’ديوان گل‘ ۾ بيهاريل آئيويٽا جو جزوي جائزو
(A brief review of Alphabet used in Dewan Gul)

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

Abstract

After the occupation of Sindh in 1843, the British colonial administration declared the Sindhi language as the official language and introduced the Arabic-Sindhi script in Sindh in 1853, which was already familiar to Sindhi society. This research paper sheds light on the introduction and organization of the Sindhi alphabet during the early years of British colonial administration in Sindh and discusses the early response and contributions to Sindhi writing by examining the work of Akhund Gul, the writer of Dewan Gul. The Sindhi alphabet is based on the Arabic script, which is arranged by the sequence of the shape of the letter and dots on a letter. Considering the order of aspirates and unaspirated sounds, the proper Sindhi letters comprising different sounds were added or combined in the middle or at the end. This paper highlights that Akhund Gul disagreed with the alphabet introduced in the British era. Notably, in 1858, he produced Divan Gul in which he presented an alphabet containing a different sequence and shaped letters, especially digraph letters (گهه جهه etc.). The basis of the Akhund Gul alphabet’s order was the Persian alphabet, which was also based on the Arabic script. Moreover, Akhund Gul added and combined Sindhi letters in the Persian alphabet. The arrangement of the alphabet introduced by Akhund Gul in 1858 was based on the Arabic script arranged by the shape of letters and dots, but when combining or mixing Sindhi letters to develop the Sindhi alphabet, more attention was drawn to the sound. This paper also highlights that changes in the Sindhi alphabet have occurred over periods for the easy understanding and learning of students. For instance, changes in the arrangement of letters in the Sindhi alphabet were introduced in 1935. Which have been proven to be easy for ordinary students to remember, read, and write.

Keywords

Alphabet (Sequence of Letters)

  • Alphabet of 1853 A. D [sequence of British era]
  • Alphabet of 1935 A. D [Sequence of letters according Shape of letters and its dots]
  • Alphabet of 1960 A. D [colloquial Sequence of Sindhi Dictionary and syllabus]
  • Abjad Alphabet (ابجد آئيويٽا) [olden sequence according counting and letters]
  • Shamsi and Qamri Alphabet (آشمسي-قمري آئيويٽا) [Sequence arranged by Khalil bin Ahmed regarding sounds and point of articulation]
  • Abts (ابتث آئيويٽا) [sequence arranged by Ibne Muqla Regarding shapes of letters]
  • Abpts (ابپتث آئيويٽا) [Sequence of Farsi letters]

جائزي جو ٿلهه

سنڌي ٻوليءَ ۾ آئيويٽا/ الف- بي/ ورڻ- مالا/ حروف تھجي/ حروف معجم/ الفبا مان مراد ’اکرن جي ترتيب‘ آهي. لفظ ’آئيويٽا‘، يوناني (Greek) ٻوليءَ جي ’الفا- بِيٽا‘
۽ انگريزي Alphabet جي سنڌي صورت آهي؛ خود انگريزي اصطلاح/ ٽرم  Alphabet  پڻ يوناني اکرن جي اچار alpha ۽ beta جي جوڙ مان ٺھيو آهي. (1)

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ان حوالي سان لکي ٿو: ”لکڻ جو اهو سرشتو جنھن ۾ هر هڪ مک حرف ٻوليءَ جي آوازي سرشتي ۾ موجود ڪنھن ڌوَني تت جي لاءِ لکڻ ۾ عيوضي نشانيءَ طور ڪتب اچي ٿو، تنھن کي سنڌيءَ ۾ ’آئيويٽا‘ يا ’ورڻ- مالا‘ چئبو آهي. انگريزيءَ ۾ ان کي ’الفابيٽ‘ سڏيندا آهن، انهيءَ طرز تي سنڌي ورڻ- مالا کي
’الف- بي‘ به چئجي ٿو. “ (2)

ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڄاڻايل وصف جي مراد به ساڳي هن ريت بيھي ٿي: ”الف- ب: لکت وارين نشانين يا علامتن جي اها ترتيب، جنھن ۾ ڪنھن ٻوليءَ جي ڌار ڌار لکت وارين نشانين (grapheme) کي هڪ هنڌ ڏيکاريو ويو هجي يا گڏ ڪيو ويو هجي.“ (3)

انسائيڪلو پيِڊيا آف لئنگويج ۾ الفابيٽ جي وضاحت هن ريت ڪيل آهي:

Alphabet: “A writing system in which a set of symbols (letters) represents the phonemes of a language. ” (4)

دنيا جا جيڪي به رسم الخط (scripts) آهن، جيڪي مختلف مرحلن مان طئي ٿي آخري شڪل وٺي چڪا آهن، تن ۾ شروعاتي ڪوشش اها ئي رهي آهي ته آئيويٽا اهڙي ترتيب ڏجي، جيڪا بنيادي پڙهندڙ کي آسان لڳي. ان باوجود ٿيو ايئن آهي ته جيڪا ترتيب هڪ دفعو بيھي ويئي ۽ عام ٿي ويئي، ته پوءِ ان ۾ ردوبدل يا ڦيرڦار ڪرڻ هڪ مسئلو ٿي پوندي آهي. انگريزي/ رومن رسم الخط سان اهوئي حشر رهيو آهي. انهن جيئن ’ابجد واري پٽي‘ تان 26 اکري ترتيب کنئي، اڄ سوڌو ساڳي حالت ۾ آهي. ’ابجد‘ واري ترتيب جي قدامت جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر سھيل بخاري لکي ٿو: ”عربی حروف کی یہ ترتیب بہت قدیم معلوم ہوتی ہے کیونکہ ان میں سے کچھ جُٹ یونانی اور رومن رسم الخط میں بھی ملتے ہیں۔ رومن حروف کی موجودہ ترتیب میں ABCD (ابجد)، EFG (ہوز) KLMN (کلمن) اور  QRST (قرشت)  کے مجموعے عربی مجموعوں سے ملتے ہیں۔ یونانی میں الفا، بیٹا، گاما، ڈیلٹا عربی کا ابجد ہے۔ عربی کی اس ترتیب میں حروف کی قیمت بھی مقرر کردی گئی ہے … اسے حساب جمل کہتے ہیں۔ تاریخ گوئی کے فن یعنی تاریخی نام نکالنے میں اسی سے کام لیا جاتا ہے۔“    (5)

