شيخ اياز تي شاهه لطيف جي شعري صنعتن جو اثر
(Influences Of Shah Latif’s Poetical Skills On Shaikh Ayaz)
عبدالفتاح سپرو
Abstract
The poet's skill and resourcefulness exhibited in his or her creativity are recognized to have a central place when it comes to understanding poetry through its technical qualities. It is the quality of poetic skill through which a poet presents his work of art aesthetically by introducing beautiful, effective, and intelligible language and words. In this research paper, I study the poetic skill in the poetry of Sindh’s prominent modern poet Shaikh Ayaz (d.1997). By the term poetic skills, I draw attention to creative skills or resourcefulness contained in the poetry in the form of words. The poetic skills in the form of words in the work of a poet can be likened to a sculptor’s use of chisels. The words in poetry work in the pattern of a decorative style in artworks. This paper will discuss that the poetic devices that make poetry charming are found in abundance in the poetry of Shah Abdul Latif Bhittai and the same is reflected under his influence in the poetic art world of Shaikh Ayaz. This paper will demonstrate that Shaikh Ayaz seems willing to follow and adopt the poetic artistic skills and tradition of Shah Abdul Latif Bhittai.
Keywords: Poetic skills, Shaikh Ayaz, Shah Abdul Latif, Sindhi poetry.
شاعريءَ جي فني خوبين مان صنعت نگاري، هڪ اهم خوبيءَ طور شمار ٿئي ٿي، جنھن سان ڪو به شاعر پنھنجي ڪلام کي سھڻو، سليس، رنگين، دل کي ڇھندڙ، عمدن ۽ اثرائتن لفظن سان سنيگاري سنواري، پڙهندڙن اڳيان پيش ڪندو آهي. ان سان پڙهندڙ شاعر جي هر احساس کي پنھنجو احساس سمجهڻ لڳندو آهي، جنھن ۾ هو فصاحت، بلاغت، سلاست، جدت، تشبيهن، استعارن، پھاڪن، ۽ محاورن، ٻيون فني ڪاريگريون ڪتب آڻيندو آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو: ”شاعر ۾ نه فقط حسن جي مشاهدي ۽ حقيقت جي پروڙ جي قابليت هئڻ گهرجي، مگر ان سان گڏ هڪ ٻئي هنر جو هئڻ پڻ ضروري آهي، جنھن کي شاعريءَ ۾ صنعت چئجي ٿو. شاعر ان صنعت جي وسيلي، پنھنجي خيالن ۽ جذبن کي اهڙن عمدن ۽ اثرائتن لفظن ۾، اهڙي سليس مگر رنگين عبارت ۾، اهڙن نون ويسن ورنن ۾، اهڙي ڍنگ ۽ طرز سان بيان ڪري ٿو. جو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جون دليون بي اختيار ڇڪجيو وڃن، ۽ اها نقش ڪيل تصوير سندن اکين اڳيان ڦري.“ (1)
صنعت گيريءَ جي فن بابت غلام محمد شاهواڻي لکي ٿو: “جيئن خداداد حسن کي زياده چمڪائڻ ۽ موثر بنائڻ لاءِ زالون زيور زيب تن ڪنديون آهن، تيئن شعر جي نازنين پري پيڪر کي زياده دلڪش بنائڻ لاءِ شاعر سينگار جو سامان وجهي سنواريندا ۽ زياده حسين بنائيندا آهن. (2)
صنعتون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن، جن مان هڪڙيون آهن، لفظي صنعتون ۽ ٻيون آهن معنوي صنعتون. مرزا قليچ بيگ لکي ٿو: ”ڪلام جي فصاحت ۽ بلاغت لاءِ عبارت يا لفظن ۽ معنى جي خوبي ۽ موافقت جو قانون ڄاڻڻ جو ضرور آهي، جن جو علم بيان ۽ علم بدايع سان واسطو آهي. اهي صنايع يا صنعتون ٻن قسمن جون آهن: هڪڙيون لفظي ۽ ٻيون معنوي. صنايع لفظيءَ ۾ رڳو لفظن جي ظاهري صورت ۽ خوبيءَ تي نظر ٿي رهي ۽ صنايع معنويءَ ۾ باطني خوبي يا معنى جي نظر ٿي رهي. (3)
شاھ لطيف ۽ شيخ اياز جي ڪلام جي هڪ اهم خوبي اها به آهي ته انهن ٻنهي پنھنجي شاعريءَ ۾ صنعت گيريءَ جو جهجهي انداز ۾ اهڙو ته استعمال ڪيو آهي، جو عقل دنگ رهجي وڃي ٿو. ٻنهي جي شاعري ۾ صنعتن جو استعمال ڪثرت سان ملي ٿو. اسان جڏهن شاھ لطيف ۽ شيخ اياز جي شعري گهاڙيٽن بابت تفصيل سان لکنداسين ته اتي صنعتن جو بيان ڪرڻ به تمام ضروري آهي. هتي اسين شاھ لطيف جي شيخ اياز جي شاعريءَ تي صنعتي اثرن بابت روشني وجهنداسين ته انهن ڪھڙي نه سھڻي انداز ۾ ٻنهي قسمن جي صنعتن جو استعمال ڪيو آهي، انهن جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:
شاھ لطيف جا شيخ اياز جي شاعريءَ تي صنعت لفظيءَ جا اثر
”صنعت لفظيءَ“ مان مراد اهي شاعراڻيون ڪاريگريون آهن، جيڪي لفظن ۾ رکيل هجن. يعني شاعر لفظن کي هڪ ماهر ڪاريگر جيان ڪاريگريءَ سان گهڙي گهتي پنھنجيءَ پنھنجيءَ جاءِ تي استعمال ڪندا آهن. هن قسم جي صنعت کي گرامر ۾ تجنيس چئبو آهي، مرزا قليچ بيگ تجنيس جا 46 قسم ٻڌايا آهن. شاھ لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعري ءَ۾ هن قسم جي صنعتن جو خاصو تعداد ملي ٿو، جن مان نموني طور ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا. هن صنعت ۾ فقط لفظن جي ظاهري صورت ۽ انهن جي خوبين تي نظر رهندي آهي. اچو ته ڏسون.
تجنيس تام
تجنيس لفظ جي معنى آهي، جنسن ۾ ورهائڻ، جنسن کي جدا ڪرڻ يا جنسوار ڪرڻ، هڪجھڙائي، مشابهت ۽ تام جي معنى آهي، ڪامل، اڪمل، مڪمل، يا پورو. هيءَ علم بديع جي هڪ صنعت آهي، جيڪا جملي ۾ ساڳيءَ شڪل يا ساڳئين آوازن وارا لفظ استعمال ڪرڻ. ڪنھن بيت، شعر يا جملي ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ اهڙا حرف يا لفظ ڪتب آيل هجن، جيڪي صورتخطي، عدد ۽ تلفظ ۾ هڪ جھڙا هجن، پر معنى ۾ مختلف هجن، ته ان کي ’تجنيس تام‘ چئبو آهي. شاھ جي رسالي ۾ اهڙا ڪيترائي بيت موجود آهن، جيڪي ’تجنيس تام‘ جو اعلى نموني طور پيش ڪري سگهجن ٿا. جيئن:
ڪوڙين ڪايائون تُنھجيون، لکن لک هزار،
جيءَ سڀڪنھن جيءَ سين، درسن ڌارو ڌار،
پرينَ تنھنجا پار، ڪھڙا چئي ڪِي چُئان.
___
جتن ڪج جتن جو، آيا ڪي ايندا،
وَٺي پنهون پانهنجو، وٽان تو ويندا،
دم نه دميندا، سِڌاريندا ساڻيهه ڏي.
(قاضي 1993 ص 445)
مٿئين پھرئين بيت ۾ ٻه دفعا لفظ ”جيءَ“ ڪم آيو آهي ۽ ٻئي بيت ۾ ٻه ڀيرا ”جتن“ لفظ استعمال ٿيل آهي، منجهن فقط اعرابن جو فرق آهي، تنھن ڪري هر ڀيري سان انهن لفظن جي معنى جدا جدا نڪري ٿي. پھرئين بيت ۾ آيل لفظن جي معنى هن ريت آهي:
- جيءَ، جي معنى آهي، مطلق هستي، روح ڪل.
