مصدر جي آخر کان اڳئين حرف جي اعراب جو ترجيحي معاملو
(A study of preferential form of the second last diacritical mark in infinitive)
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
Abstract:
The issues related to Preferential Form of Words were under consideration from 1888 to 1999 at Government level on top priority basis in Sindhi language. A heated debate over it also had been in 2008 by Sindhi Language Authority that drained out a big amount in investment without any result, so many problems remained unsolved.
There has always been the problem of diacritical mark on second last letter in infinitive due to dialectical differences in Sindhi Language, for instance: اَڏَڻُ/ اَڏِڻُ- چَکَڻُ/ چَکِڻُ. Though various usages are prevalent in language which are correct in themselves in their forms, yet we have to set the standard forms according to the grammatical rules and regulations.
This issue has been highly noticed in ‘Jamia Sindhi Lughaat’, which are only cut and pasted in ‘Mufasil Sindhi Lughat’ to its fifth edition without any progress. These forms of infinitives are used with diacritical mark of ‘Zair’ rather than ‘Zabar’ in ‘Sahiti Languge region/ Wicholo Dialect (Standard Dialect), Such as: ’اَڏِڻُ- کَسِڻُ- وِسارِڻُ- اُڀارِڻُ‘.
As per rule of Sindhi language, the command/ imperative words end on Short vowels/ Diacritical marks ‘Paish’ and ‘Zair’.
So, if infinitive consists of diacritical mark of ‘Zabar’ on second last letter, the command words will be with ‘Paish’, if the infinitive consists of ‘Zair’ on second last letter, the command words will be with the same ‘Zair’ again. For example:
• Zabar is changed into Pesh: لِکَڻُ- لِکُ
• Zair remains unchanged: کَسِڻُ- کَسِ
According to the grammatical structure, the command words of ’اُڀارَڻُ- اَڏَڻُ- چَکَڻُ- کَسَڻُ- وِسارَڻُ‘ , will be as: ’اُڀارُ- اَڏُ- چَکُ- کَسُ- وِسارُ . This study aims at clarifying the unsuitability of those command words from the above-mentioned infinitives which are sub-standardly used. The appropriate forms of command words from these infinitives will be as: ’اُڀارِ- اَڏِ- چَکِ- کَسِ- وِسارِ‘،. Thus, accommodating the grammatical rules and regulations, we should prefer the form of infinitive words as: اُڀارِڻُ- اَڏِڻُ- چَکِڻُ- کَسِڻُ- وِسارِڻُ‘
• اڀياس جو ٿلھه: سنڌي ٻوليءَ جي لھجن نسبت، مصدرَ جي آخر کان اڳئين/ ماقبل آخر (second last) حرف جي اعراب جو معاملو سامھون آيو آهي، جيئن: اُڀارَڻُ/ اُڀارِڻُ (بيھارڻ- همٿائڻ(- اَڏَڻُ/ اَڏِڻُ (ٺاهڻ- تعمير ڪرڻ)- چَکَڻُ/ چَکِڻُ (ذائقو وٺڻ)- کَسَڻُ/ کَسِڻُ (ڦُرڻ- ڇنڻ)- وِسارَڻُ/ وِسارِڻُ (ڀُلائڻ- دل تان لاهڻ) وغيره. حالانڪ انهن ٻنھي صورتن مان ڪنھن به صورت کي غلط قرار نه ڏئي سگهبو آهي؛ البت، ٻوليءَ جي ڪنھن معيار پٽاندر ڏسڻ بعد ڪنھن هڪ صورت کي ترجيح ڏبي آهي.
آخر کان اڳئين حرف جي اعراب واري اختلاف نسبت، مصدرون: ’ اُڀارَڻُ- اَڏَڻُ- چَکَڻُ- کَسَڻُ- وِسارَڻُ‘ وغيره ’جامع سنڌي لغات‘ (بلوچ، 1960 کان 1988) مان نوٽ ڪيون ويون آهن، جيڪي ’مفصل سنڌي لغت‘ جي پنجين جلد (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي: 2019) تائين ساڳيون ئي صورتون نقل ڪري رکيل آهن. لفظن جون اهي ئي صورتون، سنڌ جي ساهتي پرڳڻي/ وچولي لھجي ۾ ’زبر‘ بجاءِ ’زير‘ سان ڪم آنديون وينديون آهن، جيئن: ’ اُڀارِڻُ- اَڏِڻُ- چَکِڻُ- کَسِڻُ- وِسارِڻُ‘ وغيره.
اهي ترجيحي صورتن جا معاملا سرڪاري طور 1888ع کان 1999ع تائين هلندا رهيا. 2008ع ۾ پڻ ان سلسلي ۾ مذاڪرو ٿيو، پر سرڪاري خرچ سواءِ، ڪابه ترجيحي صورت مقرر يا متعين ٿي ڪونه سگهي. 2015ع ۾، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي جي نگرانيءَ هيٺ، راقم کي، صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن واري معاملي تي ڪم ڪرڻ سبب پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري مِلي.
هي اعراب جو معاملو به ’ترجيحي صورت‘ جي دائري ۾ اچي پيو. ان موجب غلط يا درست واري تُري ڪونه کڻبي آهي، البت، مختصر اڀياس بعد، مختلف صورتن مان ڪا هڪ صورت متعين ڪبي آهي. ظاهر آهي ته صورت مقرر ڪرڻ سان هڪ معيار پڻ ٺھي بيھندو آهي.