عربي ’ابجد‘ هڪ ترتيب جو نالو آهي. ابجد اصل 22 اکرن سان، عبرانيءَ مان عربيءَ ۾ داخل ٿيو. جنھن ۾ عربي آوازن جا اکر ’ثخذ- ضظغ‘ ملائي، 28 اکري بيھاريو ويو. ان ابجد جي اکرن جو ملهه مقرر ڪيو ويو، جنھن کان تاريخي نالن ڪڍڻ جو ڪم پڻ ورتو ويو. اهو ئي سبب آهي جو ان کي حساب جمل ڪوٺيو ويو. ان بعد عربيءَ ۾ ٻه ٻيون ترتيبون به عمل ۾ رهيون. ’الفبا‘ جي مختلف ترتيبن بابت پروفيسر سيد محمد سليم لکي ٿو ته: ” ابتدا میں حروف کی ترتیب آرامی طریقہ پر ابجد کے مطابق تھی۔ ا ب ج د، ہ و ز، ح ط ی، ک ل م ن، س ع ف ص، ق ر ش ت، ث خ ذ، ض ظ غ۔اس ترتیب میں نه آواز کا خیال رکھا گیا اور نہ شکلوں کا خیال رکھا گیا تھا۔ صوتی یا صورتی کوئی مناسبت اس ترتیب میں نظر نہیں آتی۔ طالب علموں کو اس ترتیب کے یاد  کرنے میں سخت دشواری تھی۔ نحو اور لغت کے امام خلیل بن احمد فراہیدی نے سب سے پہلے اس بے ترتیبی کو محسوس کیا۔ اس کی جدّت پسند طبیعت نے ایک نئی ترتیب پیش کی۔ اس نے حروف کو حلق کے مخارج کے اعتبار سے درجہ بدرجہ ترتیب میں رکھا۔ یہ ترتیب حلقی تھی۔ ع ح ہ، خ غ، ق، ک ج ش ض، ص س ز، ط د ت، ظ ذ ث، ر ل ن ف، ب م ئ ی و۔ بلا شبہ لسانیات کے محققین کے نزیک خلیل کا یہ کارنامہ بڑا قابل قدر ہے، لیکن طلبہ کے نقطۂ نظر سے دشواریاں بدستور باقی رہیں۔ یاد کرنے میں اب بھی سہولت پیدا نہیں ہوئی۔

عربی  خط کے عظیم فن کار ابن مقلہ (۳۱۰ ھ/۹۲۳ٴ) نے طلبہ کی دشواری کو محسوس کیا اور  پھر اس کا حل نکالا۔ اس نے ہم شکل حروف کو ایک جگہ جمع کرکے ایک نئی ترتیب تشکیل دی جو ابتث کہلاتی ہے۔  ا ب ت ث، ج ح خ، د ذ، ر ز، س ش، ص ض، ط ظ، ع غ، ف ق،  ک ل م ن، و ہ ئ ی۔  جس طرح ابن مقلہ کے اختراع کردہ خط نسخ نے خطِ کوفی کو منسوخ کردیا۔ اسی طرح اس کی جاری کردہ ترتیب نے ترتیب ابجدی اور ترتیب حلقی کو منسوخ کردیا۔“ (6)

مقصد ته عربيءَ ۾ اکرن جون ٽي ترتيبون رهيون، جنھن مان موجوده ’ابتث‘ مروج آهي؛ ليڪن اها به حقيقت آهي ته اڳين ٻن کي به ڪنھن نه ڪنھن مقصد لاءِ ڪم ضرور آندو ويندو آهي. هتي انهن ترتيبن جو مختصر احوال ڄاڻائي اڳتي وڌبو:

ابجدآئيويٽا

[ابجد = ا- ب- ج- د (عربيءَ ۾ ڪم ايندڙ شروعاتي اکري ترتيب واري آئيويٽا)] اوائلي اکري ترتيب ۽ هڪ کان هزار تائين ڳاڻاٽي جي ترتيب- عبراني- عربي آئيويٽا: ابجد هوز حطي ڪلمن سعفص قرشت ثخذ ضظغ- ’ابجد هوز حطي ڪلمن سعفص قرشت‘ تائين عبراني آئيويٽا ۽ ’ثخذ ضظغ‘ عربي اضافي سان ابجد سڏجندڙ- ترتيبوار ايڪن (ابجد هوز حط)، ڏهاڪن (يڪلمن سعفص)، سوَن (قرشت ثخذ ضظ) ۽ هزار (غ) واري آئيويٽا. ان کان سواءِ ڳاڻيٽي جي لحاظ کان ابجد جون ٻه ترتيبون هن ريت پڻ ڪم آنديون وينديون آهن:

  • ابجد قمريءَ جي ترتيب: ابجد (هڪ- ٻه- ٽي- چار)، هوز (پنج- ڇهه- ست)، حطي (اٺ- نوَ- ڏهه)، ڪلمن (ويھه- ٽيھه- چاليھه- پنجاهه)، سعفص (سٺ- ستر- اسي- نوي)، قرشت (سؤ- ٻه سؤ- ٽي سؤ- چار سؤ)، ثخذ (پنج سؤ- ڇهه سؤ- ست سؤ) ضظغ ( اٺ سؤ، نوَ سؤ- هزار).
  • ابجد شمسيءَ جي ترتيب: ايقغ (هڪ- ڏهه- سؤ- هزار)، بڪر (ٻه- ويھه- ٻه سؤ)، جلش (ٽي- ٽيھه- ٽي سؤ)، دمت (چار- چاليھه- چار سؤ)، هنث (پنج- پنجاهه- پنج سؤ)، وسخ (ڇهه- سٺ- ڇهه سؤ)، زعذ (ست- ستر- ست سؤ)، حفض (اٺ- اسي- اٺ سؤ)، طصظ (نوَ- نَوي- نوَ سؤ). (7)

شمسي- قمري آئيويٽا

[شمسي (سج وارا) ۽ قمري (چنڊ وارا)] نحوَ ۽ لغت جي امام خليل بن احمد فراهيدي (780ع) جي مخرج جي بنياد تي ترتيب ڏنل عربي آئيويٽا جا اهي چوڏهن شمسي اکر: ’ت، ث، د، ذ، ر، ز، س، ش، ص، ض، ط، ظ، ل ۽ ن‘، جيڪي ڏندن ۽ زبان جي چوٽيءَ  وارن آوازن لاءِ متعين ٿيل آهن. انهن اکرن کان اڳ وارو صرفيو: ’ال‘ جو آواز نه اچاربو آهي، جيئن: ’عبدالسلام‘ کي ’عبدُس سلام‘ يا ’عبدالرحيم‘ کي ’عبدُر رحيم‘ اچاربو. استادن جي ڄاڻائڻ موجب جيئن سج جي هوندي، آسمان ۾ تارا نظر نه ايندا آهن، ائين شمسي اکرن سبب ’ال‘ تي نظر ناهي رکڻي.