- جيءَ جي معنى آهي، عارضي هستي، سڀ ڪنھن ساهواري شيءَ.
جڏهن ته ٻئي بيت ۾ لفظ جتن جي معنى هن طرح آهي:
- جتن: حيلو، بھانو، ڪوشش، خبرداري، اُپاءَ تدبير وغيره.
- جتن: ذات جا جت، اوٺي، اوٺار.
شيخ اياز پڻ شاھ لطيف جي پيروي ڪندي، اهڙا ڪيترائي شعر چيا آهن، جن ۾ هن صنعت جو استعمال عام جام ٿيل آهي. شيخ اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ نه فقط سنڌي ٻوليءَ کي نئون جيئدان ڏنو، پر هُن سنڌي ٻوليءَ کي نئين سِري سان سنگاريو ۽ سنواريو به ته ان کي فني ۽ فڪري وسعتون، نيون ندرتون ۽ نرملتائون پڻ بخشيون. شاعريءَ ۾ هيءَ صنعت، اهميت جي حامل آهي، هن کان سواءِ شاعري ٻُسي، بي چسي، بي رنگ ۽ بي بوءِ محسوس ٿيندي آهي. هن صنعت جي استعمال سان شعر ۾ هڪ قسم جي لئي، تار، ترنم، موسيقي، تازگي، نفاست ۽ حسناڪي پيدا ٿئي ٿي، جيڪا شعر کي گُنگنائڻ وقت روح کي راحت ۽ فرحت بخشي ٿي. اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ ’تجنيس تام‘ جو وقتائتو ۽ سيبائتو استعمال ڪيو آهي، اچو ته ڏسون:
ڪيئن چوان ’ڪينجهر‘، ’نوريءَ‘ کي ’نوري‘ ڪيو!
گُذريون ڪيئي گندريون، ’ڄام‘ نه آئي ڄر،
’نوريءَ‘ پرکي پر، ’ڪينجهر‘ کي ’ڪينجهر‘ ڪيو!
***
تو لئه ’ڄام‘ ڄڻي وئي، مون کي ڄڻ آيل!
جنھن کي هڪڙو گل کڙِي، منھنجو من سا ول،
’ڄام‘ تون ڀلئون ڀل، پنهونءَ مَتُ نه پريتڻو! (4)
مٿي ڏنل پھرئين بيت ۾ ٽي ڀيرا ’ڪينجهر‘، ٽي ڀيرا ’نوري‘، ٻئي بيت ۾ ’ڄام‘ لفظ ٻه ڀيرا ٽئين بيت ۾ ’سُھڻي‘ ٻه دفعا استعمال ٿيل آهي. تنھن هوندي به هر ڀيري هر لفظ جي معنى ۽ مفھوم نئون آيل آهي.
بيت پھريون:
- ڪينجهر: جي معنى آهي، ڪينجهر ڍنڍ.
- ڪينجهر: جي معنى آهي، نوري ڄام تماچيءَ جي محبت جو مرڪز ڪينجهر.
- ڪينجهر: محبت جي مرڪز ’ڪينجهر‘ جو تاريخ بنجي وڃڻ.
اهڙي ريت ٻئي بيت ۾ ”ڄام“ لفظ ٻه دفعا استعمال ٿيل آهي، جنھن جي معنى پڻ هر ڀيري الڳ الڳ آهي:
- ڄام: جي معنى آهي، سردار، وڏو يا بادشاھ.
- ڄام: جي معنى آهي، پنهون ڄام، جنھن سان سسئيءَ جو پيار هو.
تجنيس حرفي
”تجنيس“ حرفيءَ مان مراد آهي حرفن يا اکرن جي هڪجھڙائي، جيڪڏهن شاعريءَ جي ڪنھن به سٽ ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظن جي شروعات هڪ جھڙن اکر سان ٿئي ته ان کي صنعت حرفي چئبو. ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ ۾ ان جو استعمال ججهي انداز ۾ ٿيل آهي، جنھن جو اثر شاھ لطيف جي ڪلام تي پڻ نمايان نظر اچي ٿو. شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ هن تجنيس جو نه فقط گهڻو تڻو استعمال ڪيو آهي، پر اهڙو ته فنڪارانه انداز ۾ ڪيو اٿائين، جو ڪلام ۾ موسيقيءَ جو ترنم پڻ تمام حسين پيو لڳي. سندس بيتن توڙي وائين ۾ فني، فڪري، صوتي ۽ معنوي آهنگ پڻ پوريءَ طرح توازن ۾ پيو لڳي.
ڊاڪٽر فياض لطيف پنھنجي پي ايڇ. ڊِي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”تجنيس حرفي مشرقي شاعريءَ جو اهڙو ادبي ۽ فني زيور آهي، جنھن سان شاعريءَ جو سموريون جديد صنفون سجايل ۽ سينگاريل ملنديون، پر ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ ۾ هيءَ سينگار ۽ سونهن جو وکر سرس ملي ٿو. خاص ڪري شاھ لطيف جي بيتن ۾ هيءَ ورجيس نه رڳو جهجهي نظر اچي ٿي، پر ڀٽائي ان کي انتھائي فنڪارانا انداز ۾ استعمال ڪري، شعر ۾ ڪمال جي موسيقيت به پيدا ڪئي آهي، ته سِٽن ۾ صوتي، معنوي ۽ فڪري آهنگ کي به ترتيب ۽ توازن ۾ رکيو آهي. (5)
شاھ جي رسالي ۾ ڪيترائي اهڙا بيت آهن، جيڪي صنعت حرفيءَ جو شاهڪار آهن. رسالي جي پھرئين بيت کان آخري بيت تائين نظر وجهڻ سان معلوم ڪري سگهجي ٿوته شاھ لطيف تجنيس حرفيءَ جا واهڙ وهائي ڇڏيا آهن ۽ ڇا ته ڪمال سان هن صنعت جو استعمال ڪيو آهي. اچو ته ڏسون:
اول الله عليم، اعلى عالم جو ڌڻي،
قادر پنھنجي قدرت، سين، قائم آهي قديم،
والي واحد وحده، رازق، رب، رحيم،
سو ساراھ سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙؤن جوڙ جھان جي.
بيت جي پھرين سٽ ۾ اول، الله، اعلى، عليم ۽ عالم، ٻيءَ سٽ ۾ قادر، قدرت ۽ قديم، ٽين سٽ ۾ والي، واحد وحد هٗ ۽ رازق رب رحيم، چوٿين سٽ ۾ سو، ساراھ، سچو ۽حمد، حڪيم ۽ پنجينءَ سٽ ۾ ڪري، ڪريم، جوڙون، جوڙ، جھان، جي. معنى ۽ مفهوم جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته انهن ۾ ربط قائم نظراچي ٿو. اهڙيءَ طرح علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي ترتيب ڏنل رسالي جي سر مارئي جي آخري وائي پڻ صنعت حرفيءَ جو شاهڪار آهي ملاحظو ڪريو:
وائي:
ڪھڙي منجهه حساب، هلڻ منھنجو هوت ريءَ لا!
گولي پڄ گناھ کان، ڪونهي سوُل ثواب،
مٺي ڪيا مرض ۾ جاوا سڀ جواب،
هلڻ منھنجو هوت ريءَ لا!
مٿي آيل بيت ۽ وائيءَ ۾ ليڪون ڏنل سمورا لفظ صنعت حرفيءَ جو اعلى مثال آهن، اهڙيءَ ريت شيخ اياز به پنھنجي شاعريءَ ۾ صنعت حرفيءَ جو خوب استعمال ڪيو آهي. شيخ اياز نه رڳو شاعر آهي، پر هوٻوليءَ جو ماهر، لفظن جو جڙائو ۽ شاھ ڪاريگر پڻ آهي.
