع
شاعري: هن مخزن ۾ شروع کان وٺي آخر تائين استاد، شاگرد ۽ وقت جا مشھور شاعر پنھنجو ڪلام ڏيندا رهندا هئا، جيڪو قومي، اخلاقي ۽ تعليمي نوعيت جو هوندو هو. اهڙن شاعرن ۾ مولانا محمد عثمان ’فقه‘، مرزا قليچ بيگ، ثناءُ الله ’ثنائي‘، شمس الدين ’بلبل‘، غلام قادر ’قيس‘، عبدالڪريم مڱريو ’صائب‘، غلام احمد ’نظامي‘، محمد هاشم ’مخلص‘ ، محمد يعقوب ’مفتقر‘ ۽ ٻيا شامل هئا.
متفرقه مواد: هن مخزن ۾ مٿي ذڪر ڪيل موضوعن کان سواءِ متفرقه مواد به شايع ٿيندو رهندو هو. جنھن جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو.
نمبر عنوان ليکڪ مضمون پرچو
1 قوت حافظه هاسارام جهانگيل صحت نومبر 1925ع
2 رفارم ڪلب علي اڪبر ميمڻ مزاحيه آڪٽوبر 1927ع
3 قرض جا مرض ۽ ان جا علاج علي اڪبر ميمڻ سماجي سيپٽمبر 1929ع
4 سنڌ مدرسي جي منگهڻن جي مسافرن سان جنگ ولي محمد مزاحيه سيپٽمبر 1930ع
5 حب الوطني قادر بخش ميمڻ قومي مارچ 1934ع
6 زنده قومن جي ترقيءَ جو راز محمد قاسم قومي سيپٽمبر 1940ع
خاص نمبر:
سنڌ مدرسه مخزن جا وقت به وقت خاص نمبر نڪرندا هئا. جيئن 1925ع ۾ ’اسپيشل ڊبل فائونڊر نمبر‘ ۽ 1935ع وارو ’گولڊن جوبلي نمبر‘ ذڪر ڪيل، پھرئين نمبر ۾ سنڌيءَ جا ڪل 24 صفحا ڏنا ويا هئا ۽ گولڊن جوبلي نمبر ۾ وري صفحا وڌائي 44 ڪيا ويا هئا.
گولڊن جوبلي نمبر ۾ نثر توڙي نظم جي صنفن ۾ ڪيترو ئي معلوماتي علمي ۽ ادبي مواد ڏنو ويو هو، جنهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