اعراب جي ان معاملي کي ٻن رخن سان جاچي سگهجي ٿو: معياري لھجو ۽ معياري صورت! ان نسبت هن اڀياس کي هيٺين سوالن تي محيط رکجي ٿو:
• اڀياس جا سوال:
سنڌي ٻوليءَ جي لھجن مان ڪھڙو لھجو معياري آهي؟
مصدر جي آخر کان اڳئين حرف جي اعراب جو لسانياتي بنياد ڪھڙو هجڻ گهرجي؟
مصدر جي آخر کان اڳئين حرف جي اعراب ، ڪھڙي لھجي نسبت ترجيح ڏيڻ گهرجي؟
• اڀياس جو عمل
• معياري لھجي جو تاريخي ۽ وياڪرڻي معيار
لھجن نسبت سنڌي ٻوليءَ جا پنج اهم لھجا (dialects) آهن: اترادي، وچولو، لاڙي، ڪڇي ۽ لاسي. انهن لھجن ۾ ’ساهتي پرڳڻي‘ جو لھجو ’معياري‘ ليکجي ٿو، جنھن کي ’وچولو لھجو‘ پڻ ڪوٺيو ويندو آهي. ’وچولي‘ جي دائري ۾ اختلاف ان حوالي سان به رهيو آهي ته ان ۾ ’حيدرآباد‘ کي زوريءَ ڳڻيو ويندو آهي. البت، ’ساهتي پرڳڻي‘ کي ’وچولي‘ ۾ هجڻ تي اختلاف نه رهيو آهي، پر پوءِ به ويجهڙ ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ، ’ساهتي پرڳڻي‘ کان اڻ واقف هجڻ سبب ’لھجن جي حدبنديءَ‘ بابت بغير تحقيق جي هن ريت لکي ڇڏيو:
”سنڌ جي لساني جاگرافيءَ جا ٻه اهم حصا آهن: 1. لاڙ، 2. اتر، باقي ٿر، وچولو ۽ ڪوهستان انهن ئي ٻنھي حصن سان لاڳاپيل آهن … لاڙ جو خطو ٽنڊي محمد خان کان شروع ٿي ٺٽي تائين، بدين کان کاري ڇاڻ تائين دنگ ڪري ٿو … ٽنڊي محمد خان کان پوءِ وچولي جون حدون شروع ٿين ٿيون، حيدرآباد، مٽياري، هالا، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ تائين وچولي جون حدون آهن … دادو کان جيڪب آباد، ٺل تائين ۽ هيڏانھن وري موري کان سکر تائين اتر جون حدون آهن، لسانيات جا ماهر سؤ سيڪڙو حدبنديءَ تي اتفاق نٿا ڪن. حدبنديءَ بابت هر ڪنھن جو پنھنجو خيال آهي.“ (غفور، 2011: 174- 179)
حالانڪ ڏکڻ کان ساهتي پرڳڻي جي شروعات ئي تعلقي موري کان ٿئي ٿي. جڏهن لسانيات جا ماهر سؤ سيڪڙو حدبنديءَ تي اتفاق نٿا ڪن ته پوءِ ان صورت ۾ ڪا تاريخي يا علمي انداز ۾ ڳالهه ڪبي آهي، ائين خود ساخته حدبندي نه بيھاربي آهي! حيدرآباد ۽ آسپاس کي وچولي ۾ شمار ڪرڻ بابت ڀيرومل هيئن اظھار ڪيو آهي ته:
”حيدرآباد ۽ پسگردائيءَ جي ٻولي ٺيٺ ۽ کري ٻولي ليکجي ٿي. ان جو سبب 1853ع ۾ تعليم کاتي وارن درسي ڪتابن جوڙائڻ جو ڪم حيدرآباد جي معزز هندن ۽ مسلمانن تي رکيو ۽ هنن اها ئي ٻولي ڪم آندي، ائين حيدرآباد وارن جي ٻوليءَ کي شرف مليو، پر انهيءَ تي ڪو ڌار نالو رکيل ڪونھي؛ تنھنڪري وچولي جي دفعي ۾ ليکجي ٿي.“
(ڀيرومل، 1956: 93- 94)
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ حقيقت پسند ماڻهو هو، جنھن ’حيدرآباد‘ کي
’وچولي‘ ۾ شامل نه سمجهيو، هو صاحب لکي ٿو:
”جيتوڻيڪ سنڌ جي ’وچولي واري ٻوليءَ‘ کي معياري تسليم ڪري ان کي ڪتابن ۾ آڻڻ ۽ لکڻ تي رسمي طور اتفاق ڪيو ويو، پر عملي طور گهڻي حد تائين حيدرآباد واري شھري ٻولي درسي ڪتابن توڙي سرڪاري دفتر جي ڪاروبار ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. صورتخطيءَ جي مسلسل سڌاري واڌاري ڏانھن گهٽ توجھه سببان ڪافي اوڻايون پيدا ٿيون... باوجود انهيءَ جي، جو سنڌي صورتخطي ڪنھن حد تائين معياري ٿي، مگر ان جي مختلف مسئلن کي سمجهڻ ۽ سنوارڻ جي ضرورت پوري نه ٿي.“ (بلوچ، 1992: 15- 16)
سنڌي ٻوليءَ جي معياري لھجي نسبت، ساهتي پرڳڻي يا وچولي بابت جن به عالمن جو مثبت رايو رهيو آهي، تن ۾ ڪاڪو ڀيرومل، ڊاڪٽر بلوچ، پروفيسر علي نواز جتوئي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام حيدر سنڌي ٻرڙو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر حامد علي خانائي، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڊاڪٽر الھداد ٻوهيو، نصير اعجاز ۽ مقصود گل وغيره شامل آهن.
