سنڌي اساسي شاعري- مختصر تعارف تعارفي تحقيق
(Sindhi Basic-classical poetry: A brief introductory research)

ڊاڪٽر حاڪم ٻرڙو
Abstract:
Dr Nabi Bux Khan Baloch had a pretty great knowledge about the Sindhi folk poetry, classical poetry, modern poetry and including prosodic poetry. He had a good study of Arabic, Persian, Urdu and English poetry. He compiled and got published poetic works of some of the poets who had composed their poetry in different languages. He had a keen eye on such early and evolutionary poetry. Apart from that, he was well-aware of Sindhi poetry's evolution and trends, nobody can match him. After a vast study of poetry of other languages of the Sub-continent. Dr Baloch did his research about Sindhi poetry which was known as Classical poetry. He was of the opinion that a genre of classical poetry has made Sindhi poetry's canvas very limited and Sindhi poetry was dependent on other languages. In this context, Dr Nabi Bux realised this, so he used a trend of early poetry. He diverted readers' attention towards Sindhi poetry's originality, evolution, significance and its substance. He used words like classical poetry, Alla Sindhi poetry and Sindhi Asaasi Shairi. He used to insist on assigning high standard to early poetry. In this research paper the word “Asaas” is being discussed in its contextual meaning.
سنڌي شاعريءَ جي سڀني قسمن: لوڪ شاعري، ڪلاسيڪي شاعري، عروضي شاعري ۽ جديد شاعريءَ جي سڀني صنفن ۽ لاڙن جو ادارڪ حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هو. کيس عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزي شاعريءَ جو مطالعو به وسيع هو. انهن زبانن ۾ سنڌ جي جن به شاعرن شعر چيو، تن مان ڪيترن جو ته ڪلام سھيڙي، ترتيب ڏيئي ۽ شايع به ڪرايائين. اهڙي سموري ذخيري جي ابتدا ۽ ارتقا تي سندس گھري نظر هئي. ان کان علاوه سنڌي زبان جي شاعريءَ جي ارتقا ۽ لاڙن جي جيڪا ڄاڻ به ڊاڪٽر بلوچ کي حاصل هئي، تنھن جو ڪو ٻيو مثال مشڪل سان ملي سگهي. ننڍي کنڊ جي زبانن جي شاعريءَ جي اڀياس کان پوءِ پاڻ سنڌي شاعريءَ جي ڳوڙهي اڀياس، تحقيقي نتيجن، اهميت ۽ افاديت سبب سنڌي شاعري، جنھن کي اڪثر ’ڪلاسيڪي شاعري‘ سڏي، ڄڻ ان جو اعلى مقام محدود ڪيو پئي ويو. ان کان سواءِ سنڌي شاعري ڄڻ ٻين ٻولين جي مرهون منت پئي محسوس ٿي. يقينًا اول ڊاڪٽر بلوچ جھڙي ادبي تاريخ جي محقق ۽ مدبر کي به اهو احساس ٿيو هوندو، جنھنڪري سنڌي شاعريءَ لاءِ اساسي شاعريءَ جي ترڪيب قائم ڪري، پنھنجي شاعريءَ جي اصليت، ارتقا ۽ افاديت ڏانھن ڌيان ڌرڻ جي دعوت ڏيئي، ان جي ماهيت معلوم ڪري، مٿس فخر ڪرڻ جي لائق ٿيڻ جا موقعا ڏنا. پاڻ وقت بوقت ’ڪلاسيڪي شاعري‘، اعلى سنڌي شاعري ۽ ’سنڌي اَساسي شاعري‘ جا لفظ به ڪتب آڻي، ان جي مٿاهين مقام جي تعين ڪرڻ طرف راغب ڪيو آهي. انهيءَ پسمنظر ۾ ’اساس‘ لفظ تي لغوي لحاظ کان هڪ نظر ڌرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.