”شيخ اياز نه رڳو ٻوليءَ جو جوهري ۽ پارکو آهي، پر هو شاھ ڪاريگر ۽ نئين لفظيات جو تخلقڪار پڻ آهي. هو اکر جو اکر ۽ لفظ جو لفظ سان سنگم به ڄاڻي ٿو ته ان سنگم ۾ معنى ۽ خيال جا موتي پروڙڻ جو هنر به اچي ٿو. هُن جي شاعريءَ ۾ روايتي تجنيس حرفيءَ جي طريقن، جنھن ۾ لفظ جو پھريون اکر ٻئي لفظ يا ٻين لفظن جي ابتدائي اکرن سان ميل کائي سِٽ ۾ وڻندڙ آوازن جي مالها جوڙيندو آهي. ان سان گڏ هن تجنيس جا ڪيترائي اهڙا طريقا به اَپنايا آهن، جيڪي نوان ۽ نرالا آهن.“ (6)
شيخ اياز جي شاعريءَ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن جا ڪيئي بيت، وايون، گيت ۽ غزل، صنعت حرفيءَ جوشاهڪار آهن. ڪٿي ڪٿي ته سندس سِٽنِ جون سِٽون صنعت حرفيءَ جي سونهن سان اهڙيءَ طرح سينگاريل آهن، جو پڙهڻ سان دل ئي نه ٿي ڍاپي. جيئن هي گيت آهي:
گهنن گهنن، گهن گهن، گهن گهن گهن،
ڌنن ڌنن، ڌن ڌن، ڌن ڌن ڌن!
اياز وائين ۾ به صنعت حرفيءَ جو بهترين استعمال ڪيو آهي نموني طور هڪ وائيءَ جو مثال پيش ڪجي ٿو
ڀنڀٽ ڀنڀٽ ڀڙڪن ڀڙڪن،
راڳ اسان جا! راڳ اسان جا! (7)
اياز جي مٿي آيل بيت ۽ وائيءَ جي جن سٽن توڙي لفظن جي هيٺان ليڪون ڏنل آهي اهي سڀ جو سڀ ڪجهه گهنن گهنن، گهن گهن، گهن گهن گهن، ڌنن ڌنن، ڌن ڌن، ڌن ڌن ڌن! وَسُ وَسُ، وَسُ وَسُ، وس ڏاڍا ڏينھن ٿيا ٿِي! ڀنڀٽ ڀنڀٽ ڀڙڪن ڀڙڪن، راڳ اسان جا! راڳ اسان جا! صنعت حرفيءَ جا جا اعلى نمونا آهن.
شيخ اياز بيت، گيت ۽ وائيءَ کان سواءِ غزل ۾ پڻ هن صنعت جو ججهو استعمال ڪري شاعريءَ ۾ سونهن ۽ سندرتا پيدا ڪئي آهي. جيئن: گهَرِ گهَرِ گهُنگهروءَ گونجَ نئين، ناچو ۽ ان کان سواءِ بيتن ۾ ڏسي، ڏکيا، ڏيل، ڳوڙها، ڳل، ڳڙي، بکين، بيمارين، زر، زور ماڻهوئڙ، ملڪ، سنهي، سڃن، ساڙي، اڳيئي، اڻھوند، وڌو، ويتر، جُهرين ۽ جهوپڙيون سڀ لفظ صنعت حرفيءَ جو اعلى نمونو ۽ لازوال مثال آهن. پر مان ائين چوندس ته سندس شاعريءَ جي اهڙي ڪا به صنف نه آهي، جنھن ۾ صنعت حرفيءَ جو استعمال ٿيل نه آهي.
تجنيس زائد
”زائد“ جي معنى آهي واڌارو، واڌاري، اضافو يا اضافي وغيره. جڏهن ڪنھن به بيت يا شعر ۾ ٻه لفظ اهڙا ڪتب آيل هجن، جيڪي حرڪتن ۾ ته هڪ جھڙا هجن، پر هڪ ۾ ٻئي کان منڍ، وچ يا پڇاڙيءَ ۾ هڪ حرف يا اکر اضافي هجي ته ان کي تجنيس زائد چئبو آهي. جيئن شاھ لطيف جا هي بيت آهن.
- وَحدَتا ڪثرت ٿي، ڪثرت وَحدَتَ ڪل،
- متارا مري ويا، موکي تون ڀي مر،
تنھنجو ڏوس ڏمر، ڪو نه سھندو اُن ري.
___
اَحد اَحمد پاڻ ۾، وِچان مِيمُ فَرقُ، (8)
شاھ لطيف جي مٿي ڏنل پھرين بيت ۾ وَحدَتا، وَحدَتَ ۾ پھرين لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ حرف ’الف‘ جو اضافو آهي. ٻئي بيت ۾ مر، ڏمر، لفظ آيل آهن، جن مان ٻئي لفظ جي اڳيان ’ڏ‘ جي حرف جو اضافو ٿيل آهي. جڏهن ته ٽئين بيت ۾ اَحد ۽ اَحمد لفظ آهن، هن بيت جي ٻئي لفظ ۾ وچ تي ’م‘ جو واڌاور هجڻ سبب مٿيان بيت تجنيس زائد جا مثال آهن.
اهڙيءَ طرح شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ به هن صنعت جو استعمال نظر اچي ٿو، هتي سندس شاعريءَ جي پھرئين جلد مان ڪجهه مثال ڏجن ٿا ۽ اهو پڻ باوَر ڪرائجي ٿو ته فقط چند صفحن جي ورق گرداني ڪرڻ مان هي بيت مليا آهن، جيڪي صنعت زائد جي ذمري ۾ اچن ٿا، جڏهن ته سندس شاعريءَ ۾ وک وک تي هن صنعت جو استعمال ملي ٿو. ملاحظه ڪريو:
- ڳوڙها ڳراٽيون، چُميون چَپ چپن تي.
- اڄ ته ازل جي اُڃ، مٽجي ويئي من مان،
- نغما نڪتا اوچتو، سھڻا سھڻا سُر،
اچي ڪير اسُر، ريجهائي ويو روح کي. (9)
مٿي ڏنل بيتن ۾ چَپ، ڄپن، من، مان، سُر ۽ اسُر اهڙا لفظ آهن، جن ۾ آخر، وچ ۽ اڳيان هڪ هڪ حرف جو اضافو آيل آهي، جيئن پھرين بيت جي لفظ چپن ۾ ’ن‘ ٻئي بيت جي لفظ مان ۾ ’لف‘ ۽ ٽئين بيت جي لفط اسُر ۾ ’الف‘ جو واڌارو آهي، ان ڪري چئبو ته هي صنعت زايد تي آڌاريل بيت آهن.
تجنيس مرڪب / صنعت ايهام
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”جامع سنڌي لغات“ ۾ لفظ ’ايھام‘ جي معنى هن طرح لکي آهي.
ايھام: ذ. ]ع. وَهَمَ ( = وهم ۾ وجهڻ) <ايھام[ شعر جي هڪ صنعت جنھن ۾ ٻن معنائن وارا لفظ آندل هجي. شڪ. (10)
لفظ ’ايھام‘ جي معنى وهم ۾ وجهڻ آهي. جيڪڏهن ڪلام جي ڪنھن سٽ ۾ هڪ اهڙو لفظ هجي، جنھن جون ٻه معنائون نڪرن هڪ ويجهي، ٻي پري جي معنى نڪري ۽ ٻڌندڙ جو خيال ويجهي معنى ڏانهن وڃي، پر شاعر جي مراد ۽ مقصد پري واري معنى ڏانهن هجي ته ان قسم جي صنعت کي ’اصنعت ايھام‘ چيو ويندو آهي. هن صنعت کي تجنيس مرڪب پڻ چيو ويندو آهي.