(جوکيو، 2013: 26- 38)
معياري لھجي وارو معاملو به ڪنھن جو ذاتي نه آهي، بلڪ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو آهي، ان لاءِ اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پوندي ته ’ساهتي پرڳڻي‘ جو لھجو، سنڌي ٻوليءَ جو معياري لھجو آهي.
• لفظن جي آخري ۽ ان کان اڳئين حرف جي ڇوٽي سُر جو معيار: سنڌي ٻوليءَ جي معياري ٻوليءَ نسبت اها ڳالهه مُسلّم آهي ته واحد- جمع، مؤنث- مذڪر، حرف اضافت، اسم جي حالت فاعلي/ مفعولي، حرف جر وغيره جو دارومدار آخري ڇوٽي سُر تي به هوندو آهي. جنھن صورت ۾ آخري وينجن ساڪن رهندو ته انهن جو دارومدار وري ماقبل آخري سُر تي هوندو آهي.
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي واري تحقيق ’ٻوليءَ ۾ ڦير گهير/ تبديليءَ جي اڀياس لاءِ لسانياتي ڦرڻن جي چونڊ‘ ان حوالي سان قابل ذڪر آهي. جنھن ۾ ڄاڻايو اٿس ته:
”سرَ ڪيرائڻ يا نه اچارڻ واري عادت لاسيءَ ۾ ايتري عام نه آهي جيتري ڪڇي يا لاڙيءَ ۾، جن ۾ آخري يا لفظ جي پڇاڙيءَ واري سر کي ڪيرائڻ جي مضبوط روايت/ رسم (Trend) آهي.“ (ٻگهيو، 1998: 81)
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي پنھنجي تحقيق لاءِ جيڪا حد متعيّن ڪئي آهي، سا هالا پراڻا کان حيدرآباد آهي. اسمن جي آخر ۾ ڇوٽن سُرن جي ڪيرائڻ ۽ نه ڪيرائڻ ۾ اها ڳالهه سامھون اچي ٿي ته ڊاڪٽر ٻُگهيو اڻ- سڌيءَ طرح اها ڳالهه تسليم ٿو ڪري: ’حيدرآبادي لھجي ۾ آخري سُر واري بي- حسي موجود آهي.‘
لھجي جي معياري هجڻ جو هڪ ماڻُ، لفظن جو، آخري ۽ ان کان اڳ ڇوٽي سُر جو چٽو استعمال آهي. حيدرآباد ۽ ان جي آسپاس جي اپلھجي ۾ اهڙي بيحسي نوٽ ڪيل آهي. مثال طور، سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ آخري ’زبر/ زير ۽ پيش‘ سان مؤنث- مذڪر جي به نمائندگي ٿيندي آهي، جيئن: ڇوڪَرِ- ڇوڪَرُ. جنھن صورت ۾ آخري ضميري پڇاڙيون ’م، س يا ن‘ ساڪن رهنديون ته ان کان اڳئين اکر تي مؤنث- مذڪر جي اعراب رهندي، جيئن:
• مان آيُس (مذڪر صورت ۾ ’ي‘ تي پيش)
• مان آيَس (مؤنث صورت ۾ ’ي‘ تي زبر)
ستر واري ڏهاڪي ۾ ريڊيو پاڪستان تان ’آئيںــڍ سندھي سيکهيں‘ جو پروگرام هلايو ويو هو، جنھن کي ڊاڪٽر فھميده حسين ڪتابي صورت ۾ آندو آهي؛ جنھن ۾ مذڪر- مؤنث جي حوالي سان ’آخري‘ يا ’ان کي اڳئين سُر‘ جي صورتخطي، ٻوليءَ جي مزاج مطابق نه آهي.
ياد رهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙيءَ وارو ’س، م يا ن‘ ساڪن رهندو آهي، ان کان اڳ وارو وينجن آواز مذڪر- مؤنث مطابق بيھندو آهي. هيٺ ’آخري سُر‘ ۽ ’ان کان اڳئين سُر‘ (second last) ڏانھن بي حسي جا مثال پيش ڪجن ٿا:
”پچهلڍ سبق ميڻ ڻم نڍ آپ کو زمانه مستقبل ميڻ کچهه الفاظ بنانا سکهائڍ تهــڍ جوکه مکمل جملڍ کي صورت رکهتڍ ڻيڻ، اور ان ميڻ ضميري نشانيانيوں کا استعمال ڻوتا ڻــڍ. ان ميڻ سڍ چند الفاظ ميڻ دڻراتي ڻوڻ:
چوندُسُ - ميڻ کڻوڻ گا.“ (فھميده، 2011: 188)
اها ڳالهه مُسلّم آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ هر لفظ جو آخري سُر متحرڪ ٿيندو آهي، ليڪن ضميري پڇاڙين جي صورت ۾، آخري وينجن جي ساڪن هجڻ واري امڪان کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي؛ ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙين جي صورت ۾ ’آخر کان اڳئين سُر‘ تي ئي مذڪر- مؤنث جو دارومدار هوندو آهي، جنھن جو مٿي ذڪر ٿيل آهي.