’اساس‘ عربي، فارسي، هندي، سنسڪرت ۽ پراڪت ٻولين ۾ به مستعمل آهي، پر هر هڪ ٻوليءَ ۾ مختلف تلفظ سبب ان جي املا ۾ جزوي فرق نظر اچي ٿو، البت مفھوم ۽ معنى جدا آهن.
سنڌي زبان ۾’ اَساسُ‘ لفظ عربيءَ مان آيو، جو اسم مذڪر آهي ۽ جمع اٿس اَساسَ. واحد طور ڪم ايندڙ ان لفظ جي معنى آهي بنياد، پاڙ، جڙ، پيڙهه. (1) اهڙيءَ طرح اَساسِي لفظ جو جمع اَساسِي آهي ۽ صفت پڻ. معنى بنيادي /اصولي (2).
سنڌي زبان دنيا جي قديم زبانن ۾ شمار ٿئي ٿي، جيڪا پنھنجي مختلف حيثيتن سان مختلف ملڪن ۽ زبانن سان لاڳاپن سبب مختلف ماخذن ۾ ذڪر هيٺ آيل آهي. سنڌو تھذيب ۽ تمدن جي تاريخ به ڪُھني ۽ قديم آهي، جنھن جون ريتون رسمون، ڌرمي تبدل ۽ تغير، رسم الخط ۽ علم ادب پڻ آڳاٽو آهي. مختلف رسم الخط هئڻ سبب پراڻين پوٿين ۽ پُستڪن جو اڀياس اڃا آسان ڪونه ٿيو آهي، جنھن جي حيثيت ۽ اهميت هنڊائي راءِ قائم ڪري سگهجي. انڪري اسان کي سنڌ جي ادبي تاريخ جا آثار ۽ اهڃاڻ جيڪي ۽ جتان ميسر ٿيا، تن تي ڪفايت ڪريون پيا.
سنڌي شاعريءَ جي دستياب ٿيل ذخيري جي فني ۽ معنوي اڀياس کان پوءِ سنڌي زبان جي فطري ماهيت جي سموري جلوه گري، ان جي ارتقائي سفر ۾ جا سيرت ۽ صورت جي سونھن سمائي نروار ٿي آهي، سا تھذيبي ۽ تمدني لحاظ کان بيشڪ ان کي انفرادي حيثيت ۽ مٿاهين مقام تي، دنيا جي اعلى شاعريءَ ۾ شامل ٿيڻ جوڳو بڻائي ٿي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي شاعريءَ جي تلاش ۽ تحقيق، فني ۽ فڪري ڪمال جي اڀياس ۽ اشاعت لاءِ جيڪي گران قدر خدمتون سرانجام ٿئي ڏنيون، تن جي نتيجي ۾ سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي انفراديت کي قائم رکڻ لاءِ ’اساسي شاعريءَ‘ سان تعبير ڪري، اسان جي يقيني فھم جي استحڪام لاءِ نئين روايت جو شاندار بنياد رکي، سجاڳي آندي.
’اَساسي شاعريءَ‘ جي اها ترڪيب ڊاڪٽر بلوچ تڏهن کان استعمال ۾ آندي، جڏهن کان پاڻ ان جي ڳولا، تحقيق ۽ ترتيب ۽ اشاعت لاءِ ڪوششون پئي ڪيون اهو عرصو لڳ ڀڳ سن 1950ع کان پوءِ جو آهي. ان کان اڳ پاڻ 1945ع کان 1949ع تائين ’عام سنڌي شاعريءَ‘ طرف متوجھه رهيو. ’عام سنڌي شاعري‘ مان سندس مراد اهو سنڌي شعر آهي، جو سنڌ جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهي.(3)
اَساسي شاعريءَ جو بنيادي مقصد واضح ڪندي ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته:
”ان جو بنيادي مقصد نبي ڪريم ﷺ پاران ڏنل اسلامي تعليم جي روشنيءَ ۾ ڪائنات جي خالق جي وحدانيت ۾ ڪامل يقين، انسان ذات سان محبت ۽ معاشري ۾ شخصي ڪردار جي اعلى قدرن واري فڪر ۽ فھم تي ٻڌل آهي (4).