مخرج جي بنياد تي ترتيب ڏنل عربي آئيويٽا جا اهي چوڏهن قمري اکر: ’ا، ب، ج، ح، خ، ع، غ، ف، ق، ڪ، م، و، هه ۽ ي‘، جيڪي ٻن چپن،  سخت تارونءَ ۽ نڙيءَ وارن آوازن لاءِ متعين ٿيل آهن. اهي آواز جن کان اڳ وارو صرفيو ’ال‘ لازمي اچارجي، جيئن: ’عبدالقادر‘ کي ’عبدُل قادر‘ پڙهبو. استادن جي سمجهائڻ موجب جيئن چنڊ جي هوندي، آسمان ۾ تارا نظر ايندا آهن، ائين قمري اکرن سبب ’ال‘ کي نظر ۾ رکبو. (8)

ابتث آئيويٽا

ا- ب- ت- ث (عربيءَ ۾ ڪم ايندڙ شڪل ۽ ٽٻڪن- وار آئيويٽا)] عربيءَ ۾اکرن جون ڪل ٽي ترتيبون ڪم آنديون ويون آهن: ابجد آئيويٽا، شمسي- قمري آئيويٽا ۽ ابتث آئيويٽا- ’ابتث‘ ابن مقله اکرن جي شڪل ۽ ٽٻڪن- وار ترتيب ڏني هئي، جيڪا موجوده وقت ۾ ڪم آندي وڃي ٿي. (9)

عربي رسم الخط ۾ مٿيون ٽي پٽيون ڪم آيون ۽ هن وقت به انگن، اکرن، املاءِ ۽ پڙهائڻ جي نسبت ڪم آنديون وڃن ٿيون. ابجد کان وٺي، ابتث تائين جي پٽين جي تبديليءَ جو اهم سبب، پڙهندڙن لاءِ آساني پيدا ڪرڻ آهي. عربي لغتن ۾ خاص طور ’ابتث‘ (شڪل ۽ ٽٻڪن وار) واري ترتيب کي ڪم آندو ويندو آهي.

اکرن جي ترتيب نسبت، سنڌي رسم الخط جون ٽي ترتيبون اهم رهيون آهن، جن ۾ 52 اکر ڄاڻايل آهن:

  • 1853ع واري آئيويٽا: ا، ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ، ڦ، ج، ڄ، جهه، ڃ، چ، ڇ، ح، خ، د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر، ڙ، ز، س، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ق، ڪ، ک، گ، ڳ، گهه، ڱ، ل، م، ن، ڻ، و، هه، ء، ي.
  • 1935ع واري اکرن جي شڪل ۽ ٽٻڪن وار آئيويٽا: ا، ب، ٻ، پ، ڀ، ت، ٺ، ٽ، ث، ٿ، ف، ڦ، گ، ڳ، ڱ، ک، ي، د، ذ، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ح، ج، ڄ، ڃ، چ، ڇ، خ، ع، غ، ر، ز، ڙ،  م، ن، ل، س، ش، و، ق، ص، ض، ڻ، ط، ظ، هه، جهه، گهه، ڪ، ء.
  • 1960ع واري موجوده آئيويٽا: ا، ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ، ج، ڄ، جهه، ڃ، چ، ڇ، ح، خ، د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر، ڙ، ز، س، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ڦ، ق، ڪ، ک، گ، ڳ، گهه، ڱ، ل، م، ن، ڻ، و، هه، ء، ي. (10)

1935ع واري ترتيب اهڙي آهي، جيڪا اڄ سوڌو، ضلع نوشھري فيروز جي ڪافي اسڪولن ۾ پڙهائي وڃي ٿي؛ ڇاڪاڻ ته اها اکر جي گهر ۽ ٽٻڪن وار رکيل آهي ۽ پڙهندڙ ٻارن لاءِ نھايت آسان سمجهي وڃي ٿي.

حقيقت ۾ ته انگريزن جي بيھاريل آئيويٽا جو بنياد به عربي ’ابتث‘ (شڪل ۽ ٽٻڪن وار) ئي آهي. هتي ٻنهي آئيويٽائن جي تقابل جي اهڙي جدول پيش ڪجي ٿي:

 

اکر جي بنيادي صورت

عربي ’ابتث‘ آئيويٽا

1853ع واري آئيويٽا

1

ا  ب

ا، ب، ت، ث

ا، ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ، ڦ

2

ح

ج ح خ

ج، ڄ، جهه، ڃ، چ، ڇ، ح، خ

3

د

د ذ

د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ

4

ر

ر ز

ر ڙ ز

5

س

س ش

س ش

 

ص

ص ض

ص ض

6

ط

ط ظ

ط ظ

7

ع

ع غ

ع غ

8

ف/  ق/ ڪ/ ک

ف ق ڪ/ ک

ف ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ

8

ل م ن

ل م ن

ل م ن ڻ

10

و هه ي

و هه ي

و هه ء ي

عربي ’ابتث آئيويٽا‘ ۽ ’1853 واري آئيويٽا‘ جي تقابل مان اندازو ٿئي ٿو ته 1853 واري آئيويٽا ترتيب ڏيڻ وقت ’ابتث آئيويٽا‘ کي سامهون رکي، سنڌي اضافي اکرن کي متعلقه عربي اکرن جي وچ يا آخر ۾ ٽنبيو ويو، جنھن جو اندازو مٿئين تقابل مان بخوبي ٿئي ٿو. (11) ڪن هنڌن تي اوسرڳ ۽ وسرڳ کي گڏ رکڻ جو به خيال رکيو ويو.

ان جائزي مان اهو ئي اخذ ٿئي ٿو ته انگريزن جي ترتيب ڏنل آئيويٽا جو بنياد، ابن مقلهرحه جي بيھاريل شڪل ۽ ٽٻڪن وار ’الف- بي‘ آهي. ان ’ابتث آئيويٽا‘ وانگر، 1935ع ۾، ابتدائي شاگردن جي سھوليت کي نظر ۾ رکي، اکرن جي شڪل ۽ ٽٻڪن وار  ترتيب کي بيھاريو ويو، جنھن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي.