ڄاڻايل جملي جي صورت ۾ هيئن ئي درست ٿيندو:
• چوندُس (مذڪر صورت ۾، آخر کان اڳئين اکر تي پيش)
• چوندَس (مؤنث صورت ۾، آخر کان اڳئين اکر تي زبر)
ٻئي هنڌ ڄاڻايل آهي:
مذڪر مؤنث مذڪر مؤنث
آيُس ميڻ آيا آيَس ميڻ آئي
(فھميده، 2011: 176)
مذڪوره لفظ ’آيسُ‘ ۽ ’آيسَ‘ مبادا پروف جي غلطي هجي، پر جيئن ته سنڌي ٻوليءَ جي عالمن اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته ’سنڌي ٻوليءَ جي هر لفظ جو آخري وينجن متحرڪ ٿيندو آهي‘، ان سبب عالمن وٽ ’آخر کان اڳ‘ (Second last) واري سُر تي دارومدار هجڻ جو تصور ئي ڪونھي. هيٺ اهڙا ’آئيــڍ سندهي سيکهيڻ‘ مان چند مثال خيال خاطر آڏو رکجن ٿا:
اردو سنڌي خط نسخ ۾ الٿو
ميڻ آيا ۔ مان آيُسُ۔ مان آيُسُ.
ميڻ گيا ۔ مان ويُسُ۔ مان ويُسُ.
ميڻ دوڙا ۔ مان ڊوڙيُسُ۔ مان ڊوڙيُسُ.
(فھميده، 2011: 176)
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ’ڇا، ان حالت ۾ ڄاڻايل لفظ جي مؤنث صورت ’مان ويُسَ‘ بيھندي؟ جيڪا ٻوليءَ جي اصول (آخري وينجن متحرڪ) سان به ٺھڪي ٿي ۽ جعلي/ هٿرادو به آهي.
مسٽر ڊولامل بولچند جي ڪتاب ‘A manual of Sindhi’ ۾ آخر کان اڳ واري وينجن تي اعراب جو احتياط ڪيو ويو آهي، جنـﮬـن کي محمد ابراهيم جويي سڌاريو سنواريو هو:
مذڪر مؤنث
ماريو وِيُس. ماري وِيَس.
(Bulchand, 2003: 129)
اصل ۾، مذڪوره آخري وينجن ساڪن ٿيندو، جڏهن ته آخر کان اڳئين وينجن جو ڇوٽو سُر مؤنث- مذڪر سبب تبديل ٿيندو، جيئن:
• مان آيُس (مذڪر صورت ۾ ’ي‘ تي پيش)
• مان آيَس (مؤنث صورت ۾ ’ي‘ تي زبر)
ڊاڪٽر فھميده حسين جي ڄاڻايل مثالن جي صورتخطيءَ مان اهو اخذ ٿئي ٿو ته ’آخري وينجن متحرڪ‘ رکڻ جي چڪر ۾، ڇوٽن سُرن جي اعراب جون صورتون جعلي ڏنيون ويون آهن.
هي لھجن يا اپلھجن جو معاملو آهي، جنھن اندر رهي ماڻهو پاڻ کي مقدَس سمجهي ٿو. حقيقت ۾ حيدرآباد يا ان جي آسپاس بنيادي طور لاڙي لھجي جو حصو آهي، جنھن ۾ آخري يا آخريءَ کان اڳئين سُر ڏانھن بي حسي رهي ٿي؛ پوءِ ڪڏهن زبر جي بدران پيش، ته ڪڏهن پيش بدران زير ته ڪڏهن وري زير بدران زبر جو استعمال محسوس ڪيو ويو آهي. وسرڳن جيان آخري اعراب وارو معاملو، صرف معياري لھجي نسبت نوٽ ڪري سگهجي ٿو، ٻي صورت ۾ اهڙي آخري اعراب/ ڇوٽي سُر واري بي حسي، لاڙي لھجي جي سونھن ۽ سڃاڻپ آهي.
• مصدر ۾ آخر کان اڳئين ڇوٽي سُر وارو معاملو: فعل وارن لفظن جون ٻه ٻنيادي صورتون اهم ليکيون وينديون آهن: مصدرَ ۽ امرُ. مصدر مان مراد مرڪزي لفظ جو اهڙو هنڌ، جتان ٻيا لفظ ڦٽي جڙندا هجن. سنڌي ٻوليءَ جي مصدر جي آخر ۾ ’ڻ‘ جو اضافو ڪيو ويندو آهي؛ جڏهن ته ’امر‘ مان مراد اهڙو منٿ يا حڪم وارو لفظ، جنھن ۾ ضمير حاضر کي ڪجهه چيلُ هجي، جيئن:
• مصدرَ: لِکَڻُ.
• امرُ: لِکُ.
