دفتري سنڌي ۽ انگريز دور: هڪ جائزو
(Official Sindhi and The British period: A Review)
امين لغاري
Abstract:
After taking over the control of Sindh, the British administration decided to introduce Sindhi Language for the use of official correspondence as well as medium of instructions in education.
First, they engaged the officers, posted in Sindh to acquire the knowledge of colloquial language to communicate with the local people in solving their problems while bringing before them. Second, they were going for the optional examination to get allowance with salary, as the same was converted into compulsory requirement for the posting in Sindh or for next promotion otherwise.
The Sindh was annexed in 1848 to Bombay Presidency till 1936. It was the period in which Sindhi Language evaluated to cope with all requirements of official intercourse. The British administration faced many hindrances, especially how to adopt a verified alphabet and script, where society was divided in two segments of opinion with religious background. Even officers of the British Government posted in Sindh had two separate opinions regarding script of Sindhi Language, supposed to be used in future for official correspondence, and other aspects of life. Capt. George Stake was considered the ambassador of Dewnagri script for Sindhi Language specially Khudawadi as a “Hindu Sindhi”. Though Commissioner of Sindh with the approval of Bombay Presidency introduced Hindu Sindhi in 1868, it did not get popularity among the Sindhi Hindu community, and finally in 1910 it was given up and Hindus switched over to Arabic- Persian based version of Sindhi Language. However, Mr B.H. Ellis had finalized the Arabic- Persian characters for Sindhi Language in July 1853.
The research paper indicates all aspects and ups and downs of vernacular languages, focusing on Sindhi Language in the British period. This qualitative research is a new dawn for new researchers and ways may lead to further exploration of the matter under discussion.
اڀياس جو بيان: علمي ۽ تحقيقي حلقن ۾ اڪثر اهو بحث ٿيندو رهيو آهي ته انگريزن جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڪھڙي حيثيت حاصل هئي؟ ۽ ان وقت سنڌ ۾، سنڌي ٻوليءَ جي نفاذ لاءِ ڪھڙيون ڪوششون ورتيون ويون؟ انگريزن ڪڏهن اهي حڪمناما جاري ڪيا ته هاڻ سنڌ ۾ دفتري، انتظامي ۽ تعليم جو ذريعو سنڌي ٻولي هوندي؟ سنڌيءَ جي رسم الخط ڪھڙي هوندي؟ سنڌي لاءِ الف-بي جي شڪل ۽ ترتيب ڪھڙي هوندي؟ سنڌي درسي ڪتابن ۽ انتظامي اُمورن لاءِ سنڌيءَ جو ڪھڙو لھجو رائج هوندو ۽ عام خلق لاءِ ٺھيل قانون ۽ قاعدا سنڌي ۾ ڪيئن ترجمو ٿيندا؟ زير نظر مقالي ۾ هن معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي، پڙهندڙن کي انهيءَ کان واقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ ان مان نڪتل نتيجن تي بحث به ڪيو ويو آهي.
پس منظر: ڪنھن به حڪومت جو ڪارونھوار وارو سرشتو، سرڪاري لکپڙهه، انتظامي ٻولي ۽ ان ٻوليءَ ۾ موجود ملڪي قانون، وڏي اهميت رکن ٿا. جيڪي حڪومتون ۽ حڪمران ’ٻولي‘ جھڙي سگهاري هٿيار کي استعمال ڪندي، بھتر حڪمراني ڪري ڄاڻين ٿا، انهن جون حڪومتون هڪ پاسي جٽادار ۽ لاڀائتيون ٿين ٿيون ته ٻئي پاسي سماج سان انهن جو رابطو مضبوط بنيادن تي جڙي ٿو.
سنڌ ۾ انگريزن کان اڳ واري حڪومت ۾ ٿلهو ٿڪو انتظامي لکپڙهه جو سلسلو پرڏيھي ٻولي فارسيءَ ۾ هلندو هو. فارسي هتان جي اشرافيا جي مادري زبان ته نه هئي، پر ان طبقي جي ٻي ٻوليءَ ‘Second Language’ طور رائج هئي. فارسيءَ جي ڪري علم ۽ ادب به گهڻو ڪري ايراني زده هو، خاص ڪري شاعريءَ ۾ جيڪڏهن فارسي امتزاج نه هجي ته ان کي شاعري ئي تصور نه ڪيو ويندو هو. شاعريءَ جا فارسي ديوان لکبا هئا. هتان جي عوامي سماج جو هن ٻوليءَ سان ڪو سڌو سنئون واسطو نه هو، عالمن کانسواءِ مڪتبن ۾ صرف کٿابي اها ٻوليءَ استعمال ڪندا هئا. ان وقت جي تعليم جو ذريعو اها پرڏيھي ٻولي فارسي هئي ۽ گڏوگڏ مذهبي ٻولي عربي به هلندي هئي. تعليم ۾ لغت طور فارسيءَ جا ’دو وايا‘ استعمال ٿيندا هئا، جيڪي ان وقت لغت جو ڪم ڏيندا هئا. سنڌي عالمن مان آخوند عبدالرحيم عباسي ستن سالن جي لاڳيتي محنت سان سنڌي فارسي لغت ’جواهر لغات سنڌي اڪيچار‘ جي نالي سان جوڙي. هيءَ لغت انگريزن جي عملداري 1845ع کان 1852ع ۾ جڙي راس ٿي. (1) درٻار جي ٻولي فارسي هئڻ ڪري درٻار ۽ عوام گهڻو ڪري هڪٻئي کان ڪٽيل رهيا.
انگريزن جي اچڻ کان پوءِ سنڌ ۾ حڪومتي سطح تي عوام ۽ عملداريءَ ۾ ويجهڙائي پيدا ڪرڻ ۽ مضبوط حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ مقامي ٻولي يعني سنڌيءَ کي اڳتي آندو ويو. هن مان اهو نه سمجهڻ گهرجي ته انگريزن کي’سنڌي ٻولي‘ سان ڪا محبت هئي، پر هو يورپي ماڻهو علمي دنيا ۾ ڪافي اڳتي وڃي چڪا هئا ۽ اهي سماجي لسانيات جھڙن علمن ۽ ان جي شاخن ۽ انهن جي سماجي ڪارج ۽ حيثيت کان واقف هئا، ان ڪري هنن دنيا ۾ جتي جتي به پنھنجون ڪالونيون قائم ڪيون، اتي اتي انهن اتان جي مقامي ٻولين کي اڳتي آندو، جنھن جو فائدو کين ئي پيو، جو هنن طويل حڪومتي قبضا جاري رکيا. ڌرتي ڌاريا هئڻ باوجود مقامي ٻولين ذريعي عوام ۾ پنهنجائپ ۽ همدرديءَ وارو ماحول پيدا ڪيائون ۽ ان حڪمت عمليءَ جي بھترين ذريعي ’ٻولي‘ جو درست استعمال ڪيائون.
هندستان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ هنن ساڳئي طريقي سان هتان جي ٻولين کي اڳتي آندو. هندستان جي جن جن رياستن جي ٻولين ۾ انتظامي، علمي ۽ دفتري توڙي عدالتي ٻوليءَ هئڻ جي سگهه موجود هئي، انگريزن انهن ٻولين کي انتظامي ۽ حڪومتي معاملن ۾ استعمال ڪيو. انگريزن انهن ٻولين جا گرامر لکيا، لغتون جوڙيون، مترجم مقرر ڪيا، تعليمي نظام ۾ انهن ٻولين کي نصابي ٻوليءَ ڪري ڪم آندو، جنھن لاءِ درسي ڪتاب به ڇپايا.” سنڌي ٻوليءَ تي هن سلسلي جو ڪم اڻويھين صديءَ جي پوئين اڌ کان شروع ٿيو، جڏهن انگريز حاڪم سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ سنڌي سکڻ جي اهميت محسوس ڪندي، لغتن ۽ گرامر جا ڪتاب لکيا.“ (2) ان وقت ئي سنڌي ٻوليءَ جا ارتقائي معيار مقرر ٿيا، صورتخطي جي سٽاءَ مستند ڪئي وئي ۽ سرڪاري سطح تي الفابيٽ مرتب ڪئي وئي. مقصد صرف پائدار ۽ جٽادار حڪومت قائم ڪرڻ هو، جيڪا عوام سان سندن ٻوليءَ ۾ سڌي رابطي ۾ هجي.