آئيويٽائن جي جائزي مان اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته سڀني ترتيبن مان اهڙي ترتيب جيڪا اکر جي شڪل ۽ ٽٻڪن وار هجي، سا ابتدائي ٻارن لاءِ وڌيڪ مناسب ۽ مفيد سمجهي وئي آهي. هن پيپر ۾ آخوند گل جي آئيويٽا جاچڻ لاءِ هيٺيون سوال اهم آهي:

آخوند گل سنڌي آئيويٽا جي ترتيب بيھارڻ لاءِ ڪھڙو انداز رکيو آهي؟

آئيويٽا جي ترتيب جو انداز

آخوند گل محمد، بنيادي طور تي هڪ استاد هيو ۽ علم لسان جو ڄاڻو هيو، ان ڪارڻ انگريزن جي جاري ڪيل آئيويٽا سان اختلاف رکندي، هن هڪ نرالي آئيويٽا بيھاري. نه رڳو آئيويٽا بيھاري، پر صورتخطيءَ جي خيال کان ان کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ ’ديوان‘ ترتيب ڏنو. ياد رهي ته ادب جي کيتر ۾ ’ديوان‘ مان مراد، اهڙو غزلن جو مجموعو جنھن جي قافيي يا رديف جو آخري اکر الف- بي واري ترتيب سان هجي. هتي سندس ترتيب ڏنل آئيويٽا رکي، ان جي بيھڪ ۽ انداز جو جائزو ورتو ويندو.

 

آخوند گل محمد گل جي ترتيبيل آئيويٽا (1858)

ا ب  ٻ  پ ڀ ت ٺ ٽ ٿ ث ج ج (جهه:  جيم مٿان هه)

ڄ ڃ چ ڇ ح خ د ڊ ڍ ڌ  ڎ (دال مٿان ث وارا ٽي ٽٻڪا) ذ ر

ر (ڙهه: ر جي مٿان هه) ڙ ز  ژ(فارسيءَ واري) س ش ص ض

ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ گ (گهه: گ مٿان هه)

هه

ڳ ڱ ل ل (لهه: لام مٿان هه) م ن ن (نهه: ن مٿان هه) ڻ

و هه ي. (12)

ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پنھنجي تحقيقي مضمون ’ديوان گل ۽ خليفو گل محمد هالائي‘ ۾ آخوند گل جي جيڪا آئيويٽا ڏني آهي، ان جي ترتيب ۾ ’ٿ ٽ ٺ‘
جي اکرن واري جوڙ ۾ کانئس مغالطو ٿيو آهي. حالانڪ ديوان گل جي ترتيب موجب ’ٺ ٽ ٿ‘ بيھاريل آهي. (13)

آخوند گل جا ٻه قلمي نسخا سامهون آهن، جيڪي ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ’ديوان گل ۽ سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو‘ ۾ ڏنا آهن. ان ۾ هڪ: 1858ع بمبئي ڇاپو آهي، جيڪو آخوند صاحب پاڻ ليٿو تي ڇپرايو هئو، ٻيو: 1275 هجريءَ جو قلمي نسخو آهي، جنھن ۾ هڪ- اڌ اکر جي شڪل، اڳئين ديوان کان نرالي آهي، جيئن: ’ڻ‘ لاءِ ’ن‘ مٿان، ٽٻڪي سوڌو ننڍڙي ط جي علامت. (14)

هتي صرف بمبئيءَ واري ڇاپي تي مرڪوز رهبو، جنھن جي ترتيب، 1853 واري آئيويٽا کان  نرالي بيھاري وئي، جيڪا اکرن جي گهر ۽ ٽٻڪن وار آهي. سندس ترتيب ڏنل آئيويٽا کي 1853 واري آئيويٽا سان تقابل ڪري، بعد ۾ ئي ڪو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو.

 

1853 واري آئيويٽا

آخوند گل آئيويٽا

1

ا  ب  ٻ  ڀ  ت  ٿ   ٽ  ٺ  ث  پ

ا ب  ٻ  پ ڀ ت ٺ ٽ ٿ ث

2

ڦ

’ڦ‘ اکر کي ’ف‘ کان پوءِ رکيو ويو

 

3

 

ج ڄ  جهه  ڃ   چ   ڇ   ح   خ

ھ

ج ج  ڄ ڃ چ ڇ ح خ

4

د  ڌ  ڏ  ڊ  ڍ ذ

د ڊ ڍ ڌ ڎ ذ

5

 

ر ڙ ز

ھ

ر ر ڙ ز  ژ(فارسيءَ واري)

6

س  ش  ص   ض  ط   ظ   ع   غ

س ش ص ض ط ظ ع غ

7

ف  ق

ف ڦ ق

8

 

ڪ ک گ  ڳ  گهه  ڱ

ھ

ڪ ک گ گ

هه

ڳ ڱ

9

ل  م  ن  ڻ

ھ

ل ل م ن ڻ

10

و هه ء ي

و هه ي

مٿي انگريزي دور جي آئيويٽا ۽ آخوند گل آئيويٽا کي تقابل ڏيڻ سان هيٺيان نڪتا ملن ٿا، جيڪي تقابلي صورت ۾ پيش ڪجن ٿا:

پھريون ۽ ٻيون قطاري خانو

  • 1853ع واري آئيويٽا: ’عربي ابتث‘ واري ترتيب جي وچ ۾ سنڌي اکر ٽنبيا ويا، جيئن: ’ا ب ت ث‘ جي وچ ۾ سنڌيءَ جا اڳ کان هلندڙ اکر ’ٻ ڀ ٿ ٽ ٺ پ‘ ٽنبي، ’ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ‘ بيھاريا ويا. ’پ‘ بعد ’ڦ‘ کي پڻ رکيو ويو.
  • آخوند گل آئيويٽا: فارسي ’ابپتث‘ واري ترتيب جي وچ ۾ سنڌي اکر ٽنبيا ويا، جيئن: ’ا ب پ ت ث‘ جي وچ ۾ ’ٻ ڀ ٺ ٽ ٿ‘ ٽنبي، ’ا ب ٻ  پ ڀ ت ٺ ٽ ٿ ث‘ بيھاريا ويا.