ان معاملي تي به اختلاف رهيو آهي ته فعل واري لفظ مان ’مصدر‘ کي ڌاتو/ بنياد سمجهجي يا ’امر‘ کي! ٻوليءَ جي ساخت جي اڀياس بعد اهو طئي ٿيل آهي ته فعل جي ڌاتو/ بنياد کي ’امر‘ مان ئي ڄاتو وڃي، يعني فعل جي شروعات ’امر‘ سان ڪئي وڃي، جيئن:
• امرُ: لِکُ.
• مصدرَ: لِکَڻُ.
ان نسبت سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي فعل ’امر‘ جي پڇاڙي ’پيش ۽ زير‘ ۽ ’اي‘
وچٿري سُر سان ٿئي ٿي، جيڪو ضمير حاضر واحد کي مخاطب هوندو آهي. يعني ڌاتوءَ ۾ ’ضمير حاضر واحد‘ جي ’امر‘ کي ئي ڌاتو سمجهيو ويندو آهي، جيئن:
• ’پيش‘ واري پڇاڙيءَ سان: نَچُ- اَچُ- ڏِسُ- ويھُه- ڀَڄُ- ڀَڃُ- ڊُڪُ- ڇِنُ- روءُ- هَلُ وغيره.
• ’زير‘ واري پڇاڙيءَ سان: کَسِ- پُورِ- ڇوڙِ- سُڃاڻِ- مارِ- پيارِ- ڊاهِه- ساڙِ- نھارِ وغيره.
• ’اي‘ وچٿري سُر سان: ڏي وغيره.
• ’ج‘ واري پڇاڙيءَ سان، فعل مجھول صورت ۾: اچجِ- آڻِجِ- ڪاوڙِجُ وغيره.
ڏنل اشارن مان مراد اها آهي ته ’امر‘ به ڌاتو نه ٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ان جي آخري پيش ۽ زير سبب، اعراب ۾ فرق رهي ٿو. ڊاڪٽر غلام علي الانا ان ڏِس ۾ لکي ٿو: ”فعل جي ڌاتوءَ يا بنياد يعني root جي پٺيان ’اَڻ‘ يا ’اِڻ‘ پڇاڙيون ملائڻ سان، جيڪا صورت ٺھي ٿي، تنھن کي ’حاصل مصدرَ‘ يعني ‘infinitive’ چئبو آهي؛ مثال طور:
ڌاتو/ مصدر/ مُول + پڇاڙي/ علامت = حاصل مصدر
لِک + - اَڻُ = لِکَڻُ
مار + - اِڻُ = مارِڻُ“
(الانا، 2010: 125)
يعني ڌاتو/ مُول ۾ جيڪڏهن ’اُ يا اِ‘ ملائبي ته ’امر‘ جي صورت بيھندي، جيئن:
ڌاتو/ مُول + پڇاڙي/ علامت = امُر
لِک + - اُ = لِکُ
مار + - اِ = مارِ
وڌيڪ لاءِ اها ڳالهه به سامھون اچي ٿي ته جڏهن امر مان ’حاصل مصدر‘ بيھي ٿي ته اعراب جي فرق سبب مختلف صورتون ٺھي بيھن ٿيون، جيئن:
امُرُ حاصل مصدرَ آخري اعراب جو ڇيد
لِکُ لِکَڻُ لِکُ < لِکَڻُ = اُ < اَ + ڻُ
مارِ مارِڻُ مارِ < مارِڻُ = - < - + ڻُ
مٿين ٻن لفظن کي جاچڻ بعد هيٺيون تڪڙو حاصل مطلب سامھون اچي ٿو:
• ’امر: لِکُ‘ مان جڏهن حاصل مصدرَ بيھي ٿي ته ’لِکُ‘ جو آخري پيشُ، زبر ۾ تبديل ٿئي ٿو.
• ’امر: مارِ‘ مان جڏهن حاصل مصدر بيھي ٿي ته ’مارِ‘ جي آخري زيرَ تبديل نه ٿي ٿئي.
حاصل مطلب: جيڪو امرُ آخري پيش رکي ٿو، اهو حاصل مصدر ۾ زبر سان تبديل ٿئي ٿو، جڏهن ته جنھن امر ۾ آخري زير هجي ٿي ته اها اعراب تبديل نه ٿي ٿئي. مقصد ته مصدر جي آخر کان اڳئين وينجن جي اعراب، سندس امر جي ’پيش‘ سبب تبديل ٿئي ٿي، جڏهن ته ’زير‘ سبب ساڳي ٿي رهي.