هندستان ۾ ان لاءِ قانون به پاس ڪيو ويو ته رياستون انگريزيءَ سان گڏ پنھنجو ونھوار هلائڻ لاءِ مقامي ٻولين کي به ترقي ڏياري، رياستي سطح تي سرڪاري زبان طور رائج ڪري سگهن ٿيون. اهو تڏهن ممڪن هو، جڏهن رياستن ۾ مقرر سرڪاري آفيسرن کي اتان جي مقامي زبان سيکارجي يا سکڻ جي ترغيب ڏجي، انهن آفيسرن کي مقامي ٻوليءَ ۾ مھارت جو امتحان ڏيڻ لاءِ سرڪار ڪي ضابطا جوڙيا ۽ ائين اهي مقامي ٻولين جي مھارت جا امتحان شروع ٿيا.
“....The proceedings of examination had been regulated according to the standard laid down rules for examination of affairs in the native languages No: 239 of page no 824 of Jamse code”(3)
(امتحانن جي طريقيڪار کي مقرر ٿيل معيار مطابق لاڳو ڪيو ويو هو، جيئن مادري ٻولين جي امتحانن جي معاملن ۾ طئي ٿيل هو. 239، جيمس ڪوڊ جو صفحو 824)
انگريزن جو مقصد ڪھڙو به هجي، پر ان سان مقامي ٻولين لاءِ ترقيءَ جون نيون راهون کليون. سنڌي ٻوليءَ به انهن ٻولين مان هڪ هئي، جنھن کي سرڪاري سرپرستي حاصل ٿي. آخر ۾ ئي صحيح، پر ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته انگريزن جي ٻوليءَ واري حڪمت عملي (Language Strategy) سان سنڌي ٻولي به انهن سڌريل ٻولين جي صف ۾ اچي بيٺي، جيڪي پنھنجي پوري جوڀن سان هر علم جي زينت بڻيون ۽ گڏوگڏ حڪومتي ۽ رياستي ادارن جو سرشتو هلائڻ جي سگهه ماڻي سگهيون. افسوس جو انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ ٻوليءَ جي نفسيات، حساسيت ۽ ان جي سماجي ڪارج کي سمجهيو ئي نه ويو ۽ اڄ تائين ڪو سمجهڻ لاءِ تيار به نه آهي. حڪومتن جي ڪاميابين ۾ سماجي لسانيات جي ماهرن جي ڪردار جي اڃا تائين پروڙ ئي نه پئجي سگهي آهي. حڪومتي سطح تي ٻولين جي حوالي سان اهڙا غير منطقي ۽ سياسي فيصلا ٿيندا رهيا آهن، جو ٻوليون سياست جي ور چڙهي ويون، جڏهن ته ٻولين جي رٿابندي ۽ سماجي حڪمت عملي مڪمل طور تي انتظامي، علمي، سماجي، نفسياتي ۽ لساني مسئلو هو. جيڪڏهن مقامي ماڻهن جي ٻولين کي پوئتي ڪري، ڪنهن ٻي ٻوليءَ ذريعي بھتر حڪمراني ۽ ملڪي هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جو ڪو سوچي ٿو ته اهو ڄڻ عوامي عملداريءَ جي اصولن کان اڻ ڄاڻ آهي.
1843ع کان پوءِ انگريزن سنڌي ٻوليءَ کي انتظامي ٻولي بنائڻ لاءِ مرحليوار عملي قدم کنيا. انگريزن هڪ اهڙي ٻوليءَ کي اڳتي آڻڻ جو فيصلو ڪيو، جنھن جي ان وقت ڪا به هڪ لپي نه هئي، جنھن جي الف- بي مختلف ترتيبن سان مستعمل هئي. هڪ لپيءَ لاءِ هڪ قسم جي الفابيٽ ۽ ترتيب ته ٻي لپيءَ لاءِ ٻي الفابيٽ ۽ ٻي ترتيب جو مسئلو موجود هو. ان وقت ڪٿي ڪٿي ڪن مڪتبن ۾ منظوم انداز ۾ سنڌي پڙهائي پئي وئي، جنھن جي شروعات ٺٽي جي عالمن ڪئي هئي ۽ سنڌيءَ ۾ اهڙا منظوم ڪتاب جوڙيائون، جن کي ’سنڌيون‘ چيو ويندو هو.
سنڌي ٻوليءَ کي نافذ ڪرڻ ۾ انگريزن کي درپيش مسئلا: انگريزن جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي سرڪاري، انتظامي، دفتري ۽ تعليم جي ذريعي جي ٻولي بنائڻ لاءِ فيصلو ڪيو ته انهن آڏو جيڪي اهم مسئلا آيا، انهن ۾:
• سنڌي ٻولي نه ڄاڻيندڙ آفيسرن جي سنڌ ۾ مقرريءَ جو مسئلو
• الف - بي جي سٽاءُ ۽ رسم الخط جو مسئلو
• سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لھجن مان ڪنھن هڪ لھجي جي چونڊ جو مسئلو
مٿيان مسئلا اهم هئا، جن جي حل ٿيڻ تائين ٻوليءَ کي دفتري يا تعليمي ذريعن لاءِ استعمال ڪرڻ ممڪن نه هو.
سنڌي ٻوليءَ نه ڄاڻيندڙ آفيسرن جي سنڌ ۾ مقرريءَ جو مسئلو:
مقامي ورنيڪيولر ٻولين ۾ آفيسرن جي مھارت واري قاعدي مطابق 1843ع کان پوءِ، سنڌ ۾ مقرر ٿيندڙ آفيسرن کي سٺي عملداريءَ لاءِ مقامي آباديءَ سان سڌي سنئين رابطي طور چالو سنڌي ٻولي سکڻ جو سلسلو شروع ڪرايو ويو. بلڪل ائين جيئن هندستان جي ٻين رياستن ۾ مروج هو. هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته ٻوليءَ جي هي ابتدائي مھارت، آفيسن ۾ مقامي ٻوليءَ واري ماحول کي هٿي ڏيڻ جي شروعات هئي. هن مان مراد مڪمل دفتري ۽ انتظامي ڪارونھوار سنڌي ٻوليءَ ۾ هلائڻ نه هو، پر جيڪڏهن ڪو سائل، آفيسر جي روبرو ڪو مسئلو کڻي اچي ته آفيسر، اهو مسئلو پاڻ ٻُڌي ۽ سمجهي سگهي ۽ ان مسئلي بابت سائل کان پاڻ سوال جواب پڇي سگهي. ان لاءِ آفيسر جو گهٽ ۾ گهٽ چالو ٻولي (Colloquial Knowledge of Language) کي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ ضروري هو. 6 سيپٽمبر 1851ع تائين سنڌي سکڻ جو اهو سلسلو اختياري (Optional) هو، ان وقت تائين سنڌي ٻولي سکڻ وارن آفيسرن کي هڪ خاص رقم پگهار سان گڏ ڏني ويندي هئي. تقريباً اٺن سالن کان پوءِ يعني 6 سيپٽمبر 1851ع تي سنڌ جي ڪمشنر سربارٽل فريئر، سنڌ ۾ مقرر سول آفيسرن جي سڀني سربراهن ڏانهن، سنڌي ٻوليءَ ۾ لازمي مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ سرڪيولر جاري ڪيو ۽ ان لاءِ رولز به مقرر ڪيا، ڪمشنر فيصلي کان آگاهه ڪندي رولز ۾ ڄاڻايو ته :
“It has been decided by the government:
That hereforth no officer will be confined in civil offices or employed be promoted, otherwise than in any situation in service, but he has passed a colloquial examination in sindee” (4)
(حڪومت طرفان اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته:
هن کان پوءِ هر اهو آفيسر، جيڪو سول ذميواريون نڀائي رهيو هجي يا جنھن کي ترقي ڏني وئي هجي يا ڪنھن به طريقي سان سرڪاري خدمتون سر انجام ڏيندو هجي، ان لاءِ ضروري آهي ته اهو رواجي سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪريو.)