تبصرو: ٻنهي آئيويٽائن جو بنياد عربي ’ابتث‘ واري ترتيب آهي، جنھن کي ابن مقلهرحه ترتيب ڏنو هيو. فارسيءَ وارن به عربي ’ابتث‘ ۾ پنھنجا نرالا آواز/ اکر ملايا. سنڌي عالمن/ استادن به ايئن ئي ڪم ڪيو. البت، ٻنهي ترتيبن ۾ هڪ ڳالهه اهم ملي ٿي ته ’1853‘ واري آئيويٽا ۾ وسرڳ اکرن کي سندن اوسرڳ اکرن بعد رکيو ويو آهي، جيئن: ت- ٿ، ٽ- ٺ، پ- ڦ. شروعاتي جوڙ ۾ ’ب ٻ ڀ‘ جي ترتيب ۾ به اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ’ب ۽ ٻ‘ کي قريب مخرج سمجهي ان بعد وسرڳ ’ڀ‘ جو اکر رکيو ويو. جڏهن ته آخوند گل جي آئيويٽا ۾ اهو خيال نه رکيو ويو آهي، جيئن: ت- ٺ- ٽ- ٿ. ان کان علاوه ’ڦ‘ اکر کي به شڪل نسبت ’ف‘ جي ڀر ۾ رکيو.

ان مان اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته انگريزن جي ترتيب ڏنل 1853 واري آئيويٽا جو بنياد، اکر جي شڪل ۽ ٽٻڪن وار عربي ترتيب ’ابتث‘ آهي، ليڪن جڏهن انهن ۾ سنڌي اکر ٽنبيا ويا ته ان وقت آواز جو خيال رکيو ويو. جڏهن ته آخوند گل جي سامهون فارسي آئيويٽا رهي هوندي، جنھن ۾ هن اکر کي آواز جي بنياد تي نه بلڪ اکر جي شڪل ۽ ٽٻڪن وار رکيو، جيئن: ’ب- ٻ- پ- ڀ‘. ڄاڻايل اکر جي ٻيڙيءَ هيٺان هڪ، ٻن، ٽن، چئن ٽٻڪن وارن اکرن کي ترتيب سان رکيو. ان بعد ’ت- ٺ- ٽ- ٿ- ث‘ تائين ٻيڙيءَ وارا اکر بيھاريا، جنھن ۾ پڻ ٻيڙيءَ واري اکر مٿان، ٻه- ليٽيل، ٻه- اڀا، ٽي لاٽونءَ نما ٽٻڪن وارا اکر ۽ پوءِ چئن ٽٻڪن وارو اکر بيھاريو. البت، ٽن ٽٻڪن واري اکر ’ث‘ کي ’ٿ‘ کان پوءِ رکيو، جيڪو ٽٻڪن وار مناسب نه پيو لڳي. يعني اندازو ٿئي ٿو ته ساڳي فارسي آئيويٽا جي اکرن کي اڳتي پوئتي ڪونه ڪيو اٿائين.

ٽٻڪن جي حوالي سان ان جوڙ جا ٻه حصا آهن، پھريون ’ب- ٻ- پ- ڀ‘ ۽ ٻيون: ’ت- ٺ- ٽ- ٿ- ث‘. هنن ٻن حصن جي پھرين جوڙ ۾ ٻيڙيءَ واري اکر ۾
ٻن ٽٻڪن مان پھرين اڀا (ٻ- پ) رکيا اٿائين، جنھن ۾ ٻيو ڪو ليٽيل سامهون نه هيو. ساڳئي جوڙ جي ٻئي حصي ۾ پھرين ليٽيل پوءِ اڀا (ت- ٺ) رکيا اٿائين. اندازو آهي ته اتي هلڪن ۽ ڳورن آوازن جو خيال رکيو هوندائين.

ٽيون قطاري خانو

1853ع واري آئيويٽا: ’عربي ابتث‘ واري ترتيب جي وچ ۾ سنڌي اکر ٽنبيا ويا، جيئن: ’ج ح خ ‘ جي وچ ۾ سنڌيءَ جا اڳ کان هلندڙ اکر ’ڄ جهه ڃ چ ڇ‘ ٽنبي،
’ج، ڄ، جهه، ڃ، چ، ڇ، ح، خ‘ بيھاريا ويا.  

  • آخوند گل آئيويٽا: فارسي ’ابپتث‘ واري ترتيب جي وچ ۾ سنڌي اکر ٽنبيا ويا، جيئن: ’ج چ ح خ‘ جي وچ ۾ ’ج ڄ ڃ ڇ ح خ‘ ٽنبي، ’ج ج ڄ ڃ چ ڇ ح خ‘
    بيھاريا ويا.

تبصرو: 1853ع واري آئيويٽا ۾ شروعاتي اکرن ۾ وسرڳ (aspirate) جو خيال رکيو ويو، ليڪن بعد جي اکري جوڙن ۾ اهڙو خيال نه رکيو ويو، جيئن: ’ج‘ بعد ان جو وسرڳ ’جهه‘ رکڻ کپندو هيو. ان بعد ’چ‘ جو وسرڳ بيشڪ ’ڇ‘ رکيو ويو. ان موقعي تي هڪ ڳالهه اها به سامهون اچي ٿي ته ان ڳالهه کان انگريز عالم واقف هيا ته وسرڳ (aspirate) ڇا ٿيندو آهي ۽ ان کي اوسرڳ سان ڪيئن رکڻو آهي، ليڪن هن جوڙ ۾ ’ڄ‘ کان بعد ’جهه‘ رکيو ويو آهي. ’ڄ‘ جو اکر چوسڻو آواز (implosive sound)  آهي، جيڪو امڪان آهي ته انگريز عالمن ان کي ان خيال کان نه سمجهيو هجي ۽ ان کي ’ج‘ (plosive) جو قريبي آواز سمجهي، ان بعد وسرڳ ’جهه‘ رکيو هجي. ان موقعي تي جيڪڏهن ڪو سنڌي عالم/ استاد هجي ها ته ’جهه‘ کي ’ج‘ بعد ئي رکڻ جي سفارش ڪري ها يا رکي وٺي ها. ان مان پڪو اندازو رهي ٿو ته انگريزن واري الفابيٽ ڪاميٽيءَ ۾ چار مسلمان ۽ چار هندو ميمبر هجڻ، هڪ افسانو هيو.