نمبر عنوان ليکڪ مضمون
1 خانبھادر حسن علي آفنديءَ جي زندگيءَ جو احوال قاضي عبدالرزاق سوانح
2 سنڌ مدرسة الاسلام جي مختصر تاريخ قاضي عبدالرزاق تاريخ
3 چچيءَ جي چالاڪي ميمڻ غلام الله افسانو
4 بدگماني خليفو محمد قاسم افسانو
5 آهه ڪوئٽيا محمد سليمان واقعاتي
6 مدرسي جي زندگي يار محمد انڙ تاريخ
7 ماءُ جي پيار جو آخرين اثر دين محمد اخلاقي
8 ڪاميابيءَ جو راز آغا اعجاز حسين اخلاقي
9 زماني جا رنگ عبدالحسين ’سانگي‘ شاعري
10 ويو بھار آئي خزان عبدالحسين ’سانگي‘ شاعري
11 ڪسب حلال ۽ طلب رزق عبدالغفور سيتائي مذهبي
12 بانسريءَ جي فرياد عبدالرزاق شاعري
13 منھنجو خواب الھه بچايو ميانداد افسانو
14 ٽريڊ مارڪ يار محمد ٽانوري معلوماتي
15 زمانو غلام حسين شاهه اخلاقي
16 خطاب سنڌ مدرسة الاسلام عبدالمجيد عابد شاعري
17 سچي قرباني حڪيم فتح محمد سيوهاڻي شاعري
18 سنڌ مدرسي جو ماضي ۽ مستقبل حاجي جاڙو تاريخ
تجزيو: سنڌ مدرسة الاسلام، سنڌ جي نه رڳو تعليمي تاريخ جو اهم باب آهي، بلڪ هن اداري تعليم سان گڏوگڏ سنڌي علم ادب جي به ڀرپور خدمت ڪئي آهي، جنھن جو مثال مدرسي پاران ’معاون اخبار‘ ۽’مدرسه مخزن‘ جاري ڪرڻ آهي. هتي مخزن جي مواد جو جيڪو تعارف ڏنو ويو آهي، ان جي موضوعن مان اها ڳالهه چٽي ٿئي ٿي ته مدرسو هڪ خاص مقصد تحت هي ڪم ڪري رهيو هو. سماج، تاريخ، ادب، اخلاق / اصلاح ۽ مذهب تائين سمورا موضوع هن مخزن ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا. مضمون، ڪھاڻي، شعري صنفون / گهاڙيٽا يا هيئتون پيش ڪيون وينديون هيون ته جيئن نه رڳو مدرسي ۾ پڙهندڙ شاگردن پر سنڌي سماج تائين ادب جو فن توڙي فڪر، گهڻي طاقتور انداز تائين پھچندو رهي. نومبر 1903ع کان هي مخزن جاري ٿيو، ائين چئي سگهجي ٿو ته ان وقت ئي منتظمين پاران اهو طئه ڪيو ويو هو ته هي مخزن هڪ خاص مقصد تحت استادن، شاگردن توڙي عام پڙهندڙ جي ذهني آبياري ڪندي جيڪا ڳالهه مخزن ۾ شايع ٿيل مواد جي فھرست مان چٽي ٿئي ٿي.
مدرسه مخزن ان وقت ۾ شايع ڪيو ويو، جڏهن ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي حڪومت کي قائم ٿئي پنجاهه سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو هو. انگريز هن ڌرتيءَ ۾ پنھنجا پير گهڻي حد تائين پختا ڪري چڪا هئا. باوجود اُن جي، هتان جا مقامي ماڻهو انگريز کي دلي طور ڪنھن به طرح مڃڻ لاءِ تيار نه هئا. ڪيتريون ئي سياسي ۽ فڪري تحريڪون، انگريز خلاف ڪم ڪري رهيون هيون. سنڌ مدرسة الاسلام به سنڌ ۾ آزاديءَ جي شعور ڦھلائڻ جو هڪ وڏو فڪري ادارو هو، جنھن کي پنھنجون پاڙون پختيون ڪرڻ ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون سامهون آيون، پر اداري هميشه اهڙين ڏکين مرحلن مان نه رڳو پاڻ کي ٻاهر ڪڍيو بلڪ اڳي کان به هڪ قدم اڳتي وڌايو. جڏهن اداري جي خلاف واويلا جاري هئي ته اداري پنھنجي دفاع لاءِ پھريان ’معاون‘ اخبار پوءِ ’مدرسه مخزن‘ جو سھارو ورتو. مخزن ان سلسلي ۾ ڀرپور نموني ڪم ڪندي نظر اچي ٿي ۽ جنھن انداز سان منتظمين هن ۾ مواد جي ترتيب کي سامهون رکيو، اهو انداز اداري جي مقصدن جي حاصلات ۾گهڻو مددگار ثابت ٿيو.
مولوي الھه بخش اٻوجھو نه رڳو هڪ قابل استاد هو، بلڪ هو سٺو شاعر ۽ منتظم پڻ رهيو. شعرن ۾ ڪٿي پاڻ کي سٻوجهو به لکندو هو، هن شاگردن لاءِ نصيحت واري نظم ۾ خوب خيالن جو اظھار ڪيو آهي:
’سنڌ مدرسة الاسلام جي شاگردن کي نصيحت‘
”اڙي طالبو سمجهه ۽ ڌيان ڌاريو
اهو مدرسو ڀاڳ ڀاري نھاريو
انڌو انڌگير نڀاڳي وساريو
سچي طلب تعليم جي سان گذاريو
پڙهو علم پورو، ڪريو ڪي سڌارا
لھن مسلمانن مٿان ڪال ڪارا.

’سٻوجھي‘ ڪيا تان فتوحات باري
ڪرايو جنھن چشمهءِ فيض جاري
وٺو خلق تي وڏ ڦڙو ڪروگاري
ته تعليم جي ٿي اچي نوبھاري
سڪا وڻ ٽڙيا، باغ اسلام وارا
ڦٽن ٿا وري، رب وري ڏين وارا.

گلن جو سڄو سارو سامان سارو
ڪيو آهه معبود، موجود سيارو
وڏي رنگ و بو وڏي سونھن وارو
اکين ۽ ڏسڻ سان پوري ٺارو ٺارو
ٺھائڻ پيا يار، تختو گلن جو
وڌائڻ پيا روءِ صحن-چمن جو.

جڏهن تخت تي گل اچي وهڪ وارن
اتي يار چوڌار ساوڪ نھارن
چمن کي ڏسي، ڳوٺ گوندر وسارن
بھاري، مزي، عيش سان هو گذارين
ٿين گڏ اچي جام و ساقي صراحي
اچي گرم ٿي، سرد مجلس فراحي.