هن کان اڳ جيڪا اهم لکپڙهه ملي ٿي، سان 24 اپريل 1848ع جي آهي، جڏهن سنڌ جو ڪمشنر سر جارج ڪلارڪ هو. هن لکپڙهه ۾ هو ڄڻ ته هڪ قسم جي تجويز پيش ڪري ٿو ته، هاڻي سنڌ ۾ انتظامي ۽ دفتري معاملن لاءِ سنڌ جي مقامي ٻولي سنڌيءَ کي متعارف ڪرائڻ گهرجي. هن مان اهو سمجهڻ گهرجي ته لکت وارا سرڪاري ڪم ڪار گهٽ ۾ گهٽ هيٺين سطح تي سنڌي ٻولي ۾ هلائڻ جو سوچيو ويو، توڙي جو پوءِ به سنڌ ۾ مقرر انگريز عملدار هڪٻئي سان خط و ڪتابت ۽ گڏجاڻين جي ڪاررواين وغيره ۾ انگريزي ٻوليءَ ئي استعمال ڪندا هئا، پر عوامي معاملن، قانون قاعدن، تعليم ۽ هيٺين سطح جي دفتري ڪاروبار لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي لاڳو ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي. سنڌ جي سرڪاري زبان وري به انگريزي ئي هئي، پر سنڌيءَ کي به ان جي برابر حيثيت ۾ بيھاريو ويو.
سنڌ ۾ مقرر آفيسرن لاءِ سنڌي سکڻ جي انتظامن ۾ لغتن جو جوڙڻ به تمام ضروري هو، 19 جنوري 1848ع تي حيدرآباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر جارج اسٽئڪ پنھنجي جوڙيل ڊڪشنريءَ بابت سنڌ جي ڪمشنر کي هڪ خط ۾ لکي ٿو:
“I have directed the printer to forward to the secretary to government a copy of English-Sindhi Dictionary when finished, for the approval of government. I would beg however, early orders regarding the price laid by government on the work, and on my other point that may be necessary so that there be no delay in issuing it. It is much needed by officers, who may to train the language” (5)
(مون پرنٽر کي هدايت جاري ڪئي آهي ته هو، انگريزي-سنڌي لغت جڏهن تيار ٿئي ته ان جي هڪ ڪاپي حڪومت جي سيڪريٽريءَ ڏانهن منظوريءَ لاءِ موڪلي. آءٌ هن لاءِ گذارش ڪريان ٿو ته حڪومت طرفان انهيءَ جي جملي خرچ بشمول منھنجي معاوضي جي منظوري ڏني وڃي. اهو هن ڪم کي جلد اُڪلائڻ لاءِ ضروري هوندو، ڇاڪاڻ ته جيڪي آفيسر ٻوليءَ جي سکيا حاصل ڪندا، انهن کي هن (لغت) جي سخت ضرورت پوندي.)
جارج اسٽئڪ جي تيار ڪيل سنڌي سکڻ وارن آفيسرن لاءِ اِها لغت ان مرحليوار تياريءَ جو هڪ حصو هئي، جنھن مطابق سنڌي ٻوليءَ کي آخرڪار سنڌ جي انتظامي ۽ دفتري معاملن ۾ آڻڻو هو. انگريزن جي مربوط انتظامي عملداري مثالي هئي، هنن ٻولين جي مھارت جي سلسلي ۾ به هڪ اهڙو ئي مربوط نظام جوڙيو هو، جو جيڪڏهن ڪو آفيسر مھاراشٽر، گجرات يا بنگال ۾ مقرر ٿيل آهي ۽ هو اتي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ورنيڪيولر ٻولين جي مھارت جو امتحان ڏيڻ چاهي ته ان جو به پورو انتظام ڪيو پئي ويو.
اهو ڪيئن ممڪن ٿيو؟ ٿيندو ائين هو جو جيڪي شروعاتي آفيسر مختلف رياستن ۾ مقرر ٿيا، انهن اتان جي مقامي زبانن ۾ مھارت حاصل ڪئي ۽ اهي ئي آفيسر ڄاڻايل رياست جي مقامي ٻوليءَ جي مھارت جو امتحان وٺندا هئا، پوءِ اُهي ڪھڙي به رياست ۾ مقرر ڇو نه هجن. ساڳئي نموني سنڌ ۾ مقرر ڪن آفيسرن، ٻين رياستن جي مقامي ٻولين جي مھارت جا امتحان به پاس ڪيا ۽ ڪامياب ٿيا. پراڻي رڪارڊ مان اهڙي لکپڙهه ملي ٿي، جنھن ۾ پنجابي ۽ ٻين ٻولين جي مھارت جو امتحان سنڌ ۾ ورتو ويو، اهڙي هڪ درخواست رچرڊ برٽن ڏني هئي، جنھن ۾ گذارش ڪئي وئي ته:
“I have the honor to request to you that I have attained, which is in my humble opinion, a competent knowledge of the punjabee tongue, as read, written and spoken by the natives” (6)
(اوهان کي گذارش ڪندي پنھنجي لاءِ اعزاز سمجهان ٿو ته، منھنجي نماڻي سوچ مطابق مون پنجابي ٻولي پڙهڻ، لکڻ ۽ انهن وانگر ڳالهائڻ جي مھارت حاصل ڪري ورتي آهي.)
پنجابي ٻوليءَ ۾ مھارت جو هي امتحان پھرين آگسٽ 1848ع تي سنڌ جي ڪمشنر جي سيڪريٽريءَ جي خط جي حوالي سان ڪراچيءَ ۾ ورتو ويو. مھارت جو هي امتحان جارج اسٽئڪ ڊپٽي ڪليڪٽر حيدرآباد ورتو هو، جيڪو پاڻ سنڌيءَ سان گڏ پنجابي ٻوليءَ جو به ڄاڻو هو ۽ اهڙو امتحان به پاس ڪيو هئائين، نه صرف اهو پر سنڌ جي ڪمشنر آر ڪي پرنگل 19 آگسٽ 1848ع، تي بمبئي پريزيڊنسي ڪائونسل جي پريزيڊنٽ ۽ گورنر کي خط لکيو ته سنڌ ۾ مقرر ليفٽيننٽ رچرڊ برٽن مختلف ورنيڪيولر ٻولين ۾ مھارت رکي ٿو ۽ امتحان بابت ڪمشنر خط ۾ وڌيڪ لکيو ته:
“.... Who (Lft. Burton) is in addition to the languages, ( Sindee and punjabee), Now reported on his passed in Hindustani, Guzrattee, Mahrathi and Persian” (7)
(جنھن ڄاڻ ڏني آهي ته هن سنڌي ۽ پنجابي کانسواءِ واڌو هندستاني، گجراتي، مراٺي ۽ فارسي ٻولين جو به امتحان پاس ڪري ورتو آهي.)