مرڪب لفظ جي معنى آهي هڪ کان وڌيڪ، جڏهن ڪنھن بيت يا شعر ۾ ٻه لفظ هم جنس ڪم اچن، جيڪي تلفظ ۽ صورتخطيءَ ۾ هڪ جھڙا هجن، پر معنى ۾ مختلف هجن. هڪ لفظ مفرد ته ٻيو مرڪب هجي ته ان کي تجنيس مرڪب چئبو آهي. هيءَ تجنيس بي ساخته اظھار جي عڪاسيءَ بدران گهڻو ڪري هُنري حُسن جو عڪس پيش ڪري ٿي، تنھن ڪري روايتي طور تي هيءَ صنعت سگهڙ پنھنجي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي انداز ۾ استعمال ڪندا آهن. شاھ لطيف به هن ورجيس جو پنھنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو آهي. جيئن چوي ٿو:
- ور ۾ ڪونهي ور، ڏيرن ور وڏو ڪيو،
- حقان حق ٿيوس، هئي طالب حق جي.
پھرئين بيت ۾ ”ور“ لفظ ٽي ڀيرا آيو آهي، هر دفعي ان جي نئين معنى رکيل آهي.
پھرين ڀيري ’ور‘ جي معنى آهي، مڙس، ڀتار.
ٻئي ڀيري ’ور‘ جي معنى آهي، ور وڪڙ، ڏنگائي، ڦڏائي.
ٽئين ڀيري آيل لفظ ’ور‘ جي معنى مڪر، ڇند، ڦير، ڦند، اٽڪل، ٽڪساٽ.
ٻئي بيت ۾ ’حق‘ لفظ ٻه دفعا آيل آهي ۽ هر ڀيري ٻي معنى ۾ استعمال ٿيل آهي.
پھرين ڀيري آيل لفظ ’حق‘ لفظ جي معنى ’مڙس‘ آهي.
ٻئي ڀري آيل لفظ ’حق‘ جي معنى آهي انصاف، عدل.
شيخ اياز به پنھنجي شاعريءَ ۾ هن تجنيس جو استعمال ڪيو آهي. ڊاڪٽر فياض لطيف لکي ٿو ته: ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي اها تجنيس نظر اچي ٿي، جنھن ۾ نه رڳو تخليقي هُنر جو حُسن جهلڪي ٿو، پر ان ۾ احساس ۽ اظھار جي بي ساخته اُڇل پڻ محسوس ٿئي ٿي. “ (11)
- اُلا ڏس ته اَلا، جي ٻاريا عشق اندر ۾.
- اؤتڙ ٻوڙي، اَؤتڙ تاري، اوتڙ اوتڙ پنھنجا وڙ،
اوتڙ اوتڙ آءُ آهيان! (12)
ائين ئي شيخ اياز جي شاعري ۾ به اهڙا ڪيئي حرف موجود آهن، جن جي اعرابن جي ڦيرڦار هجڻ سبب مختلف معنائون نڪرن ٿيون، جيئن شيخ اياز ’الا‘ لفظ ٻه ڀيرا استعمال ڪيو آهي ۽ اؤتڙ اؤتڙ لفظ به ٻه ٻه ڀيرا ڪتب آندو آهي پر هر دفعي انهن جي معنى الڳ آهي جيئن:
- ’اُلا‘: جي معنى آهي، ڀڙڪا، باھ، آتش ۽ آڳ وغيره.
- ’اَلا‘: معنى الله، رب مالڪ کي سڏڻ ۽ ياد ڪرڻ وغيره.
ٻئي بيت ۾:
- اؤتڙ: سُتڙَ جو ضد سُتڙُ يعني سٺو ’تڙ‘ ’اؤتڙ‘ اولو، ڏکيو يا اهنجو تڙ. اها جاءِ جتي ٻيڙين بيھارڻ، يا وهنجڻ سھنجڻ ۾ ڏکيائي درپيش هجي.
- اوتڙ: ڍڪڻ، ڍڪ ڏيڻ، لڪائڻ وغيره.
تجنيس مڪرر
هن تجنيس کي ’مردد‘ ۽ ’مزدوج‘ پڻ چئبو آهي، هن صنعت ۾ ڪنھن به شعر جي مصرع ۾ جڏهن ساڳيو لفظ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڀيرا تسلسل سان وري وري دهرايا وڃن ته ان کي ’تجنيس مڪرر‘ چئبو آهي. شاھ لطيف جي ڪلام ۾ هيءَ تجنيس به ملي ٿي، جيڪا شعر جي سونهن کي ويتر سندرتا بخشي ٿي، شائسته ۽ وڻندڙ بڻائي ٿي.
- جان جان ناه ضرور، تان تان ناه طبيب ڪو،
___
- جان جان ناه ضرور، تان تان طبيب ناه ڪو،
- جان جان هئي جيئري، وِرچي نه ويٺي، (13)
شاھ لطيف جي مٿين بيتن ۾ ’جان جان‘ ۽ ’تان تان‘ صنعت مقرر آهن. اهڙيءَ ريت شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ته هيءَ صنعت عام جام ۽ وک وک تي ملي ٿي، ڊاڪٽر فياض لطيف لکي ٿو ته: ”شيخ اياز هن صنعت جو استعمال پنھنجي شاعريءَ ۾ جهجهو ڪيو آهي، ان جو وڏو سبب شايد اهو آهي، ته لفظن جي ورجاءَ سان شاعريءَ ۾ ردم پيدا ٿئي ٿو. اياز جو ان ۾ ڪو خاص شعوري عمل دخل نه آهي، هن اها صنعت شايد سوچي ڪانه ٺاهي آهي، پر خود ساخته تخليقي عمل دؤران سندس شاعراڻي فن جو حصو بڻي آهي، ڇو ته اهو ان ڪري ٿو چئجي، جو رواني ۽ موسيقيت اياز جي شاعريءَ جي اهم ۽ عام خوبي آهي.“ (14)
- گھرا گھرا نيڻ، ڪارا ڪارا ڀونرَ جين،
- گهر گهر تنھنجا گهنڊ، من من ۾ تنھنجي مڙهي،
- گجو گجو اي ڪارا بادل، وَسُو وَسُو جل ٿل!
پيو پيو مئي جا متوارا، جيو جيو ڌرتيءَ جا پيارا! (15)
شيخ اياز جي مٿي ڏنل شاعريءَ ۾ آيل لفظ گھرا گھرا، ڪارا ڪارا، گهر گهر، من من، گجو گجو، وسو وسو، پيو پيو، ۽ جيو جيو صنعت مڪرر جا بھترين نمونا آهن، جن کي پڙهڻ سان ازخود دل مان واه واه نڪريو وڃي.
تجنيس ناقص
هن کي تجنيس ”محرف“ به چيو ويندو آهي، هيءَ صنعت به تجنيس تام وانگر آهي. ”ناقص“ لفظ جي معنى ئي آهي اڻپورو ۽ تجنيس ناقص جي معنى لفظن جي اڻپوري هڪ جھڙائي، ڪنھن به بيت جي مصرع ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظ صورتخطيءَ ۾ هڪ جھڙا هجن، پر معنى ۽ اعرابن ۾ مختلف هجن ته ان کي
’تجنيس ناقص‘ چئبو آهي. شاھ لطيف جي ڪلام ۾ هن صنعت جا ڪجهه مثال موجود آهن. جيئن:
- وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو،
- جا هَڙَ اَندَرِ جي، ساهَڙَ ڏِنِي ساھَ کي،
ساهَڙَ ڇُڙي نَه ساھَ، ساهَڙَ ساهَڙَ ريءَ،
ساهَڙَ ميڙ سميع! ته ساهَڙَ ڇُڙي ساھ جِي،
پھرين بيت ۾ آيل لفظ ”ور“ جي معنى اڳ ئي اچي چڪي آهي، جڏهن ته ٻئي بيت ۾ آيل لفظ ”ساهڙ“ جي معنى هن ريت آهي:
- ساهڙ: دوست.
- سا هڙ محبت جي ڳنڍ.
شيخ اياز پڻ پنھنجي شاعريءَ ۾ صنعت ناقص جو استعمال ڪيو آهي، جنھن جا ڪجهه مثال نموني طور پيش ڪجن ٿا:
- ڪيئن چوان ’ڪينجهر‘ ’نوريءَ‘ کي ’نوري‘ ڪيو!
’نوريءَ‘ پرکي پر، ’ڪينجهر‘ کي ’ڪينجهر‘ ڪيو!