آخوند گل پڻ وسرڳ جو خيال رکيو، ليڪن هن جي اهم نظر اکر جي گهر ۽ ٽٻڪن جي ترتيب تي هئي. ان ڪارڻ هن جيڪا ترتيب رکي، ان ۾ ’ج ج ڄ ڃ چ ڇ ح خ‘، ’ج‘ کان پوءِ ’ج (جهه)‘ رکيو. ان بعد اکر جي ساڳئي گهر ۾ هڪ ٽٻڪو، ٻه ٽٻڪا، ٽي ٽٻڪا ۽ چار ٽٻڪا ترتيب سان رکيا. باقي ’ح ۽ خ‘ کي ساڳي صورت ۾ رکيائين.

جيڪڏهن نج پنھنجي ترتيب بيھاري ها، ته ’ح‘ ۽ ’خ‘ کي به انهن ٽٻڪن نسبت ڏسي ها، ليڪن فارسي ترتيب (جيڪا اصل عربي ابتث تان ورتل آهي) کي اڳتي پوئتي ڪونه ڪيائين. جڏهن ته ’ح‘ واري جوڙ ۾ پھرين اڀا ۽ پوءِ ليٽيل (ڄ- ڃ)  رکيا اٿائين.

چوٿون قطاري خانو

  • 1853ع واري آئيويٽا: ’عربي ابتث‘ واري ترتيب جي وچ ۾ سنڌي اکر ٽنبيا ويا، جيئن: ’د ذ‘ جي وچ ۾ سنڌيءَ جا اڳ کان هلندڙ اکر ’ڌ ڏ ڊ ڍ‘ ٽنبي، ’د ڌ ڏ ڊ
    ڍ ذ‘ بيھاريا ويا.
  • آخوند گل آئيويٽا: فارسي ’ابپتث‘ واري ترتيب جي وچ ۾ سنڌي اکر ٽنبيا ويا، جيئن: ’د ذ‘ جي وچ ۾ ’ ڊ ڍ ڌ ڎ‘ ٽنبي، ’ د ڊ ڍ ڌ ڎ ذ ‘ بيھاريا ويا.

تبصرو: 1853ع واري آئيويٽا ۾ ’د- ڌ‘، ’ڊ- ڍ‘ واري ترتيب ۾ وسرڳ ۽ اوسرڳ جو ڌيان رکيو ويو.

آخوند گل، هن جوڙ ۾ اکر جي ٽٻڪن کي ئي ڌيان ۾ رکندي، ٽٻڪن سواءِ، هڪ ٽٻڪي، ٻن ٽٻڪن، ٽي ٽٻڪن واري اکر کي ترتيب سان رکيو، باقي ’د ۽ ذ‘ واري ترتيب سان ڪا کڻاند نه ڪئي. البت، ’ڏ‘ اکر اهڙو رهيو آهي، جنھن جون اوائل ۾ ٻه صورتون ’ڏ- ڎ‘ رهيون آهن، تن مان ’ڎ‘ کي ترجيح ڏنائين. ترتيب جي سلسلي ۾ جيڪڏهن ’د ۽ ذ‘ واري انداز کي ڏسي ها ته هڪ ٽٻڪي واري ’ڊ‘ کي ’ذ‘ سان ضرور گڏ رکيس ها، ليڪن سندس اها خاصيت رهي آهي ته کنيل آئيويٽا جي ترتيب کي اڳتي پوئتي ڪونه ڪيو اٿائين. اهو انداز 1853 واري ترتيب جو به رهيو آهي.

پنجون قطاري خانو

  • 1853ع واري آئيويٽا: ’عربي ابتث‘ واري ترتيب جي وچ ۾ سنڌي اکر ٽنبيا ويا، جيئن: ’ر ز‘ جي وچ ۾ سنڌيءَ جا اڳ کان هلندڙ اکر ’ڙ‘ ٽنبي، ’ر ڙ ز‘ بيھاريا ويا.
  • آخوند گل آئيويٽا: فارسي ’ابپتث‘ واري ترتيب جي وچ ۾ سنڌي اکر ٽنبيا ويا، جيئن: ’ر ز ژ‘ جي وچ ۾ ’ ر ڙ ‘ ٽنبي، ’ ر ر ڙ ز ژ‘ بيھاريا ويا.

تبصرو: 1853ع واري آئيويٽا ۾ ’ر‘ بعد ’ڙ‘ جو اکر رکيو ويو.  جڏهن ته آخوند گل به ايئن ئي ڪيو، ليڪن ان ۾ ’ر‘ کان پوءِ ’ر‘ (ڙﻬ) ۽ بعد ۾ ’ڙ‘ جو اکر رکيو. ان کان علاوه فارسيءَ واري ’ژ‘ ساڳي صورت ۾ رکيائين. فارسيءَ واري ’ ژ‘، دراصل سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال نه ٿي ٿئي، ليڪن آخوند گل پنھنجي ڏنل آئيويٽا/ پٽيءَ ۾ ان جو شمار ڪيو آهي ۽ رديف ۾ ڪم آندو اٿس؛ حالانڪ ان سان ڪو لفظ به ڪم نه آندو اٿس، البت ’ويچارا ڏيڻ‘ يا ’چٻرا ڪڍڻ‘ جي مراد سان ڪم آندو اٿس، جيئن:

عاشق اُڀو چئي واهه واهه، معشوق ٻولي ژ ژ ژ ژ

عاشق چوي ويو ساهه ساهه، معشوق ٻولي ژ ژ ژ ژ

(15)

ڇهون قطاري خانو

  • 1853ع واري آئيويٽا: ’عربي ابتث‘ واري ترتيب جي هن جوڙ کي جيئن جو تيئن رکيو ويو: س ش  ص  ض ط ظ ع  غ
  • آخوند گل آئيويٽا: فارسي ’ابپتث‘ واري ترتيب موجب هن جوڙ کي جيئن جو تيئن رکيو ويو: س ش  ص  ض ط ظ ع  غ

 

  • ستون قطاري خانو
  • 1853ع واري آئيويٽا: ’عربي ابتث‘ واري ترتيب جي وچ ۾ سنڌي اکر ٽنبيا ويا، جيئن: ’ف ق‘ کي جيئن جو تيئن رکيوويو.  
  • آخوند گل آئيويٽا: فارسي ’ابپتث‘ واري ترتيب جي وچ ۾ سنڌي اکر ٽنبيا ويا، جيئن: ’ف ق‘ جي وچ ۾ سنڌيءَ جو اڳ کان هلندڙ اکر ’ڦ‘ ٽنبي، ’ف ڦ ق‘ بيھاريا ويا.