رچرڊ برٽن 3 جولاءِ 1848ع تي ٻوليءَ جي مھارت واري امتحان لاءِ درخواست ڏني هئي. رچرڊ برٽن ڪئنال سپريٽينڊنٽ آفيس ۾ سرويئر هو، ڪئنال سپريٽينڊنٽ کي ڏنل انهيءَ درخواست ۾ ٻه حوالا اهم آهن: هڪ 1846ع ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ مھارت واري امتحان جي ڳالهه ۽ ٻي ورنيڪيولر ٻولين جي امتحان بابت ٿيل ڳالهه. رچرڊ برٽن جي ان درخواست جي متن جي هڪ حصي ۾ لکيل آهي ته :
“That I may be examined by a native committee presided now by an officer as was the case with lieutenant Dickson, 3rd regiment bambay native infantry in the sindee language in 1846” (8)
(.... ته منھنجو امتحان به هڪ آفيسر جي صدارت ۾، مادري ٻولي، وارن جي هڪ ڪميٽيءَ وٺي، جيئن 3 ريجمينٽ بمبئيءَ جي مقامي انفينٽريءَ جي ليفٽيننٽ ڊڪسن کان، 1846ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جو امتحان ورتو ويو هو.)
حوالي ۾ ڄاڻايل ليفٽيننٽ ڊڪسن سنڌي ٻوليءَ جي مھارت جو امتحان 1846ع ۾ ڏنو هو ۽ اڳتي هلي هو، سنڌي ٻوليءَ ۾ ايترو ته ڀڙ ٿي ويو، جو ٻين آفيسرن جي سنڌيءَ ۾ مھارت جانچڻ لاءِ ماهر طور امتحان وٺندو هو.
ساڳي درخواست جي پئرا 3 ۾ لکيو اٿس ته:
“ As the G.G.O 18 October 1838 extent the grant of moonshee allowance to any officer acquiring the requisite degree of proficiency in any of the vernacular or dialects of the British or neighboring territories on the continent of India” (9)
(جيئن 18 آڪٽوبر 1838 تي، جي. جي. او ڪنھن به آفيسر کي منشي الائونس ڏيڻ منظور ڪيو هو، جنھن مطابق ڪنھن به (آفيسر) مقامي ٻولي يا ڪنھن لھجي ۾ گهربل مھارت جي سند حاصل ڪئي هجي ۽ اهو (ٻولي يا لھجو) انڊيا کنڊ جي انگريز عملداري يا ان سان لاڳو علائقن ۾ مروج هجي.)
هي حوالو ان مفروضي کي سچ ثابت ڪري ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي مھارت جو امتحان 1843ع کان ئي شروع ٿي چڪو هو، جيئن هندستان ۽ ان سان لاڳو علائقن جي ورنيڪيولر ٻولين جي مھارت لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته اهو امتحان اختياري (Optional) هو. ان وقت جي ٻولين جي مھارت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال واري لکپڙهه مان ٻي به اهم ڳالهه ملي ٿي، سا ٿر ۽ پارڪر جي ڊپٽي ڪليڪٽر جو سنڌ جي ڪمشنر ڏانهن لکيل هڪ خط آهي، 6 سيپٽمبر 1851ع تي جڏهن سنڌ ۾ مقرر آفيسرن لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي مھارت جو امتحان پاس ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو، جنھن لاءِ ٻه سرڪيولر هڪ 1825 ۽ ٻيو سرڪيولر 2376 (8 آڪٽوبر 1851ع) جاري ڪيا ويا.(10) انهن سرڪيولرن جي حوالي سان ڊپٽي ڪليڪٽر ٿر ۽ پارڪر سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر کي 25 نومبر 1851ع تي جوابي خط لکيو هو، ان خط مان هڪ ڳالهه اها به سامهون اچي ٿي ته، ان وقت تائين رڻ ڪڇ ۽ ان جو ڀڄ شھر سنڌ جو حصو هئا، ٿر ۽ پارڪر جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس ڀڄ شھر ۾ به هئي، ٻيو ته ڊپٽي ڪليڪٽر ’ٿري‘ ۽ ’ڪڇي‘ کي سنڌي ٻوليءَ کان الڳ گجراتي ٻوليءَ جو لھجو سمجهي ٿو ۽ اهم ڳالهه جيڪا شايد ان علائقي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو سبب بڻي، اُها هي ته، انگريزن ڪڇ ڀڄ کي ۽ ويندي سڄي ٿر کي فطري طور سنڌ جو حصو ئي نه پئي سمجهيو. ان خط جي پئرا 2 ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ڪئپٽن رئڪس لکي ٿو ته :
“The Thur District comprised of ‘Thur’ and ‘Parkur’ collectorate are geographically and naturally different from Sindee people, both as regards natural features of the country and dress, costumes, habits and language of its inhabitants” (11)
(ٿر ضلعي جا ’ٿر‘ ۽ ’پارڪر‘ ڪليڪٽريٽ، جاگرافيائي ۽ فطري طور ٻنهي صورتن ۾ سنڌي ماڻهن کان مختلف آهن. هن خطي جي رهواسين جي فطري بناوٽ، پوشاڪ، ريتون رسمون، طور طريقا ۽ ٻولي مختلف آهي.)
هي ڊپٽي ڪليڪٽر وڏو عرصو ٿر ۽ پارڪر ۾ مقرر رهيو، شايد هن انگريز آفيسر جي ڏنل رپورٽ تي ئي، پوءِ سنڌ لاءِ مقرر ڪيل جاگرافيائي حدن ۾ ردوبدل ڪري، سڄي ڪڇ کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو.
ٻوليءَ جي حوالي سان هو انهيءَ خط جي پئرا 3 ۾ لکي ٿو ته :
''The language in use in this district is something termed ‘Thurree’, but is hardly deserving of any separate name, being but a dialect of Guzrattee, very much resembling ‘kutchhi’, a few of the merchants in the western part of Thur write their own words in that language of the country” (12)
(هن ضلعي ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي کي ’ٿري، ليکيو وڃي ٿو، پر اِها ٻولي ڪنھن الڳ نالي سان سونھي نٿي، اِها گجراتيءَ جو هڪ لھجو آهي ۽ ’ڪڇي‘ (ٻولي) سان مشاهبت رکي ٿي، البت هن خطي ٿر جي اوڀر جا ڪي واپاري، پنھنجا خاص لفظ لکت ۾ ڪم آڻين ٿا.)
ڪئپٽن رئڪس ’ٿري ٻوليءَ‘ کي ڪا ڌار ٻولي نٿو سمجهي يا جيئن سنڌيءَ جا ڪجهه محقق ان کي سنڌيءَ جو محاورو سمجهن ٿا، پر هو ٿري ٻوليءَ کي گجراتيءَ جو هڪ لھجو سمجهي ٿو. انهيءَ خط جي آخري پئرا 6 ۾ هو لکي ٿو ته 1844ع کان ريگستان جو سڄو ڪاروبار گجراتيءَ ۾ هلي رهيو آهي:
“Since, 1844, the whole of the business of the desert, has been conducted in Guzrattee” (13)
(1844 کان وٺي، هن ريگستان جو سڄو ونھوار گجراتيءَ ۾ هلي ٿو.)