- سوچي سگهجي ڪانه ٿي، ’سھڻي‘ سوا سيرَ،
سھڻيءَ کي سھِڻي ڪيو، ندي! تنھنجي نيرَ. (16)
مٿي ڏنل پھرين بيت ۾آيل لفظن ’ڪينجهر‘ ۽ ’نوريءَ‘ جي معنى اڳ ئي سمجهايل آهي، جڏهن ته ٻئي بيت ۾ آيل الفاظ ’سھڻي‘ جي معنى پڻ ڏئي چڪا آهيون
شاھ لطيف جا شيخ اياز جي شاعريءَ تي صنعت معنويءَ جا اثر
شاھ لطيف جا شيخ اياز جي شاعريءَ تي جيڪي اثر موجود آهن، انهن مان هڪ صنعت معنوي پڻ آهي. هن سري هيٺ اهي شاعراڻيون ڪاريگريون اچي وڃن ٿيون، جن جي لفظن ۾ هڪ جھڙيون يا جدا جدا معنائون رکيل هونديون آهن. جيئن:
صنعت اشتقاق
اشتقاق لفظ عربي ٻوليءَ جي لفظ ’شق‘ مان ورتل آهي، جنھن جي معنى آهي، ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ، چيرڻ، ڦاڙڻ ۽ پرزا پرزا ڪرڻ. شعر جي ڪنھن به مصرع ۾ شاعر ٻه يا ٻن کان وڌيڪ اهڙا الفاظ استعمال ڪري، جنھن جي چير، ڦاڙ ڪرڻ سان اهو معلوم ٿئي ته انهن لفظن جو بنياد يا مادو ساڳيو آهي. ته چونداسين ته شاعر صنعت اشتقاق استعمال ڪئي آهي. شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ اهڙا ڪيترائي بيت ملن ٿا، جيڪي هن صنعت جو اعلى مثال آهن. اچو ته ڏسون:
- تن ۾ تند تنوار سدا سپيرين جي.
- دِيڳين دُوڳَ ڪَڙَهَن، جِت ڪڙيين ڪڙڪو نه لھي،
تِتي طبيبن، چاڪ چڪندا ڇڏيا.
- تون حبيب، تون طبيب، تون دارون کي دردن،
مٿين بيتن ۾ تن، تند، تنوار، ديڳين، دوڳ، ڪڙهن، ڪڙيين، ڪڙڪو، چاڪ، چڪندا، دارون ۽ دردن لفظ ساڳين اشتقاقن مان ورتل آهن. شيخ اياز پڻ هن صنعت جو جهجهو استعمال ڪيو آهي:
- چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، رنگ رليل آڪاس،
رُتين رَتيون راتڙيون، اڏاڻا احساس،
- آهيان تنھجي امن جو، راڳي ويراڳي،
جاڳائي جاڳِي، جڳ ۾ تنھنجي جوت.
- جو ساهه ڏئي ٿو ننگن تي،
۽ جهانگين تي ۽ جهنگن تي. (17)
اهڙيءَ طرح شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ آيل لفظ رُتين رَتيون راتڙيون، راڳي، ويراڳي، جاڳائي جاڳِي، جهانگين تي ۽ جهنگن پڻ هڪ ساڳين اشتقاقن مان ورتل الفاظ آهن. ان ڪري مٿي ڏنل شعر صنعت اشتقاق جي ذمري ۾ اچن ٿا.
صنعت اقتباس
”جامع سنڌي لغات” ۾ ”اقتباس“ لفظ جي تشريح هن ريت ٿيل آهي.
اِقتَباسُ ج اِقتَباسَ: ذ. ]ع[ چونڊ _ انتخاب. نقل _ پنھنجي تصنيف ۾ ٻئي جي لکيت جو ورتل ڪجهه حصو. (18)
خاص طور تي هن صنعت ۾ شاعر پنھنجي ڪلام ۾ قرآن پاڪ جي ڪا آيت يا ڪا حديث شريف بيان ڪندو آهي، جيئن سر مارئيءَ ۾ شاھ لطيف، قرآن مجيد جي آيت ڏيندي چوي ٿو ته:
وَحدَهُ لاَشَرِيڪَ لَھُ، ايُ هيڪڙائيءَ حق،
ٻيائيءَ کي ٻک جن وڌو سي ورسيا.
هن بيت ۾ حديث ڏيندي شاھ لطيف چوي ٿو:
- جھڙو ”قيد الماءَ“ تھڙو نه ڪو ٻئو،
”جف القلم بما هو ڪائن،“ لھي نه نرتئاءِ،
- پنهون ٿيس پاڻھين، ويو سسئيءَ جو سينگار،
من عرف نفسه، فقد عرف ربه، اِهو ئي آچار،
شيخ اياز پنھنجي دعائن ۾ هن صنعت استعمال ڪيو آهي، جنھن ۾ هن قرآني آيتون ۽ حديثون ڪتب آنديون آهن، جيئن هڪ حديث جو مفھوم لکندي چيو اٿائين ته:
- نبيءَ جي هر حديث لاٽ وانگر آهي جا ابد
جهلملائيندي رهندي. هر حديث جو تعلق، ايمان عمل،
آداب ۽ اخلاق سان آهي.
اعمال جو دارو مدار نيتن تي آهي.
- اَللهُ جَمِيلُ وَ يُحِبُ الجَمَالُ
شيخ اياز پنھنجي شعر ۾ قرآن مجيد جي آيت ڏئي صنعت اقتباس جو هن ريت استعمال ڪيو آهي.
ڪُلُ نَفِس ذاِئقَته المُوتُ
توهان اهي سٽون ٻڌيون آهن؟ ڇا اهي ادب جو موضوع ٿي سگهن ٿيون؟ (19)
هن صنعت ۾ قرآن، حديث کان سواءِ تصوف جا اصطلاح، صوفين جا مقولا، نقل ۽ نظير پڻ استعمال ڪيا ويندا آهن.
صنعت تذبيح
هن صنعت ۾ شاعر پنھنجي ڪلام اندر رنگن بابت اهي لفظ استعمال ڪندو آهي. جيڪي هڪ ٻئي جو ضد هوندا آهن. شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ هونءَ ته ڳاڙهي، رنگ جو ذڪر تمام گهڻو ڪيو آهي، جنھن کي هو لال، لالي، لالائي، لعل، لعلن، ڪڪا، ڪڪورئو، ڪڪوري، رت ورنو، ڀنڀو، رتول، مڃٺ، کُهنبو، ريٽو، رتو، ارتو، کنڀو، رتڙو، ڪڪو ۽ سرخو سڏيو آهي. ان کان پوءِ هُن جنھن رنگ کي ڳايو آهي، سو ڪارو رنگ آهي. جنھن کي هون سياھ ۽ ڪارو وغيره ڪوٺيو آهي، ان کان علاوه هن اڇي، سفيد، سائي، سبز، ڌاڄي، (گيڙو رنگ) ميٽي، نيلي ۽ زردي رنگن جو پنھنجي شاعريءَ ۾ اهڙو ته سھڻي نموني سان استعمال ڪيو آهي جو ڏندين آڱريون اچيو وڃن. هتي شاھ جي ڪلام مان متضاد رنگن جا بيت پيش ڪجن ٿا:
- سرمو سياهيءَ جو، رنن کي رهاءِ،
اکين ۾ اٽڪاءِ، لالائي لالن جي.
- منھن ته آهيريانئي اُجرو، قلب ۾ ڪارو،
ٻھران زيب زبان سين، دل ۾ هچارو،
- ڪاري رات، اڇو ڏينھن، ايءَ صفتان نُورُ،
جتي پرينءَ حُضُورُ تِتِي رَنگُ نَه رُوپ ڪو.
مٿين بيتن ۾سياهي لالائي، ڪارو ۽ ڪاري اڇي رنگ هڪ ٻئي جو ضد آهن، تنھن ڪري چئبو ته شاھ لطيف صنعت تذبيح جو استعمال ڪيو آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ به اهڙا شعر موجود آهن جن ۾ هُن ساڳئي صنعت جو استعمال ڪندي شاھ لطيف جي اثر کي ظاهر ڪيو آهي. اچو ته ڏسون.