تبصرو: 1853 واري آئيويٽا موجب هن جوڙ ۾ ڪوبه اکر نه وڌايو ويو. ’ڦ‘ جو اکر، جيڪو شڪل ۾ ’ف‘ جھڙو ته آهي، ليڪن آواز جي بنياد تي ان کي ’پ‘ سان رکيو ويو. ان جو سبب ته ’ڦ‘ جو اکر وسرڳ آهي، ’پ‘ اوسرڳ جو! ان لاءِ ته انهن جو، ترتيب جي معاملي ۾ اکر جي شڪل کان وڌيڪ، ان جي آواز تي ڌيان هيو.

آخوند گل جيئن ته اکر جي شڪل ۽ ٽٻڪن جي ترتيب تي گهڻو ڌيان ڏنو، ان ڪارڻ ان ’ف ۽ ق‘ جي وچ ۾ ’ڦ‘ جو اکر رکيو. ان انداز سان ته ’ڦ‘ جو اکر، ’ف‘ جي شڪل جھڙو آهي. جڏهن ته ’ق‘ به هنن اکرن جي جوڙ جو آهي، توڻي جو ان جي بنيادي شڪل گولائيءَ مائل آهي ۽ ’ف يا ڦ‘ جي شڪل بنيادي شڪل ’ب‘ جي ٻيڙيءَ سان هم شڪل آهي، ليڪن انهن جي شروعاتي ننڍڙي گولائي ساڳي آهي.

اٺون قطاري خانو

  • 1853ع واري آئيويٽا: ’عربي ابتث‘ واري ترتيب جي جوڙ ۾ صرف ’ک/ ڪ‘
    ٿو اچي. ان سان ’ک گ ڳ گهه ڱ‘ سنڌي اکر ملايا ويا، جيئن: ’ڪ ک گ ڳ
    گهه ڱ‘.
  • آخوند گل آئيويٽا: فارسي ’ابپتث‘ واري ترتيب جي وچ ۾ سنڌي اکر ٽنبيا ويا، جيئن: ’ک ۽ گ‘ جي وچ ۾ سنڌيءَ جا اڳ کان هلندڙ اکر ’ڪ ک گهه ڳ ڱ‘ ٽنبي، ’ڪ ک گ گ ڳ ڱ‘ بيھاريا ويا.

تبصرو: 1853 واري آئيويٽا ۾ ک (يعني ڪ) سان سنڌي اوائل کان هلندڙ اکر ملايا. هن موقعي تي اها به ڳالهه سامهون اچي ٿي ته انگريزن ’ڪ ۽ ک‘ کي به سنڌ جي عالمن جيان ساڳي صورت ۾ رکيو. سنڌي صوت موجب ’ڪ‘ اوسرڳ آهي، جڏهن ته ان جو وسرڳ ’ک‘ آهي. ترتيب ۾ وسرڳ آواز جو خيال رکيو هوندن، جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي، پر ’ڪ- ک‘ ۽ ’گ ڳ- گهه‘ جي آخري جوڙ ۾ ’گ- گهه‘ گڏائي نه لکيو اٿن. هتي به ’ج ڄ- جهه‘ وانگر ’گ‘ ۽ ’ڳ‘ چوسڻي آواز (implosive sound) بعد وسرڳ ’گهه‘ ڏنو اٿن. هتي به شايد سندس اهو ئي خيال هوندو ته ’گ ۽ ڳ‘ پاڻ ۾ قريب مخرج آهن، ان لاءِ هن جوڙ ۾ ’گ‘ ۽ ’ڳ‘ کي ملائي بعد ۾ ’گ‘ جو وسرڳ ’گهه‘ رکيو اٿن.

آخوند گل وري ان موقعي تي وسرڳ جو ڌيان به رکيو آهي. اوسرڳ ۽ وسرڳ جا جوڙا ’ڪ- ک‘، ’گ- گ (گهه)‘ رکي، ان بعد چوسڻي آواز وارو اکر ’ڳ‘ ۽ نڪوين وينجن وارو اکر ’ڱ‘ رکيا آهن.

نائون قطاري خانو

  • 1853ع واري آئيويٽا: ’عربي ابتث‘ واري ترتيب جي جوڙ ۾ ’ل م ن‘ ٿو اچي. ان سان ’ڻ‘ سنڌي اکر ملايو ويو، جيئن: ’ ’ل م ن ڻ‘.
  • آخوند گل آئيويٽا: فارسي ’ابپتث‘ واري ترتيب جي وچ ۾ سنڌي اکر ٽنبيا ۽ ملايا ويا، جيئن: ’ل م ن‘ جي وچ ۽ آخر ۾ سنڌيءَ جا اڳ کان هلندڙ اکر ’لهه ۽ ڻ‘ ملائي، ’ل ل م ن ڻ‘ بيھاريا ويا.

ھ

تبصرو: 1853 واري آئيويٽا موجب عربي ابتث واري ڄاڻايل جوڙ جي آخر ۾ صرف ’ڻ‘ جو اکر وڌايو ويو. جڏهن ته آخوند گل هن جوڙ ۾، 1853 جي ڀيٽ ۾ ’لهه‘ جو اکر وڌايو ۽ ان کي نرالي شڪل (ل) پڻ ڏني، جنھن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي.

ڏهون قطاري خانو

  • 1853ع واري آئيويٽا: ’عربي ابتث‘ واري ترتيب جي آخري جوڙ ۾ ’و هه ي‘ ٿو اچي. ان سان ’ء‘ سنڌي اکر ملايو ويو، جيئن: ’ ’و هه ء ي‘.
  • آخوند گل آئيويٽا: فارسي ’ابپتث‘ واري ترتيب جي آخري جوڙ ’و هه ء ي‘ مان ’ء‘ (همزي) کي هٽائي ’و هه ي‘ رکيو ويو.