سڄي سنڌ ۾ اهو واحد ضلعو هو، جنھن کي سرڪاري دفترن ۾سنڌي ٻوليءَ استعمال نه ڪرڻ جي ڇوٽ ڏني وئي. هن حوالي سان ڪن تاريخي پھلوئن تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، ٻوليءَ جي حوالي سان ان تي ڪم ڪري سگهجي ٿو، پر اِها تحقيق صرف سنڌي ٻوليءَ ڄاڻيندڙ مڪمل ڪري نه سگهندو، هي ڪم سنڌي، گجراتي، ٿري ۽ ڍاٽڪي ڄاڻيندڙ ڪو محقق ئي سر انجام ڏئي سگهي ٿو.
الف-بي جي سٽاءُ ۽ رسم الخط جو مسئلو: ڪنھن به ٻوليءَ جي جيڪڏهن ارتقائي مرحلن جو تجزيو ڪبو ته شروعاتي بحث جو نُڪتو ان ٻوليءَ جي آئيويٽا ئي ٿيندو، پر انگريزن انهيءَ مسئلي کي آخر ۾ رکيو. سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ان وقت پاڻمرادو جيڪي ارتقائي مرحلا هلندا رهيا، انهن ۾ الف- بي جي ترتيب ۽ ڪن نج سنڌي آوازن سان ٺھڪندڙ اکرن جون شڪليون طيءَ ڪرڻ شامل هو. سنڌي ٻوليءَ جون جيڪي به لپيون ان وقت سنڌ جي مختلف خطن ۾ مروج هيون، اهي پاڻمرادو پنھنجا اکر طئي ڪري ڪنھن منزل تي پھتيون هيون. سنڌ جي مسلمانن جيڪا لپيءَ سنڌي لاءِ استعمال ڪئي، ان جو بنياد عربي ۽ فارسي آئيويٽا هئي. ان لپيءَ جا اکر انهن ٻن ٻولين مان ئي کنيا ويا ۽ ڪن خاص سنڌي اچارن لاءِ پنھنجي پنھنجي طور عالمن ڪن اکرن جون شڪليون بيھاريون ۽ اُها ترتيب به پنھنجي سھوليت ۽ شعور مطابق الڳ الڳ رکي. ساڳئي وقت سنڌي ٻوليءَ لاءِ سنڌي هندن جيڪي لپيون استعمال پئي ڪيون، اهي به مختلف نالن، شڪلين ۽ ترتيبن سان مروج هيون. انهن سڀنيءَ ۾ ٽي لپيون اهم هيون، هڪ ’خداوادي‘ جنھن کي ’هٽڪي يا لنڊا‘ به چيو ويندو هو، ٻي ’اڌناگري‘ يعني ديوناگري ۽ ٽين ’گرمکي‘، جن جي آئيويٽا به مختلف هئي ۽ ترتيب به الڳ هئي. انگريزن جي لکپڙهه ۾ آئيويٽا ۽ صورتخطيءَ لاءِ گهڻو ڪري ساڳيا اصطلاح ۽ لفظ استعمال ڪيل آهن. انهن ڪٿي اکر (Character) ۽ ڪٿي لکت (Script) لکيو آهي، ڪميٽين جي ڪاررواين ۾ به ائين ئي گڏ وچڙ شيون آهن. فني لحاظ کان اکر ۽ رسم الخط ٻه الڳ موضوع ۽ شيون آهن، پر جيڪڏهن بنيادي نُڪتو کڻبو ته مطلب ۽ مفھوم ساڳيو بيھندو. جڏهن عربي فارسي گاڏڙ آئيويٽا جو ذڪر ٿيندو ته مطلب اهو ئي ورتو ويندو ته ’لکت‘ جو نمونو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ٻوليءَ جي ڪن عالمن به ’ايلس واري الف- بي ‘ کي ’ايلس واري صورتخطي‘ ڪري لکيو آهي. (14) جنھن کي مطلب ۽ مفھوم جي لحاظ کان غلط نٿو چئي سگهجي، پر فني لحاظ کان ڪن نون محققن لاءِ مونجهارو ضرور آهي.
سنڌ ۾ مقرر انگريز عملدارن ۾ جارج اسٽئڪ هڪ اهم عملدار هو، جيڪو سنڌي لپيءَ لاءِ خداوادي/ ديوناگريءَ خط جو پڪو حامي هو. هن کانسواءِ جرمن مشنري ڊاڪٽر ٽرمپ به ديوناگريءَ جو حامي هو، ٽرمپ سنڌي گرامر به ان لپيءَ ۾ لکيو، پر شاهه جي رسالي تي تحقيق ۽ ڇپائي لاءِ هن سنڌي عربي خط استعمال ڪيو ۽ انهن ٻنهي جي مقابلي ۾ رچرڊ برٽن ۽ ايلس سنڌيءَ لاءِ عربي خط جا حامي هئا.
انهيءَ ساڳي عرصي (1845ع-1852ع) ۾ هڪ سنڌي عالم آخوند عبدالرحيم جي جوڙيل سنڌي عربي الف –بي به ملي ٿي، جيڪا هن پنھنجي تيار ڪيل سنڌي- فارسي لغت ’جواهر لغات سنڌي اڪيچار‘ لاءِ استعمال ڪئي.
”آخوند عبدالرحيم سنڌي الف-بي ۽ سنڌي صورتخطيءَ بابت علمي لحاظ کان سوچيو ۽ ان سلسلي ۾ ڪي نوان رخ روشن ڪيا؛ هڪ ته خالص سنڌي اچار وارن اکرن مان ڪن کي ڪي نيون صورتون ڏنائين ۽ ٻيو ته الف – بي جي ترتيبوار سٽا قائم ڪيائين.“(15)
ايلس جڏهن سنڌي آئيويٽا تي ڪم شروع ڪيو هوندو ته هن آڏو اِها الف-بي به آئي هوندي.
1853ع واري سرڪاري الف-بي جي حوالي سان هڪ شاهدي اهڙي ملي ٿي، جنھن جو سنڌي عالمن ڪو شدمد سان ذڪر نه ڪيو آهي، هڪ اڌ ڪو حوالو ملي ٿو ته ايلس واري آئيويٽا اصل ۾ هارون لوهار واري آئيويٽا آهي. محمد صديق ميمڻ پنھنجي تحقيق جي حوالي سان اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته، ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽر جي آخري منظوريءَ کان اڳ هارون لوهار واري آئيويٽا کي معمولي ڦير گهير سان قبول ڪيو ويو هو.
”فيصلي صادر ٿيڻ تائين ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر ايلس، ميان محمد، جنھن سنڌي ٻوليءَ جي پھرين گرامر لکڻ جو شرف حاصل ڪيو هو، راءِ بھادر نارائڻ جڳنناٿ جي مدد سان هارون لوهار واريءَ سنڌي عربي آئيويٽا ۾ ردوبدل ڪري جولاءِ 1853ع ۾ هڪ سنڌي- عربي آئيويٽا مڪمل ڪري ورتي.“(16)
توڙي جو سنڌي ٻوليءَ جي ٻين عالمن هن حوالي کي اڳتي نه وڌايو آهي ۽ انهيءَ تي آڱر به کنئي آهي، پر بھرحال محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ۾ اهو حوالو موجود آهي، جتان ڪن ٻين عالمن به حوالي طور کنيو آهي.
اسٽئڪ جو خيال هو ته ديوناگريءَ جي خداوادي خط ۾ ڪي تبديليون ڪري، ان کي معياري بنائي سگهجي ٿو ۽ سرن (Vowels) جي ڪميءَ جو گجراتي ۽ گرمکيءَ مان ڪي اکر کڻي پورائو ڪري سگهجي ٿو.