ڊاڪٽر بلوچ، اَساسي شاعرن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، ميـين شاهه عنات رضوي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، صوفي محمد صديق صادق، قنبر علي شاهه ڀاڏائي، خليفي نبي بخش قاسم، غلام محمد خانزئي جن کي ’رسالي جا ڌڻي‘ سڏي ٿو، فڪر، معنى ۽ بياني جي لحاظ کان ’شاهه جي رسالي‘کي سنڌي اساسي شاعريءَ جي آسمان جو سج سڏيو آهي. انهن کان سواءِ عبدالرحيم گرهوڙي، روحل فقير ۽ حضرت سچل سرمست کان سواءِ جن به شاعرن جا رسالا شايع ٿيل آهن، انهن کي سنڌي اساسي شاعرن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.
نتيجو:
• هن تحقيق ذريعي اهو معلوم ٿي سگهي ٿو ته سنڌي شاعريءَ جي بنياد ۽ ارتقا متعلق ڪيئن تحقيق ڪجي؟ ۽ نتيجن تائين ڪيئن رسائي حاصل ڪجي؟
• هن تحقيق ذريعي ڪلاسيڪي شاعري ۽ اساسي شاعريءَ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
• هن تحقيق ذريعي اَساسي شاعريءَ جي بنيادي مقصد متعلق ڄاڻ حاصل ٿي سگهي ٿي.
• هن تحقيق وسيلي مختلف رسالن ۽ منجهن پيش ٿيل فني جوڙجڪ جي معلومات ملي سگهي ٿي.
• هن تحقيق وسيلي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي، سنڌي شاعريءَ متعلق ڪيل جاکوڙ ۽ حاصلات جا ڪي فڪري پهلو روشن ٿي سگهن ٿا.
• هن تحقيق ذريعي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي، سنڌي شاعريءَ متعلق ڪيل تحقيق، حاصلات ۽ نتيجن جي ڄاڻ حاصل ٿيڻ ۽ اعتراف ڪرڻ جا موقعا فراهم ٿي سگهن ٿا.
ڪي ضروري وضاحتون:
مختلف ٻولين ۾ به اَساس مستعمل آهي. عربي ٻوليءَ ۾ ’اَساس‘ جي معنى اڳ ۾ پيش ڪئي ويئي آهي، فارسي ٻوليءَ ۾ به اَساس عربيءَ مان آيل آهي، جو فارسي ٻوليءَ جي لغات فيروزي (18ص) ۾ چٽو ڄاڻايل آهي ۽ معنى اٿس: بنياد، جڙ (5)
سنسڪرت ۾ اَساس: مونث آهي ۽ معنى اٿس: ساهه جي بندش، ساهه جي روڪ. ’سامي‘ جي سلوڪن ۾ آيل: ’مالها ساسَ اَساسَ جي پائي ڳل پوئي‘ (6)
پراڪرت: آسَاسُ معنى آسيس، ساهي، فرحت، آرام جمع آسَاسَ (7)

حوالا
1. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر: ’جامع سنڌي لغات‘ ج-1، ص 186: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1960ع
2. حوالو ساڳيو
3. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر: ’ٻيلائين جا ٻول‘ ص 3، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد: ڇاپو 2: مئي 1970ع.
4. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر: ’رسالو غلام محمد خانزئي جو‘ ، ص 2، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد، 1985ع.
5. منشي گلاب سنگهه ۽ مولوي علي محمد: ’لغات فيروزي‘: ص 18، منشي گلاب سنگهه اينڊ سنز لاهور: 1912ع.
6. ڏسو حوالو پھريون. ص 186
7. ڏسو حوالو پھريون ص 52.
749 ڀيرا پڙهيو ويو