امر جي آخري اعراب ۽ مصدر جي آخريءَ کان اڳ (second last) واري اعراب جي تقابل لاءِ هيٺين لفظن کي جاچجي ٿو:
آخري پيش جو آخر کان اڳين اعراب ۾ تبديل ٿيڻ آخري زير جو آخر کان اڳين اعراب ۾ ساڳيو رهڻ
امر مصدر امر مصدر
اُڀُرُ اُڀرَڻ اُڀارِ اُڀارِڻُ
اُٿُ اُٿَڻُ اَڏِ اَڏِڻُ
اچُ/ آءُ اچَڻُ آڻِ آڻِڻُ
اُڏامُ اُڏامَڻ باسِ باسِڻُ
اُڏُرُ اُڏرَڻ بَڻاءِ بَڻائِڻُ
اُگهُه اُگهَڻُ بِيھارِ بِيھارِڻُ
بَچُ بَچَڻ ٻارِ ٻارِڻُ
بِيھُه بِيھَڻُ ٻوڙِ ٻوڙِڻُ
ٻُڌُ ٻُڌَڻُ ٻولِ ٻولِڻُ
ٻَڌُ ٻَڌَڻ ڀانءِ ڀانئِڻُ
ٻَرُ ٻَرَڻ ڀَرِ ڀَرِڻُ
ٻَجهُه ٻَجهَڻُ پاءِ پائِڻُ
ٻَڙڪُ ٻَڙڪَڻُ پَٽِ پَٽِڻُ
ڀَٽڪُ ڀَٽڪڻ پِٽِ پِٽِڻُ
ڀَڃُ ڀَڃَڻُ پَرُوڙِ پَرُوڙِڻُ
ڀَڄُ ڀَڄڻ پَلِ پَلِڻُ
ڀَڙڪُ ڀَڙڪَڻ پوکِ پوکِڻُ
ڀُلجُ ڀُلجَڻ پيارِ/ پيارِج پيارِڻُ
ڀِنُ ڀِنَڻ تاڙِ تاڙِڻُ
ڀِڄُ ڀِڄَڻُ تَڙِ تَڙِڻُ
ڀُڻُ ڀُڻَڻُ ٽوڪِ ٽوڪِڻُ
پُڄُ پُڄَڻُ جاڳاءِ جاڳائِڻ
پَچُ پَچَڻُ جاچِ جاچِڻُ
پُڇُ پُڇَڻ جَلاءِ جَلائِڻُ
پَرچُ پَرچَڻ جوڙِ جوڙِڻُ
پَسُ پَسَڻ جهَٽِ جَهٽِڻُ
پَلٽُ پَلٽَڻُ جهَلِ جَهلِڻُ
پَئُه پَوَڻ جيارِ جيارِڻُ
پُھچُ پُھچَڻ ڄاڻِ/ ڄاڻِج ڄاڻِڻُ
پَھهُ پَھَڻُ چارِ چارِڻُ
تَپُ تَپَڻُ چاڙهِه چاڙهِڻُ
تَرُ تَرَڻُ چَٻِ چَٻِڻُ
تَڳُ تَڳَڻُ چِٽِ چِٽِڻُ
ٺَھُه ٺَھَڻُ چَکاءِ چَکائِڻُ
ٿَڪُ/ ٿَڪِجُ ٿَڪَڻُ/ ٿَڪجَڻُ چَکِ چَکِڻُ
ٿيءُ ٿيَڻُ چُونڊِ چُونڊِڻُ
ٽِڙُ ٽِڙَڻ ڇانءِ ڇانئِڻُ
جاڳُ جاڳَڻُ ڇڏِ ڇَڏِڻُ
جَڙُ جَڙَڻ ڇوڙِ ڇوڙِڻُ
جَلُ جَلَڻ دَسِ دَسِڻُ
ڄَمُ ڄَمَڻ ڊاهِه ڊاهِڻُ
چُرُ چُرَڻ ڍارِ ڍارِڻُ
چَرُ چَرَڻُ ڏارِ ڏارِڻُ
چڙهُه چَڙهَڻ ڏَنگِ ڏَنگِڻُ
چَئُه چوَڻ ڏورِ ڏورِڻُ
ڇِنُ ڇِنَڻُ ڏيکارِ ڏيکارِڻُ
ڊوڙُ ڊوڙَڻ ڏيارِ ڏيارِڻُ
ڊَههُ ڊَهڻ ڌارِ ڌارِڻُ
ڏِسُ ڏِسَڻُ ڌَرِ ڌَرِڻُ
ڏي ڏِيَڻ ڌِڪارِ ڌِڪارِڻُ
رُسُ رُسڻ ڌُوڪِ ڌُوڪِڻُ
رَسُ رَسَڻُ رَتِ رَتِڻُ
رَکُ رَکَڻُ رَکاءِ رَکائِڻُ
روءُ روئَڻُ روڪِ روڪِڻُ
رَهُه رَهَڻُ سارِ سارِڻُ
رِيجهُه رِيجهَڻُ ساڙِ ساڙِڻُ
سُڄُ سُڄَڻُ ساماءِ سامائِڻُ
سَڙُ سَڙَڻُ سَٽِ سَٽِڻُ
سِڪُ سِڪَڻ سِجهاءِ سِجهائِڻُ
سَگهُه سَگهَڻُ سُڃاڻِ سُڃاڻِڻُ
سُمهُه سُمهڻ سَڏِ سَڏِڻُ
سُڻُ سُڻَڻُ سَلِ سَلِڻُ
سَھُه سَھَڻُ سنڀالِ سَنڀالِڻُ
ڦاسُ ڦاسَڻُ سيکارِ سيکارِڻُ
ڦِٽُ ڦِٽَڻُ سيڪِ سيڪِڻُ
ڦِرُ ڦِرَڻ سِينگارِ سِينگارِڻُ
کامُ کامَڻُ شَرماءِ شَرمائِڻُ
لِڪُ لِڪَڻُ رَساءِ رَسائِڻُ
کَپُ کَپَڻُ ڦِٽاءِ ڦِٽائِڻُ