“He (caption stack) was acquainted with dewangri. He favored khudawadi version of the script, with suitable modifications. He pleaded the deficiency of vowels in that script could be supplemented by borrowing from Gujrati and Gurmukhi”. (17)
(هو (ڪئپٽن اسٽئڪ) ديوناگريءَ جو ڄاڻو هو، ۽ ديوناگريءَ جي خداوادي خط ۾ ڪي تبديليون ڪرڻ جي حق ۾ هو، هن جو خيال هو ته خدا وادي خط ۾ سُرَنَ جي کوٽ کي گجراتي ۽ گرمکيءَ مان پورو ڪري سگهجي ٿو.)
توڙي جو ’هندو سنڌي‘ جو وڏو حامي انگريز آفيسر اسٽئڪ ڊسمبر، 1853ع ۾ وفات ڪري ويو. عربي- سنڌي آئيوٽا هن جي مرڻ کان اڳ يعني جولاءِ 1853ع ۾ مڪمل ٿي، عمل ۾ اچي وئي، پر هن جي گذارڻ کان پوءِ به ’هندو سنڌي‘ لاءِ مستند آئيويٽا جو مسئلو حل نه ٿيو. انگريزن طرفان اهو طئي ڪيو ويو هو ته سنڌ ۾ مذهبي بنيادن تي تقسيم سنڌين کي، پنھنجن پنھنجن مذهبن آڌار سنڌيءَ جون الڳ الڳ لپيون ۽ آئيويٽائون ڏجن، انگريزن پنھنجي انتظامي عملداري، ۾ ڪنھن به رخني کي ظاهر ٿيڻ کان اڳ ختم ڪرڻ لاءِ ائين ڪرڻ مناسب سمجهيو يا، ان ۾ ڪا ٻي مصلحت هئي؟ پر انهن جي سامهون سنڌ ۾ هڪ پاسي مسلم اڪثريت سنڌي آبادي هئي، جن جا پنھنجا مڪتب، مدرسا ۽ تعليمي نظام موجود هو، جيڪو عربي لپي ۽ عربي فارسي آئيويٽا تي آڌاريل هو. ٻئي پاسي تعداد ۾ گهٽ، پر پڙهيل ۽ سرڪاري نوڪرين ۽ واپار ۾ ججها هندو سنڌي هئا، جن جي پنھنجي فطري گهرج هئي. سنڌي هندو واپارين جيئن ته اڳ ۾ ئي هٽڪي يعني خداوادي استعمال پئي ڪئي، ان ڪري انگريزن به ان خط کي سوڌي سنواري ’هندو سنڌي‘ جي نالي سان رائج ڪرڻ پئي گهريو. هن ڏس ۾ ’هندو سنڌي‘ جي آئيويٽا نارائڻ جڳنناٿ، جيڪو مرهٽو هو ۽ سنڌ ۾ اسڪول انسپيڪٽر طور مقرر ڪيو ويو هو، ان کي خداوادي اکرن تي مشتمل هڪ معياري آئيويٽا تيار ڪرڻ جو ڪم ڏنو ويو. ڪئپٽن ليسٽر، جيڪو تعليم کاتي جو انسپيڪٽر هو، هن ڪم ۾ کيس مددگار طور ڏنو ويو. ليسٽر پنھنجي رپورٽ ۾، جنھن جي تاريخ واضح نه آهي، سنڌ جي ڪمشنر کي ٻه اهم ڳالهيون لکي موڪليون، جن کي سمجهڻ ضروري آهي، رپورٽ جي 17 نُڪتي ۾ هو لکي ٿو ته :
“The preparation of the Arabic-sindee alphabet for use of the mahomedan population had been achieved by Mr. Ellis, is July 1853, but an Alphabet for the hindoos, considered by the commissioner and others to be absolutely necessary’ had not yet been attempted” (18).
(مسلمان آبادي لاءِ عربي-سنڌي الفابيٽ جي تياريءَ جو ڪم مسٽر ايلس جولاءِ 1853ع ۾ مڪمل ڪري ورتو هو، پر هندن لاءِ ڪنهن هڪ الفابيٽ، جنھن کي ڪمشنر ۽ ٻين پاران ضروري سمجهيو پئي ويو، ان جي تياريءَ لاءِ اڃا ڪو به قدم نه کڄي سگهيو آهي.)
خداوادي جا اکر، انهن جي ترتيب ۽ کُٽل اچارن لاءِ متبادل اکر گهڙڻ يا ڪنھن ٻي آئيويٽا مان کڻڻ، جيئن جارج اسٽئڪ جو خيال هو ته خداوادي لاءِ کٽل اکر گجراتي يا گرمکيءَ مان کڻي، ٿوري ردوبدل سان شامل ڪجن، اهو سلسلو استحڪام ماڻي نه سگهيو.
هن رپورٽ جي 19 نُڪتي ۾ ليسٽر لکي ٿو ته :
“The Preparation of the Hindoo- Sindee character was entrusted to me ……. I am sure that no pains were spared in making it as complete and perfect as could be, and I have reason to hope that it will eventually be brought into use in our schools in sind” (19)
(هندو سنڌي اکرن جي تياريءَ لاءِ مون تي اعتماد ڪيو ويو آهي، آءٌ يقين سان چوان ٿو ته انهي (الفابيٽ) کي مڪمل ۽ تز ٺاهڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏبي ۽ مون وٽ ان لاءِ دليل آهي ته آخرڪار اها سنڌ جي اسڪولن ۾ رائج ڪري سگهبي.)
آخر ڪار ڊسمبر 1868ع ۾ ديوناگري ’الفابيٽ‘ کي مڪمل ڪيو ويو ۽ 1869ع ۾ هڪ ’هندو سنڌي‘ اسڪول ڪراچيءَ ۾ کوليو ويو. هن اسڪول کولڻ جو مقصد به اسڪولي سطح جي تعليم ۾ ديوناگري خط کي رائج ڪرڻ جي ڪوشش هئي.(20) بھرحال جيئن مقالي ۾ مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته سڀني ڪوششن جي باوجود سنڌي هندو خط هلي نه سگهيو، اصل ۾ اهي سنڌي هندو ئي هئا، جن جي وڏي اڪثريت عربي سنڌيءَ تي آڌاريل آئيوٽا ۽ لپيءَ کي قبول ڪري ورتو هو ۽ 1910ع کان پوءِ سرڪاري سطح تي مڪمل لکپڙهه ۽ اسڪولي تعليم سنڌيءَ جي موجوده لپيءَ ۾ هلڻ شروع ٿي وئي.