- ڀورو آهي ناسي آهي،
آديسي ابناسي آهي،
- ڳاڙهي آهي پيلي آهي،
ڪيڏي رنگ رنگيلي آهي،
- هي ڳاڙهي ڏاڙهي ملان جي،
هي ڪاري چوٽي پانڊي جي، (20)
ڀورو ناسي، ڳاڙهو پيلو ۽ ڳاڙهو ڪارو هڪ ٻئي جا مخالف رنگ آهن، جن جو شيخ اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪيو آهي.
صنعت تضاد
لفظ ’تضاد‘ جي معنى آهي. ضد يا ابتڙ يعني اهڙا لفظ جيڪي هڪ ٻئي جي مخالف معنى رکندڙ هجن، جنھن ۾ شاعر مختلف شين جي ڀيٽ ڪرڻ لاءِ، يا فرق کي چٽائي سان ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ شاعر ڪلام ۾ اهڙا لفاظ ڪتب آڻيندو آهي، جنھن سان لفظن ۾ واضح ۽ چٽو فرق معلوم ٿيندو آهي. شاهه لطيف جا اهڙا ڪيئي بيت آهن جن ۾ هُن صنعت تضاد جو استعمال ڪيو آهي. مثال طور:
- پِريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي،
ڪانهِي ڪَڙائي، چکين جي چِيت ڪري.
- توڙي ولاڙون ڪرين، توڻي هلين وِکَ،
- مَرِڻا اَڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اَڳي جي جيا،
مٿين بيتن ۾ مٺائي ڪڙائي، ولاڙون وک، مرڻا جيئڻا، مئا ۽ حيات هڪ ٻئي جا متضاد لفظ آهن، جن کي شاھ لطيف صنعت تضاد جي ذمري ۾ ڪتب آندو آهي. شيخ اياز به پنھنجي شاعريءَ ۾ اهڙي قسم جا لفظ ڪتب آڻي، هن صنعت جو استعمال ڪيو آهي. ملاحظي ڪريو:
- وِندر منھنجي واٽ تي، ڳولڻ ۽ ڳائڻ،
تتيءَ ٿڌيءَ تند سان، نينھڙو نڀائڻ،
- آھ بھشت به ساڳي دنيا،
۽ دوزخ به نڀاڳي دنيا،
- جنھن جو ڪوئي ٿاھُ نه آهي،
ٺاھ نه آهي، ڊاھُ نه آهي، (21)
اياز جي مٿين بيتن ۾ تتي ٿڌي، بھشت دوزخ، ٺاھُ ۽ ڊاھُ هڪ ٻئي جا ضد آهن.
صنعت تضمين
لفظ ”تضمين“ جي معنى ”جامع سنڌي لغات“ ۾ هن ريت درج آهي.
تضمين: ث. ]ضَمَنَ <ضَمَنَ. تَضمِين = ذمه وار ڪرڻ. شامل ڪرڻ. داخل ڪرڻ[ شامل ڪرڻ _ ڳنڍڻ. ملائڻ. شموليت. شاعريءَ جي هڪ صنعت (جنھن ۾ ٻئي جوشعر يا مصرع پنھنجي شعر ۾ ڪم آڻجي). (22)
شاعر ڪنھن ٻئي شاعر جي شعر جي مصرع پنھنجي ڪلام ۾ جيئن جو تيئن ڪتب آڻيندو آهي، ته ان کي ”صنعت تضمين“ چئبو آهي. شاھ جي رسالي ۾ هي صنعت تمام گهڻي استعمال ڪيل آهي. هُن ڪلاسيڪي شاعرن مان قاضي قادن، شاھ ڪريم، شاھ لطف الله قادري، شاھ عنات، خواجه محمد زمان، سميت ٻين ٻولين جي شاعرن جھڙوڪ: ميران، ڪبير، سعدي، حافظ ۽ مولانا روميءَ جا ڪيئي پد يا سٽون کڻي پنھنجي شاعريءَ ۾ تضمين طور ڪتب آنديون آهن. ان سان گڏوگڏ عربي مقولا، حديثون ۽ ڪلام الاهيءَ جي آيتن جا ڪيئي حصا هُن پنھنجي ڪلام ۾ اهڙيءَ طرح فنڪاريءَ سان ڪتب آندا آهن، جو ڪنھن به طرح اوپرا نٿا لڳن ويتر پڙهڻ سان وڌيڪ لطف اچي ٿو.
- چئو تون الله هيڪڙو، ٻي وائي وساري ڇڏ،
او تان توسين گڏ، سڄڻ ساھ پساھ ۾.
- اسين سڪون جن کي، اسين پڻ سيئي،
لم يلد و لم يولد، ونءُ اوڏاهين،
- گهڙي گهڙو هٿ ڪري، ٻھون نھاري ٻنگ،
”سر در قدم يار فدا شد چه بجاشد“ وصل اهو ئي ونگ،
شاھ لطيف جي هت ڏنل پھرئين بيت ۾ قاضي قادن، ٻئي بيت ۾ شاھ ڪريم، ٽين بيت ۾ مولانا روميءَ جي مثنوي مان مصراعون کڻي صنعت تضمين جو اعلى نمونو پيش ڪيو آهي. جڏهن ته شيخ اياز به هي صنعت استعمال ڪندي شاھ لطيف جي اڻ ڳڻين بيتن ۽ وائين جون سٽون ۽ پد پنھنجي شاعريءَ ۾ سمايون آهن جو اهي ڄڻ ته اياز جي تخليق پيون لڳن. جيئن: ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ، مئي متي مھراڻ ۾، ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا، سسي کي سيسار، پيهي ڏٺم پاڻ ۾، وٺا مينهن ملير تي، گهاتو گهر نه آئيا، چارڻ تنھنجي چنگ ۾ ۽ هٿيين، پيرين مونڙيين جھڙا پد پنھنجي شاعريءَ ۾ اهڙي ته نموني سان فنڪارانه انداز ۾ سموهي ڇڏيا آهن، جو اهي ڪڏهن به اوپرا، ڌاريا ۽ زوري جڙيل نه ٿا لڳن. ان کان سواءِ:
آهي ڇڏي ڇو، سيوا ڪر سمونڊ جي،
واڍوڙيــــن وٽـــاءِ، رهــي اچـجــان راتـــڙي، (23)
ڪيڏا منھنجي ڏات، تارا، تر، تروڪڻيون (24)
ڪو نه ڍڪيندا انگڙا، چارئي چنيءَ پوت. (25)
اياز به لطيف جيان پنھنجي ڪلاسيڪي شاعرن شاھ، سچل، ساميءَ سميت نارائڻ شيام، تلسيداس، بابا فريدشڪر گنج، بلا شاھ توڙي ٻين شاعرن جي سٽن جا پد يا سڄي جون سڄيون سٽون تضمين طور ڪتب آنديون آهن، جيڪو سندس شاعرانه فنڪاريءَ جي فن جو اعلى نمونو آهن.
صنعت تلميح
”جامع سنڌي لغات“ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”تلميح“ جي معنى هن ريت لکي آهي:
تلميح: ث (ع) شعر ۾ ڪنھن آيت، حديث، حڪايت، ڳالهه، قصي يا مشھور واقعي طرف اشارو هجي. “(26)
مرزا قليچ بيگ پنھنجي گرامر جي ڪتاب ”سنڌي ويا ڪرڻ“ ۾ صنعت تلميح جي وصف هن ريت بيان ڪئي آهي:
صنعت تلميح: يعني ڏيکارڻ. اصلاحي معنى موجب شعر ۾ ڪنھن قصي يا مسئلي يا اصطلاح ڏي اشارو ڪرڻ. (27)
”شاھ لطيف جو اڪثر ڪلام لوڪ قصن ۽ تاريخي داستانن تي سِرجيل آهي ۽ ان کان علاوه سندس شاعريءَ ۾تصوف جي ڪيترن رازن رمزن ۽ اسرارن جا علامتي اشارا به ملن ٿا، انهيءَ ڪري ان چوڻ ۾ ڪو به مبالغو نه ٿيندو ته شاھ جو سمورو رسالو صنعت تلميح جو مُرصع ۽ مرڪب آهي. ”(28)
مثال طور: جيئن روز ازل الله تعالى سڀني روحن کان واعدو ورتو هو ته ڇا مان توهان جو رب نه آهيان؟ ۽ پوءِ سمورن روحن يڪ آواز چيو هو ته ”قالو بلى“ انهيءَ ورتل ميثاق جي ڳالهه ڪندي شاھ لطيف چوي ٿو ته:
- ”الست“ ارواحن کي، جڏهن ڪن پيوم،
”قالو بلى“ قلب سين، تڏهن تِت چيوم،
- ٽيِئي پرچيا پاڻ ۾، تَندُ، ڪَٽارو. ڪَنڌُ،
اِيءَ شڪر الحمد، جِئن مٿو گهريئي مڱڻا.