کُٽُ کُٽَڻُ ڦَٽِ ڦَٽِڻُ
کِڙُ کِڙَڻُ ڦُلارِ ڦُلارِڻُ
کُلُ کُلَڻُ ڦُرِ ڦُرِڻُ
کِلُ کِلَڻ ڦوڙِ ڦوڙِڻُ
کَڻُ کڻَڻُ ڦيراءِ ڦيرائِڻُ
ڪِرُ ڪِرَڻُ قَبُولِ قَبُولِڻُ
ڪُسُ ڪُسَڻُ کارِ کارِڻُ
ڪُھُه ڪُھَڻُ کَسِ کَسِڻُ
گَڏِجُ گَڏجَڻُ کوڙِ کوڙِڻ
گُذرُ گذرَڻ ڪَٽِ ڪَٽِڻُ
گَسُ گَسَڻُ ڪَرِ ڪَرِڻُ
گهُرُ گهُرَڻُ ڪَسِ ڪَسِڻُ
گهِڙُ گهِڙَڻُ گَڏِ گَڏِڻُ
گهُمُ گهُمَڻُ گُذارِ گُذارِڻُ
لِکُ لِکَڻ گهارِ گهارِڻُ
لَڳُ لَڳَڻُ گهوٽِ گهوٽِڻُ
لَھُه لَھَڻُ گهيڙِ گهيڙِڻُ
مَرُ مَرَڻ ڳارِ ڳارِڻُ
مُڙُ مُڙَڻ لاهِه لاهِڻُ
مُشڪُ مُشڪَڻُ لاءِ لائِڻُ
مِلُ مِلَڻُ مارِ مارِڻُ
مُنجهُه مُنجهَڻُ مَٽِ مَٽِڻُ
وَٺُ وَٺڻُ موڙِ موڙِڻُ
وِجهُه وِجهَڻُ موکِ موکِڻُ
وڃُ وَڃڻُ موههِ موهِڻُ
وَڌُ وَڌَڻُ ميڙِ ميڙِڻُ
وَرُ وَرَڻُ نِماءِ نمائِڻُ
وَهُه وَهَڻُ نِھارِ نِھارِڻُ
ويھُه ويھَڻُ نِھوڙِ نِھوڙِڻُ
وَسُ وَسَڻُ وارِ وارِڻُ
وِسِرُ وِسِرَڻ وِڇاءِ وِڇائِڻُ
هُجُ هُجَڻ وَڍِ وَڍِڻُ
هَلُ هَلَڻُ وِسارِ وِسارِڻُ
هَڻُ هَڻَڻُ هَلاءِ هَلائِڻُ
امر جو ’پيش‘، مصدر ۾ آخر کان اڳ واري وينجن وٽ ’زبر‘ ۾ مَٽجي ٿو، جڏهن ته امر جي ’زير‘ مصدر ۾ آخر کان اڳ واري وينجن وٽ تبديل نه ٿي ٿئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهٽ، اهڙا امر ملن ٿا، جيڪي مٿئين اصول کان الڳ ٿي بيھن ٿا، جيئن: ’ڏي- ڏيَڻُ ‘ يا ’کاءُ- کائِڻُ‘.
• مصدر جي آخر کان اڳين اعراب جي جاچ: اڀياس مان حاصل ٿيل مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنھن مصدر جي آخر کان اڳ واري اعراب جو اختلاف سامھون اچي ته ان جو ’امر‘ لھو، ته اعراب جي بيھڪ وارو معاملو واضح ٿي ويندو. فرض ڪريو ته مصدرن ’ اَڏَڻُ/ اَڏِڻُ (ٺاهڻ- تعمير ڪرڻ)- کَسَڻُ/ کَسِڻُ (ڦُرڻ- ڇنڻ)- وِسارَڻُ/ وِسارِڻُ (ڀُلائڻ- دل تان لاهڻ)- اُڀارَڻُ/ اُڀارِڻُ (بيھارڻ- همٿائڻ) جو امر معلوم ڪبو ته اعراب جو معاملو واضح ٿي ويندو، جيئن:
• اَڏَڻُ/ اَڏِڻُ (ٺاهڻ- تعمير ڪرڻ) جون امڪاني طور ’اَڏِ/ اَڏُ‘ امري صورتون ممڪن آهن. جنھن صورت ۾ ’اَڏِ‘ ئي مناسب امرُ بيھي ٿو، ان ڪارڻ ’اَڏِڻُ‘ مصدر جي آخر کان اڳ (ماقبل آخر) واري اعراب ’زير‘ ئي مناسب بيھي ٿي.
• کَسَڻُ/ کَسِڻُ (ڦُرڻ- ڇنڻ) جون امڪاني امري صورتون ’کَسِ/ کَسُ‘ بيھن ٿيون. ان پٽاندر ’کَسِ‘ کي ئي مناسب سمجهبو، تنھنڪري ’کَسِڻ‘ ۾ آخر کان اڳ (ماقبل آخر) واري اعراب’زير‘ مناسب رهندي.