هتي هن ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي ته پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ به پرائمري سطح تي ڪاٺ جي پٽي يعني تختي تي الف-بي جون جيڪي ڇھه پٽيون پڙهايون وينديون هيون، انهن جي ترتيب به ڪن علائقن ۾ الڳ الڳ هئي. انهن ڇھن پٽين ۾ هڪ سادي، ٻي زبر واري، ٽين زير واري، چوٿين پيش واري، پنجين مد واري ۽ ٻار آخري يعني ڇھين پٽي جيڪا پڙهندو هو، ان کي ’ڪڪ پٽي‘ چئبو هو. جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو وجود ۾ آيو ته شروعاتي ڏينھن ۾ 1991ع کان 1993ع تائين، پرائمري سطح تي سنڌي ٻوليءَ جي بنيادن کي پڪي ڪرڻ تي توجھه ڏنو ويو. اٿارٽيءَ طرفان سڄي سنڌ ۾ ’سنڌي ٻولي ۽ ٻارڙو‘ جي عنوان سان پرائمري استادن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جا گڏيل سيمينار ڪرايا ويا. انهن سيمينارن ۾ جيڪي مقالا / مضمون پڙهيا ويا ۽ عملي طور جيڪي حقيقتون سامهون آيون، انهن مان خبر پئي ته هر ضلعي ۾ الف-بي کي پڙهائڻ جي ترتيب الڳ الڳ آهي، جڏهن ته سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي ڪتابن ۾ ترتيب 1853ع واري ئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري نيٺ 1995ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اسڪالرن جي هڪ ڪميٽي جوڙي ۽ 1853ع واري ترتيب کي مستند قرار ڏنو(21)، جنھن جي بنياد تي سنڌي ادبي بورڊ جي جامع سنڌي لغات جڙيل آهي ۽ هاڻ ٻيون لغتون به ان ساڳي ترتيب تي جڙن ٿيون. هــن وقت تائين مختلف ادارن ۽ شخصيتن جون لڳ ڀڳ هڪ سؤ لغتون الف- بي جي انهيءَ ترتيب سان شايع ٿيل آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لھجن مان ڪنھن هڪ لھجي جي چونڊ: سنڌ ۾ انگريزن جڏهن ان وقت جي جديد تعليمي نظام کي سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج ڪرڻ گهريو ته، ان لاءِ درسي ڪتابن جي ٻوليءَ جو اهم مسئلو حل ٿيڻو هو. ڇاڪاڻ ته سرڪاري سطح تي ڪنھن هڪ لھجي جي چونڊ ڪري، ان کي درسي ڪتابن، اخبارن ۽ انتظامي ڪمن لاءِ استعمال ڪرڻ انهيءَ ڪري، ضروري هوندو آهي ته جيئن سرڪاري سطح تي ٻوليءَ جي استعمال ۾ هڪجھڙائي (Uniformity) رهي. سرڪاري رڪارڊ جي ڪافي اٿل پٿل ۽ لکيل ڪتابن ۽ مقالن کي جانچڻ کان پوءِ هن معاملي تي ڪا به اڳڀرائي نظر نٿي اچي، ڇا انگريزن واقعي ڪو پڌرنامو يا ڪو خط يا ڪو نوٽ وغيره سرڪاري سطح تي منظور ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي ڪنھن هڪ لھجي کي معياري قرار ڏئي، ان کي استعمال ڪرڻ جو چيو هو؟ جنھن ۾ اهو ڄاڻايل هجي ته هاڻ درسي ڪتابن ۾ فلاڻو يا فلاڻو لھجو استعمال ٿيندو. عام طور لکيو ۽ چيو ويو آهي ته اهو ’وچولو لھجو‘ آهي، جنھن کي انگريزن طرفان منظور ڪيو ويو هو. هن وقت تائين مليل رڪارڊ مان اهڙي ڪا به شاهدي نٿي ملي، ته ڪو ’حيدرآبادي لھجي‘ کي يا، ’وچولي لھجي‘ کي ڪا خاص سرڪاري سرپرستي حاصل ٿي هجي. ممڪن آهي اڳتي ڪو اهڙو رڪارڊ سامهون اچي، جيڪو بمبئي آرڪائيوز ۽ انڊيا آفيس لئبرري يا سنڌ جي ڪنھن آفيس رڪارڊ ۾ موجود هجي، جنھن مان ان ڳالهه جو پتو پوي.
حيدرآبادي لھجي جي سرڪاري استعمال بابت ڀيرو مل مھرچند آڏواڻي لکي ٿو ته:
”حيدرآباد ۽ پسگردائيءَ جي ٻولي ٺيٺ ۽ کري ٻولي ليکجي ٿي، ان جو سبب 1853ع ۾ تعليم کاتي وارن درسي ڪتابن جوڙائڻ جو ڪم حيدرآباد جي معزز هندن ۽ مسلمانن تي رکيو ويو ۽ هنن اها ئي ٻولي ڪم آندي، ائين حيدرآباد وارن جي ٻوليءَ کي شرف مليو، پر انهيءَ تي ڪو ڌار نالو رکيل ڪونهي، تنھنڪري ’وچولي‘ جي دفعي ۾ ليکجي ٿي“(22).
صرف ان بنياد تي حيدرآبادي لھجي کي وچولو سمجهڻ ۽ لکڻ ته ان لھجي تي ڪو خاص نالو پيل نه آهي، علمي لحاظ کان اهو دليل ڪمزور لڳي ٿو، جڏهن ته انهن ٻنهي لھجن ۾ لساني لحاظ کان ڪافي فرق موجود آهي.حيدرآباد کان ڪجهه ڪلوميٽر ڏکڻ تي لاڙي لھجو شروع ٿي وڃي ٿو، پر ساهتي پرڳڻو حيدرآباد کان گهٽ ۾ گهٽ 100 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر ڏانهن آهي. ان ڪري هڪٻئي کان ايترو پري مفاصلي وارن ٻن لھجن کي هڪ ’ساهتي لھجو‘ ڪيئن ٿو شمار ڪري سگهجي؟ هن سلسلي ۾ جڳ مشھور عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته:
”جيتوڻيڪ سنڌ جي وچولي واري ٻوليءَ کي معياري تسليم ڪري، ان کي ڪتابن ۾ آڻڻ ۽ لکڻ تي رسمي طور اتفاق ڪيو ويو، پر عملي طور گهڻي حد تائين حيدرآباد واري شھري ٻولي درسي ڪتابن توڙي سرڪاري دفترن جي ڪاروبار ۾ استعمال ٿيڻ لڳي.“ (23)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هن حوالي مان اهو معلوم ٿيو ته اهو لھجو رسمي طور رائج ٿيو، پر ان رسمي ڪارروائيءَ جو سرڪاري دستاويز هن وقت تائين سامهون نه اچي سگهيو آهي، جنھن کي حوالي طور پيش ڪري سگهجي.
سنڌي درسي ڪتابن واري 1905ع ۾ جيڪا چڪاس ڪميٽي جوڙي وئي هئي، ان ڪميٽيءَ ۾ سردار محمد يعقوب، مسٽر صادق علي ۽ مرزا قليچ بيگ مسلمان ميمبر ۽ ديوان ڪوڙوي مل، هڪ هندو ميمبر طور سنڌي درسي ڪتابن جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو هو.(24) ان ڪميٽيءَ جيڪي لفظ ۽ انهن جي صورتخطي معياري ڪري بيھاري، اهي لفظ بعد ۾ ’اخبار تعليم‘ ۾ سلسليوار ڇپيا. تعليم ۽ روينو کاتي طرفان انهن جا چارٽ ٺھرائي اسڪولن ۽ مختيارڪار آفيسن ۾ آويزان ڪرايا ويا. اهي لفظ به حيدرآبادي لھجي جا آهن.
اڀياس جي پڄاڻي: سنڌي ٻوليءَ کي جيڪا پذيرائي 1843ع کان 1947ع تائين ملي، شايد ايندڙ تاريخ ۾ وري اهڙو عروج سنڌي ٻولي نه ڏسي سگهي. سماج بدلجي ويا آهن، دنيا سڪڙجي وئي آهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ سرڪاري سرپرستي ختم ٿي وئي ۽ خود وڏن شھرن ۾ آباد سنڌين جي وڏي آبادي، سنڌي ٻوليءَ جي ڪرندڙ اقتصادي صورتحال کي ڏسندي، اردو ۽ انگريزي ڏانهن ڪانٽو مٽايو آهي، هاڻ سنڌي ٻوليءَ مارڪيٽ جي زبان نه رهي آهي ۽ ان ۾ ٻئي ڪنھن جو ڏوهه نه آهي، اهو اسان شعوري يا لاشعوري طور پاڻ ڪيو آهي.