’سٻوجهي‘ سندو يار احسان سمجهو
سڌاري سندو سازو سامان سمجهو
ڪبو گڏ انهيءَ آهه اي جان سمجهو
ڪيو مشڪل ان آهه آسان، سمجهو
وٺو هاڻ توفيق، همت ڏيکاريو

پڙهو علم ۽ پاڻ پنھنجو سڌاريو“. (9)

هن نظم ۾ مولوي اٻوجهي صاحب نوجوانن کي تعليم ڏانھن راغب ڪرڻ لاءِ ڪيترائي مثال ۽ خيال ٿو پيش ڪيا آهن. حقيقت ۾ سنڌ مدرسو بنيادي طور تي سنڌيءَ ۾ مذهبي ۽ انگريزي تعليم جي حاصلات لاءِ جوڙيو ويو ھو. خانبھادر حسن علي آفندي اھو محسوس ڪيو ته سنڌ جي نوجوانن کي تعليم جي جديد طريقن مان هر حال ۾ همڪنار ٿيڻو پوندو نه ته انگريز سامراج سان اکيون اکين ۾ ملائي، انهن کان پنھنجا حق وٺي نه سگهندو. ڇاڪاڻ جو انگريزن جي جوڙيل نظام ۾ اهڙن سنڌي مسلمانن جو تعداد بنھه گهٽ هو، جيڪي انگريزي زبان ڄاڻيندا هجن. انگريز هتي قبضي کان پوءِ ”فارسي زبان کي سرڪاري سطح تي ختم ڪندي ’ايجوڪيشنل ايجنسي‘ جي قيام سان سنڌي زبان کي دفتري ٻولي بڻائڻ جو حڪم بمبئي جي گورنر ’سرجارج ڪلرڪ‘ سال 1948ع ۾ جاري ڪيو“ (10). هن حڪم نامي کان اڳ ”1846ع ۾ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ’ڪيپٽن پريڊي‘ ڪراچي فري اسڪول کوليو“ (11)، جنھن کي سال ”1953ع ۾ چرچ مشن سوسائٽي حوالي ڪيو ويو “ (12) هي اسڪول عيسائيت جي تبليغ لاءِ خاص طور تي کوليو ويو هو. ان کان سواءِ سال ”1853ع ۾ نارائڻ جڳناٿ هاءِ اسڪول ڪراچي“ (13) ”1854ع ۾ گرامر اسڪول ڪراچي“ (14) ”1858ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد“ (15) ”1859ع ۾ ’سينٽ پيئرڪ هاءِ اسڪول ڪراچي “ (16) ”1873ع ۾شڪارپور هاءِ اسڪول “ (17) قائم ٿي چڪا هئا.
هي ادارا خالص مسلمانن لاءِ نه هئا، يا ته چرچ مشن جي هٿ هيٺ يا عيسائيت جي ويجهو يا سنڌي هندن جا هئا، جن ۾ اڪثر عام سنڌي مسلمان پنھنجو ٻار نه پڙهائيندو هو. اهڙين حالتن ۾ حسن علي آفندي پنھنجي دوست ۽ ساٿي مولوي الھه بخش اٻوجھي سان ملي ” 16 مارچ 1884ع تي ’مجمع محمدي‘ جي نالي سان ڪراچي ۾ مسلمانن جي هڪ انجمن جوڙي“ (18) جنھن جي پليٽ فارم تان ئي اڳتي هلي ”سيپٽمبر 1885ع تي سنڌ مدرسة الاسلام جو قيام وجود ۾ آيو“. (19)
درحقيقت هن ئي پس منظر ۾ حسن علي آفنديءَ خاص طور سنڌي مسلمانن لاءِ سنڌي مدرسي جو قيام عمل ۾ آندو ۽ ان ئي مقصد جي حاصلات لاءِ مدرسي طرفان ’معاون‘ توڙي ’مدرسه مخزن‘ جاري ڪيو ويو.
نتيجا: سنڌ مدرسة الاسلام طرفان جاري ڪيل ’مدرسه مخزن‘ بابت ڪيل هن مطالعي مان جيڪو ڪجهه اسان کي حاصل ٿيو آهي اهو هن طرح آهي:
• ان وقت جون سياسي حالتون سنڌي سماج توڙي تعليم لاءِ بھتر نه هيون، انگريزن جڏهن فارسي جي دفتري حيثيت ختم ڪئي ته سنڌي کي دفتري زبان جي حيثيت ڏيندي، انگريزي زبان کي به سنڌي سماج مٿان مسلط ڪيو ويو.
• ’مدرسه مخزن‘ جو جاري ٿيڻ سنڌ مدرسي جي بنيادي مقصدن جي پورائي لاءِ هو. تنھنڪري اُن ۾ گهڻو مواد اخلاقي / اصلاحي/ مذهبي/ تاريخي ۽ علمي ادبي هو ته جيئن ادب ذريعي سنڌي سماج ۾ اداري جو مان مٿانھون ڪيو وڃي. عام سنڌي مسلمانن جي نظر ۾ هن اداري جي اهميت ۽ حيثيت کي اجاڳر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
• سنڌ مدرسة الاسلام، ’مدرسه مخزن‘ کي پنھنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ بھتر نموني جاري ڪندي رهي. هن اداري هن مخزن ذريعي پنھنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ گهڻي سرخرو نظر اچي ٿي.
• ’مدرسه مخزن‘ ڀل ته اداري جي مقصدن جي حاصلات لاءِ جاري ٿيندي رهي، پر هن جي ذريعي مدرسي جي تاريخ جا ڪيترائي املهه ۽ اڻمٽ باب هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويا.