- گُجر کي گَجِميلَ جِيون، تارَنِ ۾ تَبروُن،
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پَسو پرڏيھين جيون.
اهڙيءَ طرح شاھ جو رسالو صنعت تلميحن سان ڀريو پيو آهي. شيخ اياز پڻ پنھنجي شاعريءَ ۾ هيءَ صنعت تمام گهڻي استعمال ڪئي آهي، هُن خاص ڪري پنھنجي شاعريءَ جي مجموعو ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ ۾ هن صنعت جو جهجهو استعمال ڪيو آهي. جيئن هو چوي ٿو:.
- اڳ نه اهڙو ويس، اڳ نه اهڙا آڳڙيا،
ڌمڻ سارو ديس، سڀ کي چڻگون چت ۾.
- پھرين پڪو پرکجي، تانگهي ۾ تاري،
متان پو ماري، ڀڃي واهڙ وچ ۾. (29)
ٻيجل، راءِ ڏياچ، ڪنڌ، ڪماچ، تند، آڳڙيا، ڌمڻ، چڻگون، پڪو، تانگهو، تاري ۽ واهڙ اهڙا لفظ آهن، جن کي پڙهڻ کان پوءِ يڪدم اهي لوڪ ۽ تاريخي قصا ۽ ڪھاڻيون ياد اچي وڃن ٿيون، جن سان انهن ڪردارن ۽ شين جو اشارو سمايل آهي.
صنعت حسن تعتيل
هن صنعت مان مراد آهي ڪو اهڙو مطلب، دليل ۽ سبب سان بيان ڪجي، جيڪو حقيقت ۾ ته ان ريت نه هجي، پر شاعر ان جي ذريعي ڪلام ۾ حسن ۽ خوبي پيدا ڪري، شاعر اول خود ئي سوال ڪري ۽ وري ان جو جواب يا سبب به بيان ڪري، ته اهڙي صنعت کي حسن تعتيل سڏجي ٿو.
- سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون؟
وڃڻ تن پيو، نالو نينھن ڳنهن جي.
- سوريءَ مٿي سيڻ، ڪھڙي ليکي سنرا؟
جيلهه لڳا نيڻ، تي سوريائي سيج ٿي.
- جي اَٿئي سِڪَ سُرِڪَ جي، ته ونءُ ڪَلاڙِڪي هَٽِ،
شيخ اياز به هن صنعت جو چڱو استعمال ڪيو آهي:
- تو لئه تڪيندي ڏيئا اُجهاڻا،
ڇو ڪو نه آئين تون رات راڻا؟
- ڪاڻياري ڪنھن جي ڪاڻ؟
واهر تي ويساھ نه ڌار.
- ڦولان ڪنھن جي راڻي هئي؟
ڦولان جا ماڇاڻي هئي! (30)
صنعت مراعات النظير
شاعر ڪلام ۾ اهڙا الفاظ استعمال ڪري جن جي هڪ ٻئي سان پاڻ ۾ مناسبت يا ميل جول هجي مثال طور: گل ڀؤنر، باغ بلبل، سمونڊ ساندارو، جر پکي وغيره، ته اهڙي صورت ۾ چئبو ته شاعر ”صنعت مراعات النظير“ استعمال ڪئي آهي. جيئن:
- تون حبيب، تون طبيب، تون درد جو دارون،
دوا آهن دل کي تنھنجون تنوارون،
ڪريان ٿي ڪارون، جيئن ٻڪي ٻئنئون نه ٿي.
- سُون سَاريڪا هَٿڙا، ڪُوھ نه ڪَتئين رِڏ،
ويهي ڪنڊ ڪاپو ڪر، گهتون گوهيون ڇَڏِ،
ته صرافاڻي سَڏِ، مُرڪيو هُوندَ مَٽائِينِ.
- دَهشت دَمُ درياھَ ۾، جِتِ ڪَڙڪا ڪُنَ ڪَرين،
ٻِڇَلِ ٻانڊِيءَ ٻارِ ۾، اُتِ لھَرِيُون لُوڏا ڏِين،
سَناوَرَ سَهميا، اُت ميڻهايا نه سنڊين،
جِتِ ويرِيُون واٽَ نه ڏِيِن، اُت ساهڙ سير لنگهائيين!
هن بيت ۾ شاھ لطيف طبيب، دوا، درد، دارون ۽ ٻڪيءَ جو ڪھڙو نه وڻندڙ ۽ موزون ذڪر ڪيو آهي، جيڪي هڪ ٻئي سان مناسبت يا لاڳاپو رکندڙ لفظ آهن. شيخ اياز پڻ پنھنجي شاعريءَ ۾ هن صنعت جو استعمال ڪيو آهي.
- مان سنڌوءَ جي ڌارَ، نه روڪيو آ جنھن کي ڪنھن گهاٽَ،
لَھر لَھر تلوارَ، ڪندي وَئي، ڪُنَ ڪُنَ ۾ ڪَڙِڪاٽَ،
- ٽاريءَ ٽاريءَ تي ٿيون ٽمڪن ڪيئي مِينھَن ڦڙيون،
جهُڙ جي جهاڳَ هٽائي نِڪتي چوڏهينءَ جي چانڊوڪي.
- ويڄ اسان جي وَڍَ کي، مور نه گهرجي مکَ،
ڪُکِ ته ڪَکُ ڪَڙ ڪَڙ ڪان گهڻي ڪئِي، (31)
شيخ اياز جي مٿين بيتن ۾ سنڌو، ڌار، گهاٽ، لَھر، ڪُن ڪڙڪاٽ، ٽاري، ٽمڪن، مينهن ڦڙيون، جهڙ جهاڳ، ان بعد چانڊوڪي، ويڄ، وڍ، مَکُ، ڪَکُ اهڙا لفظ آهن، جن جو پاڻ ۾ لاڳاپو يا مناسبت آهي. تنھن ڪري چئبو ته شاعر پنھنجي ڪلام ۾ صنعت مراعات النظير جو استعمال ڪيو آهي.
صنعت مبالغه
”مبالغه“ مان مراد آهي وڌاءُ. يعني شاعر ڪنھن ڳالهه کي وڌائي ويجهائي اهڙي نموني سان پيش ڪري، جو اها اعتبار جوڳي نه هجي ۽ عقل کان بعيد هجي، ته ان کي ”صنعت مبالغه“ چئبو آهي. ڊاڪٽر فياض لطيف لکي ٿو ته: ”نثر ۾ مبالغي ۽ ابھام جو عنصر ۽ ابلاغ جا مسئلا پيدا ڪندو آهي، پر شاعريءَ ۾ مبالغو سحر ۽ حسن جو استعارو آهي. شعر ۾ جيستائين سحر ۽ جادوئي اثر نه هوندو، تيستائين اهو پنھنجو احساس ۽ تاثر دل ۽ دماغ تائين منتقل ڪري ۽ پھچائي نه سگهندو. شعر جي تحسين ۾ ابلاغ ۽ فهم جو رشتو لاڳاپيل آهي. فهم کان سواءِ ابلاغ ممڪن آهي، پر ابلاع کان سواءِ فهم ناممڪن آهي. شعر جي اثر انگيزي لاءِ ٻين ڪيترن ئي فني ۽ جمالياتي جزن سان گڏ ابهام ۽ مبالغي جو عنصر انتھائي اهم آهي، جيڪو شاعريءَ ۾ نرالي سونهن کي جنم ڏئي ٿو. (32)
اسان کي شاھ لطيف جي رسالي ۾ اهڙا مبالغي وارا بيت ملن ٿا، جنھن جي پڙهڻ سان ذهن ۾ هڪ قسم جو تجسس پيدا ٿئي ٿو، جيئن هو چوي ٿو:
- اَچي عِزرائِيل، سُتِي جاڳائِي سَسُئي،
ٿِي ڊوڙائِي دَليلَ، تَه پُنهوُنءَ ماڙهو موڪِليو.