ٻوليءَ جو زندگيءَ جي مختلف شعبن، ويندي حڪومتن تي ڪھڙو اثر پوي ٿو؟ ان حساسيت کان انگريز ته چڱي ريت واقف هئا، پر خبر ناهي، هڪ بھترين حڪومتي عملداري ۽ ملڪي ترقيءَ لاءِ مقامي ٻولين جي بھترين اوزار (Tool) کي اسان ڇو نظرانداز ڪيو آهي؟ ان جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته، سياست جي شاگردن کي شايد ٻوليءَ جي سماجي پھلوئن، نفعن ۽ نقصانن جي پروڙ ئي نه آهي ۽ اڄ تائين ائين ئي سمجهيو پيو وڃي ته بھتر حڪمراني ۽ سماجي سڌارن لاءِ ٻوليءَ جو ته ڪو به ڪردار نه هوندو آهي.
سنڌي عربي لپيءَ کي اختيار ڪرڻ ۾ وقت لڳو، پر اهي سنڌي هندو عالم، اديب ۽ استاد ئي هئا، جن سنڌي ٻوليءَ جي عربي لپيءَ کي نه صرف قبوليو، پر سنڌي ٻوليءَ جي ان لپيءَ کي ترقي به وٺرائي. 6 سيپٽمبر 1851ع تي سرڪاري عملدارن کي لازمي سنڌيءَ جو امتحان پاس ڪرڻ جي جيڪا هدايت ڪئي وئي هئي، ڪن عالمن انهيءَ تاريخ کي سنڌي ٻوليءَ جي نفاذ ڏانهن اهم قدم ڄاتو آهي. اهڙي تصديق ڪندي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’انڊين ڪانٽريڪٽ ايڪٽ 1872ع‘ جي سنڌي ترجمي جي مھاڳ ۾ لکيو آهي ته، ”سنڌيءَ کي سنڌ جي سرڪاري زبان طور تسليم ڪرڻ جو آخري فيصلو 1851ع ۾ ٿيو، جيئن ته انتظامي طور سنڌ کي اڳ ۾ ئي بمبئي سرڪار سان ملايو ويو هو، انهيءَ ڪري بمبئيءَ سرڪار جي سرڪيولر نمبر 1825 مورخه 6 سيپٽمبر 1851ع ذريعي اِها هدايت ڪئي وئي ته سڀ آفيسر انگريز توڙي ڏيھي ڪامورا روزمره واري سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻ حاصل ڪن ۽ ان لاءِ لازمي طور امتحان پاس ڪن“(25) 29 آگسٽ 1857ع تي هڪ اهم سرڪيولر جاري ڪري عوام لاءِ اهو پڌرو ڪيو ويو ته هاڻ ڪا به عريضي سنڌي وائيءَ ۾ لکڻ کانسواءِ ٻڌڻ جوڳي نه هوندي، گهڻي مجبوريءَ جي صورت ۾ جيڪڏهن ڪو فارسيءَ ۾ عريضي لکندو ته ان لاءِ به لازمي هوندو ته ان متن جو سنڌي ترجمو، ان عريضي سان گڏ ضرور شامل ڪري. 1859ع ۾ پھريون ملڪي قانون “Workmen’s Breach of contract Act 1859” مڪمل طور عربي سنڌي لپيءَ ۾ ترجمو ٿي، سرڪاري طور ڪمشنر پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو. انگريز سنڌ جي ڪورٽن ۽ ان وقت جي سڀني سرڪاري ادارن ۾ سنڌيءَ کي دفتري ٻوليءَ طور نافذ ڪري، ان جو پاڻ به استعمال ڪيو. پراڻي رڪارڊ ۾ انهن فارمن، قاعدن ۽ قانون جا نمونا ملن ٿا. اهي قاعدا قانون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ سرڪاري طور سنڌي مترجم به مقرر ڪيا ويا. رڪارڊ ۾ 734 ملڪي قاعدن قانونن جو ذڪر ملي ٿو، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيا (26) يعني هڪ ننڍڙي لئبرري جيترا ملڪي قانون جا ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرايا ويا. انهيءَ حڪومتي سرپرستي ئي سنڌيءَ کي هڪ معياري ٻولي بنايو. هن سلسلي ۾ اڃا به وڌيڪ تحقيق بمبئي ۽ انڊيا آفيس لئبرري لنڊن جي رڪارڊ جي بنياد تي ڪري سگهجي ٿي. هي ڊاڪٽريٽ جو موضوع آهي، جنھن تي ڪم ٿيڻ گهرجي، سنڌ جي يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن جي سرپرستيءَ سان ان لڪل خزاني کي سامهون آڻي سگهجي ٿو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي قدامت جو وڏو ثبوت هوندو.
حوالا
1. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، مھاڳ ’جواهر لغات سنڌي اڪيچار‘ آخوند عبدالرحيم عباسي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ پاڪستان، ڇاپو پھريون، 1993ع، ص 4.
2. ٻگهيو، قاسم، ڊاڪٽر ’سنڌي ٻولي لسانيات کان سماجي لسانيات تائين‘ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، ڇاپو پھريون، 1998ع، ص 31.
3. Mallah, Mukhtiar Ahmed, Editor’s, Note “The Development of Sindh Language and script under early English administration” Sindhi Language Authority, Hyderabad, 1st Edition, 2017, page lv.
4. حوالو ساڳيو مٿيون، صفحو 132.
5. حوالو ساڳيو مٿيون، صفحو 12.
6. حوالو ساڳيو مٿيون، صفحو 51.
7. حوالو ساڳيو مٿيون، صفحو 65.
8. حوالو ساڳيو مٿيون، صفحو 51.
9. حوالو ساڳيو مٿيون، صفحو 51.
10. حوالو ساڳيو مٿيون، صفحو 150.
11. حوالو ساڳيو مٿيون، صفحو 150.
12. حوالو ساڳيو مٿيون، صفحو 150.
13. حوالو ساڳيو مٿيون، صفحو 151.
14. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي صورتخطي“ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌ، ڇاپو پنجون، 2016ع، ص 106.
15. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، مھاڳ ”جواهر لغات سنڌي اڪيچار“ سنڌي ٻوليءَ جو باختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، پاڪستان، ڇاپو پھريون، 1993ع، ص 5.
16. گوپانگ، محمد صالح، ڊاڪٽر، ”پرائمري درسي ڪتابن جو تحقيقاتي جائزو“ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پھريون، 2012ع، ص 62.
17. Mallah, Mukhtiar Ahmed, Editor’s Note, “The Development of Sindh Language and script under early English administration” Sindhi Language Authority, 1st Edition, 2017, page lvi and lvii.
18. حوالو ساڳيو مٿيون، صفحو 372.
19. حوالو ساڳيو مٿيون، صفحو 373.
20. حوالو ساڳيو مٿيون، صفحو lxiv.
21. لغاري امين، ايڊيٽر’سنڌي ٻولي‘ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پھريون، سالنامو، 1995ع-1996ع، ص 111.
22. آڏواڻي، ڀيرو مل، مھر چند ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘ سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي- حيدرآباد، ڇاپو پھريون 1956ع، ص 93-94.
23. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ’سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي‘ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پھريون، 1992ع، ص 15-16.
24. گوپانگ، محمد صالح، ڊاڪٽر، ’پرائمري درسي ڪتابن جو تحقيقاتي جائزو‘ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پھريون، 2012ع، ص 75.
25. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، ڊاڪٽر ‘preface’ ’انڊين ڪانٽريڪٽ ايڪٽ 1872‘ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، 1993ع، ڇاپو ٻيو، ص1.
26. حوالو ساڳيو مٿيون، صفحو 1