• مدرسه مخزن ۾ مضمون، افسانوي ۽ ٻين نثري صنفن سان گڏ تاريخ، تعليم، مزاح، صحت بابت مواد شايع ڪرڻ ان دور (انگريز دور) ۾سنڌي ادب ۾ نوان رجحان، لاڙا پيدا ڪرڻ کان گهٽ نه هو.
• مخزن ۾ سنڌي کان سواءِ ٻين به ٻولين اردو، انگريزي، گجراتي جو به مواد شايع ٿيندو هو. اهڙي ريت انهن ٻولين ڳالهائيندڙن، پڙهندڙن توڙي لکندڙن تائين سنڌ مدرسي جو پيغام پھچندو رهيو هو. مدرسي جي داخلا جو رڪارڊ شاهد آهي ته هن اداري ۾ سنڌ کان ٻاهر جا به ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل ڪندا رهيا هئا.
سنڌ مدرسة الاسلام، ’مدرسه مخزن‘ ذريعي سنڌي ٻولي، ادب ۽ شاعري جي به خوب خدمت ڪئي ۽ ڪيترائي عالم، اديب، شاعر هن اداري جا نه رڳو شاگرد رهيا، پر انهن جو ادب ڏانھن راغب ٿيڻ ۾ هن مخزن جو ڪردار نمايان آهي. هن مخزن جي خاص نمبر شايع ٿيڻ مان هن جي مقبوليت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
حوالا
1. بخاري، ممتاز، ڊاڪٽر ، ’سنڌ مدرسة الاسلام جو سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو‘ (1885ع_1947ع) (پي ايڇ ڊي لا مقالو)، (اڻڇپيل)، 1979ع، ص 99 کان 112 (مختلف صفحا)
2. See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, (Karachi, for the year,1888-1889, P-7).
3. ’خليل‘، ابراهيم، ڊاڪٽر، بلبل ، آزاد بڪ ڊيپو ، حيدرآباد ، 1951ع، ص-36.
4. Shah, Mir Muhammad, Late T.H.Vinces (Article), the Platinum Jubilee Book, Karachim, Sind Madressahtul Islam, Section-III, 1960, P-33.
5. See: Annual Report of Sind Madressahtul Islam, (Karachi, for the year, 1903-1904, P-10).
6. See: Sind Madressah Chronicle, Karachi, Sind Madressahtul Islam, July 1912, P-2.
7. See: Sind Madressah Chronicle, Karachi, Sind Madressahtul Islam, January 1925, (Editorial).
8. سيوهاڻي،فتح محمد،حڪيم، ’حيات حڪيم‘ (مقالو)، نئين زندگي ڪراچي، نومبر 1961ع، ص-18-19.
9. اٻوجهو، الھه بخش، مولوي، ’مسدس اٻوجھو‘، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، 1949ع، ص-77.
10. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، سنڌي صورتخطي، سنڌي زبان پبليڪيشن حيدرآباد، 1969ع، ص-32.
-- C.Melvill,James, ‘Scinde A copy of a Report of Sir George Clerk’, Govt. of Bombay, 1948, P.P.15. Paras 68 & 69 Under the heading : “Sir George Clerk” Minute on Scinde.
11. A.N, Hughes, ‘Gazetear of the Province of Sind’, London, George Bell & Sons, 1874, P-31.
12. H.F.L.T.Harrison, ‘A Handd Book of Karachi’, Karachi, Educational Printin Press, 1933, P-23.
13. Haider,Azimushan, Dr., ‘History of Karachi’, Karachi, 1974, P-26.
14. Smyth, J.W, ‘Gazeteer of the Province of Sind’, Bombay, (B, Vol.II) Karachi District 1919, P39.
15. Smyth, J.W, ‘Gazeteer of the Province of Sind’, Bombay, (B, Vol.II) Karachi District 1920, P28.
16. A.N, Hughes, ‘Gazetear of the Province of Sind’, London, George Bell & Sons, 1874, P-345.
17. Smyth, J.W, ‘Gazeteer of the Province of Sind’, Bombay, (B, Vol.III) Sukhur District 1919, P33.
18. اٻوجهو، الھه بخش، مولوي، ’مسدس اٻوجهو‘ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، 1949ع ص-56.
19. See: The Sind Gazette, Karachi, Friday 4th September 1885, P-5.
554 ڀيرا پڙهيو ويو