- مُنڪر ۽ نڪير کي، جڏهِن ڏٺائين،
اڳيان اُٿي اُن کي، پُنهون پُڇيايائين،
اَدا! اِهائين، ڪيو ساٿُ سَـڄَن جو.
- ڪانڌي ڪنگ ٿياس، وهڻ جنازو سھڻي،
ٻگها جي ٻيٽن جا، ڪلها تن ڏناس،
اکيين ملڪ ڏٺاس، توءِ من ڪاڍو ميھار ڏي.
شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ مبالغو ڪندي چوي ٿو، جڏهن عِزرائِيل اچي سسئيءَ کي ننڊ مان اٿاريو، هن ائين پئي سمجهيو ته پڪ اهو پنهونءَ جو ماڻهو آيو آهي، جنھن اچي جاڳايو آهي، ٻئي بيت ۾ وري چوي ٿو ته جڏهن منڪر ۽ نڪير ملائڪ کانئس حساب ڪتاب وٺڻ لاءِ آيا، هن جواب ڏيڻ بدران انهن کان پنهونءَ ۽ ان جي قافلي جي پڇا ڪئي، اهڙي ريت ٽين بيت ۾ چوي ٿو ته سھڻي جا ڪانڌي ماڻهن بجاءِ ڪنگن جو ٿيڻ، ٻيٽن جي ٻگهن جا ڪلها ڏيڻ سڀ جو سڀ ابلاغ آهي.
اهڙيءَ طرح شيخ اياز به پنھنجي شاعريءَ ۾ حظ حاصل ڪرڻ ۽ تاثرپيدا ڪرڻ لاءِ ابھام ۽ مبالغي جي عنصر کي شامل ڪيو آهي، جيڪو تخليقي توڙي احساساتي حوالي سان من کي موهيندڙ، احساسن کي ڇُهندڙ ۽ شاعريءَ ۾ حسن پيدا ڪندڙ آهي. جيڪو سندس فني ڪاريگريءَ جو اهم ڪارنامو آهي. جيئن هُو چوي ٿو:
- مون کان اڳ به ڪو نه هو، مون کان پوءِ نه ڪو،
ڪنھن به ته هي سپنو، مون جيئن ڏٺو ڪينڪي. (33)
- ڌرتي ساري ٿي نچي، نچي ٿو پاتار،
مور سڄو سنسار، آندو آهي وجد ۾.
- اڃا ڪؤنڊي مارئي، پاڻي پياري،
مون کي جياري، سارَ انهيءَ جي سَٿ جي. (34)
شيخ اياز جيڪو شعر ۾ چوي ٿو ته: مون کان اڳ به ڪو نه هو، مون کان پوءِ نه ڪو، مور سڄو سنسار، آندو آهي وجد ۾ ۽ اڃا ڪؤنڊي مارئي، پاڻي پئي پياري. اهي سڀ جو سڀ مبالغي يا واڌاري واريون ۽ اعتبار نه ڪرڻ جوڳيون ڳالهيون آهن. تنھن ڪري چئبو ته مٿين بيتن ۾ صنعت مبالغي جو استعمال ٿيل آهي.
حوالا:
- گربخشاڻي، هوتچند مولچند ڊاڪٽر، ”مقدمه لطيفي،“ روشني پبليڪيشن ڪنديارو، 2007ع، ص 54_55.
- شاهواڻي غلام محمد، ”شاھ جو رسالو،“ روشني پبليڪيشن ڪنديارو، 2006ع، ص 46.
- بيگ مرزا قليچ، ”سنڌي ويا ڪرڻ،“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو. 2015ع، ص 281.
- شيخ اياز، ”ڪپر ٿو ڪن ڪري،“ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، سال 1986ع، ص94 _131.
- فياض لطيف، ”شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات،“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي، سنڌيونيورسٽي، ڄامشورو، سال 2018ع، ص398.
- ساڳيو، ص 398.
- شيخ اياز، ”شاعري _ 1“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، ڪراچي 2008ع، ص 83_117.
- شاهواڻي غلام محمد، ”شاھ جو رسالو، “ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، سال 2006ع ص 114.
- شيخ اياز، ”شاعري _ 1“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، ڪراچي 2008ع، ص 25_31_34.
- بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”جامع سنڌي لغات،“ (جلد پھريون) سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو سنڌ، 2007ع، ص274.
- فياض لطيف، ”شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات، “ انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي، سنڌيونيورسٽي، ڄامشورو، سال 2018ع، ص401.
- شيخ اياز، ”شاعري _ 1“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، ڪراچي 2008ع، ص28_ 561.
- دائودپوٽو عبدالغفار ”گوهر،“ ”ا لف بي وار شاھ جي رسالو ۽ رسالي جي ڏسڻي،“
سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، سال 2009ع، ص 69. - فياض لطيف، ”شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات،“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي، سنڌيونيورسٽي، ڄامشورو، سال 2018ع، ص403.
- شيخ اياز، ”شاعري _ 1“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، ڪراچي 2008ع، ص22_36_83.
- شيخ اياز، ”وِڄون وسڻ آئيون،“ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1989ع، ص94_131.
- شيخ اياز، ”شاعري _ 1“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، ڪراچي 2008ع، ص20_45_ 449.
- بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”جامع سنڌي لغات،“ (جلد پھريون) سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو سنڌ، 2007ع، ص188.
- شيخ اياز، ”شاعريءَ جو سجدو،“ سنڌيڪا بڪ اڪيڊمي ڪراچي، 2016ع، ص60.
- شيخ اياز، “شاعري _ 1”ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، ڪراچي 2008ع، ص431_521.
- ساڳيو. 30_94_441.
- بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”جامع سنڌي لغات،“ (جلد ٻيو) سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشوروسنڌ، 2007ع، ص80.
- شيخ اياز، ”ڪاري رات ڪھنگ،“ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1998ع، ص75.
- شيخ اياز، ”اَڪن نيرا ڦليا،“ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1988ع، ص37.
- شيخ اياز، ”وِڄون وسڻ آئيون،“ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1989ع، ص84.
- بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”جامع سنڌي لغات،“ (جلد ٻيو) سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو سنڌ، 2007ع، ص89.
- بيگ مرزا قليچ، ”سنڌي ويا ڪرڻ،“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ، 2015ع، ي 333.
- فياض لطيف، ”شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات، “ انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي، سنڌيونيورسٽي، ڄامشورو، سال 2018ع، ص404.
- شيخ اياز، ”شاعري _ 2 “ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، ڪراچي 2008ع، ص126_272.
- شيخ اياز، ”شاعري _ 1“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، ڪراچي 2008ع، ص498_499 _537.
- شيخ اياز، ”شاعري _ 1“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، ڪراچي 2008ع، ص534_578 _602.
- فياض لطيف، ”شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات،“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي، سنڌيونيورسٽي، ڄامشورو، سال 2018ع، ص408. .
- شيخ اياز، ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري،“ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1986ع، ص156.
- شيخ اياز، ”سورج مکي سانجهه“، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1993ع، ص55_81.
نوٽ: هن مقالي ۾ مٿين ڪتابن کان علاوه علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جي ترتيب ڏنل شاھ جو رسالو ”پيغام“ مان شاھ لطيف جا بيت کنيا ويا آهن ۽ ان سان گڏ شيخ اياز جي شاعري نمبر _1 مان شعر کنيا ويا آهن جيڪو ثقافت کاتي 2008ع ۾ شايع ڪيو آهي.