تبصرو: 1853 واري آئيويٽا موجب، عربي ابتث آئيويٽا جي آخري جوڙ ’و هه ي‘
۾ ’ء‘ کي ’ي‘ کان اڳ رکي ’و هه ء ي‘ جو جوڙ بيھاريو ويو. جڏهن ته فارسي آئيويٽا کي نظر ۾ رکندي، آخوند گل ان مان همزي کي هٽائي ڇڏيو. ان لاءِ سندس اظھار خيال نھايت مضبوط آهي ته اهو اکر، الف جو ٻيو روپ آهي، حالانڪ پاڻ پنھنجي ديوان ۾ ان همزي جو استعمال به ڪيو اٿس، ليڪن ديوان ۾ قافيي يا رديف وار نه رکيو اٿس. (16)

حاصل مطلب/ نتيجو

  • انگريزن جيڪا 1853ع واري آئيويٽا ترتيب ڏني، ان جو بنياد عربي ’ابتث‘
    ترتيب واري آئيويٽا آهي. عربي ’ابتث‘ واري ترتيب، خط نسخ جي موجد ابن مقلهرحه پاران اکر جي شڪل ۽ ٽٻڪن وار رکيل آهي، جيڪا عام طور پڙهڻ- پڙهائڻ توڻي ياد ڪرڻ ۾ نھايت آسان آهي. پڙهائڻ واري مقصد تحت، ان ترتيب کي وڌيڪ ترجيح ڏني وئي.
  • 1853 واري آئيويٽا جي ترتيب نج آوازن جي بنياد تي يا نج اکرن جي شڪل- وار رکيل ناهي، بلڪ ’ابتث‘ آئيويٽا جي مختلف جوڙن جي وچ يا آخر ۾ سنڌي اکر ٽنبيا يا ملايا اٿن. ان خيال کان نه ان کي آوازن جي بنياد تي بيھاريل چئبو، ته نه وري اکر جي شڪل يا ٽٻڪن وار چئبو!
  • 1853 واري آئيويٽا ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ کي ترتيب سان رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. البت، چوسڻن آوازن کي سندن قريب مخرج اوسرڳ سان رکي، بعد ۾ ان جو وسرڳ ڏنو اٿن، جيئن: ’ب ٻ ڀ‘، ’ج ڄ جهه‘، ’د ڌ، ڏ، ڊ، ڍ‘ ۽ ’گ ڳ گهه‘. اهو اصول پوري چوسڻن آوازن (ٻ، ڄ، ڏ ۽ ڳ) سان لاڳو ڪيو اٿن. آواز جي نسبت هڪ اصول رکڻ واري اها ڪار، مناسب لڳي ٿي.
  • آخوند گل جيڪا ترتيب بيھاري، ان جو گهڻو محور ’فارسي آئيويٽا‘ واري ترتيب ’ابپتث‘ آهي؛ جيڪا پڻ ’عربي ابتث‘ واري ترتيب نسبت بيھاريل آهي، ان ۾ اکر جي شڪل ۽ ٽٻڪن وار ترتيب جو ڌيان رکيل آهي.
  • 1853ع واري ۽ آخوند گل جي 1858ع واري ترتيب جا بنياد اکر جي شڪل ۽ ٽٻڪن جي ترتيب آهي، ليڪن سنڌي اکر ٽنبڻ يا ملائڻ وقت گهڻي قدر آواز جو خيال رکيو ويو آهي، حالانڪ ان ۾ به انهن کي اکر جي شڪل ۽ ٽٻڪن جي ترتيب تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ کپندو هيو. البت، آخوند گل واري آئيويٽا اکر جي شڪل ۽ ٽٻڪن جي ترتيب ۾، 1853ع واري ترتيب کان وڌيڪ بھتر آهي.
  • انهن ٻنهي ترتيبن بعد 1935ع ۾ اکر جي شڪل ۽ ٽٻڪن وار ترتيب بيھاري ويئي، جيڪا ڪافي مقبول رهي، راقم پڻ اها ترتيب پڙهي ۽ راقم جي مشاهدي پٽاندر ضلع نوشھري فيروز جي ڪافي پرائمري اسڪولن ۾ اها 1935 واري آئيويٽا، اڄ سوڌو شاگردن کي پڙهائي وڃي ٿي.
  • 1960ع ۾ جامع سنڌي لغات کي ترتيب ڏيڻ وقت 1935ع واري آئيويٽا کي هٽائي، ساڳي 1853ع واري آئيويٽا کي بحال ڪيو ويو، ليڪن ان ۾ ’ڦ‘ جي اکر کي، اصل جڳھه تان هٽائي، شڪل جي بنياد تي ’ف‘ جي ڀر ۾ رکيو ويو. اها ترتيب اڄ سوڌو درسي مقصدن لاءِ ڪم آندي وڃي ٿي.
  • جيئن ته عربيءَ کان وٺي سنڌيءَ تائين ڪم ايندڙ آئيويٽائن ۾ ’اکر جي شڪل ۽ ٽٻڪن وار آئيويٽا‘ وڌيڪ آسان ۽ مقبول ڄاتي وئي آهي، ان لاءِ سنڌيءَ ۾ به ’اکر جي شڪل وار آئيويٽا‘ رائج ڪرڻ جي راءِ رکجي ٿي.

 

حوالا/ ذريعا

  1. جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر. عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس. حيدرآباد: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (2016)، ص: 19
  2. جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر. ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ- دهلي: اکل ڀارتييه سنڌي ساهتيه (1999)، ص: 54
  3. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر. سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي (2005)، ص:203
  4. David Crystal The Encyclopedia of language. Cambridge University. Islamabad: National Book Foundation, (1987) 1996. P.421.
  5. بخاری، سہیل، ڈاکٹر . اردو رسم الخط کے بنیادی مباحث. اسلام آباد: مقتدرہ قومی زبان (1988)، ص:24
  6. سید، محمد سلیم، پروفیسر.   اردو رسم الخط . کراچی :مقتدرہ قومی زبان (1981)، ص: 92
  7. جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر. سنڌي درسي اشتقاقن جي تشريحي لغت. محرابپور: ميم جيم پبليڪيشن (2022)، ص: 62
  8. ساڳيو، ص: 101-102
  9. ساڳيو، ص: 62
  10. ساڳيو، ص: 340-339
  11. جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر. عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس. حيدرآباد: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (2016)، ص: 142
  12. سومرو، عبدالغفار، ڊاڪٽر. ديوان گل ۽ سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو- ڄامشورو: ڊاڪٽر، اين. اي بلوچ. انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ، ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو (2022)، ص: 185
  13. ميمڻ، عبدالمجيد، سنڌي. ديوان گل ۽ خليفو گل محمد هالائي. ٽماهي مھراڻ، ايڊيٽر: غلام محمد گرامي. ج 61 (4). ص 156- حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ (1972)،
    ص: 171
  14. سومرو، عبدالغفار، ڊاڪٽر. ديوان گل ۽ سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي جائزو- ڄامشورو: ڊاڪٽر، اين. اي بلوچ. انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ، ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو (2022)، ص: 281
  15. ساڳيو، ص: 117
  16. ساڳيو، ص: 275

 

 

192 ڀيرا پڙهيو ويو