• وِسارَڻُ/ وِسارِڻُ (ڀُلائڻ- دل تان لاهڻ) جون امڪاني طور ’وِسارِ/ وِسارُ‘ امري صورتون ممڪن آهن. جنھن صورت ۾ امر: ’وِسارِ‘ مناسب آهي، ان لاءِ ’وِسارِڻُ‘ کي ئي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
• اُڀارَڻُ/ اُڀارِڻُ (بيھارڻ- همٿائڻ) جون امڪاني امري صورتن ’اُڀارِ/ اڀارُ‘ مان سنڌي ٻوليءَ جي نسبت ’اُڀارِ‘ مناسب آهي، ان لاءِ ’اُڀارِڻُ‘ جي آخر کان اڳ واري ’زير‘ ساڳي رهندي ۽ ان کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
نتيجو:
• فعل جون ٻه بنيادي صورتون اهم آهن: امُرُ ۽ مصدرَ. انهن ٻنھي صورتن مان ’امُر‘ کي ڌاتو/ مُول/ بنياد/ root طور تسليم ڪيو ويو آهي.
• امر جي ڌاتوءَ ۾ ’اَڻ‘ يا ’اِڻ‘ پڇاڙي ملائڻ سان ’حاصل مصدرَ‘ بيھي ٿي، جيئن: لِک + اَڻُ = لِکَڻُ- مار + اِڻُ = مارِڻُ.
• اُڀارَڻُ (بيھارڻ)، اَڏَڻُ (ٺاهڻ)، چَکَڻُ (ذائقو وٺڻ)، کَسَڻُ (ڦُرڻ)، وِسارَڻُ (ڀُلائڻ) وغيره ۾ آخري اکر کان اڳ واري ’زبر‘ تي اختلاف سامھون آيو آهي، جيڪو ساهتي پرڳڻي/ وچولي لھجي نسبت ’اُڀارِڻُ، اَڏِڻُ، چَکِڻُ، کَسِڻُ، وِسارِڻُ وغيره اچارجي ٿو.
• جيئن ته عام طور، ’امُر‘ جي آخري اعراب ’پيش يا زير‘ بيھندي آهي، ان لحاظ کان ڪنھن به مصدر جو امُرُ معلوم ڪبو ته مصدر جي آخر کان اڳ واري اعراب هن ريت بيھندي:
زبرَ، امُر ۾، پيش ۾ بدلجي ٿي، جيئن: لِکَڻُ- لِکُ.
زيرَ، امُر ۾ ساڳي رهي ٿي، جيئن: کَسِڻُ- کَسِ.
• اڀياس موجب، ’اُڀارَڻُ- اَڏَڻُ- چَکَڻُ- کَسَڻُ- وِسارَڻُ- ‘ جون امري صورتون ترتيبوار ’اُڀارُ- اَڏُ- چَکُ- کَسُ- وِسارُ ‘ بيھن ٿيون. جيئن ته سنڌي ٻوليءَ نسبت، اهي امري صورتون جعلي آهن، جن جون مناسب امري صورتون بيھنديون: ’اُڀارِ- اَڏِ- چَکِ- کَسِ- وِسارِ‘، ان ڪارڻ مصدر جون ماقبل آخر اعراب نسبت، مناسب ترجيحي صورتون: ’ اُڀارِڻُ- اَڏِڻُ- چَکِڻُ- کَسِڻُ- وِسارِڻُ‘ بيھارڻ گهرجن.
نوٽ: هن پيپر ۾ لفظ ’مصدرَ‘ کي غير جنسي مؤنث ۾ رکيو ويو آهي، جنھن جي جمع صورت ’مصدرُون‘ بيھي ٿي، جيڪا ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ پڻ ڏنل آهي. واضح رهي ته ساهتي پرڳڻي ۾ لفظ: ’مصدرَ‘ ج ’مصدرُون‘ ڪم آندو ويندو آهي.
حوالا
1. آڏواڻي، ڀيرومل، مھرچند (1956) ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘- ڪراچي- حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.
2. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1960 کان 1988) ’جامع سنڌي لغات ‘{جلد 1 کان 5}. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
3. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1992) ’سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي‘- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
4. ٻگهيو، قاسم، ڊاڪٽر (1998) ’سنڌي ٻولي (لسانيات کان سماجي لسانيات تائين)‘ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
5. جوکيو، الطاف (2013) ’تاريخي لحاظ کان وچولي لھجي جي حقيقت‘. ايڊيٽر: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو. شمارو: 8، ص: 26- 38. ڪراچي: وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس اينڊ ٽيڪنالاجي، عبدالحق ڪيمپس.
6. جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر (2017) ’عربي- سنڌي آئيويٽا جي اکرن جا اچاري نالا ۽ معياري لھجو‘. ايڊيٽر: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو. ڪارونجهر تحقيقي جرنل. جلد: 9، شمارو: 17- ص: 57- 70. ڪراچي: وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس اينڊ ٽيڪنالاجي، عبدالحق ڪيمپس.
7. فھميده حسين ڊاکٽر (2011) ’آئيــي سندهي سيکهين‘– حيدرآباد: سندهي لئنگويج اتهارٽي
8. ميمڻ، غفور، ڊاڪٽر (2011) ‘سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي ۽ اترادي لھجن جو تقابلي جائزو‘. ايڊيٽر: طارق عالم ابڙو، ٽماهي مھراڻ. 61 (1۽ 2)، ص: 174- 179. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.